لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
Title Cover of book نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

[ ج ]

68. جاتي کير تاتي کنڊ، جاتي جهڻ تاتي لوڻ. (چوڻي)
هڪڙي حڪيم کي پنهنجي ڳوٺ ۾ گهڻو روزگار نه ٿي لڳو، تنهنڪري پنهنجو ڳوٺ ڇڏيائين ۽ ٻين ڳوٺن ڏانهن واجهائڻ شروع ڪيائين؛ جتي گهڻا مريض لڳنس.
منزلون هڻندو، ڳوٺ ڀيٽيندو، آخر هڪ اهڙي ڳوٺ ۾ آيو جتي ڏٺائين ته جيڪو تيڪو ڳوٺاڻو وتي ٿو جهڻ پيئندو.
حڪيم دل ۾ چيو؛ ”هتي ضرور ماڻهو بيمار ٿيندا هوندا، ڇو جو جهڻ پيئڻ جي ڪري ڪنهن کي ليس، ڪنهن کي تپ، ته ڪنهن کي کنگھ يا ٻي بيماري ضرور لڳندي هوندي.“
ٻه چار ڏيهاڙا ترسيو پر وٽس ستيءَ ڦڪيءَ يا دوا درمل لاءِ ڪير به نه آيو. آخر عجب ۾ پئجي هڪڙي رهواسيءَ کان سبب پڇيائين؛ ”ڇا سبب آهي جو هتان جا ماڻهو پيئن جهڻ ٿا ۽ رهن صحتمند ٿا. بيمار ئي نه ٿا ٿين؟“
ان همراھ ٻڌايس؛ ”جيئن کير ۾ کنڊ ملائڻ سٺي ڳالھ آهي، تيئن جهڻ ۾ لوڻ وجهڻ به صحت لاءِ فائديمند آهي. انهيءَ ڪري هتان جا ماڻهو ائين ڪندا آهن ۽ بيمار نه ٿيندا آهن!“
فائدو: ۱. لسيءَ ۾ لوڻ ۽ کير ۾ کنڊ ملائي پيئڻ، صحت لاءِ ڀلا آهن.
۲. هڪڙي شيءِ لاءِ، ٻي شيءِ لازمي آهي. (۲) ص ۲۹

69. جاسين دنيا جي ڌنڌن کان پاڻ نه ڇڏائبو،
تاسين ڌڻيءَ جي ملڻ جي اُميد نه رهندي. (چوڻي)
راجا، هڪڙي ڪامل جي خدمت ۾ ڌڻيءَ-ملڻ جي واٽ ڏيکارڻ لاءِ وينتي ڪئي. اُن مراد حاصل ڪرڻ لاءِ، فقير کي پنهنجي بنگلي ۾ آڻي ٽڪايائين. هڪڙيءَ رات فقير بنگلي جي کڏ تي چڙهي، هيڏي هوڏي ٿي نهاريو؛ تنهن تي راجا کانئس پڇيو؛ ”فقير سائين! ڇا لاءِ واجھايو پيا؟ ڇا کي ٿا ڳوليو پيا؟“
فقير ورندي ڏنس؛ ”اُٺ وڃايو اٿم. سو ٿو ڳوليان.“
راجا چيس؛ ”ويل اُٺ به ڪڏهن کڏ تي ڳولبو يا لھبو آھي ڇا؟“
فقير چيو؛ ”تڏهن ڌڻيءَ-ملڻ جي واٽ، راڄ جي تخت تي ڪيئن ڳولجي؟“
مطلب: ۱. ٻئي هاجون، گڏ هٿ نه اينديون.
۲. ٻه گدرا، ھڪ مٺ ۾ ڪو نه ماپندا.

70. جاسين لُولو لٺ کڻي، تاسين ڪرھ اجهاميو وڃي. (پھاڪو)
لُولو؛ جنھن جون ٻانھون ڪم نه ڪن، ٻانھن کان معذور.
هڪڙي لولي جي ڀاءُ سان، ڪن همراهن جهيڙو ڪيو. هڪڙي پاڙيواري ڊوڙندي اچي، لولي کي ٻڌايو؛ ”ڀاڻين سان ماڻهن جهيڙو ڪيو آهي. ڊوڙي هلي ڪا ڀاءُ جي واهر ڪر!“
لولو يڪدم جذباتي ٿي ويو. لٺ ڳولهڻ لاءِ ڏاڍو تٿان پٿان ٿيو، پر ايڏي گيسر ٿي ويس جو لٺ هٿ ئي نه پئي آيس. گهڻيءَ دير کان پوءِ، ماڻهن جي طعنن جي ڀؤ سبب، لٺ هٿ آيس. جڏهن لٺ کڻي، گھليندو جهيڙي واري جاءِ تي پهتو، ته اڳلا همراهه، ڀاڻس کي ڪڏھوڪو مار موچڙو ڪري، وڃي به چڪا هيا.
۲
لَلُوءَ جي ڀاءُ سان هڪڙي ماڻهوءَ جهيڙو ڪيو. اها ڳالهه ٻڌي لَلُو اُٿيو ۽ ڀاءُ جي واهر لاءِ لٺ کڻي هليو. آرس-مرندي، لٺ ڳولڻ ۾ ايتري ويرم لڳائي، جو ايتري وقت ۾ اڳلو شخص، ڀاڻس کي مار ڏيئي، ويندو رهيو.
مطلب: ۱. آرسي/بي ھمت/معذور ماڻهو، جهيڙو به نه ڪري سگھندو آهي.
۲. ڊڄڻن کان، همٿ وارا ڪم ڪين ٿيندا.
۳. جاسين لَلُو کڻي لٺ، تاسين ڪرھ وساڻي. (هندي)
۴. جيسين لُولو کڻي لٺ، تيسين چور ڪري ٺٺ. (۳) ص ۴۹، (۵) ص ۵۶ ۽ (۲۱)

71. جِت پڄڻ نه پهت، اُت ڀڄڻ ڪم وريام جو. (چوڻي)
هڪڙي گدڙ پني-ٽڪر لڌو، جيڪو ٻين گدڙن کي ڏيکاري چوڻ لڳو؛ ”ڀر واري ڳوٺ ۾ هڪ وڏي ڍنڍ آهي. منجھس تمام گهڻيون مڇيون آهن. تن جو شڪار، هر ڪو نه ٿو ڪري سگهي، سواءِ ان جي جنهن وٽ اجازت-نامو هجي. مون کي سرڪار کان، ڍنڍ جي مڇين جي شڪار واسطي، اجازت مليل آهي. اچو ته گڏجي شڪار ڪيون.“
سنگتي ساڻ ڪري، اچي ڍنڍ تي پهتو. شڪار ڪرڻ شروع ئي ڪيائون جو ڍنڍ جي مالڪ کي خبر پئجي وئي، تنھن پنهنجا شڪاري ڪتا مٿن ڇوڙي ڇڏيا. ڪتن تي نظر پوندي ئي، پني-ٽڪر وارو گدڙ، پڇ پائي ڀڳو. ٻين گدڙن ڏسي چيس؛ ”ترس! اجازت-نامو تو وٽ آهي. اھو ڏيکارين! ڊڄين ڇو ٿو؟“
”ڀڄي جان ڇڏايو، اڻ پڙهيل آھن، جن مان سرڪار به بيزار آهي. اسان ڪٿان پڄي سگهنداسين؟“ بنا لؤڻو ورائڻ جي چيائين؛ ”جت پڄڻ نه پھت، ات ڀڄڻ ڪم وريام جو.“
مطلب: ۱. ڏاڍي سان سينو ساھڻ بجاءِ، پاسو ڪري وڃڻ ۾ عافيت آهي.
۲. جت پڄي نه سگهجي، ات ڀڄي جان بچائڻ به وريامن جو ڪم آهي.

72. جتي انصاف نه هوندو، اتي ويراني هوندي. (چوڻي)
هڪڙو طوطو ۽ طوطي، پاڻ ۾ زال مڙس هئا. هڪڙيءَ جُوءَ مان چري، مزا ماڻي، ڪَڪ ٿي پيا. پاڻ ۾ صلاح ڪيائون؛ ”خدا جي زمين وڏي وسيع آهي! ڇو نه ان جو سير ڪجي.“
اها صلاح بيهاري، وٺي اڏاڻا. هڪ ويران ۽ ڦٽل ملڪ ۾ اچي لٿا. جتي جيڏانهن اک وتائي ڏس ته رڳو ويراني، بربادي ۽ تباهي. نه وڻ سائو ۽ نه ئي منجھس ڪنھن بني بشر جو واسو. پريشانيءَ وارو اھو منظر ڏسي، ڏاڍو گهٻرائجي ويا. ايتري ۾ هڪڙو چٻرو نظر آين، جنهن سندن مهماني جهلي.
ٻئي زال مڙس، جڏهن چٻري جي دعوت ۾ پهتا ته مزيدار دعوت کائڻ کان پوءِ الوءَ، چتونءَ جي زال روڪي ڇڏي ۽ دعويٰ ڪري بيهي رهيو؛ ”طوطي منهنجي ئي زال آهي.“ چتونءَ ويچاري وڏي ڌاڙ گهوڙا ڪئي ته کيس چيائين؛ ”ڀلي وڃي فرياد ڪر! جيڪڏهن ڪورٽ تو کي ڏياري ته پوءِ، طوطي تنهنجي زال ٿي، نه ته منهنجي آهي.“
ويران نگر جي ڪورٽ، فيصلو چٻري جي حق ۾ ڏنو. چتونءَ جون متيون ئي منجهي ويون. بي وسيءَ جي حالت ۾، پنهنجي وطن ورڻ لاءِ پر پکيڙيائين پئي ته الوءَ چيس؛ ”پنهنجي زال به ساڻ وٺي وڃ. آئنده وري ھھڙي سڃ ۾ نه اچجانءِ!“ انهيءَ تي طوطو اڃا حيران ٿيو.
”هتي انصاف هجي ها ته ويراني نه هجي ها!“ الوءَ، طوطي جي گهٻراهٽ سمجهندي چيو؛ ”جتي انصاف نه هوندو، اتي ويراني هوندي.“ (۲۲) ص ۵
مطلب؛ ۱. انڌير نگري، چٽ ئي ٿي ويندي آھي.

