11
هتي رتنا ۽ طلعت جو تعارف ان ڪري ضروري آهي ته جيئن انسان جي ذهني، جسماني ۽ روحاني ڪيفيتن ، حادثن، حقيقتن ۽ رشتن کي سمجهي سگهجي، انسان جڏهن پنهنجي جيون تي ڳالهائي ٿو ته ڄڻ ڪائنات جي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو آهي،
رتنا ڪماري جي زندگي جو اهو پهريون وڏو فيصلو هو، جنهن جي نتيجن کان به آگاه هئي،
هن جو والد سيٺ مولچند ڪوهستاني ٿاڻي بولا خان جو امير، ڪاروباري شخص آهي، هن معاشيات ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ نوڪري ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجو پورو ڌيان ڪاروبار ڏانهن ڏنو، هن حيدرآباد کي پنهنجو ڪاروباري مرڪز ٺاهيو ۽ اتي ئي بنگلو اڏي رهي پيو ته جيئن پنهنجن ٻارن کي به اعليٰ تعليم ڏياري سگهي، سيٺ مولچند پنهنجي ڪاروبار کانسواءِ باقي سڀني معامرن کي واهيات حقيقتون ۽ غير ضروري ڳالهيون سمجهندو آهي، هي اهڙي طرح ڏيکاءَ ڏيندو آهي ته ڄڻ هي سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، هي اهڙي ريت فقط اها ئي ڳالهه سمجهي ٿو ته پئسو ئي سڀ کان وڏي حقيقت آهي، هي پنهنجي اولاد کي به ائين سمجهائيندو رهي ٿو ته پئسو طاقت آهي باقي سڀ واهيات حقيقتون آهن، جنهن لاءِ هن پاڻ خود سان ڪجهه دليل به گڙي رکيا آهن، سيٺ مولچند پڙهيل هجڻ جي باوجود پئسي کي طاقت سمجهي ٿو ، ان مان هن جي قابليت جي خبر پئي ٿي.
سيٺ مولچند پنهنجن ٻارن متعلق جيڪو طئي ڪيو هو، اهو هن ڪري به ڏيکاريو، هن پنهنجن چئن ٻارن مان هڪ کي ڊاڪٽر ۽ هڪ کي بئنڪر جي تعليم ڏياري ۽ پوءِ پئسو ڏوڪڙ هلائي نوڪري به وٺرائي ڏني. هن رتناکي به ڊاڪٽر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر هڪ ڀيري رتنا سڀني اڳيان پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چئي ڏنو ته،
“هو فائن آرٽس جي فيلڊ جوائن ڪندي”
رتنا آرٽس جي فيلڊ کي جوائن ڪري، سيٺ مولچند، ان ڳالهه کي ته پنهنجي توهين ٿي سمجهيو
“هن جي فيملي ۾ ته سڀ ڊاڪٽر آهن يا بئنڪ آفيسر، هي ڪيئن ٿي قطعي فيصلو ڪري سگهي” سيٺ مولچند جذبات ۾ ڳالهائيندو ٿي ويو.
هو گهڙي لاءِ اهو وساري ويٺو ته گول معصوم چهري واري رتنا، جيڪا هاڻ ٻاويهه ورهين جي بي وقوف سمجهي ويندڙ نوجوان عورت ٿيڻ طرف وڃي رهي آهي ، پنهنجي دل ۽ دماغ سان سوچڻ ۽ سمجهڻ جي قابل ٿي وئي آهي ، قدرت اهڙن ماڻهن لاءِ ڪجهه الڳ ئي فيصلا ڪري ٿي.
سيٺ مولچند، رتنا سان ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو، ته جيئن ان کي سمجهائي سگهي ته ماڻهو پنهنجي ڪاميابي لاءِ ڪنهن به مونجهاري جو شڪار نه ٿئي.
“توکي ايترو وقت ڪٿان مليو، جو تون پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪري سگهين” سيٺ مولچند تنبيهه ڪندي رتنا کي چيو .
“مان ڪنهن به بحث ۾ پوڻ نه ٿو چاهيان ، توکي ميڊيڪل جي فيلڊ جوائن ڪرڻي آهي” سيٺ مولچند، رتنا کي پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي چيو.
ڇا توکي پنهنجو مستقبل عزيز ڪونهي؟ ڇا تنهنجو اهو خيال آهي ته تون آرٽسٽ جي فيلڊ کي جوائن ڪري خوشحال ۽ آسودي زندگي گذاري سگهندينءَ، مان توکي اجازت نه ڏيندس ته تون پنهنجو فيوچر پنهنجن هٿن سان برباد ڪرين، تون اڃان پرائمري جي ڪلاسن ۾ هئين ته مون تو کي ڊاڪٽر بنائڻ جو فيصلو ڪيو هو .
مان پڇان ٿو ته تو ڪهڙي خيال کان آرٽسٽ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو؟ ڇا تون وان گاگ کان متاثر ٿي ڪري اهو فيصلو ڪيو؟ جنهن پنهنجن محرومين کي پنهنجن تڪليفن ۾ ٿي تلاش ڪيو ۽ ڪسمپرسي جي حالت ۾ مري ويو . هاڻ جي ان جون تصويرون لکين ڊالرن ۾ وڪامجن ٿيون ته ڪهڙي ڪم جو ن، هو ته پاڳل شخص هو، جنهن پنهنجو ڪن وڍي پنهنجي بي وفا محبوبه ڏانهن تحفو ڪري موڪليو، جنهن جي همدردي لاءِ هو پوري حياتي سڪندو رهيو. تو غربت جو تڪليفون ڏٺيون ئي ڪهڙيون آهن. اڄ جيڪڏهن وان گاگ حيات هجي ها ته ان کي پنهنجي فيصلي تي ضرور ندامت ٿئي ها. توکي هي قبول ڪرڻ گهرجي ته مون پوري حياتي توکي مهانگن اسڪولن ۾ پڙهايو ته جيئن تون اڳتي جي ڪامياب زندگي گذاري سگهين ، تون پنهنجن ڀائرن کي ڏس ڪيئن نه آسودي زندگي گذاري رهيا آهن.
