27
پيرڪ، هرهڪ دوست جو تعارف ڪرايو. ۽ هنن جي اچڻ جو مقصد به بيان ڪيو.
“توهان هتي آيا اسان کي خوشي ٿي” نصير گرمجوشي وچان سڀني ڏانهن نهاريندي چيو.
“پروفيسر بهادر ڪيئن آهي؟” نصير خان ، باران کان پڇيو.
“سرفرازي سان قائم ۽ دائم آهي” باران وراڻيو.
پروفيسر بهادر هتان جڏهن ويو ٿي ته مون سوچيو ته هي شخص لاهور جي تنگ ڳلين ۾ ڪيئن رهي سگهندو، نصير پروفيسر بهادر کي ياد ڪندي چيو، هن جو آواره روح ڪشادي آسمان تي اُڏرڻ جو عادي آهي، هي ڪيئن پنهنجو پاڻ کي سنڀالي سگهندو. پر هو ته پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، بلڪه هن ائين ڪري ڏيکاريو ته هڪ ڪامريڊ پاڻ کي ڪيئن ضابطي ۾ رکي سگهي ٿو.
پروفيسر بهادر واقعي به ڪمال جو ماڻهو آهي.خديجه ان لاءِ ٺيڪ چوندي آهي ته انجو روح بلوچستان ۾ اٽڪيل آهي، باران بلوچ، پروفيسر کي ياد ڪندي چيو، لاهور ۾ ته انجو جسم آهي، هنجي ڳالهين جي تازگي ۽ حرارت اڄ به پنهنجي ساڳي توانائي سان برقرار آهي. هي ئي آهي جنهن اسان کي ان قابل ٺاهيو جو اسين پنهنجي ذات کان ٻاهر جي دنيا ۾ نڪري سگهياسين، هن جي موجودگي سبب اسان زندگي جي ڪيترن حقيقتن کان واقف ٿي سگهياسين، هي نه هجي ها ته شايد اسان مان هر ماڻهو مصنوعي حياتي گذاري مري وڃي ها.
“ها بلڪل” تون صحيح ٿو چوين باران، نصير وراڻيو، مان توکي پروفيسر متعلق هڪ واقعو ٻڌايان ٿو.
پروفيسر کي ڪنهن ڪانفرنس لاءِ اسلام آباد وڃڻو هو، باءِ ايئر ٽڪيٽ هجڻ جي باوجود هن فيصلو ڪيو ته باءِ روڊ ويندو، مون کيس تعجب مان پڇيو، ائين ڇوٿا ڪيو، چيائين باءِ روڊ ماڻهن سان ملڻ جلڻ جو موقعو ملي ٿو، عام ماڻهو جي خاموش نگاهن جي اداسي کي سمجهڻ لاءِ انهن جي نزديڪ وڃڻو پوندو، مان ته هنجو هميشه کان شڪر گذار رهان ٿو، ڇاڪاڻ ته هڪ فلسفي کي ٻڌڻ جي قيمت ادا ڪرڻي نه ٿي پوي، هي ته منهنجي ڀر ۾ ويهي بغير ڪنهن معاوضي جي سمجهه ۾ اچڻ جهڙيون ڳالهيون ڪندو منهنجي من کي ڇيڙيندو ۽ خاموش ڪندو وڃي ٿو، مان هنجي هر ڳالهه کي سچو سمجهندي ها ۾ ها ملائيندو وڃان ٿو، ڇاڪاڻ ته هنجي گفتگو ڪنهن رياڪار چالباز جيان ڪنهن جي شان ۾ بيان ٿيل يا اُتاريل نه هوندي آهي ، ائين هجي ته شايد مان هنجو هڪ لفظ به سمجهي نه سگهان، هو چوندو آهي ته انسان کي صاف موسيقي جي رڌم جيان هجڻ گهرجي، آبشار جي پاڻي جيان هجڻ گهرجي، ۽ اهڙو هجڻ گهرجي جنهن کي سمجهي سگهجي، پيار ڪري سگهجي. پروفيسر بهادر چوندو هو ته لوڪل ۽ کٽارا بسن اندر هڪ دنيا آباد هوندي آهي ، زندگي جا اصل موضوع اتان ئي ملن ٿا.اهڙا شاندار موضوع، قيمتي خيال ۽ ماڻهو مفت ۾ ملن ته باءِ ايئر جي عياشي ڇو ڪجي مان اهڙا هزارين هوائي سفر انهن ماڻهن مٿان قربان ڪري سگهان ٿو.
باران توکي خبر آهي ته پروفيسر بهادر جو گهر دنيا جهان جي ماڻهن سان ڀريو پيو هوندو هو ۽ هر ماڻهو کي ڍءُ تي ماني ملندي هئي ، مٿين منزل تي پروفيسر بهادر جو دوست رام جي سنگهاڻي پنهنجي ٻارن سان رهندو هو .