73. جر نئيس، جيڏي نه نئيس. (پھاڪو)
هڪڙيءَ عورت، درياءَ جي ڀر تان مڇيءَ جو ڏنڀرو لڌو. انھيءَ اپرانڌ، سندس ھڪ جيڏي سرتي پڻ اچي اتي پھتي. تنهن وري رڙ ڪري چيس؛ ”اھو ڏنڀرو منھنجو آھي.“
”متان ھلي اڳتي وڏو جھيڙو ٿئي.“ پھرين عورت، ڏنڀرو دريا ۾ اُڇلائيندي چيس؛ ”جر نئيس، جيڏي نه نئيس.“
مطلب: ۱. تڪراري ماڻھو، ٻڏو سھي، ڏنو نه سھي.
۲. اڻ سھو ماڻھو؛ مئي سھائي، ڏني نه سھائي.

74. جڳ مڙيو ئي بازيگر جي بازي. (چوڻي)
هڪڙي بازيگر وٽ، رڇ ۽ ڀولڙو هئا. بازي وجهڻ بعد، خيرات ورتائين پئي جو هڪڙو فقير آيو، جنهن چيس؛ ”مون کي بازي ڏيکار!“
بازيگر، کيس بازي ڏيکارڻ کان پوءِ چيو؛ ”تنهنجي دل راضي ڪيم! هاڻي منهنجي دل به راضي ڪر!“
انهيءَ تي فقير، بازيگر کي سوپاري ڏيندي چيو؛ ”هيءَ وڃي، درياءَ کي ڏي ۽ چئينس ته منهنجي دل راضي ڪر!“
بازيگر، سوپاري وٺي روانو ٿيو. درياءَ وٽ پهچي، رڇ ۽ ڀولڙو وڻ سان ٻڌي، سوپاري درياءَ ۾ اڇلائيندي چيائينس؛ ”منهنجي دل راضي ڪر!“
درياءَ مان هڪ راڻي نڪري آئي. جنهن چيس؛ ”مان تنهنجي دل راضي ڪرڻ لاءِ آئي آهيان.“
راڻيءَ بازيگر کي وڳا ڍڪائي، بادشاه بنايو. پنهنجو شهر ٻڌائي ويهي رهيا. اتي ٻئي ملڪ جو امير آيو، تنهن پڻ پنهنجي ڌيءُ کيس زال ڪري ڏني. بازيگر جي دل، ننڍيءَ زال سان ٿي وئي. هڪ دفعي ننڍيءَ زال جي چوڻ تي، وڏيءَ زال کي درياءَ تي ڇڏي آيو.
اتي راڻيءَ چيس؛ ”مان وڃان؟“
”وڃ!“ بازيگر چيس.
راڻيءَ ٽي ڀيرا پڇيس ۽ بازيگر ٽئي دفعا کيس چيو؛ ”وڃ.“
راڻي هلي وئي.
بازيگر، درياءَ مان ٽٻي ڏئي نڪتو ته اهو ساڳيو بازيگر جو بازيگر. رڇ ۽ ڀولڙو سامهون وڻ سان ٻڌا بيٺا هيا. سڀ ڪجھ هليو ويو. سامهون فقير بيٺو هيو.
”هيءُ ڇا ڪيئي؟“ بازيگر، فقير کان پڇيو.
”تو به ڏيکاري بازي، مان به ڏيکاري بازي.“ فقير وراڻيس.
مطلب: ۱. جڳ مڙيو ئي، سپنو.
۲. جڳ مڙيو جوئا بازي؛ ڪن کٽي، ڪن ھاري. (۲۳) ص ۱۲۵

75. جنهن جو استاد ناهي، تنهن جو بنياد ناهي. (چوڻي)
هڪڙو شخص، هڪڙي بادشاهه جي ڪچھريءَ ۾ اجازت وٺي، هڪڙو ڪمال پيش ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيو. ڪمال پيش ڪندي، ھڪڙو ڪَـپُ (چاقو) کولي مٿي اڇليائين. جڏهن اهو مٿان موٽيو، ته بجاءِ هٿن جي وات سان جهٽيائين. سڄيءَ ڪچھريءَ ۾ واه واه ٿي وئي.
وزير کان رهيو نه ٿيو. ڪمال پيش ڪندڙ کان پڇائين؛ ”انھيءَ ڪمال پيش ڪرڻ ۾ تنھنجو استاد آهي يا نه؟“
”انھيءَ ڪمال تي رسڻ ۾ منھنجو ڪو به استاد ڪونھي.“ ڪمال پيش ڪندڙ ٻڌايس.
وزير ساڳيو سوال ٽي دفعا پڇيو ۽ هُن به ٽئي دفعا، ساڳيو جواب ڏنو.
”چڱو اهو ڪرتب وري ڏيکار ۽ ساڳئي نموني ڪَپُ وات سان جهٽي ڏيکار!“ وزير جرح ڪندي چيس.
جنھن تي هُن وري ڪرتب پيش ڪيو. هن دفعي موٽندڙ ڪپ، سندس چپن تي لڳو ۽ رتورت ٿي ويو.
”هاڻي ٻڌاءِ!“ وزير وچ ۾ ٽپو ڏيندي چيس؛ ”تنھنجو استاد ڪھڙو آهي!؟“
”آءٌ ميربحر آهيان، مڇين ماريندي، درياهه تي هڪڙو پکي ڏٺم، جيڪو پاڻيءَ مٿان اُڏيو پئي ۽ بُل کائيندڙ مڇين کي جهٽي قُوت پئي ڪيائين. سندس اها جهٽڻ واري چال ڏسي، مون کي به اڏامندڙ/ هلندڙ شيءِ وات سان جهٽڻ جو شوق ٿيو. پھرين ڪاٺي، پوءِ ٻي ڪا هلڪي شيءِ ۽ آخر هيءُ تيز ڌار وارو آلو به جهٽڻ ۾ ماهر ٿي ويس.“
”پوءِ مڃ نه ته، اهو پکي ئي تنھنجو استاد آهي.“ وزير ٽوڪيندي چيس؛ ”جنھن جو استاد ناهي، تنھن جو بنياد ناهي.“
اڃا به ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي وزير نصيحت ڪيس؛ ”جيڪڏهن پکيءَ کي استاد مڃين ها ته پوءِ هيءَ خطا تو کان نه ٿئي ها. ڪنھن جو ذري جو احسان، سيکارڻ جي معاملي ۾، نه وساربو آهي.“
مطلب: ۱. استاد وٺجي ته سندس ادب به ڪجي.
۲. بي استاد، بي بنياد.
۳. بي پيرو، بڇڙو.
۴. بي پيرو، بينشيرو. (۱۴)

76. جنهن جو بد بنياد، تنهنجو ميوو مٺو نه ٿئي. (پھاڪو)
هڪڙي بادشاه کي هڪڙي سفر ۾، اَڪ جو ٻوٽو جهنگ ۾ نظر آيو. انبن جهڙا اڪ-ٽٽڙا ڏسي کائڻ لاءِ پٽايائين. اڪ-ٽٽڙو ڀڳائون ته اندران تاندورا نڪتا، تنهنڪري بادشاه سلامت حڪم ڪيو؛ ”انهيءَ ٻوٽي جو ٻج کڻي هلو ۽ ڀليءَ زمين اندر، ڪمند جي پاڻيءَ سان ريج ڏئي پوکيو.“
حڪم جي تعميل ٿي وئي.
سال کان پوءِ، اڪ ۾ ڦر لڳو. پهريون ڦر، بادشاه سلامت آڏو پيش ڪيو ويو. جڏهن ان کي ڀڳائون ته ان مان ساڳيا ڪسارا تاندورا نڪتا، جيڪي ڏسي وزير چيو؛ ”جنهن جو بد بنياد، تنهنجو ميوو مٺو نه ٿئي!“
مطلب: ۱. نيچ/بد ذات ماڻهوءَ مان، ڪڏهن به چڱائي نه ٿيندي. (۵) ص ۵۳

77. جنهن جو ڪرم ڦٽي، تنهن جو هر ڪم ڦِٽي. (چوڻي)
هڪڙو اڃايل ٿري، ورت ۽ ڪوس کڻي، پاڻي ڀرڻ لاءِ هڪڙي کوھ تي آيو. هيٺ ڏٺائين ته کوھ ۾ پاڻي ته سُڪي ويو هو.
ڊوڙندو ٻئي کوھ تي پهتو ته اتي به ساڳيو ئي حال هئو. پاڻي سڪي نه ويو هيو ته لهي ضرور ويو هيو. ڪوس ڀرڻ لاءِ، ورت وڌائين ته ورت کٽي پيو. پاڻيءَ تائين ڪوس نه پهتو.
اتان بيوس ٿي ٽئين کوھ تي ڊوڙندو پهتو. جيئن ئي کوھ ۾ ورت وڌائين، ته هٿ مان ڇڏائي ويس ۽ پاڻيءَ ۾ وڃي ڌُوڙيو ڪيائين.
مطلب: ۱. نڀاڳو ماڻهو جاتي ويندو تاتي سک ڪين لهندو.
۲. جاڏي وڃي واگهو، تاڏي پاڻي تانگهو. (۳) ص ۶۶

78. جنهن جو ڪم، سو ئي ڪري،
ٻيو ڪري، تاوڻ ڀري. (پهاڪو)
هڪڙي ڄٽ جي ترار کي وَرُ پئجي ويو. وهائڻ کڻڻ ۾ اهنجي پئي لڳس. مجبوراً وَرَ ڪڍائڻ لاءِ لوهر وٽ کڻي ويو. لوهر ترار کي نڪ جي سِڌ ۾ وجهي جاچيو ته ٿورو ڏِنگ هيس. ٽيڙُ لاهڻ لاءِ، لوهر کانئس پورھئي طور آڌي گهري.
پورهيو طئي ڪري، لوهر ترار نڪ سامهون آڻي، وَر تي نگاه رَکي آڱرين جي چپئيءَ سان ترار کي وَرَ وٽ مروڙ ڏنو ته سڌي ٿي وئي ۽ وَرُ نڪري ويس.
اهو هال ڏسي، ڄٽ کي ڏاڍو ارمان ٿيو. دل ۾ چيائين؛ ”ترار جو پيل وَرُ لهڻ تمام آسان آهي. خوامخواه آڌي ڀريم.“
ٿورن ڏينهن پڄاڻان وري سندس ترار ۾ وَرُ پئجي ويو. لوهر ڏي کڻي وڃڻ واري خفي ۽ خرچ کان ڪيٻائيندي، پاڻ ئي ترار جو وَرُ سڌو ڪرڻ لڳو. اڻ ڄاڻائيءَ کان ترار نڪ سامهون آڻي، مٿس اهڙو زور ڏنائين جو بجاءِ وَرُ لهڻ جي، ترار سندس نڪ تي وھي وئي ۽ نڪ وڍجي پيس.
مطلب: ۱. آزمودي ۽ سکيا کان پوءِ ئي ڪو ڪم ڪرڻ گهرجي.
۲. جنهن جو استاد ناهي، تنهنجو بنياد ناهي.