رتنا جي والد پهرين ته رتنا کي نرمائي سان سمجهائڻ لڳو ، پر پوءِ آهستي آهستي هن جي رويي ۾ سختي ۽ تلخي به اچي وئي. هو ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڳاڙهو ٿي ويو ٿي. رتنا ڏانهن هُن جي نهار ۾ ڏک ۽ نفرت واري حالت پيدا ٿي وئي هئي، هو ايترو ته جذباتي ٿي ويو هو جو رتنا کيس نهاري به نه ٿي سگهي. هو ڳالهائيندو ٿي ويو پر پوءِ اوچتو هن جون نگاهون هڪ منٽ لاءِ رتنا جي چهري تي ڄمي ويون. جيڪا اهڙي سڪون سان هن ڏانهن نهاري رهي هئي ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ناهي.
هو اڃان تائين هن بيباڪ ڇوڪري کي سمجهائڻ جو ڪو رستو نه ڪڍي سگهيو هو، هن آخر ۾ رتنا تي غير ضروري تنقيد شروع ڪري ڏني، مون کي تون ٻڌاءِ، تو ڪهڙي مقصد لاءِ آرٽس جي فيلڊ جي چونڊ ڪئي آهي. اسانجي خاندان ته ڪڏهن ڪو آرٽسٽ پيدا ناهي ڪيو.
ڏس بي وقوف ڇوڪري ! منهنجو نظريو هميشه صاف ۽ سادو رهيو آهي، سيٺ مولچند هاڻي پوڙهي شاطر وانگر ڳالهائڻ شروع ڪيو، اڙي ڇوري! تنهنجي هن بيوقوفي واري فيصلي سان منهنجو نالو سڀ ڪنهن وٽ بدنام ٿيندو. مون هميشه ڪامياب ماڻهن کي اڳتي وڌندي ڏٺو آهي. تون آرٽ کي ڀلي پنهنجو مشغلو ٺاهه پر ان کي پنهنجو آئيندو سمجهڻ واري غلطي نه ڪر، تون اعتبار ڪر ، اهڙي حالت ۾ ته تو لاءِ ڪو رشتو به نه ايندو ، تنهنجي زندگي بيشمار مشڪلاتن سان ڀرجي ويندي، تون اهو ڇو نه ٿي ڏسڻ جي ڪوشش ڪرين جنهن کي مان چڱي ريت ڏسان ٿو.
“تون ڳالهائين ڇو نه ٿي نادان ڇوڪري” سيٺ مولچند خفا ٿيندي چيو.
“اوهان وڌيڪ ڄاڻندا هونداپرمنهنجي گفتگو کي رواجي بدتميزي طور ڏسڻ جي بجاءِ منهنجي ذات جي پسند، جنهن کي مون پنهنجي لاءِ چونڊيو آهي جنهن لاءِ مان پاڻ ذميوار رهندس، تنهن کي قدر جي نگاه سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪيو” رتنا، جيڪا ڪافي دير کان پنهنجي والد جي گفتگو کي سنجيدگي سان ٻڌي رهي هئي، نهايت سڪون سان وراڻي ڏني، مون آرٽس جي فيلڊ کي چونڊڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان لاءِ مون وٽ ڪي سبب به ٿي سگهن ٿا پر جيئن ته شايد اهي توهان کي سمجهه ۾ نه اچن ان ڪري انهن تي بحث اجايو آهي. مان صرف ايترو چوندس ته انسان ڪنهن ٻئي جهڙو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، مان ڪنهن ٻئي انسان جهڙي ڪيئن ٿي سگهان ٿي، جڏهن ته قدرت مونکي پنهنجي سمجهه سان ٺاهيو آهي، منهنجا ڀائر ڪامياب زندگي گذارين ٿا ته انجو منهنجي زندگي سان ڪهڙو تعلق، مان ته انهن کي وڌيڪ خوش ڏسڻ چاهيندس پر انهن کي پنهنجي فيصلي تي اثر انداز ٿيڻ جي اجازت ته نه ڏيندس، مونکي پنهنجي سمجهه سان وڌڻ ڏيو.
“تون ڪير ٿيندي آهين، پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرڻ واري؟”سيٺ مولچند، پنهنجن پيرن کي سڌو ڪيو، رتنا کي وڏي آواز ۾ مخاطب ٿيندي چيو ، “جي تون ائين چاهين ٿي ته پوءِ مان پنهنجي مُوڙي تون مٿان برباد نه ڪندس، مان توکي ان لاءِ خرچ نه ڏيندس ته تون فضول ڪم ڪندي وتين” هن جا چپ ڏڪي رهيا هئا.