رام جي سنگهاڻي اهو جنهن جي زمين تي بلوچ قبيلي جي ڪجهه ماڻهن قبضو ڪيو ته هن ڪابه مزاحمت نه ڪئي، هن محض ايترو چيو ته زمين ماءُ آهي هن لاءِ رت وهائجي اِها سٺي ڳالهه ناهي، توهان کي هي کپي ته کڻو ان لاءِ ڪنهن جو خون نه ڪيو ۽ نه رت وهايو.
مونکي جي سنگهاڻي جو شاداب چهرو ياد آهي، هن هتي پنهنجو سڀ ڪجهه وڃايو ، انجي باوجود هنجي چهري تي مون ڪڏهن گهنج نه ڏٺو، پيرڪ، جي سنگهاڻي کي ياد ڪندي چيو.
توڪلي پيرڪ کي چيو پاڻ جڏهن سنگهاڻي سان مليا هئاسين ته هنجي چهري تي ڪيڏو سڪون هو، ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هو. جي سنگهاڻي پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائڻ جي باوجود پنهنجا ٻار وٺي پروفيسر بهادر وٽ اچي رهيو . هن کي ڪنهن کان ڪا شڪايت نه هئي، هن جي واتان مون هميشه سٺا ۽ سهڻا لفظ ئي ٻُڌا، هي ڪجهه وقت بورڊنگ هائوس ۾ رهيو ، جتي هن ۽ هنجي گهر واري آنند آشرم جي نالي سان بيمار ۽ ضعيف ماڻهن جي علاج ۽ دوا درمل جو مفت ادارو قائم ڪيو، هن جي گهر واري ڊاڪٽر هئي، هن جي هٿن کي خدا ٺاهيو ئي شفا ۽ شفقت لاءِ هو، هن آشرم ۾ جيڪي آيا ۽ جڏهن آيا پنهنجا غم، ڏک ۽ تڪيلفون وساري ويا، هڪ ڀيري ڇا ٿيو جو هڪ ڪٽر جماعتي جيڪو خود هڪ مهاجر ۽ يوپي مان مائگريٽ ڪري آيو هو تنهن جي سنگهاڻي کي طعنو ڏيندي چيو ته توهان کي ته هاڻ هندوستان لڏي وڃڻ گهرجي، هاڻ توهانجو اهو ئي ته ديش آهي، جي سنگهاڻي ڪڏهن به تکو نه ڳالهايو، هن ڳالهه هن کي سخت تڪليف پهچائي، هن ان کي سڌو چيو مهاجر ته تون آهين، مان ته هتي پنج هزار سالن کان رهندو پيو اچان، مان ڇو وڃان. اهو جماعتي پوءِ ته انجي پويان ئي پئجي ويو، هڪ ڀيري هن جي گهر واري بيمار ٿي پئي، هن جو علاج ڊاڪٽر نرملا ڪيو جنهن مان هو شفاياب ٿي وئي. مونکي ان ڳالهه جو احساس آهي ته ان واقعي هن کي ڪيترين راتين تائين جاڳائي رکيو هوندو، هي شرنارٿي ڪيئن ٿي ٿي سگهيو هنجو پيچ ته هن زمين سان هو، باوجود انجي جو هن جا ڪيترا دوست، ساٿي مائيگريٽ ڪري ويا، هي اڪيلو ۽ تنها به ٿي ويو، ملڪيت تي به ٻين قبضو ڪيو، انجي باوجود هن پنهنجو سنڱ سياپو هن ڌرتي سان جوڙي رکيو،”
هن ڪڏهن به ڪنهن سان ڪا شڪايت ڪانه ڪئي ، هڪ ڀيري پروفيسر بهادر سندن گهر ويو ته بورڊنگ هائوس جي هڪ ننڍي ۽ بوسيد ڪمري ۾ کين ايڏو خوش ڏٺو ڄڻ دنيا جون بيشمار نعمتون ان ڪمري ۾ ئي هجن، پاڻ ۽ سندس زال ڊاڪٽر نرملا ائين ٿي ڳالهايو ڄڻ گلاب ٿي ٽڙيا، پرفيسر بهادر هنن کي ننڍڙي ڪمري ۾ وڏيون ڳالهيون ڪندي ٻڌو، هن کي ان ڳالهه تي حيرت ٿي ته هنن هڪ لمحي لاءِ به هڪٻئي سان معمولي قسم جي ڪا شڪايت نه ڪئي، هنن جي عظمت کي ڏسي پروفيسر بهادر هنن کي چيو توهان مون وٽ هلو، هنن ان دوران ڪو به جواب نه ڏنو . جي سنگهاڻي پروفيسر بهادر کي چيو.