79. جنهن سان پڄي نه سگهجي، تنهن سان نمي هلجي. (چوڻي)
درياءَ جي ڪپ تي نِم جو ، هڪڙو وڏو وڻ بيٺل ھيو. وڏو طوفان لڳو ته پاڙان پٽجي ويو ۽ درياھ جي وھڪري ۾ لڙهي لهوارو ٿي ويو. سندس ڏارَ هڪڙي سر جي ڪاني وٽان لنگهيا ته ڪاني کي ڏسي حيرت ۾ اچي ويا.
نم، سر جي ٻوڙي/ ڪاني کان، اچرج ۾ پڇيو؛ ”جنهن طوفان ۾ مون جهڙا وڏا وڻ، پاڙئون پٽجي ويا، تنهن کان تون ڪيئن بچي وئين؟“
”ٻيلي! اسان ٻنهي ۾ زمين آسمان وارو فرق آهي.“ سَرَ جي ٻوڙي وضاحت ڪندي ٻڌايس؛ ”جڏهن واءُ ايندو آهي ته آ نمي بيهندو آهيان، ڇو جو اسان هِيڻن جي ڏاڍي اڳيان هلندي ناهي. ان جي اُبتڙ، تون پنهنجي زور تي ڀروسو رکي، آڪڙيو بيٺو هوندو آهين. اهو تنهنجي آڏ وڏائيءَ جو نتيجو آهي جو اڄ پاڙئون پٽجي ويو آهين.“
مطلب: ۱. جتي پڄڻ نه آهي جاءِ، اتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.
۲. جيسين دشمن جو هٿ چيڀاٽي/چٻاڙي نه سگهين، تيسين چُمندو رھ.

80. جنهن وڻ هيٺان آرام وٺجي، ان جو به خير گهرجي. (چوڻي)
هڪڙو هرڻ، جهنگ ۾ پئي گهميو ته اوچتو سندس نظر شڪارين تي وڃي پيئي. اھي وري کيس تاڙيون، سندس پويان لڳا پئي آيا. ساھ تي آيس ته ڊپ کان وٺي ڀڳو. پريان ڊاک جون ٽاريون نظر آيس، جن ۾ وڃي لِڪو. ڊاک جون ٽاريون هيون گهاٽيون، تنهنڪري شڪاري کيس ڏسي نه سگهيا ۽ ڀلجي اڳتي هليا ويا. تڏهن ڊپ لهي ويس ۽ مزي سان بيهي، ڊاک جون ٽاريون ۽ پَن چَرڻ لڳو.
شڪارين جي ڪَن تي جڏهن پنن ۽ ٽارين جي کڙڪڻ جو آواز پيو، تڏهن پڪ ٿين ته هرڻ اِتي لڪل آهي، سو تڪڙو پٺتي موٽيا ۽ بندوق هڻي، هرڻ کي ماري وڌائون.
”افسوس! جن پنن ۽ ٽارين مون کي پناھ ڏني، انهن کي ئي نقصان پهچايم. انهيءَ بي انصافيءَ جي سزا ملي اٿم.“ ساھ ڇڏڻ وقت، هرڻ دانهن ڪندي چيو؛ ”جنهن وڻ هيٺان آرام وٺجي، ان جو به خير گھرجي.“
مطلب: ۱. احسان فراموش ھرگز نه ٿجي.
۲. جنھن وڻ جي ڇانءَ استعمال ڪجي، ان کي وڍڻ نه گھرجي.

81. جنهين جي هيڪار، ڪيائين ڪوڙي ٿي،
تنهين تي ٻيهار، سچيءَ ساک نه وسهان. (چوڻي)
جعفر نالي هڪڙو ڳنوار ڇوڪرو، جهنگ ۾ ڳئون ۽ مينھون چاريندو ھيو. ھڪ ڏينھن، بيک ڪري، دانھون ڪيائين؛ ”شينهن ڙي شينهن!“
تنهن تي پاسي اوسي وارا هاري ناري ڊوڙندا آيا، جو متان شينھن سندس ڍور ماري ناس ڪري ڇڏي. جڏهن ماڻھو پھتا ته ڦڪي کل کلي کين چوڻ لڳو؛ ”مون ته اوھان کي آزمايو پئي.“ جنھن تي آيل ماڻھو، مايوس ٿي موٽي ويا.
هڪڙي ڏهاڙي سچ پچ شينهن اچي ڍورن ۾ پيس. تڏهن دانهون ڪوڪون ڪري ٿڪو، پر ماڻهن ڪوڙ ئي سمجھيو ۽ اڳي وانگر موٽ نه ڏنائونس.
جڏھن ڪا واھر نه پھتس ته اڪيلي سر شينھن سان پاڻ به پڄي نه سگھيو. نتيجي طور شينھن کوڙ سارا ڍور ماري ڇڏيس.
۲
هڪ ڪوڙو ريڍار رکي رکي بي سبب دانهن ڪندو هو؛ ”بگهڙ ڙي بگهڙ!“ ماڻهو ريڍار ۽ رڍن کي ڇڏائڻ لاءِ ڏانهنس ڊوڙندا هئا، پر ريڍار کلندو هو ۽ هو ڄاڻندا هئا ته ڪوڙ ڳالهايو اٿس.
اتفاق سان هڪ ڏينهن بگهڙ، ڌڻ تي هلان ڪئي. ريڍار دانهن ڪئي. ماڻهن ڀانيو ته وري به ڪوڙ ٿو ڳالهائي. ڪو به سندس همراهيءَ لاءِ نه ويو. ريڍار اڪيلو هيو، جنھن تي بگهڙ کيس چيري ڦاڙي ڇڏيو.
مطلب: ۱. ڪوڙ ڳالهائيندڙ ماڻهو، بي اعتبار رهندو آھي.

82. جنين ادب، تنين عجب. (چوڻي)
ڦلوءَ نالي هڪ بي روزگار نينگر هيو، جنهن کي ماءُ دڙڪو ڏيندي چيو؛ ”نڪما! سڀاڻي جي ڪم تي نه ويندين ته گهرئون ڪڍي ڇڏينديسانءِ!“
ڦلو ماءُ جي دڙڪي سبب، ٻئي ڏينهن اسر ڏئي اٿيو ۽ وڃي ڪنهن ٻنيءَ ۾ محنت مزدوري ڪيائين. اتان کيس ٻياني مزدوريءَ طور ملي. موٽيو پئي ته واٽ تي واھ اڪرندي اھا ڪري پيس. خالي هٿين گهر پهتو. پڇڻ تي، ماءُ کي ٻڌايائين؛ ”ٻياني ڪمائي هيم. واھ مٿان لنگهندي، هٿ مان کسڪي وئي.“
”پوءِ!“ ماڻس دڙڪو ڏيندي چيس؛ ”کيسي ۾ ڇو نه وڌي هيئي؟“
”سڀاڻي ائين ڪندس.“ موٽ ۾ وراڻيائين.
ٻئي ڏينهن، هڪڙي ميهار وٽ وڃي مزدوري ڪيائين. شام جو، ميھار کير جي دلي ڀري ڏنس. اھا وٺي، کيسي ۾ وڌائين. کير وهائيندو، کيسو خراب ڪندو جڏھن گھر پهتو ته ماءُ چڙ مان چيس؛ ”کير مليو هيئي ته دليءَ سميت، مٿي تي ڇو نه کنيو هيئي!“
ورندي ڏنائينس؛ ”سڀاڻي ائين ڪندس.“
ٽئين ڏينهن، هڪڙي دڪان تي وڃي ڪم ڪار ڪيائين. اتان ٻليءَ جو پونگڙو گهري ورتائين، ڇو جو گهر ۾ ڪئا گهڻا هئن. پونگڙو هٿ ۾ کنيو پئي آيو ته ان رهنڊا پاتس. واٽ تي ئي ڦٽو ڪيائينس. ماڻس حال ٻڌي خار مان چيس؛ ”نوڙي وجهي، گهلي کڻي اچينس ها!“
چيائينس؛ ”سڀاڻي ائين ڪندس.“
پنجين ڏينهن، هڪڙي ڪاسائيءَ وٽ مزدوري ڪيائين. شام جو ان، ران جو گوشت ڏنس، جيڪو نوڙيءَ ۾ ٻڌي، گهليندو گهر ڏانهن راهي ٿيو. گوشت ڪنو ڪري جڏھن پهتو ته ماڻس خار مان چيس؛ ”سڀاڻي واري پلاءَ کان سُڪي مئاسين. اڙي ڪلهي تي کنيو نه پئي آئين!“
چيائينس؛ ”سڀاڻي ائين ڪندس.“
ڇهين ڏينهن، گڏھ جو ڦر مزدوريءَ ۾ مليس. پويون ڄنگهون ٻڌي، ڪلهي تي کنيو پئي آيو ته هڪڙي ماڙيءَ جي دريءَ مان امير جي بيمار ڌيءَ ٻاھر پئي نهاريو. بيمار لاءِ حڪيمن جو چوڻ هيو ته جيسين بيحد نه کلندي، تيسين چاق نه ٿيندي. جڏھن ھن ڦلوءَ کي گڏھ ڪلهي تي کڻي ويندي ڏٺو ته اچي کل ۾ ڇٽي ۽ بس نه ڪري. امالڪ زبان کلي ويس ۽ چاق ٿي پئي.
امير اها ڌيءَ، ڦلوءَ سان کڻي پرڻائي. ڦلو وڏو ماڻهو ٿي پيو ۽ راڄ ڀاڳ وارو ٿي به پيو. عمر به وڏي ماڻيائين.
مطلب: ۱. ماءُ پيءُ جو ادب ڪرڻ وارن لاءِ، دنيا ۽ آخرت ۾ راحتون آهن.

