لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
Title Cover of book نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

[ ڪ ]

163. ڪانءُ هليو مور جي ٽور،
کنڀ کهائي؛ نه رهيو ڪانءُ، نه رھيو مور. (پھاڪو)
هڪڙي ڪانءَ کي اچي دل ۾ وهم ويٺو ته مان ڪانءَ هجڻ جي ڪري گهٽ عزت وارو آهيان. جيڪڏهن مور هجان ها ته اڃا وڌيڪ عزت هجي ها. مور ته عزت ڪن ها پر ڪانءَ به ڪن ها. هاڻي مور ته عزت ڪو نه ٿا ڪن، پر ڪانءَ به نه ٿا ڪن. اهي ڳالھيون دل ۾ ساريندي کيس هڪڙو ٻيو خيال دل تي تري آيو؛ ”مور ۽ ڪانءَ ۾ سواءِ کنڀن جي خاص فرق ناهي. ڇو نه مورن جا کنڀ هٿ ڪري، پنهنجا کنڀ ڪڍي، ان جي جاءِ تي ٽنبيان.“
ان ڏينهن کان وٺي مورن جا کنڀ گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين. هڪ ڏينهن وٽس مورن جا کنڀ، تمام گهڻا گڏ ٿي ويا. ھاڻي پنهنجي رٿا تي عمل ڪرڻ شروع ڪيائين. ڪي ٻه چار ڏينهن پنهنجا کنڀ کوهي ڪڍيائين. پوءِ انهن جاين تي مورن جا کنڀ ٽنبي، مورن جهڙو ٿي پيو. ٻين ڪانون کان اک وتائي وڃي مورن جي آستاني ڀيڙو ٿيو.
مورن جي محفل ۾، ٻاھرين شڪل ۾ ته مور پئي لڳو پر پرڪارن ۾ ظاهر ٿي پيو. مور نچن ته هن کي نچڻ جو ڏانءُ اچي ئي نه. ھُو ڪوڪ ڪن ته هيءُ ڪان ڪان ڪري. جهٽ پڌرو ٿي پيو.
مورن پاڻ ۾ صلاح ڪري چيو؛ ”هيءُ اسان کي بدنام ڪندو، ڇو نه کيس جلد ئي برادريءَ مان تڙي ڪڍجي.“
بري تي بڇ ٿي وئي. مورن، ڪچا ڳنڍيل کنڀ کوھي، ٽُرڙ ڪري وڌس. ڳيڙھ جهڙو کٿلڙو ٿي پيو، جو ھٿ کڻي ڪڍيائونس.
جڏهن پر کٿل ڪانءُ، ڪانوَن وٽ آيو ته، انهن به کيس سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو. ٺونگا هڻي هڻي ماري وڌائونس.
۲
هڪڙي ڪانءَ ڏٺو ته هڪڙو هنس پکي ڏاڍي سهڻيءَ ٽور سان پيو وڃي، جيڪو کيس ڏاڍو وڻيو. دل ۾ چيائين؛ ”مان به اها چال سکي وٺان ته جيئن ٻين ۾ سرهو ۽ پسند پيل هجان.“
اهو سوچي هنس جي اهل ڪري، سندس قدمن تي هلڻ لڳو.
”مان تو کي روزانو پنهنجي پويان ايندو ٿو ڏسان!“ هڪ ڏينهن هنس، ڪانءَ کان پڇيو؛ ”ائين ڪرڻ ۾ تنهنجي ڇا منشا آهي؟“
”مون کي تنهنجي لوڏ ڏاڍي پياري ٿي لڳي!“ ڪانءَ موٽ ڏنس؛ ”ان ڪري اها سکڻ ٿو چاهيان ته جيئن ٻين پکين ۾ سرخرو ٿيان.“
”ميان خدا تعاليٰ هر ڪنهن جي لوڏ/ چال، سوچي سمجهي ٺاهي آهي. اها ئي پياري آهي!“ هنس نصيحت ڪندي چيس؛ ”بهتر آهي ته خدا جي ڏنل نعمت تي شاڪر رھ ۽ پنهنجي چال نه ڦيراءِ.“
ڪانءُ مڙيو ڪين. نتيجو اهو نڪتو ته؛ نه هنس جهڙي چال ٿيس، نه ئي وري ڪانوَن جهڙي چال رهيس. هاڻي ته نه کيس ڪانءَ پنهنجو پيا ڪن، نه ئي وري هنس کيس پنهنجو پيا ڪن.
مطلب: ١. ڪانءُ هليو هنس جي چال، پنهنجي ڦري ويس. (اردو)
۲. پنهنجي حال ۾ خوش رهڻ گهرجي.
۳. پراوا محل ڏسي، پنهنجي ڀونگي نه ڊاهجي.
۴. جيڪو پنهنجن جي پر ڇڏي پراون جي پر ڪندو، اهو پراون جو ٿي نه سگهندو ۽ پنهنجا کيس پنهنجو نه ڪندا.
۵. جيڪو شخص پنهنجي فطري صلاحيت کي نظر انداز ڪندي، ٻئي ڪنهن صاحبِ ڪمال جي تلقيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، سو نقصان ئي پرائيندو. (۸) ص ۵۹

