لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
Title Cover of book نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

مقدمو

پھاڪا ۽ چوڻيون، لوڪ ادب جو حصو ۽ ورثو آھن. ڪلام منجھ سندن حيثيت، طعام منجھ لوڻ جھڙي آھي. جيئن لوڻ کان سواءِ طعام، بي سوادي ۽ بي ذائقي ٿئي ٿو، تيئن پھاڪن ۽ چوڻين کان سواءِ علم ادب به ٻُسو ۽ بي چسو رھي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ ۾، قديم ھئڻ سبب، پھاڪن ۽ چوڻين، اصطلاحن ۽ ورجيسن جو اڻ-کٽ خزانو موجود آھي. اھي جنھن ماحول اندر ڄاوا ۽ نپنا، پليا ۽ پختا ٿيا آھن، تنھن کين ازلي معنى ۽ تشريح پڻ بخشي آھي. ڪنهن ڏکيءَ ڳالهه يا مسئلي کي سمجهڻ/سمجهائڻ لاءِ ڏٺل/ٻڌل شيءِ جو مثال ڏيئي سمجهائبو آھي. ان کي ضرب المثل چئبو آهي.
ضرب المثل جا ٽي قسم آهن.

1. مثالي ٽوٽڪا يا مثالي ڪهاڻيون.
2. مثالي جملا: پهاڪا يا چوڻيون.
3. مثالي فقرا: ورجيسون يا اصطلاح.
ٽنهي شاخن بابت هيٺ وضاحت ڏجي ٿي.

[b]1. مثالي ٽوٽڪا يا مثالي ڪهاڻيون
[/b]ٻن ٽن سٽن يا هڪ پيراگراف کان وٺي اٺن ڏهن پيراگرافن منجهه بيان ڪيل وارتا، جيڪا مثال جي طور تي بيان ڪئي وڃي، ان کي مثالي ٽوٽڪو يا مثالي ڪهاڻي سڏبو آهي. ڊيگهه سبب ان کي پهاڪو نه سڏبو آهي. جڏهن ته اهڙا لطيفا، ٽوٽڪا، لٽڪا، آکاڻيون، ڪهاڻيون ۽ قصا وغيره، جيڪي عام زندگي ۾ ضرب المثل جي صورت اختيار ڪري عوامي ٿي وڃن ٿا، تن کي مثالي ٽوٽڪا يا مثالي ڪهاڻيون سڏبو آهي.

[b]2. مثالي جملا: پهاڪا يا چوڻيون
[/b]هڪ مڪمل جملو، جيڪو پنهنجي معنيٰ ۽ مفهوم کي قائم رکندي، مثال جي طور ڪتب اچي ۽ عوام ۾ عام هجي، ان کي مثالي جملو چئبو آهي. مثالي جملي جي زمري ۾، ورجيسي جملو، چوڻي، پهاڪو، قول، ٻول يا گفتو وغيره اچي ٿا وڃن.

[b]3. مثالي فقرا: ورجيسون ۽ اصطلاح
[/b]ٻن يا ٻن کان مٿي لفظن تي مشتمل فقرو يا غير مڪمل جملو، آزاد يا مصدر سان، جملي ۾ استعمال ٿيڻ پڄاڻان ٻي معنيٰ کي ظاهر ڪري يا مثال طور ڪتب اچي ته ان کي مثالي فقرو (Idiomatic Phrase) سڏبو آهي. مثالي فقري جي زمري ۾؛ ورجيس، اصطلاح، ٻٽو لفظ، ڪنايو ۽ تشبيهه وغيره اچي وڃن ٿا.
مٿي ڄاڻايل ٽنهي شاخن منجهان فقط مثالي جملي بابت هتي بحث ڪنداسين. انهيءَ جي زمري ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون اچن ٿا، جن جي لغوي معنيٰ ۽ فرق بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ به ضروري آهي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي.