83. جني لاءِ منڊ منڊائبو آهي، سي ئي ڪم نه ايندا آهن. (چوڻي)
هڪڙي ڳوٺ ۾، هڪڙو سست/ٽوٽي ماڻهو رهندو هئو. کانئس ڪو به ڪم نه پڄندو هئو. گهر وارن جي مٿس ڦٽڪار پئي پوندي هئي.
”مان ڇا ڪيان، جو هن ڦٽڪار کان بچان؟“ پاڻ جهڙي سنگتيءَ کان پڇيائين؛ ”سولي ڪم جو ڪو ڏس ڏي.“
”مٿو ڪُوڙائي، ساڌن جي سٿ ۾ داخل ٿي وڃ، جو کين مفت جي ماني ملندي آهي.“
هن به مٿو ڪوڙايو ۽ ساڌن جي سٿ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ، هڪڙي ساڌوءَ وٽ پهتو. جنهن پڇيس؛ ”ڪهڙو ڪم ڄاڻندو آهين؟ اسان جي سٿ ۾ ڪو نه ڪو ڪم ته ڪرڻو پوندو.“
”جيڪڏهن ڪم ڪرڻ اچيم ها ته گهران ڇا لاءِ نڪران ها ۽ مٿو ڇا لاءِ ڪوڙايان ھا؟!“ پاڻ کي چوڻ لڳو؛ ”جني لاءِ مونڊ منڊايم، سي ئي سور سامهون آيم.“
مطلب: ۱. ڏک به انھن کان ئي پھچندا آھن، جن لاءِ مربو آھي. (۵) ص ۵۴ ۽(۲) ۳۱

84. جو ڪري سو پائي، فقير کير کنڊ کائي. (چوڻي)
بادشاھ، حجم کان سنوارت پئي ٺهرائي، جو هڪڙي فقير اچي صدا هنئي. بادشاھ موديءَ ڏانهن چٺي لکي ڏنس. موديءَ چٺي پڙهي، فقير کي پنج رپيا ڏنا.
ٻئي دفعي بادشاھ، سئن هڻڻ تي فقير کي موديءَ ڏانهن ڏهن روپين جي چٺي ڏني. ڏھ رپيا ڏسي، حجم هرکجي پيو ۽ فقير کي وڃي پاسو ڏنائين؛ ”مون بادشاھ وٽ تنهنجي ساراھ ۽ سفارش ڪئي آهي، جنهنڪري مون کي به ڪجھ ونڊ ڪراءِ.“
فقير، حجم کي گاھ ئي نه وڌو. ٻئي موقعي تي، بادشاه فقير کي پنجاھ روپين جي چٺي ڏني، ته حجم کي اڃا هورا کورا وڌي وئي. فقير کي پاسو ڏنائين، پر فقير کيس چخي ئي نه ڪيو.
چاٽو پاڻي نه ٿيڻ تي، حجم بادشاھ وٽ فقير جي گلا ڪئي. بادشاھ ڪنن جو ڪچو هئو، تنهن چٺيءَ ۾ موديءَ ڏانهن لکيو؛ ”چٺي آڻيندڙ کي قتل ڪرائي ڇڏ.“
فقير چٺي وٺي، اڳڀرو ٿيو ته حجم پاسو ڏنس؛ ”اڄ به مون تنهنجي سفارش ڪئي آهي. مون کي حصو ڏي.“
منٿن ايلازن تي، فقير کي رحم آيو ۽ چٺي ئي کيس ڏيندي چيائين؛ ”وڃي لکيل انعام تون وٺ.“
حجمُ چٺي کڻي پهتو ته قتل ٿي ويو ۽ فقيرُ لالچ ڇڏڻ سبب بچي ويو. ٻئي ڏينهن فقير سئن هنئي، ته بادشاھ موديءَ سميت کيس گهرايو. جاچ بعد، ساري حقيقت معلوم ٿي. فقير به جان بچڻ تي خوش ٿي چيو؛ ”جو ڪري سو پائي، فقير کير کنڊ کائي.“
مطلب: ۱. لالچي، لالچ جي سزا لوڙي ٿو.
۲. هر ڪو نيت جي سزا لوڙي ٿو. (۲) ص ۴۶

85. جو ڪمائي، سو کائي. (چوڻي)
هڪڙي گهر ۾؛ ڪڪڙ، ڪُئو ۽ ڏيڏر رهندا هئا. ٽنهي جي پاڻ ۾ سنگت هئي. هڪ ڏينهن، ڪڪڙَ ڪڻڪ جو هڪ سنگ لڌو ۽ ٻنهي سنگتين کي چيائين؛ ”اچو ته هن مان داڻا ڪڍون.“ جنهن تي ڪُئي چيس؛ ”آ ته گهمڻ ٿو وڃان“ ۽ ڏيڏر چيس؛ ”مان ته راڳ ٿو ڳايان.“ تڏهن ڪڪڙ چيو؛ ”ڀلا! آ ئي ٿو داڻا ڪڍان.“
داڻا ڪڍي، ڪڪڙ وري سنگتين کي سڏيائين؛ ”ڏسو ته سهي، ڪهڙا نه سٺا داڻا آهن!“
داڻا ڏسي، ٻئي گهڻو خوش ٿيا، جنهن تي ڪڪڙ چين؛ ”هاڻي ڀلا هنن کي پيھرائي اچو.“ اهو ٻڌي، ڪُئي کڻي ڪنڌ ڦيرايو ۽ چيائين؛ ”مون کان نه کڄندا.“ ۽ ڏيڏر چيو؛ ”مون واٽ ڪا نه ڏٺي آهي.“ تڏهن ڪڪڙ کين چيو؛ ”چڱو! آ ئي ٿو پيھرائي اچان.“
جڏهن ڪڪڙ، داڻا پيهرائي آيو، تڏهن ٻئي ڄڻا سرڪي، اچي ڀر ۾ ويٺس ۽ چيائونس؛ ”اٽو ته ڏاڍو سٺي آهي. هن جي ماني به واه جي ٿيندي.“
جنهن تي ڪڪڙ چين؛ ”ڀلا! پچايو ماني!“ ته ڪُئي چيو؛ ”آ پچائڻ ڪو نه ڄاڻان.“ ۽ ڏيڏر چيس؛ ”منهنجا هٿ سڙندا.“
تڏهن، ڪڪڙ ماني به پاڻ پچائي. جڏهن ماني پچي تيار ٿي، تڏهن هو به کسڪي اچي وٽس پهتا ۽ چيائونس؛ ”سنگتي! اسان کي به کاراءِ!“
ڪڪڙ موٽ ۾ وڏي ٻانگ ڏيندي چيو؛ ”جيڪو ڪمائي، سو کائي.“
۲
هڪ دفعي هڪڙي ڪڪڙ، ڪڻڪ جو سنگ لڌو، پوءِ پنهنجي سنگتين منجهان ڏيڏر کي چيائين؛ ”اچ ته سنگ مان داڻا ڪڍون!“
”يار! مان ته راڳ ٿو ڳايان. وات ان ۾ مشغول آهي، سو داڻا تون ئي ڪڍ!“ ڪڪڙ داڻا ڪڍي بس ڪيا ته وري داڻن کي پيهڻ لاءِ پنهنجي دوست ڄاهي کي چيائين؛ ”اچي داڻا ته پيهراءِ.“
”يار مان هلي هلي هلاڪ ٿي پيون آهيان. هاڻي ٿڪاوٽ ۾ مون کان اهو ڪم نه ٿيندو. تون ئي ڪر!“ ڄاهي ورندي ڏنس.
اٽو پيهڻ کان پوءِ، جڏهن مانيءَ پچائڻ جو وارو آيو ته سڏ ڪيائين ٽئين سنگتي ڪُئي کي؛ ”يار اچ! ماني ته گهڙي وٺ!“
”يار! منهنجا هٿ سڙندا، جتي هيتري محنت ڪئي اٿئي اتي ٻه ٽي ڊڳڙيون به گهڙي وٺ!“
ڪڪڙ ماني پچائي تيار ڪئي ته کائڻ لاءِ هڙ ئي مڙي آيس. ڪنهن کي به کائڻ نه پيو ڏئي. سڀني پڇيس؛ ”اسان کي ڇو نه ٿو صلاح ڪرين!“
”توهان کي ڇو صلاح ڪيان؟ توهان هٿ ته مون کي ونڊايو ئي نه. ڪم به مون ڪيو ته کائيندس به مان.“ ڪڪڙ ورندي ڏني.
مطلب: ۱. سک وٺڻ، محنت واري جو حق آھي.
۲. نڪمو ماڻھو، بکيو ئي رھڻ گھرجي.
۳. جيڪو ڪم ڪري، سو ڍو ڪري،
جيڪو سستي ڪري، سو سِڪي مري.

86. جهڙو راءِ، تهڙي رعيت. (سنسڪرت، چوڻي)
هڪڙي ٻڪرار جي ٻڪر وڃي اٽي جي پاري ۾ ٻوٿ وڌو. ٻوٿ ٽپائي ته ويو پر سڱن سبب ٻوٿ ڪڍڻ ڏکيو ٿي پيس. سڱ باقاعده ڪني جي گِرنهن وٽ ڦاسجي پيس.
جڏهن سڄي گهر ڀاتين کي، پاري ۾ ڦاٿل ٻڪر کي ڇڏائڻ جي ترڪيب سمجھ ۾ نه آئي ته پوءِ پاري سميت ٻڪر ڪاهي هليا ڳوٺ جي وڏيري وٽ، جنهن ڏسي چين؛ ”ٻيو ته علاج ڪونهيس، سواءِ ڪُني ڀڃڻ جي.“
صلاح ڪري ڪُنو ڀڳائون. ڪني جي گِرنهن ڇيلي جي ڳچيءَ ۾ رهجي وئي. تڏهن اها حالت ڏسي وڏيري ڳڻتيءَ ۾ چيو؛ ”ٻيو ڪو چارو ڪونهي، سواءِ انهيءَ جي جو ٻڪر کي سير وجهي، منڍي ڌڙ کان الڳ ڪري، وچئون ڪني جي گِرنهن آجي ڪرائي وٺجي.“
ٻڪر ڪسڻ کان پوءِ گرنهن به آجي ٿي ته وڏيري چيو؛ ”ڏسو! ويچارا سياڻا نه هجن ها ته هوند اٻوجھ ماڻهو منجھي نه مرن ها!“
مطلب: ۱. جڏھن رعيت بيوقوف آھي، تڏھن سندن راجا پڻ بيوقوف ئي ھوندو.
۲. ڀيٽيو؛ جھڙو راجا، تھڙي پرجا.