164. ڪتي جو پڇ، ٻارنهن مهينا نڙ ۾ وجھ ته به اڍنگو. (پھاڪو)
هڪڙي شاهوڪار، ڪتو ڌاريو. خيال ڪيائين؛ ”ڪتي جو پڇ ٻارنهن مهينا نڙ ۾ بند ڪري ڇڏبو ته سنئون ٿي پوندو.“
اهو سوچي، نوڪرن کي حڪم ڏنائين؛ ”ڪتي جو پڇ، نڙ ۾ بند ڪري ڇڏيو ته سنئون ٿئي.“
بيوقوف شاهوڪار، عقل وارو ۽ عقل وارو مسڪين، بيوقوف سڏبو آهي، تنهنڪري، نوڪرن حڪم جي پوئواري ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي.
ٻارنهن مهينا، ڪتي جو پڇ نڙ ۾ بند هئو. ٻارنهين مهيني، نوڪرن کي حڪم ٿيو؛ ”نڙ مان پڇ ڪڍو.“
پڇ، نڙ مان نڪرڻ بعد اهڙو ٿي ويو، جهڙو اڳي هئو. شاهوڪار نوڪرن کي ڏاڍي مار ڏني.
مطلب: ۱. ڏنگي ماڻهوءَ جو سڌرڻ مشڪل آهي. (۴۲) ص ۱۸

165. ڪتي جو ڪارو منهن، رٻ اوتري جي اوتري. (پھاڪو)
هڪڙي غريب، رٻ جو ڪُنو رڌي رکيو. اوچتو گھر ۾ ھڪڙو ڪتو گھڙي آيو، جنھن تڪڙ ۾ لُوھَ ڏيئي وڃي ڪُني ۾ ٻوٿ وڌو. رٻ کائڻ پري جي ڳالھ، ڪني جي ڪارنھن ۾ منھن ڪارو ته ٿيس پر تتل ٺڪر ۾ ٻوٿ لڳڻ سبب چپن تي به لھس اچي ويس.
تنھن ھوندي به مالڪ جي هڪل تي ڪني جو پاسو ڇڏي، پڇ پائي، وٺي ڀڳو. مالڪ جاچيو ته سمجھ ۾ اچي ويس؛ ’ڪتي رٻ ڪا نه کاڌي ھئي، بلڪ رڳو ڪنو نوسيو ھيائين، جنھنڪري ڪني جي ڪارنهن منهن کي لڳي ھيس.‘
تڏهن، بي اختيار سندس واتان نڪري ويو؛ ”ڪتي جو ڪارو منهن، رٻ اوتري جي اوتري.“
مطلب:۱. ٻن يارن جي وچ ۾ ڦيٽاڙو وجھرائڻ واري جو جڏھن راز کلي ته سندس حالت ان ڪتي جھڙي ٿئي، جنھن کي ڀريل ڪني منجھان فقط ڪارنھن نصيب ٿئي. (۵)