[b]چوڻي:
[/b]نصيحت آموز، عام مقبول قول، سخن، گفتو جيڪو مڪمل جملو هوندي، ڪنهن ڏاهي، سياڻي، فيلسوف، داناءَ، دانشور، پيغمبر، وليءَ، شاعر يا اديب ڏانهن منسوب نه هئڻ جي باوجود، عوام جو پنهنجو هجي ۽ منجهس فهم، سمجهه، سوچ، فڪر، دانائي، ڏاهپ، دانش، سياڻپ يا عقل جو نُڪتو يا رمز سمايل هجي ۽ پنهنجي لفظي يا ظاهري معنى ۾ استعمال ٿئي ته ان کي چوڻي چئبو آهي.

[b]پهاڪو[/b]:
اها عام مقبول چوڻي، جيڪا ظاهري معنيٰ ۽ مفهوم کان علاوه ٻيو يا اندريون مفهوم به رکي ته ان کي پهاڪو سڏيو ويندو آهي.
مٿي بيان ڪيل وصفن مان سمجهه ۾ آيو ته پهاڪي ۽ چوڻيءَ ۾ بنيادي فرق فقط، ظاهري معنى ظاهر ڪرڻ ۽ ڳجهي معنى ظاهر ڪرڻ وارو آهي. چوڻي، ظاهري معنى ظاهر ڪندي آهي ۽ پهاڪو ٻي معنى ۾ استعمال ٿي سگهندو آهي. نه ته ٻنهي جي صورت، ساخت، شڪل، شبيهه ۽ عوامي پسنديدگي يا عام مقبوليت، هڪجهڙي ئي هوندي آهي.
پهاڪن ۽ چوڻين جي ارتقا:
پهاڪن يا چوڻين جي ارتقا، ڪيئن، ڪڏهن ۽ ڪهڙي ماحول ۾ ٿي؟ اهي دلچسپ، انوکا ۽ جستجو طلب سوال آهن. گهڻن کوجين، انهيءَ ڏس ۾ گھڻا ئي رنڊا روڙيا آهن، ڇو جو سمورن پهاڪن/چوڻين جي ابتدا، ارتقا يا تواريخ بابت معلومات ڪَٺي ڪرڻ، ڪَٺن ڪم آهي. ادبي افق تي رونق افروز هزارين پهاڪا/چوڻيون هڪ ماحول، پس-منظر، حالت، طريقي، ذريعي يا واقعي سان وجود پذير نه ٿيا آهن. انهن جي جڙڻ پويان ڪيئي پس-منظر، ذريعا، سبب، ڪارڻ ۽ ڪارج آهن. منجهانئن ڪن بابت هيٺ نشاندهي ڪجي ٿي.
پهاڪن/چوڻين جي جنم جا مکيه ذريعا:

1. لوڪ ڪٿائون.
2. تواريخي شخصيتون، واقعات، حالات ۽ جغرافيائي ماڳ مڪان.
3. سياڻن جا سخن، قول، گفتا يا نُڪتا.
4. انساني جذبات جو رد عمل يا ندائي جملا.
5. پروليون ۽ ٻول.
6. ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثر ۽ لساني جائزو.

مذڪوره مڙني ذريعن منجهان، هر هڪ جي وسيلي، هزارين پهاڪا/ چوڻيون جنم وٺي چڪا آهن. سمورن پهاڪن ۽ چوڻين جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ممڪن آهي پر تمام مشڪل پڻ. انهن کي فقط يڪجاءِ ڪرڻ سان به ايڏو وڏو ضخيم ڪتاب جڙي پوندو، جيڪو هڪ ماڻهوءَ جي ترتيب ڏيڻ کان زور آهي. بهتر آهي ته مرحليوار، مڙني پهاڪن ۽ چوڻين جي ڇنڊڇاڻ ۽ اڀياس ڪجي.