87. جهڙو راجا، تهڙي پرجا. (سنسڪرت، چوڻي)
هڪڙي راڄ جو راجا ۽ رعيت/پرجا ڏاڍا داناءَ هيا. هڪ دفعي راجا کي نجوميءَ، نجوم هڻي ٻڌايو ته؛ ”اهڙو واءُ گهلڻ وارو آهي، جو جنهن کي ان جي لهس آئي، سو چريو ٿي پوندو.“
ان واءَ جي لهس کان بچڻ لاءِ، راجا وزير سان صلاح ڪئي ۽ نجوميءَ کان واءُ گهلڻ واري تٿ وار ۽ ويلو وقت پڇي، بچڻ جي تدبير ڪرڻ لڳا. آخر ۾ صلاح ڪيائون ته؛ ”شيشي جي وڏي پيٽي ٺهرائي، ٻئي ڄڻا لڪي ويهندا ۽ پاڻ کي منحوس واءَ کان بچائيندا.“
مقرر وقت تي، جڏهن راجا ۽ وزير، پاڻ کي پيٽيءَ ۾ لڪائي، واءَ کان بچيا ته ساري ملڪ جو عوام، واءَ جي لپيٽ کان بچي نه سگهيو ۽ سڀني جي عقل ۾ کوٽي اچي وئي. ايترو جو راجا ۽ وزير کي اھي چريو سمجهڻ لڳا.
اهو حال ڏسي، راجا وزير کان پڇيو؛ ”پاڻ واءَ کان بچياسين. پر هيءُ ته موراڳو پاڻ کي پيا چريو ڪوٺين.“
”بلڪل صحيح آهي. پاڻ انهن جهڙا ته رهيا ئي ڪين آهيون!“ وزير چيو.
”پوءِ پاڻ کي داناءُ ڪيئن ثابت ڪجي؟!“ راجا، وزير کان پڇيو.
”ان لاءِ وري، نجوميءَ کان صلاح ڪجي. جيڪڏهن اهڙو واءُ ٻيهر وري ته پاڻ به ان جي لهس ۾ رڱجي انهن جهڙا ٿيون، پوءِ پاڻ کي ڪير چريو نه چوندو.“ وزير صلاح ڏنس.
نجوميءَ کان پڇڻ تي معلوم ٿيو ته ان جهڙو هڪڙو ٻيو واءُ ورڻو آهي. ان ايندڙ واءَ ۾ راجا ۽ وزير پاڻ کي نه لڪائي، رعايا جهڙا ٿيا. ان کان پوءِ رعايا به کين سياڻو سڏڻ لڳي.
مطلب: ۱. جهڙي پرجا، تهڙو راجا.
۲. جهڙو راءِ، تهڙي رعيت. (۲۴)

88. جهڙو گرو، تهڙا چيلا. (پهاڪو)
آڳاٽي دور ۾، هڪڙن ماڻهن پنهنجي کوھ مٿان چاڙهيل نار جي پراڻي مالَھَ لوٽين سميت لاهي، ٻاهر پٽ تي ڪڍي رکي هئي ۽ نئين مالھ نار تي چاڙهي ڇڏي هئائون.
هڪڙي گروءَ جي چيلن جي ٽولي اتان اچي لنگهي. مورکن کي، زمين تي پيل مالھ ڏسي، عجب لڳو ته؛ ”ڪهڙي بلا آهي؟! نانگ يا اُرڙ جا پڃرائان هڏا آهن يا ڪا ٻي بلا!“
اهي ويچار ونڊي، گروءَ وٽ وڃي نڪتا. کيس هلي ڏسڻ لاءِ چيائون. گروءَ انڪار ڪندي چين؛ ”آ واندو ڪين آهيان. وقت ڪو نه اٿم، نه ته هلي ٻڌايانوَ اها ته ڪهڙي بلا آهي!“
نيٺ مٿو ٽيڪي ويٺا سوچڻ. سوچي سوچي گروءَ کي چيائون؛ ”جيڪڏهن گهوڙو سواريءَ لاءِ آڻيون ته پوءِ هلندو ڪين نه!“ تنهن تي گروءَ هلڻ جي حامي ڀري.
گرو گهوڙي تي چڙهي، مالھ وٽ پهتو. ڏسي چيائين؛ ”ڀڳوان جي مالها آهي. پراڻي آهي، جنهن ڪري ڦٽي ڪئي اٿائين!“
مورک چيلا اھا ڳالھ ٻڌي، ڏاڍو خوش ٿيا ۽ گروءَ جي ٻڌايل عقل تي سندس چرن چمڻ لڳا.
مطلب: ۱. گروءَ مرائي گانڊ ته چيلا به چتو. (۶) ص۳۰

89. جهڙو لڳي واءُ، تهڙي ڏجي پٺ. (پھاڪو)
هڪڙي درياھ جي ڪپ تي، هڪڙو سرو جو وڻ، آڪڙيو بيٺو هوندو هئو. جهڙيون به هوائون لڳنديون هيون ته پنهنجيءَ جاءِ تان ڪو نه چرندو هئو. سندس ڀر ۾ هڪڙو سر جو ٻوڙو بيٺو هيو، جيڪو وڏي جهڪ ته ڇا، ھلڪي واءَ تي پيو جهومندو هيو. اگر هوا جو رخ هيڏانهن ته هيڏانهن جهڪندو هئو، جي هوڏانهن ته هوڏانهن جهڪندو هئو. سندس انهيءَ حالت تي سرو جو وڻ پيو کلندو ۽ ٺٺوليون ڪندو هئو.
هڪ ڏينهن وڏو طوفان لڳو، جنهن ڪيترا ئي وڻ ڪيرائي وڌا. انهيءَ ۾ سرو جي وڻ به ٽڙڪاٽ ڪري، وڃي هيٺ ڦهڪو ڪيو. سر جو ٻوڙي نمي نمي وقت گذاريو. صبح ٿيو ته طوفان به جهڪو ٿيو. سر جو ٻورو ڏسي ته سرو جو وڻ ته پاڙان اکڙيو پيو آهي. سندس اها حالت ڏسي، کلڻ لڳو ۽ ڪريل وڻ کي چوڻ لڳو؛ ”مون تي کلندو ھئين. اڄ ڏي خبر! ڪنهن کٽيو؟ تو يا مون؟ مان تڏهن چوندو هئس ته؛ جهڙو لڳي واءُ، تهڙي ڏجي پٺ.“
مطلب: ۱. ھر حال سان، منھن ڏيڻ گھرجي.

90. جھڙي سان ٿجي تھڙو. (چوڻي)
هڪڙي ري اولادي پوڙهيءَ گهر ۾ ٻاروٽو (ٻير جو ننڍو وڻ) پوکيو ھيو، جنھن کي پاڻي ڏئي، پالي تاتي وڏو ڪيائين. سال کن کان پوءِ، اهو ٻاروٽو تيار ٿيو ۽ ٻيرن جي مند ۾ ٻير جهليائين. ٻير به اچي پڪا، سو پوڙهيءَ خيال ڪيو ته اڄ ٻير هيٺان، ٻهاري ڏيئي ميدان صاف ڪري ڇڏيان ۽ صبح جو اٿي ٻير ڌوڻي کائينديس.
انهيءَ رات هڪڙو بکيو گدڙ، شڪار جي ڳولا ۾ اتان اچي لنگهيو ته سندس نظر ان پڪل ٻير تي وڃي پيئي. آهستي آهستي پير پير ۾ ڏيئي، ان ٻاروٽي جي هيٺان اچي بيٺو. پوڙهيءَ جا ٻه ڪڪڙ به ان ٻير تي ويٺا ھيا. گدڙ جي ته عيد ٿي ويئي. يڪدم ڏندن سان ”کڙ کڙ“ ڪيائين. ڪڪڙ، گدڙ سنگھيءَ تي ”ٽان ٽان“ ڪري اچي پيرن ۾ پيس. گدڙ، ڪڪڙ کائي، وري اچي ٻيرن کي ڀِتو. ٻير کائي ڍؤ ڪيائين ته هنگڻ جو خيال ٿيس.
گدڙ هميشه ڪنهن نه ڪنهن ٺڪر ڀتر تي، مٿانهين جاءِ تي هنگندو آهي. سو هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين ته چلهه جي ڀر ۾ تئو اُڀو پيل نظر آيس، ان تي هنگي هليو ويو.
صبح جو پوڙهي اُٿي ڏسي ته ڪڪڙن جا کنڀ پيا آهن ۽ ٻير به سڀ کاڌا پيا آهن. وري جو چلهه ڏي وڃي ته تئو به گدڙ جي گونهه سان خراب ٿيو پيو آھي. ويچاري منهن مٿو پٽي ويهي رهي. ٻيءَ رات وري به ساڳيو گدڙ آيو ۽ ٻير کائي، تئي تي هنگي ويو. پوءِ ته گدڙ اچي هريو. روز رات جو اچي ٻيـر کائي، تئي تي هنگي هليو ويندو هو. پوڙهي ويچاري گھڻي ئي هڪلون ڏئيس پر گدڙ مڙي ئي نه.
آخر هڪڙي ڏينهن ڪنهن پاڙي واريءَ چيس ته: ”مائي، آءٌ تو کي هڪڙي اٽڪل ٿي ڏسيان. ائين ڪرڻ سان نڪي تنهنجا ٻير کاڄندا ۽ نڪو وري گدڙ ئي ايندو. هيئن ڪر جو رات جو تئو باهه ۾ وجهي ڇڏ. جڏهن تپي ڳاڙهو ٿئي، تڏهن اُن کي ڪڙو تيل ۽ ڳاڙها مرچ هڻي، اُڀو ڪري رکي ڇڏ. پوءِ ويٺي رنگ ڏسجئين.“
پوڙهيءَ اُن مائيءَ جي ڏس تي ان رات ائين ئي ڪيو.
ڪجهه دير کان پوءِ گدڙ آيو ۽ ٻير کائي، هنگڻ جي خيال سان تئي ڏانهن رخ رکيائين. اڃا تتل تئي تي ويٺو ئي مس ته پول سڙڻ لڳس، اوناڙيون ڪري وٺي ڀڳو، ۽ وري ڪڏهن به اُن پوڙهيءَ ڏانهن نه آيو.
مطلب: ۱. جيسي سان تيسو.
۲. جيسي ڪو تيسا ملا، سنت ڪو ڀيل،
لوھا کا گيا گھن، ڇورا ليگئي چيل.