رتنا ! اهو تصور ئي نه پئي ڪيو ته سندس بابا ان حد تائين ويندو، هن پيءُ جي ڏڪندڙ هٿن کي پنهنجن سنهڙن هٿن ۾ ورتو ، رنج ۽ ڏک جي ڪيفيت مان هڪ ڀرپور نگاه پنهنجي پيءُ جي چهري تي وڌي، هنجي هٿن کي چميو ۽ خاموشي سان اُٿي وئي.
هي صحيح آهي ته، هر انسان ٻئي انسان جي پُٺي تي چڙهي سفر ڪري ٿو ، ائين طلعت ۽ رتنا هڪ ٻئي جي پٺين تي چڙهي نيشنل ڪاليج آف آرٽس پهتيون.
طلعت جي ڳالهائڻ، روين ۽شخصيت جي گڏيل اظهار مان ڪو به اندازو ڪري سگهي ٿو ته هن جي تربيت سندس ڪٽنب کان وڌيڪ نظرياتي پارٽي هيٺ رهي آهي.
اُها ٻه سال اڳ جي ڳالهه آهي،.
طلعت ميز جي سامهون ويٺي پنهنجي امڙ ۽ والد جي فولادي لفظن کي ٻڌي هضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، پر اهو ڪم هن لاءِ انتهائي مشڪل ثابت ٿيو ، ٻئي زال مڙس يعني هنجي امڙ ۽ بابا ميز تي رکيل جڳ مان پاڻي پيئندا ڳالهائيندا ٿي ويا،
“هو توکي تازگي ڏيندو ،آرام ۽ سُک به ، تون ڪو به خوف نه ڪر، تنهنجي قسمت سُٺي آهي جو تنهنجي لاءِ فوج جي ڪيپٽن جو رشتو آيو آهي” طلعت جي والد پنهنجي ڪوٽ جي ساڄي کيسي مان ڪيپٽن جي تصوير ڪڍندي طلعت کي ڏيکارڻ چاهي، جيڪا هنجي کاٻي طرف کان ويٺي هئي. ڪيپٽن جنهن کي فوجي ڊريس پيل هئي ۽ مٿي تي ڪيپ به رکيل هئس ۽ تصوير ڏسڻ واري کي ائين گُهوري نهاري رهيو هو ڄڻ هي دستور موجب ڪو ڪم اڪلائي رهيو آهي ۽ ڪنهن اوچتو هن جي ڪنهن پوشيده ڪيس جي تحقيقات ۽ جانچ ۾ خلل وڌو هجي.
هن جي چهري مان ٿي لڳو ته هو ڪو ٽيهن سال جو پُرسرار شخص آهي.
طلعت جو تعلق ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي سان آهي، جنهن جا وڏڙا 47ع ۾ پاڪستان جي ڦُٽي نڪرڻ کان پوءِ بِهار ۾ ٿيندڙ هندو ، مسلم فسادن جي ڪري مائيگريٽ ڪري ڪراچي آيا، هو پنهنجن جا لاش پوئتي ڇڏي ۽ پنهنجي هٿن جو خون ڌوئي جيڪي هنن جي هٿان ٿيا، مهاجرن جيان نئين سر زمين تي قدم رکيو ته غير متوقع طور تي هنن جي اکين مان اطمينان ظاهر ٿيڻ لڳو، هنن لاءِ ڄڻ گهڙي ۾ سڀ ڪجهه بدلجي ويو هو، سندن سموري بي چيني ۽ خوف ختم ٿيندو ويو، هي هاڻي مذهب جي نالي تي قائم ٿيندڙ نئين اسلامي ملڪ پاڪستان ۾ نئين طرح جي زندگي جي شروعات ڪرڻ لڳا، هي مقامي ماڻهن جي مجلسن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳا.
سنڌ جي اصلوڪن رهواسين موٽ ۾ هنن کي ڪڏهن به ائين نه چيو ته مهاجر ڀائرو ! ٿورو صبر ڪيو، هتان جا اصلوڪا سنڌي هندو پنهنجي ڇڏيل ملڪيت سنڌ جي ماڻهن وٽ امانت رکي ويا آهن، هو ورندا پنهنجي ماتر ڀومي ڏانهن تيستائين توهان کي انتظار ڪرڻ کپي يا سرڪار توهانجي رهائش جو الڳ انتظام ڪري. پر اها ڳالهه سنڌ جي ماڻهن جي روايتي مهمانوازي ۽ سندن دين جي خلاف ٿئي ها، ليڊرن اهڙو تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، عام سنڌي ته حيران هو ته انجي پُر امن پاڙيسري کي ڪهڙي ڪارڻ لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي، ليڊرن ان ڳالهه کي همٿايو ٿي ۽ لڏي ايندڙ مسلمانن جي دل کولي مرحبا ڪئي ٿي، هنن ڄڻ پنهنجي طرف کان طئي ڪري ڇڏيو هو ته هاڻ ڪنهن جي به واپسي ناهي ٿيڻي ، تهذيب تمدن سدائين لاءِ دفن ٿي وئي.