“ڀائي بهادر! خدا اکيون ڏنيون آهن ڏسڻ جي لاءِ پر ان مان اسين ڇاٿا ڏسون، انجو مدار ته اسانجي عقل ۽ فهم تي آهي، ڏک ۽ تڪليفون اکين جي خوبصورتي وڌائين ٿيون، لڙڪ اظهار هوندا آهن ته توهان مضبوط تعلق سان جڙيل آهيو. عظيم انسان جو ري ايڪشن اکين مان جهلڪندو آهي، تون جي شاعر آهين ته سمجهي سگهين ٿو، ڇاڪاڻ ته اکيون ئي درست ۽ صحيح منصف آهن، عظيم انسانن جا چهرا اکين جي نماڻائي، محبت سان منور دل ۽ سڪون جهڙي نعمت ڪري عظيم هوندا آهن. منهنجون اکيون انهن ماڻهن جي اڳيان ڪجهه به ناهن پر مان ڪوشش ڪيان ٿو ته انهن ماڻهن جي راه تي هلندي پنهنجو پاڻ کي ٻين اڳيان نوايان ۽ پنهنجي باقي بچيل وقت کي ٻين انسانن لاءِ وقف ڪيان، منهنجون اکيون اهو نه ٿيون ڏسن ته ڪمرو سوڙهو آهي، ديوارون رنگ کان محروم آهن، مون لاءِ اهي ڳالهيون ان قدر اهم ناهن ”
پروفيسر بهادر موٽي آيو . ڪجهه عرصي کانپوءِ بورڊنگ هائوس بند ٿيڻ شروع ٿيا ته جي سنگهاڻي ۽ ڊاڪٽر نرملا پنهنجو سامان کڻي اچي پروفيسر جي گهر جي مٿين پورشن تي رکيو، ان ڏينهن پروفيسر بهادر کي جيترو مون خوش ڏٺو پنهنجي پوري زندگي ۾ ڪڏهن نه ڏٺو هو.
مسٽر ڪمال ٺيڪ چوندو هو ته مسلمان تلوار ۽ بندوقون هلائي هلائي بي رحم ٿي ويا آهن ۽ پنهنجو پاڻ کي فرقه پرستي، نسل پرستي ۽ هاڻ قوم پرستي ۾ ان قدر ورهايو آهي جو هاڻ هنن جو گڏجڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هوندو، هنن پنهنجي اندر ۾ هڪٻئي لاءِ ايترو ته زهر ڀري ڇڏيو آهي جو هنن کي هاڻ هندوستان ، پاڪستان ۽ بلوچستان کان علاوه ٻي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي.
“مسٽر ڪمال ڪير آهي؟” رتنا، نصير کان معلوم ڪيو.
هو توکي ڪنهن سرڪاري اسپتال جي ڌم جي مريضن وانگر ڪمزور ۽ عاجزي وارو انسان معلوم ٿيندو، سندس پيٽ پُٺي سان لڳل. هو توکي قطعي مرڻ واري حالت جهڙو معلوم ٿيندو، پر دراصل هو بلند ڪردار ۽ هڪ بهادر شخص آهي، هو پنهنجي هاٺي جي ڪري ائين آهي ورنه هو پنهنجي خيالن ۾ ٻلوان آهي، هنجي گفتگو ڪنهن راز جيان کُلي ٿي ۽ پوءِ کُلندي وڃي ٿي،هو بنا ڪنهن ساهي جي ڪيترا ڪلاڪ ڳالهائي سگهي ٿو، سندس چهري جي بناوٽ ته معمولي آهي پر اکين ۾ دوستاڻي چمڪ کيس هر وقت ماڻهن ۽ شاگردن جي نزديڪ رکي ٿي، مٿي جا وار ڊگها ۽ منجهيل هجڻ ڪري ڪيترا ماڻهو هن کي يونيورسٽي جو پروفيسر سمجهڻ بجاءَ ٽي وي ڊرامن جو فنڪار سمجهندا آهن، هي ڪيترن خوبين جو مالڪ آهي، ڳالهائڻ ۾ ڪڏهن به شروعات نه ڪندو آهي، ڳالهائيندڙ کي پورو موقعو ڏيندو آهي ته پنهنجي ڳالهه پوري ڪري، ان کانپوءِ هي پيشقدمي ڪندو آهي، هن مٿان ڪيتريون ئي تهمتون لڳيون، دهريي هجڻ جون ته ڪڏهن بلوچن جي ايجنٽ جون ته ڪڏهن ڪميونسٽ هجڻ جون، هي ائين ته سڀني جو آهي، پر پنهنجي خيالن کي پيش ڪرڻ مهل هي ڪنهن جو به ناهي، ان وقت هي تاريخ جو استاد، جديد دور جو رهنما ۽ هڪ سٺو انسان۽ دوست ٿي ڳالهائي ٿو.