[b]۰-۱ لوڪ ڪٿائن ذريعي جڙيل پهاڪا/ چوڻيون:
[/b]پھاڪن ۽ چوڻين جي جڙڻ جا ڪيئي ذريعا آھن. جن مان خاص ذريعو، ڪھاڻيون يا آکاڻيون، داستان يا قصا، ڪٿا يا لوڪ ڪٿائون آھن. تاريخي يا نيم تاريخي واقعا پڻ سندن ڄم جو سبب آھن.
لوڪ ڪٿائن واري ذريعي کي به هيٺين ٽن شاخن ۾ ورهايو ويو آهي:

[b]۱-۱ سنڌ جا مشهور لوڪ داستان:-
[/b]سنڌ جي مشهور لوڪ داستانن جھڙوڪ: دودو چنيسر، ليلان چنيسر، مومل راڻو، عمر مارئي، سسئي پنهون ۽ سهڻي ميهار وغيره، ڪيترن ئي پهاڪن/چوڻين کي جنم ڏنو آهي. مثال طور:
الف- دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي.
ب- ويئيءَ وهاڻيءَ، دودي ناناڻا آيا.
ج- عمر نيئي نيئي مارئي نيندو، ٿرئون ته نه ٿيلهيندو.
د- اٺ ڪڍن سسئي.
ه- ڪيئي ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾.
و- ڀنڀوران جي ڀڳيون، سي ڇٽيون.
ز- ميهار گهڻو ئي چڱو، پر ٿيو هُن پار.
ح- مومل جي ماڙيءَ کي، چوڌاري چارا. وغيره.

[b]۲-۱ ٻارن لاءِ وندرائيندڙ يا نصيحت آموز آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون:-
[/b]ٻاراڻين آکاڻين يا نصيحت آموز آکاڻين به ڪيترن ئي پهاڪن/چوڻين کي جنم ڏنو آهي. مثال طور:
الف- گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي؛ ”ٿُو کٽا!“
ب- اٺ کي گهنڊڻيءَ/ تاڙي جو، ڪهڙو ڀئو.
ج- اجايا پهه نه پچائجن.
د- جو ڪمائي، سو کائي. وغيره.

[b]۳-۱ موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون:-
[/b]موزون آکاڻين يا ڪهاڻين به ڪيترن ئي پهاڪن/چوڻين کي جنم ڏنو آهي. مثال طور:
الف- اکين وارا، دنيا ۾ ٿورا آهن.
ب- ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾، واڻيو ڳورو.
ج- ڀُلِي ڀُلِي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀُلِي.
د- پرائي ڌيءَ/ڏيو تان کارڪ ملي به چڱي.
ه- جاتي پاڻي، تاتي پاڻ/پهر.
و- دنيا ۾ دوڌ ڪا دوڌ ۽ پاني ڪا پاني آهي.
ز- ڪارا گهڻا پر ڪارنهن ڪنهن ڪنهن جي لهي. وغيره.