91. جهڙي سَٺ، تهڙيون ٽي ويهون. (پھاڪو)
پراڻي زماني ۾، هڪڙو واپاري ٿر منجھان، هڪڙو اٺ وٺڻ ويو. ڪنھن ڳوٺ اندر، کيس هڪرو اُٺُ پسند آيو. ڌڻيءَ کان ملھ چڪايائين، جنهن سؤ رپيا ملھ ڪٿيو.
واپاريءَ کيس چيو؛ ”ستر روپيا وٺين ته اٺ وٺانءِ!“
”ستر نه کپي!“ جت ضد ۽ هوڏ ڪندي واپاريءَ کي چيو.
”پوءِ ڀلا گهڻا وٺندين!“ واپاريءَ، جت کان لاهو گاهو ڪرڻ خاطر پڇيو.
”ڏهن مٿي، ٽي ويھون ڏين ته اٺ ڏيانءِ!“ جت جواب ڏنو.
”مان به ته ائين ٿو چوان!“ واپاريءَ وراڻيو.
مطلب: ۱. جهڙا اڍائي، تهڙا ساڍا ٻه. (۳) ص ۸۱

92. جهڙي صحبت، تهڙو اثر. (چوڻي)
هڪڙي هارَن (گلن) وڪڻڻ واريءَ جي هڪڙيءَ ساٽياڻيءَ (مڇي وڪڻڻ واريءَ) سان ساهيڙپ ٿي پئي، جنهن سببان هڪ دفعي کيس سڪ منجهان گهر ڪوٺيائين. جڏهن ساهيڙيون پاڻ ۾ گڏيون ته اندر اوريندي سج لھي وين. سج لهڻ وقت، ساٽياڻيءَ پنهنجي ميزبان کي چيو؛ ”ادي! ڳالهين ۾ پتو نه پيو! هاڻي سج لهي ٿو! چڱو، موڪلايان ٿي!“
”ادي! اهو وري ڪيئن ٿي ڪرين!“ گلن واريءَ اصرار ڪندي چيس؛ ”سج لٿي کان پوءِ ڪيڏانهن ويندينءَ؟ رات مون وٽ رھ! صبح جو هلي وڃجان!“
مجبوراً ساٽياڻيءَ کي، گلن واريءَ جي گهر ٽڪڻو پيو، جنهن لاءِ ميزبانِ به ڏاڍو زور ڀريس.
ماني کائي وڃي بسترن تي پيون ته گلن واريءَ کي ٺھ پھ ننڊ اچي وئي، پر ساٽياڻيءَ کي ننڊ نه پئي آئي، رڳو پئي لڇي پڇي. اڌ رات تائين تارا ڦاٽا پيا هيس. نيٺ سنگتياڻيءَ کي ننڊ مان ڌونڌاڙي اٿاريائين ۽ کانئس گهر ۾ مڇيءَ رکڻ جو ٿانءُ يا ٽوڪري طلب ڪيائين. ساهيڙيس پهرين ته هڪي ٻڪي ٿي وئي، پوءِ پڇيائينس؛ ”ڇو هن اڌ رات جو مڇيءَ کائڻ جو برتن ڇا لاءِ گهرجئي؟“
”ادي! ننڊ ئي نه ٿي اچي.“ دليل ڏيندي چيائينس؛ ”تنهنجي گھر اندر جتي ڪٿي گلن جي خوشبو آھي، جنھن منهنجو مغز ئي ڦيرائي ڇڏيو آهي.“
نيٺ گلن واري، گهر ۾ رکيل مڇيءَ رکڻ واري ٽوڪري کڻي آئي، جنهن تي ساٽياڻيءَ پاڻي هاريو ته نئينءَ طرح بانس اٿي، جنهن تي منٽن ۾ کيس ننڊ اچي وئي. اک لڳندي ئي کونگهري جو ٽڙڪو پئي پيس.
مطلب: ۱. ڪارو ٻڌ ڪمري سان، رنگ نه مٽائي پر عادت ضرور مٽائي.
۲. سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي.
۳. صحبت صالح ترا صالح کند، صحبت صالح ترا طالح کند. (فارسي)
۴. جيڪو جنهن ماحول ۾ هريو/پليو/نپنو آهي، تنهن کي ان کان سواءِ ٻئي هنڌ ڪٿي به مزو نه ايندو. (۶) ص ۷ ۽ (۴) ص ۹۰

93. جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي. (چوڻي)
گدڙ ۽ ٻگھ جي پاڻ ۾ ياراڻي ھئي. هڪ دفعي ٻگھ، گدڙ کي ويلي جي دعوت ڏني. گدڙ ڪانڍ واري ڏينهن تي تيار ٿي اچي نڪتو. ٻگھ ڏاڍا قيما ۽ مصالحي دار قورما تيار ڪرائي، صراحيدار ٿانون ۾ ڀري رکيا ۽ دوست کي چيائين؛ ”اڄ! اچي کائي پنهنجي جان بڻاءِ!“
ٻگھ پاڻ ته ڊگهيءَ چهنب جي مدد سان چڱيءَ طرح صراحيدار ٿانوَن مان مصاليدار ۽ چٽپٽا کاڌا کوٽي کوٽي کاڌا، پر گدڙ ويچارو آخر تائين ٻاٿون کائيندو رهيو. جڏهن دعوت کاڄي پوري ٿي وئي ته وري موٽ ۾ گدڙ کي ساڳيءَ طرح دعوت ڏيڻي پئجي وئي. ان به ٻگھ جي دعوت ڪئي.
ٻگھ به دعوت واري ڏينهن ڪانڍجي پهتو. گدڙ پنهنجي مزاج سارو کيرڻيون ۽ مشروبات تراکڙن ٿانون ۾ پلٽي، ٻگھ کي نوش جان ڪرڻ جي صلاح ڪئي.
گدڙ پاڻ ته ڏاڍو مزي مزي سان سمورا مال لڪي چٽي اٿيو، پر ٻگھ جي چهنب مس پئي ٻڏي، جنهن سان ڪا سرڪ به نصيب نه ٿيس. آخر تائين چپ چٽيندو رهيو.
دعوت پوري ٿيڻ کان پوءِ گدڙ کي ميار ڏنائين.
”ان ۾ ميار ڏيڻ جي ڪهڙي ڳالھ آهي.“ گدڙ چيس؛ ”جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي.“
۲
ھڪڙو سوداگر، سامان جھڙوڪ؛ روغن، ماکي، گرم مصالحا، پستا، بادام، قيمتي ڪپڙا وغيره سان ھڪڙو ٻيڙو ڀرائي سفر تي نڪتو. وٽس، ناياب قسمن جي ھيرن جي ھڪ ھڙ پڻ ھئي، جيڪا پيٽ سان ٻڌي ھئائين ته جيئن ڪو ڏسي ڦري نه وٺيس. ٻيڙو ھلندو رھيو. منزل ڏورانھين ھين. ھو جڏھن ٿڪبا ھئا ته، ڪنھن ٻيٽ تي لنگر ھڻندا ھئا ۽ پوءِ اڳتي روانا ھئا.
ھڪ ڏينھن طوفان آيو. ٻيڙو اوچتو سمونڊ ۾ ھڪ ٽَڪَرَ سان ٽڪرايو ۽ ٽڪر ٽڪر ٿي پيو. ھر ڪو جان بچائڻ ۾ مصروف ٿي ويو. سوداگر کي به ھڪ تختو ھٿ اچي ويو، جنھن تي چڙھي، رب کي ٻاڏائڻ لڳو. نيٺ ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ڪناري سان لڳو. رب جو شڪر ادا ڪيائين، جنھن سندس جان بچائي ھئي.
ھاڻي سوداگر سان فقط ھيرن جي ھڙ ساڻ ھئي. سمنڊ جو ڪنارو ڏئي ھڪ طرف ھلڻ لڳو. ھلندي ھلندي ھڪ ڳوٺ ۾وڃي پھتو، جتان جا باشندا قبائلي ھئا. ھڙ مان ھيرو ڪڍي، ھڪ شخص کي ڏيندي، کاڌو گھريائين. اھو شخص اھڙو ھيرو ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ ھن جي ڏاڍي خدمت چاڪري ڪيائين ۽ چيائينس؛ ”اوھان پرديسي پيا ڏسجو، سو اسان وٽ اڄ رات رھي پئو.“
رات ٿي. سوداگر سمھي پيو. کيس ھيرن جو ڏاڍو فڪر ھو.
رات ڌاري، ڳوٺاڻن جي نيت خراب ٿيڻ لڳي. سٽ سٽڻ لڳا؛ ”ڇو نه سوداگر کي ماري، سندس ھيرن جي ھڙ پنھنجي قبضي ۾ ڪريون.“
اڌ رات ڌاري، ڪجھ ھمراھ آيا ۽ ٻاري کن جي فاصلي تي اچي ھڪ کڏ کوٽڻ شروع ڪيائون. ٿوري آواز تي سوداگر جي اک کلي ۽ ھن محسوس ڪيو ته ڪجھ ماڻھو، ھن لاءِ قبر کوٽي رھيا آھن. پنھنجو بسترو ڇڏي ۽ پاسو ڪري ويو.
اتفاق سان ڳوٺ جو ھڪڙو ھمراھ، ڪنھن ڪم سانگي ڀر واري ڳوٺ ڏانھن ويل ھو ۽ اھو ان وقت موٽيو، جنھن وقت ڳوٺاڻا کڏ کوٽي رھيا ھئا. ھمراھ خالي بسترو ڏسي ليٽي پيو ۽ گھِري ننڊ اچي ويس. ھوڏانھن ھنن ھمراھن به کڏ کوٽي تيار ڪئي ۽ ستل ھمراھ کي، سوداگر سمجھي، اچي ڪھاڙين سان ورتائون. کيس ننڊ ۾ ننڊ ڏيئي، بستري سميت کڻي اچي کڏ ۾ ڦٽو ڪيائونس.
”اڙي ھيرن جي ھڙ ته کوليوس!“ ھڪڙي شخص چيو. لاش جي پيٽ کي ھٿ ھنيائون ته ڪا شيءِ ڪا نه ھئي.
”اڙي ھڙ ڪيڏانھن ويئي.“ پاڻ ۾ چوڻ لڳا.
تيلي جو ٻاري ڏسن ته اھو سوداگر نه، پر سندن گھر جو ڀاتي ھئو. کين ڏاڍو ڏک ٿيو، جنھن تي ھڪڙي پيرسن جي واتان نڪري ويو؛ ”جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي.“
مطلب: ۱. ڪَرڻ آھ بهتر سڀن سان ڀلائي، چڱي ڳالھ اهڙي نه ٻي آھ ڪائي.
۲. ٻين سان ڀلائي ڪرڻ گهرجي.