دراصل، مسٽر ڪمال ۽ جي سنگهاڻي جي ڪهاڻي هڪ جهڙي ۽ هڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ آهي،” نصير وراڻيو.
“ماڻهو اگر زنده آهي ته پنهنجي آدرش ۽ پنهنجي فڪر سان، مسٽر ڪمال کي ان طرح جي زندگي گذارڻ کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، هي نه چاهيندي به فيصل آباد شفٽ ٿي ويو
مسٽر ڪمال بلوچستان يونيورسٽي ۾ تاريخ پڙهائيندو هو، هُو تاريخ جي انسائيڪلوپيديا آهي، هن فلسفي جي تاريخ کي محض ياد رکڻ ۽ وسارڻ کان مٿي سنئو سڌو انسان جي آزادي ۽ قومن جي تبديلي سان جوڙيو، هي ٺيڪ چوندو هو ته، سوشلزم جو مقابلو مذهب ئي ڪري سگهيو ٿي، ڇاڪاڻ ته سوشلزم ۾ تبديل ٿيڻ جي صلاحيت آهي، مذهب ائين ناهي، ان ڪري سرمائيداري ماڻهن جي هٿن ۾ اهڙو هٿيار ڏنو جنهن کي اکيون ٻوٽي هلائڻو هو، جيڪو خوب هليو، پروفيسر بهادر جي ذريعي مسٽر ڪمال جي واقفيت جي سنگهاڻي سان ٿي جيڪا پوءِ دوستي ۾ تبديل ٿي وئي، پروفيسر بهادر جي نسبت مسٽر ڪمال بي باڪ ۽ ڳالهائڻ ۾ هڪ جرعت مند انسان هو، هن کان پنهنجا دوست پڇندا هئا ته ڪمال توکي اهڙو سخت موقف رکندي خوف نه ٿو ٿئي، ته هو چوندو هو،
“تاريخ ڪڏهن به معاف نه ڪندي آهي، مان ته انسان کي اهي واقعا ياد ڏياريندو آهيان جيڪي ان کان سرزد ٿيا جيڪي هاڻ نه ٿيڻ گهرجن” هو چوندو هو ته،
“تاريخ ۾ عورت سان ڇاڪيو ويو ۽ مردن ڪيئن شيطان جي جڳهه والاري، ان کي دهرائڻ سان انسانيت دير تائين سلامت رهي نه سگهندي، خدا کي ڪنهن جانور جي قرباني نه کپي، پر هي انسان خدا آڏو ڪيئن بيهي سگهندو جڏهن هي شرمندگي سان پنهنجا گناه ڳڻائيندو ويندو، هن ڳالهه کي ڇڏيو ته توهان هڪ زنده وجود آهيو، پر اهو خيال ڪيو ته زندگي توهانجي هٿن، اکين، قدمن ۽ خيالن کان گذري اڳتي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته زمين تي انسان کي اڇلايو نه ويو هو، پر ان کي تهذيب ۽ تمدن جي آغاز واسطي مرحلي وار ارتقا جي رستي مان گذرڻو پيو.
هن ڪڏهن به پاڪستان جي تاريخ کي مذهب سان نه جوڙيو، هن ڪڏهن به ائين نه چيو ته پاڪستان جي جنم جو بنياد ڪو مذهب هو، بلڪه هن جو موقف واضع هو ته زمين تقسيم ٿي پر مسلمانن ڇا ڪيو، يوپي ۽ سي پي وارن لاءِ ڪئمپن ۾ ٽئي وقت جي ماني پهچائيندا هئا، اڳتي هلي انهن اهڙيون حرڪتون ڪيون جنهن ڪري هن زمين جا مقامي رهواسي لڏڻ جي مجبور ٿي بيٺا، مذهب ماڻهن جو اکيون ڦيرائي ڇڏيون، هو انسان مان ڦري وحشي ٿي بيٺا، ٻنهي طرف کان مذهب جا واپاري سرگرم ٿي ويا، هڪٻئي کي ماريندا ائين زمين تي اُڇليندا ويا ڄڻ انسان نه، ردي جي ڪاغذ جا ٽڪرا هجن، توهان کي خبر آهي لڳ ڀڳ چار ڪروڙ ماڻهو لڏيا ۽ ماريا ويا جنهن ۾ وڏو تعداد عورتن ۽ ٻارن جو آهي، تاريخ جي اها سڀ کان وڏي مائيگريشن هئي، توهان پنهنجن ابن ڏاڏن کان پڇندا ته چوندا اهو سڀ پاڪستان لاءِ هو پر مان چوان ٿو ته اهو مخصوص طبقن جي مفادن لاءِ هو. جيڪب آباد، ڪشمور ۽ شڪارپور جي ٻروچن ته حد ڪري ڇڏي، اهي