166. ڪپھ جو ٻورو، پُسي ٿئي ڳؤرو. (پھاڪو)
ھڪڙو لوڻ جو واپاري، ٻه ٻورا في گڏھ تي لوڻ لڏائي، پنھنجي دڪان تي کڻايو پئي آيو، جو واٽ تي کيس ھڪڙي واھڙ جي تانگھي گھيڙ منجھان پار اُڪرڻو پئي پيو. وچ سير تي پھچڻ بعد، ھڪڙو اڀرو گڏھ ٿاٻڙجي ويھي رھيو. جيئن پاڻيءَ ۾ ھيٺ ويٺو تيئن لوڻ جا ٻورا به پاڻيءَ منجھ پُسڻ شرع ٿي ويا، جنھن سبب لوڻ ڳري، پاڻيءَ سان وھڻ لڳو. جيسين گڏھ جو گَھُ، پورو ٿئي، تيسين ڪافي لوڻ، پاڻيءَ سان گڏجي، ٻورن منجھان وھي ويو. گڏھ جڏھن گيگھ پورو ڪري اٿيو ته ٻورا کڻڻ ۾ ھلڪا لڳس، جيڪي ٺينگ ٽپا ڏئي اچي منزل تي پھچايائين.
ساڳئي گڏھ، ساڳيو گيگُھ، ٻئي چڪر به ساڳيءَ جڳھ تي اچي رٿيو. سھنجائي ڏسي ھيرڪو ٿي پيو، بلڪ ان عمل جو عادي ٿي پيو، جنھن سبب مالڪ کي ڪافي نقصان پئي رسيو. آخر مالڪ بيزار ٿي پيو ۽ کيس سبق سيکارڻ لاءِ ٽلون سوچڻ لڳو. نيٺ کيس، گڏھ کي سبق سيکارڻ لاءِ، ھڪڙي اٽڪل سُجھي آئي.
ھن چڪر، مالڪ ٻين گڏھن تي ته لوڻ جا ٻورا سٿيا پر ھن کريل کوتي تي ڪپھ جا ٻورا لڏيائين. ڪپھ، ھلڪي ته ھئي ۽ کڻڻ ۾ به سَھنجي ھئي پر ھن کي جو ڪني ھير ھئي، سو ساڳئي گھيڙ ۾ پھچڻ بعد، ساڳيو گيگھ ۽ گھُ ڪري ويھي رھيو. ڪپھ سان جيئن واھڙ جو پاڻي مليو، تيئن منجھس جذب ٿيڻ شروع ٿيو. گڏھ، جڏھن منجھانئس ليٽي پيٽي اٿيو، تڏھن ڪپھ، ڪافي پاڻي چوھڻ سبب، ڳؤري ٿي چڪي ھئي، جنھن سبب، وڏي تڪليف پڄاڻان اھو بار منزل تي پھچايائين.
مطلب: ۱. ھلڪي ۽ ڪمزور شيءِ سان مذاقون نه ڪجن.
۲. ڪپھ جو نوڙ، جيئن ڀڄي، تيئن ڳؤرو ٿئي.
۳. ڪپھ جو نوڙ، جيترو ڀِڄندو، اوترو نار ڳؤرو ٿيندو.
۴. ڪمبل جيترو پُسندو، اوترو ڳؤرو ٿيندو.

