3
زندگي جو فلسفو پنهنجي ليکي روح جي راحت به آهي ته اذيت به، ان چڪر کان ڪو به پاڻ کي آزاد ڪري ناهي سگهيو، اهو فلسفو جيڪو انسان کي سفر ۾ رکي ٿو ۽ ڪنهن جمود کانسواءِ جاري رهي ٿو، ڄام دُرڪ ان پوري سفر کان محروم رهيو، هن کي پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ پنهنجو ديس تياڳڻ تي مجبور ڪيو ويو، جڏهن ته بلوچ سماج ۾گهوڙي سواري ڪرڻ، بندوق کي جسم جو حصو سمجهڻ، خنجر جي ڌار تيز رکڻ، هڪ سورمي واري زندگي گذارڻ، شامياني کي مهمانداري لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ سارنگي مان لازوال سُر ڪڍڻ جهڙا هنر سيکاريا ويندا آهن، بلوچ سماج ان فلسفي جي آڌار تي بيٺل آهي. ظاهر آهي ته اهو سڀ انسان کي ان ڪري سيکاريو وڃي ٿو ته جيئن منجهس مقابلي ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي، هو جڙي وڃي پنهنجو پاڻ سان، ماڻهن سان ۽ زمين سان، اهو رستو بيحد ڏکيو ۽ آزمائش ڀريو هوندو آهي پر هڪ بلوچ اهو ڪم فخر سان ڪري ٿو.
ڄام دُرڪ ته ٻالڪپڻ کان پهاڙن جي حفاظت ۾ هليو ويو، هن لاءِ سماجي لڳ لاڳاپا، قومن ۽ نظرين سان جڙڻ ۽ انهن جي تاريخي حيثيت وارا سمورا تجربا ته اڌورا رهجي ويا، هن پنهنجي چوڌاري محدود دنيا ڏٺي ۽ رُڳو پهاڙن سان همڪلام رهيو، جنهن هن کي خيالن جي بلندي ته ڏني پر هي مختلف علائقن ۽ ماڻهن جي نفسيات کي سمجهڻ جهڙن تجربن کان محروم رهيو.
ڄام دُرڪ ان ڀروسي تحت رستي جي وچ ئي وچ مان تيز تيز وڃي رهيو هو ته جيئن هن کي ڪٿي ڪو ماڻهو نظر اچي يا ڪو گهر ته جيئن هي معلوم ڪري سگهي ته هي ڪٿي آهي ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.هن کي پري پري تائين ڪجهه به نظر نه ٿي آيو، هي پگهر ۾ شل ٿي ويو هو، هن کي سخت بک لڳي هئي، هن جا پير به زخمي ٿي پيا هئا، هن وڌيڪ هلڻ جي بجاءِ اُتي ئي ڪنهن ڪنڊ پاسي رات گذارڻ جو فيصلو ڪيو، هن هميشه پهاڙن جي ٻانهن ۾ پنهنجي زندگي جون راتيون سمهي گذاريون هيون، هي زندگي جي نون تجربن مان گذري رهيو هو،
زمين لاءِ چنڊ جي تخليق خدا جي ڪيترن رازن مان هڪ راز آهي، رامائڻ ۾ چيل آهي ته چنڊ قدرت جي جوڙيل تصويرن کي چٽو ڪري ٿو، هي ڪنهن سمنڊ مٿان روشن ٿئي ٿو ته هر انسان قدرت جي ان شاهڪار تخليق کي ڏسندو ئي رهي ٿو، اهڙا ڪيترا منظر چانڊوڪي ۾ روشن ٿي وڌيڪ چٽا ٿي وڃن ٿا. هن اهڙيون ڪيئي راتيون پهاڙن جي وچ ۾ رهندي گذاريون پر ميداني علائقي جي زرخيز زمين تي هي چنڊ کي مختلف انداز ۾ ڏسي رهيو آهي، پري پري تائين ڦهليل ميداني علائقو پنهنجي اندر ڪنهن به شي کي لڪائي ناهي سگهيو، هر شي ظاهر آهي، زمين جو حسن، اُن جو لباس، سندس چهري جون وصفون، ڪنهن نوجوان ناري واري چال ۽ جادو جي حد تائين هوا جو رڌم ۽ ان تي پکين جو مدهوش ڪندڙ ناچ، ڄام دُرڪ پنهنجن اکين سان اهو سڀ ڏسي رهيو آهي ۽ ان محفل جو انتظام ڪندڙ آهي آسمان جو روشن چنڊ.
هي ڪيڏي نه فخر جي ڳالهه آهي ته اهو سڀ آزادي جي احساس سبب آهي، پر رياستون ۽ ماڻهو به پنهنجي طاقت کي ٻيڻي ڪرڻ جي خيال کان ان جي درميان ديوار بيهاري ان تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ان لاءِ ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ بيحد سفاڪي جو مظاهرو ڪندي ماڻهن جو خون ڪن ٿا.
ڄام دُرڪ اهڙن ۽ اهڙي قسم جي ٻين انيڪ سوالن تي سوچيندو، غور ڪندو سمهي رهيو ۽ ڪيڏي مهل هن کي ننڊ اچي وئي هن کي ان جي ڪا سُڌ ئي نه رهي.