ٻروچ جيڪي هندن جا مقروض هئا، تقسيم کان پوءِ هڪ دم آسودا ٿي ويا بلڪه تر جا زميندار ٿي ويا، سنڌين، هندن جي ڇڏيل ملڪيت کي امانت ٿي سمجهيو ته بلوچ قبيلن انهن تي قبضو ڪيو،، ڪٿي ته انهن هندن کي ڊيڄاري ڌمڪائي لڏ پلاڻ تي مجبور ڪيو ۽ سندن متاع سستي قيمت تي خريد ڪيو، هاڻ هو زمين جي طاقت جي آڌار تي ماڻهن جا فيصلا ڪن ٿا، اسيمبلين جا ميمبر ٿين ٿا ته ۽ سنڌ جي بدقسمتي تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏين ٿا، هو چوندو هو ته جابلو قوم جي نسبت زرخيز ۽ سڌي زمين جا ماڻهو وڌيڪ سفر ڪندا ۽ ڦُربا رهيا آهن،
هڪ ڀيري مسٽر ڪمال سان ڇا ٿيو، مان توهان کي ٻڌايان ٿو، نصير، توڪلي، خديجه ۽ دوستن سان مخاطب ٿيندي چيو . مسٽر ڪمال تاريخ جو ڪلاس پئي ورتو، ڪلاس ۾ هڪ مذهبي جماعت جا شاگرد به ويٺل هئا مسٽر ڪمال، ايشيا جي سياسي تاريخ تي ڳالهائي رهيو هو، هن کان ڪنهن سوال ڪيو ته بلوچستان جي تاريخ ۽ تهذيب جي ابتدا ڪٿان ٿئي ٿي؟
مسٽرڪمال جواب ڏيندي چيو، جنهن تهذيب جا اڄ اسين وارث آهيون آريا تهذيب جو تسلسل آهي هن پوري اعتماد سان جواب ڏنو، اسين سڀ انجي پيداوار آهيون، اسانجو اڄ جو مذهب اوائلي هنڌو ڌرم جي پريڪٽس تي ٻڌل آهي، بلڪه ايشيا جي تهذيب آريا تهذيب جي جسم ۽ ذهين جي پيداوار آهي، بلوچستان ۾ اوئلي دور جا ڪُرد ٻروچ باه جي پوڄا ڪندا هئا، پنڌران جي پهاڙي چوٽين تي موجود زرتشتين جا قبرستان ۽ آثار اڃان به موجود آهن، جيڪي باه جي پوڄا ڪندا هئا، چندرگپت ۽ اشوڪ جي زماني کان ٻڌ مت جا آثار ڇلگڙي ۽ تنبو جي علائقن ۾ نظر اچن ٿا. محمد بن قاسم جي اچڻ کان به پهرين 635 عيسوي راءِ خاندان جي بادشاهت جو سال، جنهن سنڌ، ملتان کان بلوچستان جي پهاڙن وارن علائقن کي پنهنجي سلطنت ۾شامل ڪيو، جنهن ۾ بلوچستان جو جهالاوان جو علائقو به شامل هو. اسلام ته گهڻو پوءِ هن خطي ۾ آيو، چيو وڃي ٿو ته هن خطي ۾ اسلام محمد بن قاسم جي ذريعي پکڙيو، سوال آهي ته محمد بن قاسم ۽ راجه ڏاهر جي خونخوار جنگ جو بنياد ڪهڙو هو، راجه ڏاهر دنيا جي باقي بادشاهن جيان سنڌ تي راڄ ڪري رهيو هو، ائين جيئن حجاج بن يوسف بصره تي راڄ ڪري رهيو هو، ته پوءِ آخر محمد بن قاسم کي ڪهڙي مقصد لاءِ سنڌ ڏانهن موڪليو ويو، جيڪڏهن اسلام جو ئي جهنڊو بلند ڪرڻو هو ته پهرين دجله ۽ فرات کان شروع ڪري ها جيڪي هن کي سنڌ کان وڌيڪ نزديڪ جون سرحدون هيون، دنيا جي پوري تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته دنيا جي مهذب تهذيبن هميشه ڦورن هٿان ڦربيون رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي خوشحال ۽ امن پسند هيون، تڏهن سنڌ ۾ ڪپهه جو شاندار فصل ٿيندو هو ۽ هاڻ به ٿئي ٿو، جنهن مان دنيا جو قيمتي ڪپڙو ٺهي ٿو، عرب سامراجيت کي سنڌ ۽ بلوچستان جهڙي خوشحال ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال ۽ ڪپهه جهڙي شاندار فصل ۽ ان مان ٺهندڙ قيمتي ڪپڙي جي خبر پئي ته لڳا الزام هڻڻ ته راجه