167. ڪڙهڻ کان سواءِ پڙهڻ، بيڪار آهي. (چوڻي)
هڪڙو پنڊت، پورا ٻارهن سال، نياءُ شاستر سکيو هيو. هڪڙي ڏينهن چاڪيءَ جي گهاڻي وٽان اچي لنگهيو. گهاڻي جي چوڌاري ڏاند کي ڦرندو ڏسي، ان جو گهمڻ، جاچڻ/پرکڻ ويٺو. ڏاند جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل ٽليءَ/ گهنڊڻيءَ ته ويتر عجب ۾ وڌس. عجب ۾ پئجي ڏاند ڏي نهارڻ لڳو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته؛ ”انهيءَ گهنڊڻيءَ ٻڌڻ جو ڪهڙو مطلب آهي؟“
نياءَ شاستر جا گهڻي ئي اڌياءَ ڪيائين ۽ سُوتر اٿلائي بيٺو پر پتو ڪو نه پيس ته؛ تيل پيڙڻ سان گهنڊڻيءَ جو ڪهڙو لاڳاپو؟ آخر مٿو کنهندي چاڪيءَ کان پڇيائين؛ ”ڏاند جي ڳچيءَ ۾ ٽليءَ ٻڌڻ جو ڪهڙو مطلب آهي؟“
”مهراج! ماڻھو ڪڏهن اندر آهي، ڪڏهن ٻاهر آهي. هر وقت ڳاڌيءَ تي چڙهيو ته ڏاند کي ڪو نه پيو هڪليندو، سو ھلندڙ ڏاند جي ڳچيءَ ۾ پيل ٽليءَ جو آواز، پيو ڪنن تي پوندو، جنھن مان اندازو پيو ھڻبو ته ڏاند هلي ٿو پيو.“
مهراج سوچيندي سوچيندي وري پڇيس؛ ”ڀلا جيڪڏهن ڏاند بيٺو هڪ هنڌ هجي. گهاڻو گهمائڻ بدران، ڪنڌ ڌوڻي پيو گهنڊڻي وڄائي ته؟!“
”مهراج! ڏاند وري به ڏاند آهي!“ چاڪيءَ کيس عقل جو اڪابر سمجهندي ٻڌايو؛ ”۽ ڏاند ئي رهندو، پوءِ ڀلي کيس ڪيترا ئي نياءَ شاستر ڇو نه پڙهائجن.“
مطلب: ١. پڙهئين گهڻو، ڪڙهئين ڪين!؟
٢. تعليم سان گڏ تربيت جي به اشد ضرورت آهي. (۶) ص ۲۴

168. ڪمي ڪنوار ۾ ناهي ته گهٽتائي گهوٽ ۾ به ناهي. (پھاڪو)
هڪ ڍلي ڳئونءَ جي ڌڻيءَ ۽ ھڪ ڍلي ڏاند جي ڌڻيءَ، پاڻ ۾ سودو ڪيو. ڪنهن ڍلي ڍڳيءَ واري کان سبب پڇيو.
”مون حق تي ڳئون ڪڍي، ڇو جو،“ ڍلي ڍڳيءَ جي ڌڻيءَ سبب ٻڌائيندي چيس؛
”چيٽ چُڪو ئي نه ڏي، سانوڻ ڏئي نه سِٽِ،
اهڙي اٿس پٽ، جو اڳ ڏُڌو اونڌو ڪري.“
اها ڳالھ، ڏاند جي ڌڻيءَ سان، جنهن ڏاند ڏئي ڳئون ورتي هئي، وڃي ڪنھن ڪئي ۽ سودي جو سبب پڇيائينس.
”ادا! ڪس مون کي به ڪانهي. منهنجي ڏاند جا اهي پار جو،“ ڍلي ڏاند جي ڌڻيءَ دليل ڏيندي چيس؛
”ايٽ آڏو نه اچي، ڪري نه هر جي ڪار،
اهڙي اٿس مار، جو گاڏي ڏسي گوڏا کوڙي.“
مطلب: ۱. هڪڙو ڪلڇڻو آهي ته ٻيو به سلڇڻو ناهي.
۲. جھڙو ونو، تھڙي وني، ھن لاھي ھن کي ڏني. (۴۳) ص ۳۱