آيل مسلمان سنڌي ٿيڻ بجاءِ پنهنجي شناخت مهاجر ئي رکڻ چاهي، ان مان هنن کي وڌيڪ رعايتون ۽ همدرديون حاصل ٿي سگهيون پئي. مسلمان ته هو اڳ ئي هئا هاڻي ته مظلوم به ٿي پيا. هنن ان خيال کان سماج ۽ زمين سان پنهنجا رشتا جوڙيا ۽ ڏسندي ڏسندي سڀني کان اڳيان نڪري ويا، مقامي سنڌين کان به جيڪي اڄ تائين به جاگيرداري جي ڇانو هيٺ ساه کڻن ٿا.هاڻ هنن جي ٻي جنريشن جيڪا اڳين جنريشن کان وڌيڪ پڙهي لکي ۽ روشن خيال آهي زندگي جي ان رفتار ۾ شامل ٿي وئي آهي. جيڪا هاڻ جناح ۽ گانڌي تي بحث ڪرڻ بجاءِ آءِ ٽي، ماس ڪميونيڪيشن، طب، فلاسافي، ادب ۽ ڪميونسٽ فلاسافي تي بحث ڪري ٿي ۽ ملڪ کان ٻاهر جي دنيا تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
طلعت جو تعلق به اهڙي جنريشن سان آهي. پر هن سان هڪ ٻي به چڱائي ٿي.
اردو سائنس ڪاليج ڪراچي جي عمارت، پراڻي ۽ ديوارن پنهنجو اصلي رنگ ختم ڪري ڀوري رنگ جون ٿي وڃڻ جي باوجود هميشهه جيان جوان آهي. ڇاڪاڻ ته هن ڪاليج جون ديوارون ۽ فضائون نوجوانن جي ٽهڪن ۽ سڏڪن کي جنريشن کان جنريشن تائين ٻڌنديون ۽ ڏسنديون اچن ٿيون. هي عمارت ڪيئن ٿي پوڙهي ٿي سگهي. زندگي پنهنجي معمول کان هٽي ڪري هتي هر روز ڪجهه نئون ڪري ٿي، هر روز هن ڪاليج جا نوجوان ڪجهه نئون سوچن ٿا، هن ڀيري ڪاليج جي شاگردن جي هڪ گروپ، طلعت به جنهنجو حصو آهي، ڪاليج ۾ ”دستڪ“ گروپ جي نالي سان ٿيٽر جو بنياد رکيو، جنهن جو مقصد سماج کي ٿيٽر ذريعي انقلابي پيغام ڏئي تبديل ڪرڻ هو، ان سلسلي جو پهريون ٿيٽر هنن پنهنجي ڪاليج ۾ ڪرڻ جو پلين ڪيو جنهن جو عنوان هو،
“کهول آنکهه زمين ديکهه”
طلعت پنهنجي زندگي جي ترتيب ڪجهه ان طرح رکي هئي، جو ڪاليج کان گهر ۽ گهر کان ڪاليج، ان کان وڌيڪ اڳتي جي دنيا هن لاءِ بي معني هئي، انجي درميان جا ڪجهه ٻيا پل، زندگي جون حقيقتون ، ڏک سک، هن ڪائنات ۾ انسان جو چرندڙ روح هن لاءِ بي معني هو، سردي ۾ هنجو جسم ڏڪندو هو، پر ان احساس کان خالي ته ڪيترا انسان اهڙي ڄمائيندڙ سردي ۾ پنهنجو بچاءُ ڪيئن ڪندا هوندا جن کي نه پوري ڇت آهي نه گرم ڪپڙن جو صحيح انتظام ، هي برسات ۾ نچي ٿي ڪُڏي ٿي پر پاڻ کي ڏيکارڻ لاءِ .
ادبي ڪتابن سان ته هن جي پوري سوري سڃاڻپ هئي پر تاريخ جي ڪتابن سان هن جو خاص لڳاءِ هو، ايلس البينيا، رچرڊ ايف برٽن، هينري پاٽنجر ۽ ڊاڪٽر مبارڪ علي جي ڪجهه ڪتابن کي پڙهي چڪي هئي. ڪڏهن ڪڏهن گُرومندر جي روڊن تي مٽر گشت ڪندي مصيبت ماريل چهرا هن آڏو اچي ويندا هئا ته معمولي جنبش کانسواءِ ٻيو ڪجهه به هن کي محسوس نه ٿيندو هو، هن زندگي کي رواني ۾ ڏسڻ بجاءِ ان کي صرف پنهنجو آڌرڀاءُ ڪندي ڏٺو ، هن پنهنجو پاڻ کي زندگي جي معمولي راحتن ۽ خوشين لاءِ وقف ڪري رکيو هو، سچ اِهو آهي ته هن جو ائين هجڻ به هڪ حقيقت آهي، ڇاڪاڻ ته سماج هر طرف کان، ماڻهو کي ائين ئي ڏسڻ چاهي ٿو، پنهنجي دنيا ۾ خوش رهڻ ۽ مري وڃڻ . هن ائين سمجهي ورتو هو ته خوش رهڻ جو اهو ئي واحد رستو آهي، هونئن به ڪنهن کان ڪير پُڇي ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ قيمتي ۽ اهم شي ڪهڙي آهي ته ٻين جا رايا ڪهڙا به هجن پر طلعت ائين چوندي ته، خوش رهڻ سڀ کان وڌيڪ قيمتي آهي جيڪا ڳالهه ماڻهو جي پنهنجي وس ۾ آهي.