ڏاهر تنهنجي علائقي ۾ اسانجا جهاز ڦُريا ويا آهن ، مال موٽرائي ڏي ، تنهن زماني ۾ بحري قزاق قريب قريب سمورن ملڪن جي جهازن کي لٽي فرار ٿي ويندا هئا انهن تي ڪنهن جو اختيار ۽ ڪنهن به قسم جو ڪو ڪنٽرول نه هو ، اها ڳالهه سڀني کي معلوم هئي انجي باوجود هن راجه ڏاهر ڏانهن ڌمڪي ڏياري موڪلي ته سامان موٽرائي ڏي، مسٽر ڪمال چيو ٿي ته، مونکي ته انهي ڳالهه جو به شڪ آهي ته حجاج بن يوسف جا جهاز ڦُريا ئي ڪو نه ويا هئا ، هن سنڌ تي چڙهائي جو بهانو ڪيو هو. جڏهن ته ٻيو سبب هن چيو ته اهو ٿو معلوم ٿئي ته حجاج بن يوسف بصره جي ٻن اهم صوفي بزرگن جو خون ڪيو هو ان مان هڪ هو عبدالله بن زبير ۽ ٻيو سندس ڀاءُ منصور جنهن جون هن ٽنگون ۽ ٻاهون وڍرايون، هي ٻئي بيبي اُسمه جا پٽ هئا جيڪا حضرت محمد صه جي ويجهي رشتي ۾ هئي، هن واقعي بصره جي ماڻهن ۾ سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پيدا ڪئي ۽ هن خلاف عوام ۽ فوج ۾ ڳُجهي مخالفت به ٿيڻ لڳي جنهن کي ماٺي ڪرڻ لاءِ هن کي ڪجهه اهڙو ڪرڻو هو جيئن عوام ۽ فوج جو ڌيان هٽي، ان وقت جو خليفو وليد بن مروان هن جي اشارن تي هلندو هو ۽ هي پاڻ بصره جو گورنر هو، هن ڪوڙيون سچيون ڪهاڻيون گهڙي خليفي وليد بن مروان کي سنڌ تي چڙهائي لاءِ راضي ڪري ورتو، ۽ محمد بن قاسم کي حڪم ڏنو ته سنڌ تي حملي جي تياري ڪري، جنهن لاءِ افواه هئا ته قاسم، حجاج بن يوسف جي حرم جي عورتن تي بُري نظر رکي ٿو، راجه ڏاهر ته بهادري سان وڙهيو پر پوءِ برهمڻ جي هڪ خاص حلقي هن سان غداري ڪئي، ان ڳالهه کي به تصديق ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اهڙي قسم جي ڪا غداري ٿي به هئي يا نه، پرڪجهه مورخ چون ٿا ته راجه ڏاهر سان ڪا غداري نه ٿي، پر جيئن ته محمد بن قاسم پاڻ سان 6000 کان به مٿي جنگجو سپاهي آندا جيڪي جنگ جي پوري مهارت رکندا هئا، اهو ئي سبب بڻيو هن جي شڪست جو، راجه ڏاهر جي شڪست کانپوءِ محمد بن قاسم سنڌين سان ڇا ڪيو، تاريخ ان متعلق بلڪل خاموش آهي، ان رهيل چيپٽر کي لکڻ جي ضرورت آهي، پر پوءِ جيڪي نوان مسلمان ٿيا انهن هڪٻئي سان ڇا ڪيو ان تي ڳالهائڻ لاءِ انسان کي تلخ لفظ گهرجن جيڪي مون وٽ ناهن.
مسٽر ڪمال هاڻ جديد پاڪستان جي سياست ۽ معيشت تي ڳالهائڻ لڳو، پر ان کان اڳ ۾ محمد بن قاسم جو هن اهڙو تعارف ڪرائي هڪ مذهبي جماعت جي شاگردن کي ڪاوڙائي وڌو، سندس سامهون اٿي بيٺا، “تون اسانجي فرشتن جهڙي مجاهد جي خلاف ڳالهائي رهيو آهين”
“توهان سڀ ويهي رهو، مان توهان کي ٿو ٻڌايان ته هنن فرشتن پوءِ جيئرن انسانن سان ڇا ڪيو، ۽ ان کان به اڳتي محمد بن قاسم سان پوءِ ڇا ٿيو” پر جماعتي شاگردن چيو اسان وڌيڪ پنهنجن رهنمائن جي بيعزتي برداشت نه ڪنداسين ، تنهن تي مسٽر ڪمال هنن کي چيو ته توهان نه ٿا ٻڌڻ چاهيو ته نه ٻڌو ٻيا ته ٻڌڻ چاهيندا، توهان بيشڪ وڃي سگهو ٿا، جماعت جا شاگرد پنهنجي منهن ڳالهائيندا ٻاهر هليا ويا پر هنن اها ڳالهه وساري ڪانه.
