پر تون منهنجي آرزوئن کان رهين ٿي بيخبر
زندگيءَ جي درد جهڙي ڇوڪري!
تنهنجي اکڙين جي اداسيءَ جو قسم،
هاڻ توتي هي جواني شجر ممنوعه جيان آهي لٿي.
۽ وري تو ساڻ،
همدرديءَ وارا هٿ. هزارن ۾ ڳڻپ،
سنگ مر مر جي بدن تي چنڊ جو قنديل چپ.
تو جڏهن آرس ڀڳو ته، انڊلٺ آهي ٺهي.
تنهنجي ڳلڙن تي اهو چاههِ ذقن،
شاعرن جي ڏات کي رونق ٿو بخشي،
عاشقن جي لاءِ خوشخبري جو باعث.
زندگي جي درد جهڙي ڇوڪري،
تنهنجي ٽهڪن ۾ ٽليون مندر جون آهن،
تنهنجو منهن محراب مسجد جو لڳي ٿو.
پنهنجي نيڻن ۾ وڇائي،
مان مصّلو پيار جو،
تنهنجي عبادت ٿو ڪيان،
پر تون منهنجي آرزوئن کان رهين ٿي بي خبر،
دل جون ڳالهيون،
تنهنجي سمجهڻ ۾ اچن ئي ڪين ٿيون،
ڪنهن به جذبي جي،
سچائي ڪونه ٿي معنيٰ رکي،
ڇا اِهو مون سچ ٻڌو؟
ڪلهه شام جو،
ڪنهن همسفر سان،
ڊائمنڊ جي هار تي،
تو پيار جو سودو ڪيو،
سينگار جو سودو ڪيو.
•چاههِ ذقن مان مراد کلڻ مهل پوندڙ چُگهه.