94. جهڙي نيت، تهڙي مراد. (چوڻي)
نيت نالي هڪ مائي هئي، جنھن جي ڌيءُ جو نالو مراد هو. ٻئي ڄڻيون جنھن تنھن سان هڪ نه ٻي ڳالهه تي آئٽنديون رهنديون هيون. جنھنڪري ھر ڪو سندن لاءِ چوندو هيو؛ ”جھڙي نيت، تھري مراد“.
هڪ لڱا، ڪنھن فقير اهي اکر ٻڌي ورتا. هن کي خبر ڪا نه هئي ته اهي اکر هُو ڇو ٿا چون، پر هن انھن اکرن مان پنھنجي دل ۾ ائين سمجهيو ته؛ ”جيڪو جھڙي نيت رکندو، تنھن کي تھڙي مراد حاصل ٿيندي.“
هن کي جي اهي اکر وڻيا سو ڪٿي به سئن هڻندو هو ته چوندو هو؛ ”جھڙي نيت، تھڙي مراد!“ ڪو دعا لاءِ چوندو هوس ته به فقير اھي لفظ دھرائيندو ھيو.
هڪ لڱا، انھيءَ فقير، نيت ۽ مراد جي در تي سئن اچي هنئي؛ ”جھڙي نيت، تھڙي مراد.“
گھر اندر، ٻنھي ماءُ ۽ ڌيءُ ڀانيو ته؛ فقير چوي ٿو ته؛ ”جھڙي نيت جهيڙيڪار آهي، تھڙي سندس نياڻي مراد“، جنھن تي ٻنھي کي باهه لڳي وئي ۽ فقير سان ڏاڍو واتُ ڪيائون.
فقير کي به رونشو ٿي جاڳيو، سو ڏيھاڙي وڃي سندن در تي ساڳي سئن هڻندو ھيو. موٽ ۾ ساڳي جٺ ٿيندي هيس، جيڪا سھي موٽندو ھيو.
هڪ ڏينھن مائي نيت ڇا ڪيو، جو ڪنھن کاڄ ۾ زهر ملائي رکي ڇڏيائين، ته فقير اچي ته اهو کاڄ ڏيانس، ته کائي مري وڃي ۽ جان ڇٽي پوي. ڪنھن وقت مائي نيت جو مرد، گھر ۾ آيو، پر پاڻ پاڙي ۾ ويل ھئي. مرد کي بک لڳي هئي، تنھن اهو کاڄ رکيل ڏسي کاڌو ته پيٽ ۾ وٽ پيس ۽ اتي ئي مري ويو.
مائي نيت گھر آئي ته مڙس کي مئل ڏٺائين ۽ بي اختيار واتان نڪري ويس؛ ”جھڙي نيت، تھڙي مراد.“
۲
مراد نالي هڪ درويش، سدائين سير سفر ۾ رھندو هيو. سال ۾ ھڪ دفعو ساڳئي ڳوٺ ۾ ڀيرو ضرور ڪندو هيو.
هڪ ڳوٺ ۾ هڪ مائيءَ کي اولاد نه پئي ٿيو. کيس خبر پئي ته مراد فقير پڻ ڪاني ڪرامت وارو آهي. سال تي جڏهن مراد فقير ڀيرو ڪيو، ته مائيءَ به وڃي دعا گهرايس؛ ”فقير دعا ڪرينم ته الله سائين پٽڙو ڏئينم.“ کيس پڪي مريدياڻي هئڻ جو ثبوت ڏيڻ خاطر مٿان اهو به چيائين؛ ”اميد پوري ٿي ته ڀوري مينھن ڪلي تان ڇوڙي ڏينديسانءِ!“
فقير، من جي مراد پوري ٿيڻ لاءِ دعا ڪيون ۽ رمندو رهيو. سال تي موٽيو ته مائي، تازي ڄاول پٽڙي سميت حاضر ٿي ۽ ٻچڙي لاءِ دعا ڪرائيندي چيائينس؛ ”فقير تو سان وچن هيو ته پٽڙي ڄمڻ تي تو کي مينھن ڪاهي ڏيندس، پر هن سال نه ٿي ڏيانءِ، جو ننڍڙو ڄائو اٿم، ان لاءِ کير جي ضرورت پوي ٿي. باقي آئينديءَ سال، تو کي پڪ مينھن ڏيندس.“
فقير کي مينھن جي ته لوڙ هئي ئي ڪا نه. مائيءَ جي ڳالھ ٻڌي اڻٻڌي ڪيون، مُرڪندو رمندو هيو.
ٻئي سال فقير وريو پر مائيءَ جو منُ، باسيل مينھن ڏيڻ لاءِ نه وريو. سندس نيت ۾ پڌرو کوٽ هيو. فقير، اھا ڳالھ سمجهڻ جي باوجود به دعائون ڏيندو هليو ويو.
پويان ننڍڙو ٻارڙو بيمار ٿي پيو. چڙهيو ڪو نه، چالاڻو ڪري ويو. مائيءَ کي وهم ويھجي ويو ته فقير دعا ڪرڻ بجاءِ پاراتو ڏنو آهي. ڪانيءَ سان منھنجو ٻچڙو هليو ويو آهي. رڙيون ڪري چوڻ لڳي؛ ”مراد مٺيس.“
ٽئين سال تي جڏهن فقير آيو ته ماڻھن واتان کيس مائيءَ جا لفظ ڪنين پيا، جنھن تي فقير چوائي موڪليس؛ ”مراد ڪا نه مٺينءَ، پر نيت مٺينءَ!“
مطلب:۱. نيت آهي نانگ، کوٽن کي پئي کائي.
۲. جو ٻئي جي لاءِ کڏ کڻندو، سو پاڻ ان ۾ پوندو.
۳. نانڪ نيڪ نيت صاف ڪر ته درگهه پوين قبول.
۴. فقير دعا نه ڪئي پر چيائين؛ ”جھڙي نيت، تھڙي مراد.“
۵. عملن جو دارومدار نيت تي آهي.
۶. جھڙي نيت هئڻ، تھڙي مراد ملڻ. (اصطلاحي ورجيس).
۷. جھڙي تاڃي، تھڙي پيٽي. جھڙي ماءُ، تھري ٻيٽي. (۲) ص ۳۴ ۽ (۱۴) ص ۴۴

95. جيترا وات، اوتريون ڳالهيون. (چوڻي)
ست انڌا، هاٿي ڏسڻ لاءِ هندستان ويا. اتي سندن آڏو هاٿي آندو ويو. هر هڪ هٿ لائي ڏٺو. هڪڙي پڇ کي هٿ لاتو، ٻئي ڄنگهن کي، ٽئين پيٽ کي، چوٿين سُونڍ کي، پنجين نڪتل نيشن کي.
جڏهن وطن واپس وريا ته کانئن هاٿيءَ بابت پڇيو ويو. ھر ھڪ پنھنجي حساب سان ورندي ڏني.
”هاٿي!“ جنهن پڇ کي هٿ لاتو هئو، جواب ۾ چوڻ لڳو؛ ”نانگ وانگر هيو.“
”هاٿي!“ جنهن ڄنگھ کي هٿ لاتو هئو، جواب ۾ چوڻ لڳو؛ ”ٺلھ يا پلر وانگر هيو.“
”هاٿي!“ جنهن پيٽ کي هٿ لاتو هئو، جواب ۾ چوڻ لڳو؛ ”گنديءَ وانگر هيو.“
”هاٿي!“ جنهن سونڍ کي هٿ لاتو هئو، جواب ۾ چوڻ لڳو؛ ”ازدها نانگ وانگر هيو.“
”هاٿي!“ جنهن نيشن کي هٿ لاتو هئو، جواب ۾ چوڻ لڳو؛ ”وريل ڪاٺيءَ وانگر هيو.“
”هاٿي!“ جنهن ڪنن کي هٿ لاتو هئو، جواب ۾ چوڻ لڳو؛ ”گاگڙي وانگر هيو.“
مطلب: ۱. هر ڪنهن جي پنهنجي نظر آهي.
۲. جيتريون اکيون، اوترا عڪس.
۳. جيترا وات، اوتريون ڳالھيون.
۴. هر ڪو پنهنجي پنهنجي اک سان ڏسندو آهي.
۵. مئي هاٿيءَ مٿي مامرو، اچي پيو انڌن. (۲۵) ص ۱۶۳

96. جيسي ڪو تيسا ملا، ڏوم ڪو ملانائي،
اس ني ڍولڪي بجائي، اس ني آرسي دکائي. (پھاڪو)
هڪڙو ڏوم/ لنگهو/ دهلاري، ڳچيءَ ۾ دهل لڙڪايون پئي ويو. اڳيان نائي پئي آيو، جنھن کي ڏسي، مراد حاصل ڪرڻ لاءِ، دهل تي ڏونڪو هنيائين.
نائي غريب هئو، تنهن آرسي ڪڍي ڏيکاريس. آرسيءَ ۾ منھن ڏسي، لنگهو پنهنجي سنوارت ٺاهڻ ويٺو. نائيءَ کي سنوارت جي مزدوري نه ملي، ڇو جو مڱڻهار به غريب هيو. اهو ڏسي، ڪنهن چيو؛ ”جيسي ڪو تيسا ملا، ڏوم ڪو ملا نائي، اس ني ڍولڪي بجائي، اس ني آرسي بتائي.“
مطلب: ۱. جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي.
۲. اتي ڪر، اتي لوڙ. (۲) ص ۳۴