169. ڪنهن جو برو نه ڀانءِ، جي چاهين ڀلو پنهنجو. (چوڻي)
هڪ ڳوٺ ۾ ھوا تي هلندڙ، ٻه جانڊاهيون هيون. هڪڙي ريءَ اولادي شاهوڪار جي، ٻي عيالدار غريب جي. غريب پنهنجي حال سارو، ٻچن سنئين خوش هيو. وٽن خوشيءَ جو خزانو هيو. جڏهن ته شاهوڪار ساڙ ۾ ورتل هيو.
شاهوڪار جانڊاهي، غريب جانڊاهيءَ کي نقصان پهچائڻ لاءِ پھ پچائڻ لڳو. هڪ ڏينهن بازار ويو، جتي هڪڙي شخص وڏن وڻن جا ٻج وڪڻڻ جو هوڪو پئي ڏنو؛ ”ٻج وٺو! وڻ پوکيو! ڊگها ڊگها جبل جيڏا!“
شاهوڪار جانڊاهيءَ اهي ٻج خريد ڪيا ۽ کيس پئسا به پورا نه ڏنائين. ٻجن پوکڻ جو طريقو پڇي، ٻجن واري کي به ناراض ڪيون نڪتو آيو. هاڻي هوا جو رخ بند ڪرڻ لاءِ، غريب جي جانڊه سامهون، وڻ پوکيائين ته جيئن انھن جي وڌڻ کان پوءِ هوا بند ٿي وڃي ۽ جانڊه نه هليس. جڏهن وڻ وڏا ٿيا ته غريب جو چرخو ئي چٽ ٿي ويو.
هڪ ڏينهن ٻجن وارو، اتان لنگهيو. وڏا وڻ ڏسي، غريب جانڊاهيءَ وٽ لنگهي آيو ۽ کيس ڏوراپو ڏنائين. پر ستت غريب کي سڃاتائين ۽ ان جون ڳالهيون ٻڌي شاهوڪار تي ناراض ٿيو. غريب کي دعائون ۽ شاھوڪار کي ڏوراپا ڏيندو روانو ٿي ويو.
ان جي وئي کان پوءِ، هوا تيز لڳي، جنهن ۾ شاهوڪار جي جانڊه ڀڄي پئي ۽ غريب جي جانڊھ، وڻن جي اوٽ ۾ هئڻ ڪري، زوردار هوا تي هلڻ لڳي ۽ اٽو پيهڻ لڳي. ائين وري غريب کي خوشيون مليون ۽ شاهوڪار جو ٺاٺو ڦٽي ويو.
مطلب: ۱. ڪک سان به نه اُچائجي. (۴۴) ص ۶

170. ڪورين فارسيءَ سکڻ کان ڪئي بان،
جيسين هجن جيئرا. (پهاڪو)
آڳاٽي دور ۾ جڏهن دورانين جي حڪمراني هئي، تڏهن پنجاب جي هڪڙي ڳوٺ ۾، پنجابي ڳالهائيندڙ ڪوري رهندا هيا، جن کي دورانين سان تعلقداريءَ ۾ ڏاڍي ڏکيائي پئي ٿي. پاڻ ۾ پئنچائت گهرائي، ڏھ ڏھ روپيا ڦوڙي ڪيائون ته جيئن منجهانئن ڪي ٻه سڻوپرا ڪابل ڏي روانا ڪجن ته جيئن مڙني ڳوٺ وارن لاءِ فارسي ڳنهي اچن.
ٻئي وڏيرا، پٽڪا ۽ طرا هڻي، پئسا بغل ۾ ڪيون، پشاور مان خيبر درو اُڪري، ڳوٺ ڳوٺ، فارسيءَ بابت پڇائيندا ٿي ويا ته جيئن رستي ۾ ئي سودو ٿي وڃي، ته اُتان ئي موٽ ڪن. پر، جتان به لنگهندي پڇا پئي ڪيائون، تتان مٿن ٺٺول ۽ چٿر پئي ٿي.
جڏهن جلال آباد پهتا ته هڪڙي ٺڳ کين پاسو ڏنو. رات جو کين گهر وٺي وڃي ٽڪايائين. صبح جو ٻه مٽ هٿ ڪري، منجهن مٺائي وجهي مٿان ککر (ڏينڀو) وجھي، ٻوٿ ٻڌي آڻي اٻوجھ ڪورين کي مُلھ تي ڏنائين. پئسا وٺندي تاڪيد ڪيائين؛ ”رستي ۾ نه کولجو، متان فارسي نڪري وڃي. ڳوٺ پهچي، بند ڪمري ۾ سمورا فارسي سکڻ جا شائقين پٺن اگهاڙا ويهاري، پوءِ مَٽن جو ٻوٿ کولجو ته جيئن سمورا فارسيءَ مان هڪ- ڪَرا مستفيد ٿي سگهن.“
ڳوٺ پهچي، پنچائت گهرائي، پهراڻ لاهي، ڪمري ۾ واڙجي، مٽن جا ٻوٿ کڻي کوليائون. ڏينڀن جو جيئن دروازو کليو ته سمورن کي سُڄائي رکيائون. اوندھ ۾ دروازي تائين پهچڻ به ڪو نه ڏنائون. جڏهن جسم تي خوب ڏَنا ۽ رِڻا ٺهي پين ۽ ڪنهن هڪ وڃي دروازو کوليو ته هڪ ٻئي کي سڃاڻي ئي نه پئي سگهيا. جنهن تي چيائون؛ ”ڇا به ٿي پوي، جيسين جيئرا آهيون، فارسي سکڻي ناهي.“
مطلب: ۱. ڏکئي ڪم کان هر ڪو لهرائيندو آهي.
۲. اهڙو ڏکيو، جهڙو فارسي سکڻ.
۳. بخت کي ڄائي آهي ڀيڻ، تڏهن ڪوري ٿا فارسي سکن.
۴. اهڙو سولو، جهڙي اڪ جي ماکي لاهڻ. (ابتو) (۶) ص ۴۶