ان ڪارڻ ئي هنجي چهري تي هميشهه مسڪراهٽ رهندي هئي ۽ زندگي جي ننڍڙين ننڍڙين شين تي ائين خوش ٿيندي هئي ڄڻ انهن جو وجود هن واسطي آهي،ممڪن آهي ته طلعت جي صحيح عمر ويهه کان ٻاويهه سال هجي پر هي پنهنجن دوستن ۾ سڀ کان وڌيڪ خوش ۽ ڳالهين ۾ دوستاڻو لهجو رکندي هئي، حالانڪ طبقاتي بيهڪ جي حساب سان طلعت جي فيملي وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ لبرل خيالن جي آهي، هن جي والد جي دل هميشه ان ڳالهه تي ر وئندي رهي ته هندوستان کان مائگريٽ ڪري آيل مهاجرن کي پاڪستان تمام گهٽ ڏنو ، هي ماڻهو پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي آيا، بلڪه هنن جو ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار آهي ، هنن ته پاڪستان کي پنهنجن پيرن تي بيهاريو، طلعت جو والد پيشي جي لحاظ کان وڪيل آهي، هنن جي زندگي جي رهڻي ڪهڻي ائين ئي آهي جيئن شهر جي ٻين ماڻهن جي، شان کان خالي به شانائتي به . هن جي والد جي ديرينا خواهش هئي ته طلعت پنهنجي ڪلاس ۾ لڳاتار پوزيشن کڻندي رهي ۽ پنهنجن دوستن ۾ وڌيڪ لائق ۽ ذهين سمجهي وڃي، بلڪ پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پهرين پنهنجا تعارف ۽ تعلقات ان قدر وڌائي جو سندس نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿئي، جيڪا هنن جي وڏي ضرورت آهي، طلعت جو چهرو جيتوڻيڪ خوبصورت ناهي پر سياڻپ وارو به ناهي، هي ته معصوم چهرو آهي جنهن تعليم کي به ڪڏهن سنجيده نه ورتو، سمورا شاگرد اکيون بند ڪيو استادن جي ليڪچر تي پيا ڪنڌ لوڏيندا هئا، ته ساڳيو ليڪچر طلعت جي دل ۾ هلچل مچائي ڇڏيندو هو. مثلن، ڪنهن استاد پنهنجي ليڪچر ۾ چيو ته پاڪستان مسلمانن جي معاشي حالت کي بهتر ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو يا محمد بن قاسم هڪ فاتح مسلمان هو، جنهن سنڌ ڌرتي کي اسلام جي روشني سان منور ڪيو ، يا وري پاڪستان جي ڪري مسلمانن جي سماجي حيثيت هڪ دم بلند ٿي وئي، اُهي ۽ انهن جهڙا ٻيا خيال هن جي دل ۾ هلچل مچائي ڇڏيندا هئا ته تاريخ ۾ ان قدر غلط بياني ڪئي وڃي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيندو هو ته تاريخ جو استاد داستان ٻڌائي پورو ڪندو هو ته هي پنهنجي سيٽ تان اٿي بيهي سوال ڪندي هئي ته محمد بن قاسم هڪ فاتح مسلمان هو ته انجو فرقو ڪهڙو هو؟ يا ان کي ڦورو چوڻ بجاءِ فاتح ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟ ته استاد هن کي وڌيڪ ڳالهائڻ کان روڪي پري کان ئي ويهڻ جو اشارو ڪندا هئا. پر ڪلاس جا باقي شاگرد هن جي ابتن سبتن سوالن جي تعريف ڪندا هئا، ڇوڪريون ته ڄڻ هن جي ننڍڙي دنيا جو حصو ٿي ويون هيون، سڀئي هاڻ هجوم جي صورت ۾ رهڻ لڳيون ۽ نئين طرح جي خيالن مان گذرندي ٿي ويون. هن جي صحُبت ۾ رهندڙ شاگردن ڪاليج جي علم کان علاوه آس پاس جي زندگي کي به پنهنجي بحث جو موضوع بنايو ، طلعت جي دلچسپي به وڌڻ لڳي، هنجي جي آس پاس جي دنيا ۾ وڏو شور هو ، تعصب، تنگ نظري، نفرت، استحصال کان علاوه بدترين فوجي راڄ هو، طلعت کي انهن ڳالهين ڪري سخت تڪليف ٿيڻ لڳي ، جيئن جيئن هي پنهنجي دل جي اندروني خاموشي سان رابطي ۾ ايندي وئي ته وڌيڪ حساس ۽ متحرڪ ٿيندي وئي.
هنن جڏهن ٿيٽر شروع ڪيو ته هڪ هجوم هنن سان گڏجندو ويو ۽ اهي سڀ ماڻهو جيڪي مختلف ذاتين ۽ نسلن جاهئا، انهن ۾ ڪاليج جا پرفيسر، شاگرد، ڪراچي ۽ حيدرآباد جا نوجوان ، سائنسدان۽ اردو ۽ سنڌي ٻولين جا اسڪالر به شامل ٿي ويا، هي سمورا تنگ نظري، تعصب، جهالت ، ناانصافي، ۽ سماجي نابرابري جي خلاف گڏ ٿي بيٺا هئا ۽ پنهنجا خيال ٿيٽر ذريعي ماڻهن تائين پهچائڻ ٿي چاهيا.
ڊسمبر جي سياري ڪراچي جي ڪيترن ماڻهن کي ڄمائي ماري ڇڏيو، حڪومت روايتي بي حسي جو مظاهرو ڪندي انهن جي مرڻ جي تعداد کي پوشيده رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. ان وقت دستڪ ٿيٽر پنهنجو پهريون ڊرامو ، حڪومتي بي حسي جي پسمنظر ۾ پيش ڪرڻ ٿي چاهيو.
جيڪا ڳالهه ڪرڻ هتي نهايت ضروري آهي ته طلعت کي پنهنجي ڊرامي جي موضوع لاءِ شهر کان ٻاهر جي زندگي جو اڀياس ڪرڻو هو، ته جيئن موضوع کي جامع ۽ حقيقي بنائي سگهي. هن کي اهو احساس هو ته گهر ويٺي ائين نه ٿو ڪري سگهجي. ان ڪري هن ابراهيم حيدري کان مهاڻن جي هڪ ڳوٺ ڏانهن سفر ڪيو . هي جڏهن مهاڻن جي ڳوٺ پهتي ته هن اتي هڪ عجيب ئي دنيا ڏٺي ، هن جي جنهن پهرين ماڻهو سان ڳالهه ٿي اهو ايترو پوڙهو نه هو، هلڪي ڏاڙهي سان چاليهه سالن جو ٿي لڳو، هنجي جسم تي مهاڻن جهڙي پراڻي ۽ اڇي رنگ جي بنا ٻانهن واري گنجي پيل هئي، جنهن کي هٿ سان ٽوپيل ٻه کيسا به لڳل هئا. جيڪا ساندهه استعمال ڪرڻ ڪري بيحد ميري ٿي وئي هئي، جنهن جو سفيد رنگ ڪٿان به نظر نه ٿي آيو. هن ڳوٺ ۾ لڳ ڀڳ ڏه کان ويهه گهر هئا. جيڪي مڪمل ڪکاوان ۽ جهوپڙين جيان ٺهيل هئا، جن مان ته ڪجهه سڙيل به هئا. پوڙهي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ رات جو اوچتو باهه لڳڻ ڪري سڙي ويا آهن، طلعت جهوپڙين جي اندر جي زندگي صاف طرح ڏسي رهي هئي، اندر ڪجهه اڌ اگهاڙا ٻار هئا، موت جهڙي خاموشي هئي، سامان ۾ هڪ لوهه جي صندوق کانسواءِ ٻي ڪابه شي نظر نه ٿي آئي، زندگي ته ٻاهر به نه هئي، هڪ دم گهٽيندڙ خاموشي ۽ آڱند تي مڇين جا ڇلُر ۽ بدبو ائين پکڙيل هئي ڄڻ ڪڏهن ڪابه صفائي نه ٿي هئي، جيئن هو ٿورو اڳتي وڌي ته هن کي ڪجهه عورتون به نظر آيون، جيڪي پنهنجن اڌ اگهاڙن ٻارن کي اُس تي کنيون بيٺيون هيون، هنن مان ڪجهه نوجوان به هيون جن جي جسماني حالت کي ڏسي ڪري اندازو نه ٿو ڪري سگهجي ته انهن جون عمريون ڪيتريون هونديون .هي وٽامن سي جي ڪمي جو شڪار ٿي لڳيون ۽ ڏند آئرن جي اضافيت ڪري پيلا ٿي ويا هئا. طلعت سامهون بيٺل عورت سان ڳالهائڻ لاءِ اڳتي وڌي جيڪا سڀني کان قد ۾ ڊگهي ، ڀريل هڏن واري ۽ سندس منهه گول ۽ نڪ اُڀو هو، ٻانهن تي اڌ اگهاڙو ٻار کنيو بيٺي هئي، جيڪو جهوپڙين جي پاسي جي ٿڌي هوا ڪري ڏڪي رهيو هو ۽ سندس ننڍڙا معصوم هٿ سي کان نيرا ٿي ويا هئا،
هي جيئن ان عورت وٽ پهتي ته عورت جي چهري مٿان مُئل قسم جي مرڪ آئي ۽ ختم ٿي وئي. طلعت، ٻار مٿان رحم جي نگاه وڌي، هن کي چيائين .
“پنهنجي ٻار کي گرم ڪپڙا اوڍي ٿڌ کان بچاءِ! توکي پنهنجي ٻار جو خيال ڪونهي، ڏس ته ٿڌ ۾ هنجا هٿ ڪيئن ٺري ويا آهن”
طلعت ٻار جي هٿن کي پنهنجن سنهڙن هٿن ۾ جهليندي عورت کي چيو. عورت جو ڪوبه عجيب جواب نه هو، هن انتهائي سادگي ، معصوميت ۽ دل جي غبار مان وراڻي ڏني
“ڪالهه هنجي جهوپڙي سڙي وئي، هن رات ٻارن کي گرم رکڻ لاءِ باهه ٻاري جيڪا هن کي وسائڻ وسري وئي، جنهن پوءِ گهر ساڙيو، اسين ته ڪنهن طرح بچي نڪري وياسين پر پوءِ منهنجا ۽ ٻارن جا ڪپڙا، هڪ اڌ سوئيٽر به هو سو به سڙي ويو، گهر اندر جيڪا ٿوري گهڻي موڙي هئي سا به سڙي وئي. هاڻ جيستائين ڪو ذريعو ٿئي تيستائين مان پنهنجي ٻار کي پاڻ سان گڏ کڻي هلان ٿي ته جيئن منهنجي جسم جي گرمائش کيس ملندي رهي”
“تون مونکي اهو ٻڌاءِ ته توهان پڪا گهر ڇو نه ٿا اڏيو؟”
ڪکائن جهوپڙين کي ته ڪيڏي مهل به باهه لڳي سگهي ٿي، تون پنهنجي ٻار کي پنهنجي کير کان علاوه ڇاٿي ڏين؟
توهان سڀ هڪٻئي جي مدد ڇو نه ٿا ڪيو؟ مڇي جي ڪمائي مان توهان ڪجهه ته بچائيندا هوندا، انهيءَ بچت کي ڪاڏي ٿا ڪيو؟
توهان پنهنجي خوراڪ تي توجهه ڇو نه ٿا ڏيو؟ توهانجا چهرا مُرجهايل ڇو آهن؟“ جيتوڻيڪ طلعت محسوس ٿي ڪيو ته هنجا سوال بي معني ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙآهن، هن جي سوالن ۾ بي چيني ته هئي پر اها ان لاءِ ته اهي بنيادي شيون هنن کي حاصل ڇو ناهن.