اسان جو موضوع فقط، ٻارن لاءِ وندرائيندڙ يا نصيحت آموز آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون آهي. هتي انهن بابت بحث ڪجي ٿو.
انھن ڪھاڻين ۾ ھيٺ ڏنل ٽن قسمن جون ڪھاڻيون يا آکاڻيون اچي وڃن ٿيون:
۱. ٻارن لاءِ جوڙيل اخلاقي يا سبق آموز آکاڻيون.
۲. جڙتو يا غير حقيقي آکاڻيون.
۳. ڏند ڪٿائن مان کنيل آکاڻيون.
اِھي اُھي آکاڻيون آھن جيڪي ٻارن کي نصيحت طور ٻڌايون وينديون آھن يا منجھن سمايل نڪتو سمجھائڻ خاطر، اھي سماج اندر ورجايون وينديون آھن. گھڻي ورجائڻ جو سبب، انھن جھڙن واقعن جو وري وري رونما ٿيڻ آھي.
ڪيتريون ئي نصيحت آموز آکاڻيون، قصا يا ڪهاڻيون روزمره جي زندگيءَ ۾ جنم وٺي يا رونما ٿي، ذهن جي ڪنڊ ۾ جاءِ والاري، زبان-زد يا عام ٿي، عوام جا پنهنجا/عوامي/مشهور ٿي وڃن ٿا. اڳتي هلي، اهي آکاڻيون، مثال جي طور تي ورجائجنديون رهن ٿيون. ان ورجاءَ سبب، تشهير جي وهڪري مان وهي، سُهڻي/سلوڻي پيرايي وارو چوغو ڍڪي، مثالي ٿي پون ٿيون. فطري طور تي هر انسان کي هر مسئلو، آکاڻيءَ يا ڪهاڻيءَ ذريعي آسانيءَ سان سمجهه ۾ ويهندو آهي، ان ڪري هو منجهن وڌيڪ چاهُه/دلچسپي وٺندو آهي.
ورجاءُ، پوءِ ڀلي من و سلويٰ جهڙي لذيذ ۽ پاڪ کاڌي جو ڇو نه هجي، دل کڻائي ڇڏيندڙ ٿيندو آهي. ان ڪري، ڪهاڻيءَ جي ڊيگهه کان بچڻ لاءِ، اختصار کي اختيار ڪيو ويندو آهي. نتيجي طور ساڳيو قصو سوس کائي، قطري ۾ بند قلزم وانگر ٿي پوندو آهي، جنهن کي ان قصي جو تَتُ يا تاتُ پُرج يا عنوان چئي سگهجي ٿو.
هر شيءِ جي گهڻائي غافل ڪندڙ ۽ ڊيگهه بور ڪندڙ هوندي آهي. ساڳي ساڳي شيءِ هر وقت نه وڻندي آهي. انساني سڀاءُ، مَٽ سَٽ کي پسند ڪندڙ آهي. انهيءَ چرپر يا مٽ سٽ ۾ ئي حياتي آهي. چاکائو طبيعت/ذهن کي، نئين سج نئين شيءِ گهرجي. اها طلب، ٿوري پر مايه-دار چيز سان پوري ٿي سگهي ٿي. اهڙا قصا، ڪهاڻيون يا آکاڻيون، جيڪي پاڻ منجهه فهم، پَهه يا نُڪتو رکندا هجن ۽ ليٽي پيٽي اختصار جي صورت اختيار ڪري چڪا هجن، سي هر ذي شعور کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪن ٿا ۽ ياد رکڻ ۾ پڻ سولا ٿيو پون.
گهڻا پهاڪا/چوڻيون، اهڙين آکاڻين ۽ ڪهاڻين مان جنم وٺن ٿا. جڏهن ته ڪن پهاڪن/چوڻين جي مفهوم کي چٽو ڪرڻ لاءِ مناسب آکاڻيون جوڙيون به وينديون آهن. اهو به ممڪن آهي ته هتي ٻڌايل پس منظر کان علاوه ڪنهن پهاڪي/چوڻي جو ڪو ٻيو پس-منظر ئي اصل پس-منظر هجي.
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته جن نصيحت آموز آکاڻين/ڪهاڻين مان پهاڪا/چوڻيون جڙيا آهن سي ڪهڙيون آهن ۽ ڇو نه لکيون/ياد ڪيون ويون آهن؟ ان جو جواب هيءُ آهي ته اول ڪهاڻي جنم وٺندي آهي، بعد ۾ مناسب لفظن سان سندس عنوان جنم وٺندو آھي، ته جيئن ٿور-اکرائيءَ سبب دل تي نقش ٿي سگهي. اڳتي هلي، ڪهاڻي/آکاڻي گهڻن ماڻهن کان وسري ويندي آهي ۽ فقط عنوان، پهاڪي يا چوڻيءَ طور، عام ذهنن ۽ زبانن تي رهجي ويندو آهي، ڇو جو ڪن ٽوٽڪن/ ڪهاڻين جو ورجاءُ، ڪن حالتن ۾ اُگرو لڳندو آهي ۽ ڪن حالتن ۾ وضاحت پڇڻ ۾ پڻ بُڇان لڳندي آهي. اهو ٽوٽڪو يا ڪهاڻي ڀلي ٻن ٽن سٽن جي ئي ڇو نه هجي پر تيستائين پهاڪو/چوڻي نه ٿو چئي سگهجيس جيستائين منجهس ايڪائي وصف ناهي يا سندس اهو مقرر روپ عوام ۾ دهرايو نه ٿو وڃي.
اها به انساني فطرت آهي ته ساڳيو ٽوٽڪو يا آکاڻي، ڪير به ورائي ورائي ٻڌڻ پسند نه ڪندو آهي. جڏهن ته ڪنهن ڳالهه کي سمجهڻ يا سمجهائڻ لاءِ ان جي ضرورت پوندي ئي رهندي آهي. انهيءَ سبب ڪري، انهيءَ آکاڻيءَ يا ڪهاڻيءَ جو، مناسب يا نصيحت آموز لفظن ۾، عنوان مقرر ٿي ويندو آهي، جيڪو اڳتي هلي ضرب المثل/ پهاڪو/چوڻي بڻجي پوندو آهي. انهيءَ دوران، پهاڪي لاءِ مقرر ٿيل، هيٺ ڄاڻايل، چار ئي خاصيتون انهيءَ ارتقائي دور مان مڪمل ٿي چڪيون هونديون آهن.