171. ڪوڙ جو مثلو؛ ڪوڙ. (چوڻي)
ٻهراڙيءَ جي هڪڙي نينگري، مٿي تي دکي کير جي کنيو، ٿيت وران ڏانھن پئي وئي ۽ دل ۾ سوچيندي پئي وئي؛ ”هيءَ کير جي دکي روز کپائي، هفتي کان پوءِ هڪ ڪڪڙ وٺندس. ٻئي هفتي ٻي ۽ ٽئين هفتي ٽين. ائين سال کن ۾ ڪڪڙين جو ڌڻ ٿي ويندو، پوءِ ته پئسو جام پيو ايندو ۽ لٽا ڪپڙا پئي وٺندس.“
اهو سوچيندي به پئي وئي ۽ پلاننگ به ڪندي پئي وئي؛ ”ڀلو وڳو پائي جڏهن ميلي تي ويندس ته جيڏا سرتا ڏسندا ته خوش به ٿيندا ۽ هر ڪو مون سان شادي ڪرڻ لاءِ خواهش ڏيکاريندو، پوءِ ڪنڌ کي موڙو ڏيئي، ڪنهن سان به شادي ڪرڻ جو واعدو نه ڪندس!“
ڪنڌ کي موڙو ڏيڻ وارو جيئن خيال آيس، تيئن فطرتي طور، بيخياليءَ ۾ ڪنڌ کي کڻي لامارو ڏنائين ته مٿي تي رکيل دکي، وڃي دور پئي ۽ سمورو کير ئي هارجي ويس.
مطلب: ۱. خيالي پلاءَ نه رڌجن، انهن جي ڪا حيثيت ناهي.
٢. اجايا پھ نه پچائجن.
٣. ڪوڙا پھ پچائڻ؛ پاڻيءَ تي چٽ ڪڍڻ برابر آهي.