مهاڻا، طلعت جا بي چين ڪندڙ سوال ٻُڌي پريشان ٿي ويا، گول چهري واري مائي روئي ڏنو. هن پنهنجي ٻار کي سنڀاليو ، ۽ طلعت جي ويجهو ايندي چيائين.
“اسين غريب آهيون، روز جي آمدني مان جيترو ڪري سگهون ٿا ڪيون ٿا ، پيسه ايترا ڪونهن جو بچائي سگهون، پئسو بچي ئي ڪونه ٿو ته پڪا گهر ڪٿان اڏيون. هو روئي به رهي هئي ۽ ڳالهائي به رهي هئي. اسان جي زندگي اهڙي آهي جيئن تون ڏسين ٿي، مرد پوري حياتي ڪمائي ڪمائي مري وڃن ٿا، اسان جون تڪليفون ڪڏهن به ختم نه ٿينديون، توهان شهر ۾ رهو ٿا خوشنصيب آهيو، هتي ته ڪيئي عورتون ويم جي تڪليف ۾ مري وڃن ٿيون ۽ ٻار پيچس ، ڪالرا ۽ دم جي بيماري ۾ مريو وڃن، ڪو بچيو ته غربت ۾ گذاري مري ويندو. هتي ته ڪا اسپتال ڪانهي اسان مان ڪو بيمار ٿئي ٿو ته خدا جي حوالي”
اها عورت جوش مان ڳالهائي رهي هئي کيس اکين ۾ ڳوڙها آيا، هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو،
“اسانجا ٻار رلندا وتن ٿا اسان تي مهرباني ڪر اسان کي اسڪول کولرائي ڏي؟” هن جو سوال عجيب نه هو، اها عورت شايد اڳ ۾ به ڪيترن ئي شهر کان آيل عورتن کان اهو مطالبو ڪري چڪي هوندي، جيڪي غير سرڪاري تنظيمن جي وڏين گاڏين ۾ ايندا آهن ۽ هنن معصوم عورتن جي اکين۾ ڪجهه خالي خواب ٽوپي ويندا آهن پر پوءِ پوئتي وري ڪڏهن نه موٽندا آهن،
“اسڪول ته سرڪار کي کولڻو آهي” طلعت ان عورت کي وراڻيو،
“سرڪار ڪٿي آهي؟” عورت معصومت مان پڇڻ لڳي،
“سرڪار ته فقط خاص ماڻهن لاءِ آهي، عام ماڻهو ته خدا جي سهاري آهي” طلعت عورت کي چيو، جيڪا سوال مٿان سوال ڪندي پئي وئي.
توهان فقط جيئڻ ئي ڇو ٿا چاهيو؟ هن عورت سان ڳالهايو، اهو ته توهانجو حق آهي، توهان منظم ٿي پنهنجن حقن جي ڳالهه ڇو نه ٿا ڪيو؟
توهان ڪنهن وڏي گاڏي واري ماڻهو تي ڇو ٿا ڀاڙيو، پنهنجي ليکي ڇو نه ٿا ڪيو؟
اسڪول اسپتال روڊ رستا ٺهندا ته توهانجي مارڪيٽ تائين به رسائي ٿيندي، توهان خود پنهنجي مڇي پاڻ وڪڻي سگهندا، جيڪو ناڻو ڪنهن وچين ماڻهو ڏانهن وڃي ٿو، ان تي توهانجو حق ٿيندو، توهان ۾ ان طرح خوشحالي ايندي، هي جيڪي مصيبتون جيڪي توهان پنهنجن ٻارن سميت برداشت ڪري رهيا آهيو، ختم ٿينديون.
هي مصيبتون ڇا آهن؟ ان تي سوچيندا ته انجو حل به نڪري ايندو، اجتماعيت ۾ طاقت آهي، ٻَڌي جا ٻيڙا ٻڏن نه ٿا، ڇاڪاڻ ته خدا به ائين چاهي ٿو، توهان پنهنجي اندر جي طاقت کي سگهه ۾ بدلايو پوءِ ڏسو ته ڇا ٿو ٿئي، زندگي ۾ ان طرح اڳتي وڌي سگهجي ٿو، پنهنجن گهر وارن ۽ ڀائرن کي به اها ڳالهه سمجهايو، هتي ڪير به توهان وٽ نه ايندو، توهان متحد ٿيندا، پاڻ ۾ ٻڌي ۽ تنظيم ڪندا ته سڀ ماڻهو توهان وٽ ايندا، توهان ائين ڪري ڏسو، مان پنهنجي يقين سان چوان ٿي ته انجا نتيجا شاندار ۽ ڪامياب هوندا.
طلعت هڪ ڪلاڪ ان ڳوٺ ۾ رهي ۽ عورتن سان ڳالهائيندي رهي، طلعت جو روح ڄڻ ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو، هن پنهنجي ديس جي ماڻهن جي اهڙي زندگي کي ڏسي سرڪار سان گڏ هن پاڻ کي به انهن جو ڏوهاري ٿي سمجهيو، هن کي پنهنجو وجود پاڻ تي بار ٿيندي محسوس ٿيو، واپسي جي سفر ۾ هن بار بار پنهنجا ڳوڙها ٿي اگهيا.
هن پوءِ ان حقيقت کي قبول ڪيو ته هن جا سوال ڪيترا نه بيوقوفي تي ٻڌل هئا. هن کي اهڙا سوال ڪرڻا ئي نه هئا ، هن جي سوالن تي هڪ غريب عورت پنهنجي اندر ۾ ڪيڏو رني هوندي ۽ اڪيلائي ۾ ته هن خبر ناهي پاڻ سان ڇا ڳالهايو هوندو. هن پاڻ کي انسانن جي دائري ۾ ئي نه آندو هوندو، پر هن ائين، ايترو ڪيئن ڳالهايو،جيتوڻيڪ هي ڪا خاص مُقرر به ناهي. هنجي ڳالهين کي مهاڻين عورتن ڪيترو سمجهيو ، اهو ڏسڻ لاءِ هي هڪ ڀيرو ٻيهر ايندي. طلعت پاڻ سان ڳالهايو.
هن واقعي کانپوءِ طلعت جي زندگي ۾ عجيب موڙ آيو ، هن هاڻ ٻين لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيو ٿي پنهنجي دل جي صداقت سان.
طلعت پوءِ پاڻ سان طئي ڪيو ته دستڪ جي ڪردار کي ڪجهه ان طرح جو بڻائيندي جو اهو ماڻهو جي غمزده حالت کي بيان ڪري ۽ ماڻهن جي غمزده زندگي کي پنهنجي راهه بنائي، هن مٿان ان ڳالهه جو بي حد اثر ٿيو ته هي جنهن معاشري ۾ رهي ٿي انجي ته ڪنهن به پاسي کان ڪو انصاف ڪونهي ، هن پنهنجي خيالن کي مضبوطي سان ان ڳالهه لاءِ تيار ڪيو ته هن کي سماجي تبديلي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.طلعت سادگي سان بغاوت جو اعلان ڪيو . هن پنهنجي زندگي جي ترتيب تبديل ڪري ڇڏي.
”مان توسان ٿو ڳالهايان، تون خاموش ڇو آهين“ طلعت جي والد، هن کي ڪيپٽن جي تصوير ڏيکاريندي چيو.
طلعت اوچتو پنهنجي ڪرسي تان اٿي بيٺي. هن پنهنجي بابا کي صاف لفظن ۾ چيو ته هي ڪيپٽن سان شادي نه ڪندي.
بلڪه هن جو في الحال شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو ئي ڪونهي.طلعت ائين چئي ٻاهر هلي وئي.
طلعت جو اهو فيصلو هنجي والد کي قبول نه هو ، طلعت جو ائين چوڻ هن کي ڏاڍو ڏکيو لڳو، هن جو چهرو نفرت وچان ڳاڙهو ٿي ويو هو ، هُو خالي خالي نگاهن سان دروازي ڏانهن نهاريندو رهيو ، جتان طلعت گذري وئي هئي. سندس چهري مان نا اميدي ۽ شڪست ظاهر پئي ٿي.ڄڻ ته چوڌاري ماڻهو سندس مٿان کلي رهيا هئا، هن جيڪو سوچيو هو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. ، هي اٿيو ۽ در کان ٻاهر نڪري ويو.
ان ڳالهه جي هڪ ڏينهن کانپوءِ طلعت جي والد پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي طلعت کي چيو ، توکي هي گهر رهڻ لاءِ ڇت ضرور ڏيندو پر تنهنجي ڪا به مالي ۽ تعليمي مدد نه ڪندو.
طلعت لاءِ ته اها وڌيڪ خوشنصيبي هئي، هي ته ٻئي شيون ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي وئي هئي. پر هن کي مٿي ڍڪڻ لاءِ ڇت ملي، ان کان وڌيڪ هن لاءِ ٻي ڪهڙي خوشنصيني ٿي سگهي ٿي. طلعت پنهنجي اندر غير معمولي قوت جي سبب اهو طئي ڪيو ته هو هاڻ مشڪل حالتن ۾ پنهنجي جيون کي پنهنجي مرضي سان گذاري سگهندي. هن کي زندگي پنهنجي جاوداني جا سڀ جلوه ڏيکاريندي جيڪا هن اڳيان ائين رقص ڪندي رهي ٿي جيئن هوا صحرا ۾ رقص ڪري ٿي. طلعت انجو آڌرڀاءُ ڪري ٿي .
هن کي خبر هئي ته هن کي هاڻي ڇا ڪرڻو آهي، هن انگريزي اخبار جي ملازمت حاصل ڪري ورتي، جتي هنجي ملاقات رتنا سان ٿي، جيڪا به پنهنجي والدين جي رويي ڪري ڪراچي منتقل ٿي وئي ۽ اخبار جي ملازمت اختيار ڪئي، هن ئي موڙ تي هي هڪٻئي جو سهارو ٿي بيٺيون، هي اهڙي موڙ تي هڪٻئي سان مليون جڏهن واقعي به هنن کي هڪٻئي جي ضرورت هئي،
ڪوهيڙي واري هڪ شام هي ٻئي پنهنجي سامان سميت لاهور جي نيشنل ڪاليج آف آرٽ جي هاسٽل اچي پُهتيون . هنن جي ڪاليج ۾ داخلا ٿي وئي، هي ٻئي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون هيون،