ٻئي دفعي وري مسٽر ڪمال سنڌ ۾ آباد بلوچي قبيلن جي تاريخ ۽ حقيقت تي پئي ڳالهايو، هن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ آباد بلوچ ڪلهوڙن جي راڄ ڌاني کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ آباد ڪيا ويا، هن سنڌ جي ڪڇ ۽ حُر تحريڪ ۾ بگٽي بلوچن جي ڪردار تي ڳالهائڻ شروع ڪيو، هن چيو ته سنڌ جو حاڪم غلام شاه ڪلهوڙو جنهن جا ذاتي محافظ بلوچ هئا، جنهن جي فوج ۾ به وڏو تعداد بلوچن جو هو، جنهن ڪڇ جي راجپوتن تي اسلام ۽ ڪفر جي نالي تي دراصل ان ڪري حملو ڪري ڏنو ته جيئن اهو سرسبز ۽ ساريال علائقو پنهنجي قبضي ۾ آڻي سگهي. ڪڇ کي پاڻي سنڌو ندي مان ملندو هو جيڪو پوءِ هنن درياءِ جو منهن موڙي بند ڪيو ۽ پوري ڪڇ کي ويران ڪري ڇڏيو. راجپوت ڪڇ جا اصولڪا سنڌي هئا. غلام شاه جڏهن انهن تي جنگ مڙهي ته تاريخ ۾ اهڙو واقعو ٻئي هنڌ ڪٿي به ڪونه ٿو ملي ته راجپوتن پنهنجن گهر وارين ، نياڻين ۽ ٻارن کي خنجر ۽ تلوارون هٿن ۾ ڏئي اهو چئي جنگ تي روانا ٿيا ته جنگ هارائڻ جي صورت ۾ غلام شاه جهڙي ظالم شخص جي هٿين چڙهڻ کان بهتر آهي ته پاڻ کي ماري ڇڏجو . ائين ئي ٿيو راجپوتن جنگ هارئي ته ٻئي طرف عورت ۽ ٻارن جي لاشن جا به ڍير لڳي ويا.
جيئن سنڌين سان ٿيندو آيو آهي، اسين ته انهن کان اڄ تائين ان ڳالهه جي معافي به ناهي ورتي ته حُر تحريڪ دوران جيڪا انگريز سامراجيت جي خلاف پهرين وڏي منظم ويڙه هئي، تنهن کي ڪچلڻ لاءِ انگريزن بلوچ قبيلن کي سنڌ ۾ جي ايم بئراج ۽ دريائن جي ڪناري جون ززخيز زمينون انعام ۾ ڏئي آباد ڪيو، انهن کي طاقتور ڪيو ته جيئن انگريزن جي حق ۾ حُر تحريڪ جي باغين جي طاقت کي ڪمزور ڪن، هي معمولي ڳالهه ناهي،
مسٽر ڪمال جي اهڙن ڳالهين ڪري قومپرست به هن مٿان هر وقت چڙيا پيا هوندا هئا، هڪ دفعي هي ۽ جي سنگهاڻي سرياب روڊ جي ڪنهن هوٽل تي ويٺا هئا ته ڪجهه نوجوان مسٽر ڪمال جي انسلٽ ڪرڻ جي مقصد سان هن آڏو اچي بيٺا، هنن هن مٿان هٿ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي جي سنگهاڻي ڇوڪرن کي ڌڪي پوئتي ڪيو ۽ مسٽر ڪمال جي اڳيان بيهي هنن کي چوندو ويو، توهان ڪهڙا بهادر آهيو جو هڪ ڪمزور استاد مٿان هٿ کڻو ٿا، جي سنگهاڻي جو ڳلو جوش ڪري خشڪ ٿي ويو هو ، ۽ چهرو سُرخ ٿي ويو هو، اُتي جيڪي ماڻهو ويٺا هئا انهن جي بقول ته جي سنگهاڻي پنهنجي دوست ڪمال جي دفاع ۾ ائين رڙيون ڪندي ڳالهائي رهيو هو ڄڻ اهو واقعو هن سان ٿيو آهي، هن جي اندر جا ڏک يڪجا ٿي ويا هئا، توهان ڀارت ماتا جا ٽُڪرا ڪيا هاڻ انسانيت جا ٽڪرا ڪرڻ چاهيو ٿا، توهان جيترا ڪٽر بلوچ آهيو اوترو مان به ڪٽر بهائي بند آهيان، مان انسان جي ذات سان ٻڌل آهيان . توهان اسان کان ڪڏهن به کٽي نه ٿا سگهو، مان ٿو توهان کي ياد ڏياريان ته توهان وٽ هي جيڪي ملڪيتون ۽ زمينون آهين اسانجن ابن ڏاڏن جون آهن، توهان پنهنجي غرور کي قابو ۾ رکو، مان توهان جهڙو نه ٿي سگهيس ڇاڪاڻ ته مان تهذيب کي مارڻ نه ٿي چاهيو، پر جي توهان ائين چاهيو ٿا ته مان توهانجو مقابلو ڪندس، مان جي ڪمزور ۽ گيدي هجان ها ته هزارين ماڻهن جيان پنهنجي زمين کي ڇڏي شرنارٿي ٿي وڃان ها، پر مون پنهنجي ماتر ڀومي کي نه ڇڏيو، مونکي اعتبار هو ته هي ڏکيو وقت به گذري ويندو، مان ان وقت به بهادري سان اوهان آڏو بيٺل رهيس ته هاڻ به بيٺو آهيان ۽ توهانجي مرده روح کي جاڳائڻ جي همت رکان ٿو . توهان ۾ همت آهي ته مسٽر ڪمال کي هٿ لائي ڏيکاريو. انجو نتيجو اهو نڪتو ته نوجوان پنهنجي منهن ڪجهه ڳالهائيندا واپس هليا ويا.