172. ڪوڙ جي پاڙ، ٺڪريءَ تي. (چوڻي)
هڪڙو ڇوڪرو اسڪول وڃڻ کان ائنٿرائي ڪندو هيو. گوٿ ناٿ جي ڪري استاد کيس ڳل تي ٿڦ وهائي ڪڍي، جنهن سان ڪن جي پاپڙي به ٿوري ڳاڙهي ٿي ويس ۽ ڪن تي به تاڙي چڙهي ويس.
روئندي اچي پيءُ کي دانهن ڏنائين. پڻس به پاس خاطري ڪندي دلداري ڏنيس. سمجهيائين؛ پٽم ته چڱو آهي، ماستر خواه مخواه ڌڪ هنيا اٿس. مڄاڻ پٽس اسڪول وڃڻ کان اهو مڪر ڪيو هيو. کيس خرچي ڏئي، ريجهائي پرچائي، ڊاڪٽر وٽ وٺي آيو.
ڊاڪٽر تپاسي ڏٺو ته ڇوڪر کي ڪن ۾ ڪي به ڪينهي. ٿڦ لڳڻ سان ڪن تي گهٻراهٽ گهڙي سوا هلندي آهي. ماڻهو ٻوڙو ته نه ٿيندو آهي. ڊاڪٽر ڏاڍا واڪا ڪيا پر ڇوڪر ٻڌڻ کان اِٽ هڻي بيهي رهيو. نيٺ ڊاڪٽر بيزار ٿي تپاسڻ وارو آئينو ڪن وٽ جهلي، ڪمپائونڊر کي چيو؛ ”سڄو ڪن خراب ٿي ويو آهي. متان ٻئي تي اثر ٿئي، ان ڪري ڪپ کڻي وٺ ته اهو ڪپي ٻي جان ته ڇوڪر جي بچايون.“
ڊاڪٽر جو ايترو چوڻ ۽ ڇوڪر جي ٻوڙٽ جو يڪدم گم ٿيڻ. کڙين تي کڻي زور ڏنائين. پڻس کي ڊاڪٽر جي في سا ڳچيءَ پئجي وئي، باقي ڇوڪري جو ڍؤنگ سڄيءَ عمر لاءِ ختم ٿي ويو.
مطلب: ١. جڏهن سچ ايندو آهي، تڏهن ڪوڙ ڀڄي ويندو آهي.
٢. ڪوڙي جي ڊوڙ کُڏ تائين.
٣. ڀيٽيو؛ ڪوڙ جو مثلو؛ ڪوڙ. (۶) ص ۲۹

173. ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ. (چوڻي)
احمد نالي ڇوڪرو اسڪول کان گهر پئي آيو ته رستي تي بازيگر پئي بازي وڌي ته بيهي ڏسڻ لڳو. جڏهن گهر ۾ دير سان پهتو، ته ماءُ دير سان اچڻ جو سبب پڇيس. کيس چيائين؛ ”اسڪول ۾ سڀني ڇوڪرن بئٽ بال پئي ڪئي، تنهنڪري موڪل دير سان ملي.“
اتفاق سان ڇوڪري جو پيءُ ڪم سانگي پاڙي جي دڪان تي ويو، جتي کيس احمد جو هڪ ڪلاسي انور مليو، جنهن سان ڳالهائيندي خبر پيس ته اسڪول ۾ بئٽ بال جي ڪا به راند نه هئي ۽ احمد ڪوڙ ڳالهايو آھي، جنهن تي گهر اچي، پڻس احمد کي سيکت ڏني.
ان جي ڀيٽ ۾ احمد جي ڀاءُ اسلم، گهر جي ڪوٺيءَ ۾ کينهونءَ راند پئي ڪئي. اتفاق سان، کينهون وڃي ڀت تي ٽنگيل تصوير ۾ لڳو، جنهن سان ان جو شيشو ڀڄي پيو. جڏهن پڻس گهر آيو ۽ شيشي ڀڄڻ جو سبب پڇيائين، تڏهن اسلم کيس ٻڌايو؛ ”بابا! اهو شيشو راند ڪندي مون کان ڀڳو آهي.“
پيءُ پٽ جي سچ ڳالهائڻ تي خوش ٿيو ۽ کيس پيار ڪندي چيائين؛ ”پٽ! آئنده لاءِ خيال رکجانءِ، جيئن تو کان وري نقصان نه ٿئي.“
مطلب: ۱. ڪوڙ چڙ ڏياريندڙ ۽ سچ فرحت بخش ٿيندو آھي.

174. ڪوشش، ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي. (چوڻي)
هڪ ڪوريئڙو هو، جنهن هڪ ڀت تي چڙهڻ جي لاءِ ڇھ ڀيرا ڪاھ ڪئي. ڀيري ڀيري سان ان تان ڪري ٿي پيو ۽ نيٺ ستين گهمري ڀت جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃي پار ٿيو.
مطلب: ١. همت هارڻ نه گهرجي.
٢. دل شڪستو ٿي، ڪنهن ڪم کي اڌ ۾ نه ڇڏجي.
٣. مسلسل ڪوشش، آخر ڪاميابيءَ تي رسائي ٿي. (۱۶) ص ۲۷