۱- ٿور-اکرائي يا ننڍڙو روپ.
۲- ويچارن جي گهِرائي.
۳- سلوڻائي، ظرافت يا اظهار جي نزاڪت.
۴- لوڪ/عوام ۾ مقبوليت/مشهوري.

جڏهن نصيحت آموز آکاڻي، پهاڪي پرکڻ واري ڪسوٽيءَ جي مٿين چئني مرحلن مان ارتقائي منزلون طئي ڪري چڪندي آهي ته اها پهاڪي جو روپ ائين وٺندي آهي، جيئن ڪڙهڻ بعد، کير مان مائو ٺهندو آهي.
انهيءَ ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ آسان مثال وتائي فقير جا گفتا ۽ ٽوٽڪا آهن. مثال طور:
الف- ٻيو سڀ رب جي مرضي؛ ماني پچائي يا چانور، اما جي مرضي.
ب- دوزخ ۾، هر ڪو باهه هتان کنيو ٿو وڃي.
ج- مهماني ڪپڙن جي آهي. وغيره
مٿي ٻڌايل پهاڪا/چوڻيون، شروع ۾ فقط لطيفي جي صورت ۾ عوام اندر مستعمل هئا. هن وقت مقرر ڪيل ارتقائي مرحلا طيءِ ڪري، ضرب المثل جو روپ ڌاري چڪا آهن.
اهڙيون ڪيئي مثالي ۽ نصيحت آموز آکاڻيون آهن، جن ۾ ويچارن جي گهِرائي ۽ سلوڻائي ته آهي پر عوام ۾ مشهور نه ٿيون آهن. تن کي جيڪڏهن ٿور-اکرائي وارو عنوان ڏيئي، عوام ۾ مشهور ڪجي ته ضرب المثل بنجي پونديون. ان لاءِ به هڪڙو شرط آهي ته کين لوڪ مڃتا به ملي. لوڪ مڃتا نه ملڻ جي صورت ۾ به کين پهاڪو/ چوڻي نه سڏبو.
پهاڪي/چوڻيءَ جو جيستائين پس-منظر اوجهل آهي، تيستائين منجهس سمايل پھ ۽ استعمال به اوجهل آهي. پَھُ تڏھن اوجل يا اجرو ٿيندو، جڏھن پس-منظر جي مختصر جهلڪ ذهن تي اُڪريل هوندي. نثر توڙي نظم ۾ استعمال ٿيل اهڙن جملن مان پوءِ ئي چَسَ ايندي.
ان ڪري ڪجھ نصيحت آموز آکاڻيون، ڇنڊي ڇاڻي، پنھنجي نُڪتي ۽ ھم-معنيٰ پھاڪي يا چوڻيءَ سميت، پيش ڪجن ٿيون.

[b]انجنيئر عبدالوهاب سھتو
[/b]۸۹ پروفيسرس ڪالوني-۲
قنبر روڊ- لاڙڪاڻو