“توکي خبر آهي ته جي سنگهاڻي پوءِ ڪاڏي ويو” پيرڪ نصير کان معلوم ڪيو.
“پروفيسر بهادر جي وڃڻ کانپوءِ، هي به هتان هليو ويو” نصير ڏکاري لهجي ۾ چيو.
“ڪيڏانهن ويو” رتنا ڀريل اکين سان نصير کان معلوم ڪيو.
“ان بابت ڪافي عرصي کانپوءِ ڄاڻ ملي ته هو سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي هليو ويو” نصير وراڻيو.
“مسٽر ڪمال جو ڇا ٿيو” رتنا پڇيو.
“ فيصل آباد هليو ويو ” نصير وراڻيو
”انجي عجيب ڪيفيت ٿي وئي هئي. مان ان سان جڏهن آخري ڀيرو مليو هئس“ نصير جي ڀر ۾ ويٺل ڪنهن استاد ڳالهايو، هو اڪيلو ٿي ويو هو، جي سنگهاڻي ۾ هنجو ساه هو، هن کي مون پنهنجي حياتي ۾ ڪڏهن به خوفزده ٿيندي نه ڏٺو، هو واقعي به بهادر انسان آهي پر جي سنگهاڻي جي وڃڻ کانپوءِ هي ڄڻ عجيب قسم جي خوف ۾ مبتلا ٿي ويو هو، مان هن کي ڏسندو هئس هو آفيس جي ڪمري اندر هلندو ۽ ڳالهائيندو هو، ۽ دروازي تي بيهي دادا دادا ڪري سڏيندو هو، مسٽر ڪمال جي سنگهاڻي کي دادا ڪري سڏيندو هو، هڪ ڀيري هو گهڻو ٿڪل ٿي نظر آيو، هنجي خماريل اکين مان لڳو ٿي ته هن پوري رات ننڊ ناهي ڪئي، هي آفيس آيو ته هو پر ڪا بيچيني هن کي ستائي رهي هئي، مان هن جي ڀر ۾ ويٺو هئس ته هن اوچتو ڳالهائڻ شروع ڪيو.
“هو مونکي خاموش ڪرڻ چاهين ٿا، مان حقيقتن کي جيئن جو تيئن بيان ڪيان ٿو، مان ائين نه ڪندس ته مري ويندس، مان ڪيئن چاهيندس ته پنهنجن خيالن کي مصنوعي روپ ڏيان ان کان بهتر آهي ته مان مري وڃان يا هتان ڪٿي ٻئي هنڌ هليو وڃان، هن کي اهو احساس ستائي رهيو هو ته هي دادا کانسواءِ ڪجهه به ناهي ۽ اها ڳالهه هن کي خوفزده ڪري رهي هئي.”
“مسٽر ڪمال هڪ غير معمولي انسان آهي، اسان سڀ کي ان ڳالهه جو احساس هاڻ ٿئي ٿو، هو غير معمولي ۽ درست مشورا ڏيندو هو، هن پنهنجي حياتي کي ڪجهه ان طرح جو ٺاهي ڇڏيو هو، هو ڏک سک ۾ جيئڻ وارو انسان هو، هن پنهنجي حياتي ٻين سڀني ڳالهين کي ڇڏي فقط ان خاطر گذاري ته پنهنجي گفتگو عام ماڻهو لاءِ آسان ۽ حڪمرانن لاءِ سخت ڪري، هو چوندو هو ته ان سان هن کي راحت ملي ٿي، هن بي چين شخص کي راحت ته خير ڪڏهن به نه ملي پر ان لاءِ هن تڪليفون ضرور ڏٺيون، هن ڪڏهن به ائين نه سوچيو هو ته هن کي ائين يونيورسٽي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويندو. هنجي غير موجودگي جو احساس هميشه رهندو،” نصير پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي.