ناول

پنهون

ھڪ سياسي پر خاص ڪري مسنگ پرسنس جي موضوع تي لکيل ھن ناول جو ليکڪ محترم منظور ٿھيم آھي. ھو لکي ٿو:
”مان پنهنجي پهرين ناول’گذري وئي برسات‘ ۾ به پنهنجي دل جي مسرتن ۽ خواهشن کان هٽي ڪري وڌيڪ مذاحمتي رهيس، ڇاڪاڻ ته مان پنهنجو پاڻ کي پنهنجي دل جي دنيا کان وڌيڪ پاڻ کي زمين ۽ ماڻهن ڏانهن ذميوار سمجهيو آهي ۽ پنهنجي دل کي ان لاءِ قائل ڪرڻ ۾ به ڪامياب ويو آهيان. منهنجي روح کي جيڪا ڳالهه وڌيڪ محسوس ٿي آهي اها آهي پاڪستاني رياست جو ماڻهن سان ظالمانه رويو پوءِ اهو رويو سنڌ جي نوجوان سان يا بلوچستان جي نوجوان سان روا رکي مون لاءِ انتهائي تڪليفده رهيو آهي. ڪنهن به انسان جي آزادي هڪ منٽ لاءِ صلب ڪئي وڃي. اهو سوال هڪ رائيٽر کي مذاحمتي بنائي ٿو. ناول ’پنهون‘ انهن نوجوانن جي پٽيشن آهي جيڪي مسنگ پرسن آهن، هي ناول بلوچ تحريڪ جو ڊاڪيومينٽ به آهي“.
  • 4.5/5.0
  • 2388
  • 1187
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • منظور ٿھيم
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پنهون

21

سيشن ڪورٽ ڪوئٽا جي ڪاريڊورز ۾ ماڻهن جي زبردست رش آهي، عام ماڻهو ، وڪيل، ڀينر، ڀائر ۽ والدين سرڪار جي جوڙيل عدالتي سرشتي سان سهمت نه هجڻ جي باوجود ان ڏانهن رحم جي نظرن سان ڏسن ٿا، بظاهر ته هنن ڪورٽن اندر ويٺل ججن جا هٿ صاف سٿرا ۽ شڪ کان پاڪ آهن پر جيل جي اندر جي قيدين مان اڪثر ائين چوندا آهن ته ججن جي دل ۽ دماغ جي وچ ۾ وڏو فرق آهي، هنن جا فيصلا انهن ماڻهن لاءِ زبردست معني رکن ٿا جيڪي ڏوه ڪرڻ کان اڳ بچاءُ جي طريقن جو انتظام ڪن ٿا، هي اهو پڪ ڪري ڏوه ڪن ٿا ته هنن گواهن ۽ شاهدن کي پوري ريت سمجهائي ۽ ڪنهن حد تائين ڪمزور ايف آءِ آر لکڻ جو پورو انتظام ڪري ورتو آهي، جڏهن ٻئي طرف اهي ماڻهو آهن جيڪي سماجي معاشي خوف ۾ مبتلا رهندي ڏوهه ڪن ٿا ۽ پنهنجي بچاءُ جو انتظام نه هجڻ ڪري هميشه ڦاسي تي لٽڪايا وڃن ٿا. سيشن ڪورٽ نمبر 4 جي دروازي وٽ پنهون جو والد منجهيو بيٺو آهي، هن جي پٽ جي حياتي جو سوال آهي، هي ان کان اڳ ڪڏهن به ائين مظلومن وانگي نظر نه آيو هو ، هن جي ڀر ۾ بيٺل فري جو چهرو رئي سان ڍڪيل هجڻ جي باوجود پرجوش ۽ توانو آهي. هن ڄڻ پنهنجي زندگي جي ابتدا هڪ ننڍڙي ويڙه سان ڪئي آهي. هن جي زندگي جو هي عجيب موڙ آهي. هن کي ان ڳالهه جو احساس ئي نه هو ته هي پنهنجي ڀاءُ جي بازيابي لاءِ ان طرح پنهنجي زندگي جي ابتدا ڪندي. وقت ۽ حالتون ڪنهن ماڻهو کي ڪهڙي وقت ۽ موقعي لاءِ تيار ڪن ٿيون ڪنهنکي ڪهڙي خبر، قدرت جا فيصلا به ڄڻ هڪ راز جيان آهن. هن جي دل ۾ سوين وسوسن، خوف ۽ ذلتن جو احساس پيدا ٿيڻ فطري آهي جو آخر هي به انسان آهي ۽ هڪ اهڙي معاشري جي عورت جنهن جي معاملي ۾ هر طرف کان اونده پکڙيل آهي ۽ آڇڻ لاءِ هر ماڻهو جي هٿن ۾ باهه آهي. هي ٻئي پيءُ ۽ ڌي ڪنهن امڪاني خطري کان خوفزده آهن پر هنن جي سوچڻ جو انداز بلڪل هڪٻئي کان مختلف آهي، پنهون جو والد ان ڪري مُنجهيو بيٺو هو ته هن جي خاندان لاءِ اڃان به ڪي ٻيون مصيبتون پيدا ٿي سگهن ٿيون ۽ فري شايد ائين سوچيندي هجي ته هي ويڙهه بلوچستان جي آئيندي جي ويڙه آهي. جنهن لاءِ اڃان اڳتي ڪيترن ئي ٻين مصيبتن کي منهن ڏيئڻو پوندو .
“سلام منهنجي ڀيڻ” توهان اچي ويون! فرزانه، خديجه ڏانهن نهاريندي چيو .
توڪلي ۽ باران اڳتي وڌي پنهون جي والد کي سلام ڪيو. هنن جي اچڻ تي پنهون جي والد جي چهري تي سُرهاڻ پکڙجي وئي. توڪلي سان گڏ انساني حقن واري ڪميشن جا ٻه وڪيل به گڏ هئا. جن پنهون جي گمشدگي متعلق دليل به تيار ڪري ورتا هئا. پنهون جا دوست به ڪورٽ پهچي ويا هئا. حقيقت ۾ هڪ عجيب ماحول پيدا ٿي پيو هو، هنن پاڻ کي ان ڳالهه لاءِ تيار ڪري ورتو هو ته هو پنهنجي پياري دوست ، ڀاءُ ۽ پٽ جي بازيابي جي ويڙهه وڙهي رهيا آهن، جيڪا هو پوري حياتي وڙهي سگهن ٿا.
“تو هن وقت تائين جنهن صبر ۽ جرات سان حالتن کي ڀوڳيو آهي، ان لاءِ توکي شابس هجي” خديجه، فَري سان مخاطب ٿيندي چيو،
هي ڪورٽ انجا سرڪاري وڪيل ۽ جج توکان تنهنجي ۽ پنهون بابت گهڻا کُهرا ۽ چِڙ ڏياريندڙ سوال ڪري سگهن ٿا، ان لاءِ تون پاڻ کي قابو ۾ رکجان، جتي توکي سچ چوڻ جي ضرورت پوي ته نه گهٻرائجان، وڏي ڳالهه ته اسان کي هنن کان ڊڄڻ نه گهرجي.
وڪيل، پنهون جي خاندان ۽ دوستن سميت ڪورٽ جي جج جي سامهو وڃي بيٺو. هن ڪيس ۾ پٽيشنر جيئن ته فرزانه هئي ان ڪري جج فرزانه سان ئي ڳالهائي رهيو هو. جج لڳ ڀڳ رٽائرڊ ٿيڻ جي عمر ۾ هو. هو جيتوڻيڪ ڪمزور ۽ ٿڪل ٿي لڳو پر انجي باوجود هنجي گفتگو جو انداز حاڪماڻو هو. هن جي چهري جا گهنج ٻڌائي رهيا هئا ته هي ڪو ورلي کلندو مسڪرائيندو هوندو، هنجي اکين ۾ تيزي هئي ۽ ماڻهو کي ائين گهوري رهيو هو ڄڻ هو ڪا ڳالهه هن کان لڪائي رهيوآهي. ائين جيئن شڪي ماڻهو ڪندا آهن.هنجي سامهون ٻيا جيڪي ماڻهو ويٺا هئا ڄڻ پنهنجو ساه بند ڪري ويٺا هئا ۽ ڪمري ۾ وحشت جهڙي خاموشي ڦهليل هئي. رکي رکي ٻاهر قاصد جي رڙ سڀ کان ڇرڪ ڪڍرائي ٿي ڇڏيو .
جج، سرڪاري وڪيل کان ڪجهه ضروري ڳالهيون پڇيون ۽ پوءِ اجازت ڏني ته پٽيشنر فرزانه کان سوال ڪري.
“آخري ڀيرو تنهنجي، پنهنجي ڀاءُ سان ڪهڙي ڳالهه ٿي هئي” سرڪاري وڪيل فرزانه کان سوال ڪيو.
“هو پنهنجي اباڻي شهر ڪيچ وڃڻ تي خوش هو” فَري مختصر جواب ۾ چيو
“منهنجو مطلب آهي ڪا ڳالهه ٻولهه، ڪنهن امڪاني خطري جو احساس، جنهن جو هن ذڪر ڪيو هجي” سرڪاري وڪيل پڇيو.
“نه! اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٿي هئي.” فري وراڻيو.
“هو وڙهڻ ۽ آزادي جي ڳالهه ڪندو هو، توکي اها خبر آهي” سرڪاري وڪيل
“جيئن عام طور نوجوان چوندا آهن پر هو خالي هٿين ڪيئن ٿي وڙهي سگهيو، هي پنهنجي تعليم سان سنجيده هو، باقي شين تي هن جو ادراڪ سمجهڻ جي حد تائين هو” فَري وراڻيو.
“هن جي تعليم ۾ ادب ۽ تاريخ جا موضوغ هئا” سرڪاري وڪيل سوال ڪيو،
“باقي شاگردن جيان هي به اهي سبجيڪٽ پڙهندو هو” فَري جواب ڏنو
“منهنجو مطلب آهي ته هي پاڪستان جي تاريخ تي چٿرون ڪندو هو ۽ ائين چوندو هو ته اها مسخشده ۽ بيمار آهي،”
“ها! پر هي اها ڳالهه ڪتابن جا حوالا ڏئي ڪندو هو، جيڪي مارڪيٽ ۾ موجود آهن.” فَري.
“هو توکان وڏو آهي” سرڪاري وڪيل.
“مونکان ننڍو آهي”
“تنهنجي ڪيتري تعليم آهي” سرڪاري وڪيل فَري کان معلوم ڪيو.
“گريجوئيشن” فَري مختصر جواب ڏنو.
“ڇا! تنهنجي گهر ۾ سياست تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي” سرڪاري وڪيل هاڻ پنهون جي والد کان سوال ڪيو.
“ها ٿيندي آهي”
“سياست ۾ ڪير وڌيڪ جذباتي هوندو آهي“ وڪيل، پنهون جي والد جي اکين ۾ ڏسندي چيو.
پنهون جو والد اهڙي سوال لاءِ تيار نه هو ،هن ڪجهه دير جي خاموشي کانپوءِ چيو.
“اڪثر شام جو اسين سمورا گهر ڀاتي گڏ ويهي مختلف واقعن ۽ گهريلو معاملن تي ڳالهائيندا آهيون، ان ۾ سياست جو به موضوع هوندو آهي، پر اهو ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جي خيال کان نه پر ملڪ جي ڀلائي جي خيال کان هوندو آهي.”
“ تو کي پنهون جي متعلق ڪي شڪايتون مليون ته هو يونيورسٽي ۾ شاگردن کي ملڪ خلاف ڀڙڪائي ٿو.”سرڪاري وڪيل
“نه مونکي اهڙي ڪا شڪايت ڪانه ملي هئي“ پنهون جي والد جواب ڏنو.
“تو وٽ يونيورسٽي جو ايڊوائيزر پنهون جي شڪايت کڻي آيو هو” سرڪاري وڪيل پڇيو.
“ها! آيو هو،”
“هن ايڊوائيزر کي سبق سيکارڻ جي ڳالهه ڪئي هئي” سرڪاري وڪيل پڇيو
“نه! پنهون ائين ڪري ئي نه ٿو سگهي” پنهون جي والد وراڻي ڏني.
“توکي پنهون جي ڳالهين مان ڪڏهن بغاوت محسوس ٿي” سرڪاري وڪيل جو عجيب ۽ ڪجهه ذاتي قسم جو سوال هو، پر انجي باوجود پنهون جي والد ڳالهايو .
“هڪ والد جي حيثيت ۾ منهنجي لاءِ اهو مشڪل آهي، پنهنجن ٻارن جو ڳالهيون ياد رکڻ، ڇاڪاڻ ته اسانجو هڪٻئي سان ڳالهائڻ روز جو معمول آهي، لفظن جي تڪ تور ڪرڻ سان ٻارن اندر ڪيتريون ئي نفسياتي بيماريون جنم وٺن ٿيون، ٻار کي آزادي سان ڳالهائڻ ڏجي ته جيئن زندگي جي قدرن، حقيقتن ۽ روين کي سمجهي سگهي، لفظن جي تڪرار ۾ پوڻ سان ٻارن جي اندر جي آزادي ۽ سچ ڳالهائڻ جي جرات مري وڃي ٿي. منهنجو ننڍڙو ڪاروبار آهي ان ناتي منهنجو روزانه ڪيترن ماڻهن سان واسطو رهي ٿو، جيڪي اڪثر پنهنجي اولاد متعلق عجيب ڌُڪار جو اظهار ڪندا رهنداآهن، انهن جي ننڍڙين ۽ معمولي ڳالهين کي وٺي ڪري انتهائي درجي جي بدگماني جو شڪار هونداآهن، پر مان سوچيندو آهيان ته ڇا سچ پچ هي جيڪي پنهنجن ٻارن جو شڪايتون ڪري رهيا آهن، اُهي سندن پنهنجي ذهني سطح ۽ بلاغت جي ڪمزوري جي ڪري ته ناهن، حقيقت ۾ اسانجا ٻار هن ڪائنات لاءِ نئين حياتي جيان آهي، هنن کي اسانجي اڳيان هجڻ گهرجي هڪ ليڊر ۽ رهنما جيان، هنن کي ئي سڀاڻي جي تعمير ڪرڻي آهي، ۽ اسانجي مڙهه کي ڪلهو ڏيڻو آهي،
اوهان ٻارن کي خودداري ۽ هستي کان محروم ڇو ٿاڪرڻ چاهيو انهن کي باغي ڇو ٿا سمجهو؟
هائو! هو بي پرواهي رکن ٿا ۽ خوددار به آهن، اهي جيڪڏهن غلط هنڌ، ماحو ل، فرسوده ظالم ۽ جابر نظام ۾ پيدا ٿيا آهن ته انهن جي سزا انهن کي ڇو ملڻ گهرجي؟ اها ئي ڳالهه آهي جيڪا اسانکي منجهائي ٿي ۽ پنهنجن ٻارن ڏانهن رقابت ۽ پيڙا جو سبب به آهي، اهي ساڳيا سوال نوجوانن جي بي ترتيب دماغ کي جيئن پوءِ تيئن آزارين ٿا، اسانجون دليون ۽ دماغ هنن لاءِ صاف ئي ڪونهن ته هي اسان کي ڪهڙي شي موٽائي ڏيندا، هنن جي اڳتي وڌڻ جا سمورا گس ته اسان بند ڪري رکيا آهن، هنن جي ٻالڪپڻ جون مستيون، آزاد فضائن ۾ اڏرڻ جو جنون، انهن جا هُل هنگاما ۽ ڌمچر اسانجي سهپ کان ٻاهر آهن ته پوءِ توهان درست آهيو ته اهڙا ٻار زنده رهڻ جي قابل ئي ناهن، انهن کي کڻو، گم ڪيو ۽ ماري اڇلائي اچو.
مان هتي اها ڳالهه زور ڏئي چوان ٿو ته محبت ۽ عزت وارا رشتا ڪا عمر ۽ ڪا حد ناهن ڏسندا، ان کانسواءِ سمورا رشتا خود به خود مري وڃن ٿا، اسان کي پنهنجن ٻارن جي سيني تي ڇُري وهائڻ جي بجاءِ انهن جي اندر جي خوابن جي پوئيواري ڪرڻ گهرجي، انهن کي ائين رهڻ ڏجي جيئن حقيقت ۾ هو آهن، انهن جي سچ ڳالهائڻ ۽ نج خالص جذبن ۽ خيالن جو احترام ڪرڻ گهرجي، پر اسين ائين سمجون ٿا ته اسانجا ٻار رياست ۽ اسان وڏڙن جي فرسوده ڳالهين کي مڃڻ کان انڪار ڪن ٿا. هاڻي مان پنهون جي ڳالهين جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس، ڇاڪاڻ ته توهان اهو سوال ڪري ڄڻ مون ۾ اها ڳالهه ڪرڻ جي جرات پيدا ڪئي آهي ته اڄ جو نوجوان ڪيئن سوچي رهيو آهي، اسان کي پنهنجي شعوري بلاغت جي جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي، ائين نه ٿي سگهيو ته سڀ ڪجهه تباه ٿي ويندو.
پنهون جون ڳالهيون عام رواجي ماڻهن جهڙيون نه هيون، اها ڪيفيت خوف يا خوشي جي آهي مان بيان ڪري نه ٿو سگهان. توهان جيئن ته انصاف ڪندڙ آهيو، توهان ئي ان جو درست اندازو ڪري سگهو ٿا. مثلن، مونکي ائين محسوس ٿيندو هو ته پنهون پاڻ کي ڪنهن ڳالهه لاءِ تيار ڪري رهيو آهي. هن جي تياري جو انداز ائين هو ته هو گهڻو پڙهندو هو ۽ پوءِ پنهنجن دوستن ۽ ڀائرن سان بحث ڪندو هو، هو بيشڪ آزادي جي ڳالهه ڪندو هو، پر ان وٽ پنهنجن ماڻهن جي خوشحالي جا خواب به هئا، هو پنهنجن ڳالهين ۾ عمر کان وڏو لڳندو هو ، هن وٽ زندگي کي جيئڻ جو فن هو ۽ هر ماڻهو ملڻ کانپوءِ هن کي پنهنجو رهبر سمجهندو هو، بلڪه هن جي صحبت کي پاڻ لاءِ برڪت سمجهندو هو، دوستن وٽ هن لاءِ بي حد عزت ۽ احترام هو، هي جيڪي هن جا دوست اوهان آڏو بيٺا آهن ۽ هميشه پنهون سان گڏ رهيا آهن، ٻڌائي سگهن ٿا ته هو ڪيترو نه ڀروسي لائق دوست آهي، هو پنهنجي امڙ جو لاڏلو پُٽ آهي، هن جي امڙ هتي موجود ناهي ان ڪري شايد توهان کي انجي لازوال پيار جو سهي اندازو نه ٿي سگهي، مون ڪيئي ڀيرا پنهون کي روڪيو ته تون اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، پر هنجو جواب مونکي روحاني طور قائل ڪري ڇڏيندو هو، هو انتهائي سادي نموني چوندو هو ته منهنجي عمر فقط 20 سال آهي وڌ ۾ وڌ 50 سال ٻيا زنده رهڻ لاءِ ملندا، مان ان مختصر حياتي جو فڪر ڪرڻ بجاءِ هميشه رهندڙ زندگي جو فڪر ڪيان.
مان کاونس پڇندو هئس ته اها هميشه رهندڙ واري زندگي ڪهڙي آهي؟ ته چوندو هو . بلوچستان جي ماڻهن جي آزادي. خوشحالي ۽ برابري.
هي ڳالهيون ته فخر جي لائق آهن، پر مون لاءِ خوف پيدا ڪندڙ، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ اهڙين ڳالهين ڪرڻ جي سزا موت آهي، اسين سڀ پنهون سان بيحد پيار ڪندا آهيون، ان ڪارڻ ئي هن جي خيالن جي شفتگي جي باوجود مون کي هڪ والد هئڻ جي ناتي هميشه خوف رهندو هو.
پنهون جي والد پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي، ڪمري اندر چوڌاري ماٺ ٿي وئي،ٻُڌڻ وارن جون نظرون مٿس کتل هيون، هن سادگي سان ۽ پوري اعتماد سان ڳالهايو، هن ٻارن متعلق جيڪي ڳالهيون ڪيون سي ٻڌڻ ۾ سچيون ٿي لڳيون، خاص طور پنهون جي اها ڳالهه جيڪا هن کي پنهنجي ديس جي نوجوانن کان مٿاهون رکي ٿي، ان ڳالهه نوجوانن ۾ اتساه پيدا ڪري ڇڏيو هو ۽ اها ئي ڳالهه بنيادي هئي.
“ پنهون جا دوست ڪهڙا آهن؟” سرڪاري وڪيل نوجوانن ڏانهن منهن ڪندي پڇيو.
“اسين آهيون” ميران بخش ۽ دوستن هڪ ئي وقت چيو.
“توهان کي ياد آهي ته پنهون ڪهڙي وقت غائب ٿيو” سرڪاري وڪيل پڇيو
“اهو شام جو وقت هو” ميران بخش وراڻيو. هن کي پنهنجي استعمال جي ڪجهه شين جي ضرورت هئي، اسان مان هر ڪو ڪڏهن ڪڏهن اڪيلو نڪري ويندو هو ، ان شام به هي ائين چئي ٻاهر ويو ته هو ڪجهه ئي گهڙين ۾ واپس اچي ٿو، ڪافي دير تائين انتظار ڪرڻ کانپوءِ به هو نه موٽيو ته اسين سڀ پريشان ٿي وياسين ۽ هن جي تلاش ڪرڻ لاءِ سڀ نڪري پياسين، شهر جي هر دڪان واري کان معلوم ڪيو، اوسي پاسي جي گهرن کان پڇيو، پهاڙن ۾ تلاش ڪيو، پر پنهون جي ڪا خبر نه ملي.
“هو پنهنجي ليکي اڪيلي سر ڪيڏانهن ٿي وڃي سگهيو، توهانجو ڪهڙو اندازو آهي” سرڪاري وڪيل پڇيو.
پهرين ته اسان سمجهيو، پنهون، پهاڙن جي هن پار جي چشمن ڏانهن خود ئي اڪيلو هليو ويو هوندو، جنهن جو ذڪر ان ڏينهن ٿيو هو ، جيڪي ماڻڪ بند کان ٽي چار ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهن، اسان اتي به وياسين پر پنهون نظرنه آيو، هنجو موبائل به بند هو، اسين اها پوري رات پنهون جي اوسيئڙي ۾ گذاري، صبح تائين ان جي ڪابه خبر نه هئي، بلوچستان جا ننڍڙا شهر ۽ ان کان به ننڍا انهن جا ڳوٺ آهن، هتي موبائل نيٽ ورڪ به ٺيڪ ڪم نه ٿا ڪن ان ڪري ماڻهو پنهنجي سفر لاءِ پنهنجن دوستن ۽ مٽن مائٽن کي آگاه ڪري نڪرن ٿا، ائين ممڪن ئي ڪونهي ته پنهون بغير ڪنهن اطلاع جي نڪري وڃي، جي نڪري به ويو هجي ها ته شهر ايڏا وڏا ڪونهن جو ڪنهن ماڻهو کي هٿ ڪري نه سگهجي، اسان لاءِ هاڻ هي ڳالهه سڌي ٿي بيٺي ته پنهون گم نه بلڪه اغوا ٿيو آهي ۽ اهو به اهڙي عجيب انداز ۾ جو ڪا خبر ئي نه پوي، ائين کڻي چئجي ته اها حقيقت ان ڳالهه کان الڳ نه ٿي ڪري سگهجي ته پنهون انهن مسنگ پرسنس مان هڪ آهي، جن کي ملڪ جون ايجنسيون بنان ڪنهن اطلاع جي کڻي وڃن ٿيون،
“اهڙن معاملن ۾ عام طور حد کان وڌيڪ بغض ۽ ملڪي سلامتي جي ادارن کان نفرت جي ڪري، ائين سمجهيو ويندو آهي، پر ائين به ٿي سگهي ٿو ته پنهون کي رقم لاءِ اغوا ڪيو ويو هجي” سرڪاري وڪيل ميران بخش کي چيو.
“هن وقت تائين اهڙو ڪو به نياپو ناهي مليو” ميران بخش بردباري مان وراڻيو.
“تنهن هوندي به مان اهو چوڻ چاهيندس ته، جيڪڏهن منهنجي شڪ ۽ گمان جو بنياد بغض تي آهي يا ملڪي سلامتي جي ادارن ڏانهن نفرت جو شڪار ٿي ويو آهيان ته اهو بلڪل سڀاويڪ ۽ حقيقت تي مبني آهي” ميران بخش جوش مان ڳالهائيندو ويو.
“ڇوڪرا تو کان جو پڇيو وڃي اهو ٻڌاءِ ، هي ڪورٽ آهي جلسه گاهه ڪانهي، سوالن جا جواب سنوان سڌا ڏي، غير ضروري ڳالهين کان پاسو ڪر” جج سخت چتاءُ ڏيندي ميران بخش کي چيو.
“سائين مان ان لاءِ معافي چاهيان ٿو” ميران بخش وراڻيو، مان جڏهن هيڏانهن اچي رهيو هوس ته اڳواٽ منهنجي ذهن ۾ هتي بيهي ڳالهائڻ جو ڪو تجربو نه هو ۽ نه وري ڪو اهڙو اندازو ته توهانجي اڳيان ڪيئن ڳالهائجي ۽ ڪهڙين ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي، مان خوش گفتار جي هام نه ٿو هڻان پر مان سرڪاري وڪيل آڏو پنهنجو اهو خيال پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته بلوچستان ۾ ڇا پيو وهي واپري.
هتي سوال اهو ٿو اٿي ته پنهون کان اڳ جيڪي نوجوان گم ٿيا انهن جو هن سرڪاري وڪيل وٽ ڪو تفصيل آهي؟ ميران بخش ڳالهائيندو ويو.
اسان کي ته پوءِ خبر پوي ٿي ته انهن جو لاش ڦاٽڪ جي ڪنهن ڪنڊ اڇليو ويو آهي، اها خوني راند آهي جيڪا اسان نوجوانن سان کيڏي وڃي ٿي، پر ان لاءِ اسين توهان کان پڇنداسين ته پنهون سميت انهن نوجوانن جي گم ٿيڻ جو ذميوار آخر ڪير آهي؟
پوري ملڪ جا محروم ماڻهو ائين چون ٿا ته، رياست انجي ذميوار آهي. توهان ان الزام کان ڪيئن بچي سگهندا؟ توهان عوام جي نفرت ڀريل ۽ سواليه اکين کان پاڻ کي ڪيئن بچائي سگهندا، اها عجب جهڙي ڳالهه ناهي ته رياست ظاهري طرح ملڪ جي عوام ڏانهن همدردي رکي ٿي ۽ وري اندروني طرح پنهنجي بزدلي جو مظاهرو ڪندي ذليل قسم جي انتقام، لاپرواهي ۽ بي هوده استحصال جو مظاهرو به ڪري ٿي . بلوچستان جي عوام سان همدردي جو راڳ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ، پر ساڳي وقت رياست نوجوانن مٿان ملڪ دشمني وارن الزامن کي هوا ڏئي سندن خون به ڪري ٿي،
“تنهنجو انهن ڳالهين مان ڪهڙو مطلب ؟ تو کي ته پنهنجي پڙهائي ڏانهن توجهه ڏيڻ گهرجي، هاڻ تون مونکي هن آخري سوال جو جواب ڏي، هي جيڪي تو ڳالهيون هن وقت ڪيون اُهي تو ڪٿان سَکيون؟” سرڪاري وڪيل جو سوال غير ضروري هجڻ ڪري هُن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون.
“مان انهن گهڙين کي ڪڏهن به نه ٿو وساري سگهان” ميران بخش تفصيل سان جواب ڏيڻ لڳو، جڏهن مان پنهنجي ڪاليج جي تعليم مڪمل ڪري يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پهتس ته مون وٽ داخلا فيس جيترا به پئسا ڪو نه هئا، منهنجو بابا سدائين مغرور سردار جو قرضي رهيو، هنجو ڪلهو ڪم ڪري ڪري هيٺاهين طرف جهڪي ويو هو.مون پڙهڻ چاهيو ٿي، مان ايڊوائيزر جي آفيس اندر گهڙي ويس، آفيس اندر پنهون به موجود هو، مون ايڊوائيزر سان فيس معاف ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ۽ نهايت صاف گوئي سان پنهنجي غربت جو ذڪر ڪيو، ان حقيقت کي ٻڌائڻ ۾ مونکي پنهنجي اندر ندامت ٿيڻ لڳي پر مون وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو، ته مان جيئن آهيان ائين ئي پنهنجي تشريح ڪريان، اهو سچ به هو، اڃان مان ڳالهائي رهيو هوس ته ايڊوائيزر جو چهرو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو، هن ڪريل لفظن جو استعمال ڪندي منهنجي بيعزتي ڪرڻ شروع ڪئي، هن ايترو ته ڏاڍيان ٿي ڳالهايو، جو ٻاهر تائين آواز ٿي ويو، هن کي في معاف نه ڪرڻ جو حق هو پر هن کي اهو حق نه هو ته منهنجي بيعزتي ڪري، هنجو رويو حقارت آميز هو، انسان جي عزت نهايت قيمتي آهي، هن انجي پرواه نه ڪئي، هي جنهن فرض نڀائڻ لاءِ يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪري ٿو، ان کي معصوم شاگردن سان اهڙو رويو روا رکڻ سونهين ٿو؟ اسان مان اوهان پوءِ ڪهڙي توقع رکو ٿا؟ ميران بخش پنهنجو بيان اڃان پورو نه ڪيو هو ته سرڪاري وڪيل هن کي ويهڻ لاءِ چيو، هن دانهن ڪئي ۽ ڀريل آواز ۾ چيو ،
“هي ڪهاڻي اڃان پوري ناهي ٿي”
ان کانپوءِ ڇا ٿيو اهو ڌيان ڏئي ٻڌڻ جهڙو آهي، ميران بخش جج جي اجازت کانسواءِ ڳالهائن شروع ڪيو، مان مستقبل جي خوابن کي ترڪ ڪري ، نهايت ڳرا قدم کڻندو واپس وڃي رهيو هوس ته پنهون منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو، مون پوئتي ڪنڌ ورائي ڏٺو، هن کي سفيد شلوار قميص پيل هئي، ڪلهي تي هينڊ بيگ لڙڪيل هئس، هنجي اکين جي روشني مونکان ڪڏهن به نه ٿي وسري سگهي، هنجي چهري مان ذهانت ۽ سهڻو سڀاءُ عيان هو. هن پنهنجو تعارف پنهون جي نالي سان ڪرايو ۽ منهنجي هٿ تي پئسا رکي چيائين، داخلا لاءِ هي رقم وٺ، مان سڀاڻي پنهنجي داخلا ڪرائيندس، هن پنهنجا پئسا مونکي ڏئي ڇڏيا، جيڪي هن پنهنجي داخلا واسطي آندا هئا، مان هن جي عزت ۽ احترام ۾ ڪهڙي ريت هن آڏو جهڪي ويو هوس مان بيان نه ٿو ڪري سگهان، هي اهڙي حقيقت آهي، جنهن جو ڪو مثال ئي نه ٿو ٿي سگهي، هن منهنجي زندگي جا رستا روشن ڪري ڇڏيا، پنهون نه هجي ها ته منهنجو ڪو وجود نه هجي ها، هن پوءِ هڪ ڏاهي استاد جيان، منهنجي رهنمائي ڪئي.
اڄ به اهو بدبخت ۽ بزدل ايڊوائيزر اتي ئي موجود آهي ۽ پنهون گم ڪيو ويو آهي، ميران بخش پنهنجي ڪهاڻي ختم ڪئي، آڏي پُڇا وڌيڪ نه هلي، ميران بخش بي جان جسم سان ويهي رهيو.
جج، پنهون جي وڪيل کي دليل ڏيڻ لاءِ سڏيو،
سڀ پنهنجن پنهنجن جاين تي سڌا ٿي ويٺا، هنجي نالي جي ته ڪنهن کي به صحيح خبر ناهي پر هي وڪيل کيتران جي نالي سان مشهور آهي، جيتوڻيڪ هن جو وڪالت جي پيشي ۾ ڪو گهڻو تجربو نه هو، پر جڏهن هو دليل ڏيڻ بيهندو هو ته ٻڌڻ وارن جون نظرون منجهس کُتل هونديون هيون، هي ڳالهه کي ڊيگهه ڏيڻ جي بجاءِ سادگي سان ۽ پوري اعتماد سان جملن جي چونڊ ڪندو، پنهنجن دليلن کي پختو ۽ ويساه جوڳو بنائيندو ويندو هو، هر ڪو ان احساس ۾ گهيرجي ويندو هو ته هن جا دليل هڪ معصوم انسان جي جان بچائي وٺندا، هي عام طور تي انساني حقن متعلق اهڙن قيدين جي بچاءُ ۾ پيش ٿيندو آهي، جن کي رياستي جاسوسي ادارا ڪنهن به ثابتي ۽ ثبوت کانسواءِ اوچتو گم ڪري ڇڏيندا آهن. هي انهن جي مدد ڪندو ۽ مختلف شهرن ڏانهن سفر ڪندو رهندو آهي، ان ڪري هن کي اهڙن ڪيسن جي پوري ڄاڻ هوندي آهي ته اُهي ماڻهو ڪيئن گم ٿين ٿا ۽ انهن جي بازيابي لاءِ ڪهڙن دليلن جي ضرورت پوي ٿي،
پنهون جي ڪيس جي معاملي ۾ به هن سڌو ڳالهه جو ڳاٽو جهليو.
هن پهرين ته ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي ته جڏهن ڪيس جي وارتا اخبارن جي پهرين صفحي تي ڇپي ، تنهن ۾ ڪجهه اهڙو ڏٺم جنهن مونکي تيار ڪيو ته هن ڪيس جي به مان پاڻ پيروي ڪيان، مونکي پڪ هئي يا گهٽ ۾ گهٽ اهڙو احساس ضرور هو ته هن ڪيس ۾ هڪ نوجوان کي عجيب مونجهاري ۾ وجهي کاونس زندگي کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن جي لاءِ مشهور آهي ته هو ماڻهن جي تڪليف جي وقت ۾ انهن سان گڏ بيهندوهو. مون ان کي نه ڪڏهن ڏٺو نه هن سان ڪڏهن مليس، پر هن متعلق هنجي فيملي ۽ دوستن جيڪي ڳالهيون هتي ڪيون آهن، ان کانپوءِ مون لاءِ اهو اندازو ڪرڻ آسان آهي ته پنهون بلوچستان جي ماڻهن کي ڪنهن ڀوائتي صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري رهيو هو، هو فطري طور تي بهادر ۽ پنهنجن دوستن، ماڻهن ۽ زمين سان پيار ڪرڻ وارو ماڻهو آهي ۽ جيڪو حد کان وڌيڪ چاه مون هتي ان لاءِ ڏٺو، ان کانپوءِ اسان سڀ کي اها حقيقت قبول ڪرڻ گهرجي ته پنهون جيڪو هنن جي دل اندر دڙڪي ٿو ان کي جي هنن کان الڳ ڪيو ويو ته انجا تمام ڀوائتا نتيجا نڪرندا ۽ هڪ ئي وقت ڪيترا پنهون پنهنجو وير وٺڻ لاءِ بلوچستان جي پهاڙن ۽ گهٽين مان نڪري پوندا. شروعاتي پڇا ڳاڇا دوران مون آڏو اها حقيقت کُلي نروار ٿي بيٺي ته پنهون انهن مسنگ پرسنس مان هڪ آهي جن کي رياستي ادارا بنا ڪنهن ڏوهه جي کڻي گم ڪري ڇڏين ٿا.
“هي ڳالهه پاڻ وڌيڪ عجب ۾ وجهڻ جي آهي ته رياست جا محافظ ادارا هن ڪيس جي معاملي ۾ جنهن بيحسي ۽ لاتعلقي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، ان مان اهو اندازو ڪرڻ ڪافي آهي ته انهن ادارن ئي اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي. پنهون جي وڪيل اها ڳالهه مڪمل ذميواري سان چئي.
“واقعي به اهو انتهائي اهم سوال آهي؟” وڪيل کيتران دليلن جي ابتدا ڪندي چيو. جنهن جي تهه تائين وڃڻ جي ضرورت آهي ته بلوچستان اندرڪم ڪندڙ ايجنسين کي اهڙي قسم جي ذميواري ڪنهن ڏني آهي؟ يا ائين ته ناهي انهن جي ذهني حالت ۽ رويي جو اهو اظهار آهي جيڪا هي گذريل ڪيترن سالن کان هن ملڪ جي مظلوم قومن خلاف ڪندا اچن ٿا؟
ٻه مهينا اڳ سبي جي ريلوي ڦاٽڪ جي ڪناري جنهن بلوچ نوجوان جو لاش مليو هو، توهانکي ياد آهي ته ان ڪيس جي پيروي به مون ٿي ڪئي، نوجوان جو ڪو ڏوهاري رڪارڊ نه هجڻ جي باوجود هن کي پنهنجي گهر مان کنيو ويو، پنجگور جا ماڻهو هاڻ به ان کي ياد ڪندي ائين چون ٿا ته اسانجن پُٽن کي بي ڏوهي ماريو پيو وڃي، پر جي هنن سچ پچ ڪو ڏوهه ڪيو به آهي ته عدالتون ۽ ڪورٽون ڪهڙي ڪم جون آهن؟ ڪنهن معصوم شهري کي ڪوبه ڏوهه ثابت ڪرڻ کانسواءِ خون ڪرڻ کي فاشزم نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي؟
هنن اڄ تائين جن بي ڏوهي نوجوانن کي کنيو آهي، تن جي سڃاڻپ هڪ نارمل ۽ سدائين پُر اميد زندگي گذاريندڙن نوجوانن جيان رهي آهي، هي ڏوهاري ڪڏهن رهيا ئي ناهن ته ايجنسيز انهن جي ڏوهه کي ڪيئن ٿيون ثابت ڪري سگهن؟ لهذه پنهنجي وحشت جو اظهار ڪرڻ لاءِ هي نوجوانن جو خون ماورائي عدالت ڪن ٿا، مونکي ياد آهي ان نوجوان جي کيسي مان سهڻن اکرن سان اردو ۾ لکيل هڪ خط به مليو هو ، جنهن کي جيڪڏهن منظر عام تي آندو وڃي ته رياست جو بلوچن ڏانهن نفرت جو اندازو به آساني سان لڳائي سگهجي ٿو.
مان اهڙن ڪيترن ئي ڏکوئيندڙ واقعن کي هتي دهرائيندس ته توهان ثبوت آڻڻ جي ڳالهه ڪندا، بلڪ توهان اڳواٽ ئي طئي ڪري ڇڏيو آهي ته مقدس رياست خلاف ڳالهائڻ جو ڪنهن کي ڪو حق ڪونهي ته پوءِ اهو سڀ واجب آهي جيڪو ملڪ جا دفاعي ادارا هتان جي نوجوانن سان ڪري رهيا آهن، پر هڪ عام انسان ائين سمجهي ٿو ته انصاف ڏيڻ جي سموري ذميواري توهانجي ئي آهي، توهان کي به ان ڳالهه جي پوري ڄاڻ هوندي ته اهڙن واقعن پويان ڪي به ثبوت ناهن هوندا جو عدالت کي پيش ڪري سگهجن، پر جيڪڏهن واقعي به عدالت تر جيترو به انصاف ڪرڻ چاهي ٿي ته پنهون جي گم ٿيڻ جا نشان به ان طرف وڃن ٿا جتان پنجگور جي نوجوان کي کنيو ويو ۽ انجو لاش سبي جي اسٽيشن تان مليو.
توهان چوندا ته ماڻهو پئسي ڏوڪڙ ۽ ذاتي دشمني ۾ به اغوا ٿين ٿا، تڏهن پوءِ اوچتو انهن نوجوانن جي لاشن ملڻ بعد توهان ڪهڙو انصاف ڪري سگهندا؟ توهان ته اڳواٽ ئي طئي ڪري ڇڏيو آهي، انصاف جي تقاضا آهي ته انهن بدنصيبن جا لاش ملڻ کان اڳ انهن جي عزت سان بازيابي جو انتطام ڪجي، اسين سڀ هن گهڙي رڳو هڪڙي ڳالهه سوچي رهيا آهيون ته اهي ماڻهو آخر ڪير آهن؟ جيڪي نوجوانن کي کڻي گم ڪن ٿا ۽ پوءِ انهن جا لاش اڇلائي چون ٿا جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو. پنهون جي وڪيل دليل کي اڳتي وڌائيندي چيو،
توهانکي ائين نه ٿو لڳي ته تاريخ لکندڙ جڏهن انهن واقعن جو اڀياس ڪرڻ لڳندا ته توهان متعلق ڪهڙي راءِ قائم ڪندا، پنهون جي وڪيل سامهون ويٺل جج ڏانهن نهاريندي چيو. ڇو ته اهو اڀياس ئي اڳتي هلي طئي ڪندو ته هي موجوده عدالتون ۽ جج صاحبان، ماڻهن جي بنيادي حق انصاف لاءِ ڪنهن قدر سنجيده هئا.
هن وقت تائين ته عدليه اهڙن واقعن جو سراغ لڳائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، پنهون جي وڪيل جي هن دليل ويٺل ماڻهن ۾ هلچل مچائي ڇڏي ، هو هوريان هڪٻئي سان ڳالهائڻ لڳا، ته جج سڀني کي خاموش رهڻ جو دڙڪو ڏنو ۽ پنهون جي وڪيل ڏانهن نهاريندي چيو،
“ڇا مطلب آهي تنهنجو؟ تون پنهنجي هوش ۾ ته آهين! تون وڪيل آهين، پنهنجن جذبات کي قابو ۾ رک، اها ڳالهه ڪنٽيمپٽ آف ڪورٽ جي دائري ۾ ٿي اچي” جج تلخ لهجي ۾ پنهون جي وڪيل کي چيو.
“مان اڪيلو ئي ناهيان ۽ نه ئي مان ڪنهن اياڻپ کان ڪم وٺي رهيو آهيان، اها ڳالهه هاڻ عام ٿيندي پئي وڃي ۽ هر ٻيو ماڻهو ائين چوي ٿو ته موجوده عدليه کي ثبوتن جو انتظار ڪرڻ بجاءِ انهن ڀوتن کي ڳولي هٿ ڪرڻ گهرجي جيڪي اسانجي نوجوانن سان خطرناڪ راند کيڏي رهيا آهن” وڪيل کيتران جو جواب وڌيڪ تلخ ٿيندو ويو، وقت اچي ويو آهي ته تاريخ مان ڪجهه پرائڻ جي ڪوشش ڪريون يا گهٽ ۾ گهٽ ان ڏس ۾ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪريون، پنهون جي وڪيل پنهنجي تقرير ختم ڪئي.
جج رومال سان پنهنجي پيشاني اگهي.
پندرنهن ڏينهن کانپوءِ جي تاريخ ڏئي، جج چيمبر ڏانهن وڃڻ لاءِ اٿي بيٺو.