97. جيسي ڪو تيسا ملا، سن ري راجا ڀيل،
لوهي ڪو چوها کا گيا، لڙڪا ليگئي چيل. (پھاڪو)
هڪڙي ھمراھ وٽ تمام لوھ تمام گهڻو پيل هيو. کيس ھڪڙيءَ ڊگھيءَ مسافريءَ تي وڃڻو ھيو، جنھنڪري ترت نيڪال بجاءِ، پنهنجي ھڪڙي سنگتيءَ وٽ امانت طور رکي ويو.
ٿورن ڏينهن پڄاڻان جڏهن موٽي اچي سنگتيءَ کان پنهنجو لوھ گهريائين ته سنگتيءَ ڏيڻ کان نابري واريندي چيس؛ ”ادا! تنهنجو سمورو لوھ، ڪئا ٽڪي کائي ويا آھن، بچيو ئي ڪونھي. تو کي ڇا ڏيان!“
هن ڪڇيو ڪين پر دل ۾ پڪو ارادو ڪيائين ته؛ سنگتيءَ جي انهيءَ ڳالھ جو ضرور پار پتو وٺبو. هڪڙي ڏينهن پنهنجي سنگتيءَ کي پٽ سميت پاڻ وٽ دعوت ڏئي گهرايائين. جڏھن پيءُ پٽ وٽس پھتا ته وجھ وٺي پٽس کي گم ڪرائي ڇڏيائين. دعوت کائڻ پڄاڻان، سنگتيءَ پٽ بابت پڇيو ته کيس ورندي ملي؛ ان کي سرڻ کڻي وئي.
مجبوراً راجا ڀيل وٽ دانھين ويو.
راجا ٻنھي کي گھرايو.
ميزبان کان پڇيائين؛ ”تو وٽ، ھيءُ پٽ سميت آيو ھيو، سو پٽس ڪٿي آھي؟“
”مون وٽ ڪونھي.“ ميزبان وضاحت ڪندي ٻڌايو؛ ”پٽس کي سرڻ لامارو ڏئي کڻي وئي!“
”ڪڏهن سرڻ به ٻار کڻي ويئي آهي؟“ پيءُ جرح ڪندي پڇيس.
”ڪڏهن لوھ به ڪُئا ٽڪي ويا آهن؟“ ميزبان موٽ ۾ جرح ڪندي پڇيس.
تنھن تي ھڪ درٻاري راجا ڀيل کي چيو؛ ”جيسي ڪو تيسا ملا، سن ري راجا ڀيل، لوهي ڪو چوها کا گيا، لڙڪا ليگئي چيل.“
۲
هڪڙو ساڌو تيرٿن تي وڃڻ وقت، پنهنجي هڪ پاڙيسيريءَ وٽ، پتل جا باسڻ امانت رکي ويو ۽ جڏهن موٽي آيو، تڏهن پاڙيسيريءَ کان ٿانون جي گهر ڪيائين، جنھن جواب ڏنس؛ ”مون کي نهايت افسوس آهي، جو تنهنجي ٿانون جي حفاظت به ڏاڍي ڪيم، پر اھڙو گُھڻو لڳن جو ھڪ به نه بچيو.“
سنگتيءَ جو اھو جواب ٻڌي تپرس ۾ اچي ويو. مگر دل جي ڳالھ دل ۾ رکي ويو.
هڪ دفعي ان ساڌوءَ، ڀوڄن تيار ڪري، پاڙي جي ٻارن کي کارايو. ٻيا سڀ ٻارڙا کائي ويا، مگر انهيءَ پاڙيسيريءَ جي ٻارڙي کي، پنهنجن ٻارن سان الڳ ويهاري کارايائين. کاڌي کائڻ بعد، اهو ٻار، ساڌو جي ٻارن سان راند روند ۾ لڳي ويو. کانئس ڄڻ ته گهر وڃڻ ئي وسري ويو.
جڏهن ان پاڙيسريءَ ٻين ٻارن کي آيل ڏٺو ۽ پنهنجي کي ڪو نه ڏٺائين، تڏهن پيل نالي راجا وٽ دانهين ويو. راجا پيل چيس؛ ”تنهنجو جنهن ۾ شڪ شبهو هجي، تنهن جو نالو ٻڌاءِ.“
هُن پنهنجو شڪ ساڌوءَ ۾ ظاهر ڪيو، جنهن جي گهران کاڌي کائڻ کان پوءِ، ڇوڪرو موٽيو ئي ڪو نه هو.
اهو احوال ٻڌي، راجا پيل هڪدم ساڌوءَ کي گهرايو ۽ کانئس پاڙيسريءَ جي ڇوڪري لاءِ، پڇا ڪيائين. ساڌوءَ جواب ڏنو؛ ”مهراج، مون ڏٺو ته هن کي منهنجي روبرو سرڻ کڻي وئي.“
”بيوقوف!“راجا پيل حيرت ۾ پڇيس؛ ”هيڏي ساري ڇوڪري کي، سرڻ ڪيئن کڻي سگهندي؟“
”مهراج ڇوڪري کي سرڻ ائين کڻي وئي،“ سربستي ڳالھ ٻڌائڻ پڄاڻان چيائينس، ”جيئن پتل جي ٿانون کي گُهڻا کائي ويا.“
تنهن تي راجا پيل ٿانءَ موٽرائي ڏنس ۽ ڇوڪرو واپس ڪرايائينس.
مطلب: ۱. جيسوءَ کي تيسو. (۲) ص ۳۴
۲. جيسي ڪو تيسا ملا، سنئي راجا پيل،
پيتل ڪو گُهڻ کا گئي، ڇوري ڪو لي گئي چيل. (۵) ص ۵۵

98. جيڪو ٻئي لاءِ کڏ کڻي، سو پاڻ انهيءَ کڏ ۾ ڪري. (پھاڪو)
هڪڙي جهنگ ۾ هرڻ، ڪانءُ ۽ گدڙ رهندا هيا. ٽنهي جي پاڻ ۾ گهاٽي ياراڻي هئي. ڏينهن جو گهمي ڦري، رات جو هڪ وڻ هيٺان اچي ويهندا هئا.
هرڻ کي متارو ڏسي، گدڙ جي دل ٿي ته؛ آنڊا ڪڍي کاوانس. دل ۾ اھو ارادو ڪري، ھڪڙي ڪڙميءَ وٽ لنگهي ويو ۽ چيائينس؛ ”تنهنجي پوک، روز رات جو هرڻ کائي ٿو وڃي. ان کي ڦاسائي ڪهي کائي ڇڏ، پر ھڪڙي ڀلائي مون سان ڪجانءِ.“
”ڪھڙي؟“ ڪڙميءَ پڇيس.
”ان جا آنڊا مون کي ڏجانءِ!“ گدڙ، پنھنجي مدعا پيش ڪندي چيس.
رات جو هرڻ ٻنيءَ ۾ چرڻ ويو ته ڪڙميءَ جي وڌل ڄار ۾ ڦاسي پيو. صبح جو گدڙ ۽ ڪانءُ به اتي اچي نڪتا.
ڪانءَ گدڙ کي چيو؛ ”تون پنهنجي ڏندن سان ڄار ڪتري، هرڻ کي ڇڏاءِ!“
گدڙ کي دل ۾ دغا هئي، تنهنڪري چيائينس؛ ”آ ڄار ڪو نه ڪتري سگهندس، ڇو جو مون کي روزو آھي. ائين ڪندي ڪڙمي به اچي پهتو. پنهنجو حقو ۽ کٿو پريان رکي، هرڻ کي ڄار مان ٻاهر ڪڍڻ لڳو. هرڻ به ڪانءَ جي صلاح تي گيگھ ڪري سمهي پيو، ڄڻ مري ويو آهي. ڪڙميءَ به کيس مئل ئي سمجهيو. جڏهن کيس ڄار مان آجو ڪري واندو ٿيو ته ان وقت، ڪانءُ اٽڪل سان حقي کي ڪيرائي وڌو، جنھن سان حقي جي ٽوپي وڃي کٿي جي مٿان پئي ۽ کٿو سڙڻ لڳو.
ڪڙمي، ھرڻ کي ڇڏي، کٿي کي بچائڻ لاءِ ڀڳو. هرڻ کي ڀڄڻ جو وجھ ملي ويو، جيڪو وٺي جهنگ ڏانهن ڀڳو.
ڪڙميءَ جي جيئن مٿس نگاھ وئي ته خار مان ڪهاڙي اڇلي ھنيائينس، جيڪا گسي وڃي گدڙ جي ٽنگ ۾ لڳي ۽ ٽنگ ڪپجي پيس.
مطلب: ۱. گدڙ هرڻ کي مارائڻ چاهيو، پر پاڻ نقصان ۾ پيو.

99. جيڪو جهڙي ڪري، تنهن سان تهڙي ڪري ڇڏجي. (چوڻي)
هڪڙي مائي مڙس کي سدائين چوندي هئي؛ ”مان ته کاوان ئي ڪي ڪين؟“
مڙس آزمودي لهڻ خاطر هڪ ڏينهن چيس؛ ”اڄ رات آ گهر ڪين ايندس.“ ائين چئي ٻاهر نڪتو. پاسڙو ڏئي گهر جي کڏ تان چڙهي، بادگير ۾ اچي لڪي ويهي رهيو. رات جو پهريون پهر ئي هيو جو جوڻس نوڪرياڻيءَ کي سڏي چيو؛ ”اڙي مائي هيتلي!“
”جيءُ مائي کيتلي!“ نوڪرياڻيءَ وراڻيس.
”رات ڪتني؟“
”پهريان پهر!“
”پوءِ هيئن ڪر!“ نوڪرياڻيءَ کي حڪم ڏيندي چيائين؛ ”وڃ! ۽ وڃي ويڌي جي دڪان تان ست ڳرئي ڪمند جي ڇڙهي وٺي آءُ!“
نوڪرياڻيءَ ڪمند جي ڇڙهي آڻي ڏنس، جيڪا سموري ڇلي کائي وئي. ٻيو پهر ٿيو ته وري نوڪرياڻيءَ کي هڪل ڪيائين؛ ”اڙي مائي هيتلي!“
”جيءُ مائي کيتلي!“ نوڪرياڻيءَ ورندي ڏنس.
”رات ڪتني؟!“
”ٻيجا پهر!“
”دڪان تان وڃي ستپڙو وٺي آءُ!“
نوڪرياڻي ستپڙو وٺي آئي، ته چرڪ چرڪ ڪري کائي وئي. ٽئين پهر ۾ ڳڙ-ڌاڻي گهرائي ڳڙڪي وئي ۽ چوٿين ۾ وري کچڻي رڌائي منجهس خوب گيھ وجهي ڏاڍا چَڙھ ڪيائين.
صبح ٿيو ته مڙس به نڪري ٿيو نروار ۽ کيس ٻڌايائين؛ ”رات مون ڊيڄاريندڙ خواب ڏٺو. تڏھن صبح ٿيندي ئي ڀڳو آهيان.“
”خواب ۾ ڇا ڏٺئي؟“ زال پڇيس.
”ڊگهو نانگ ڏٺم!“
”ڪيڏو ڊگهو هيو؟“
”جيڏي ست ڳرئي ڪمند جي ڇڙهي!“
”ڦڻ ڪيڏي هيس؟“
”ڦڻ، ستپڙئي جيتري هيس.“
”ڪٿي لڪل ڏٺئي؟“
”ڳڙ-ڌاڻيءَ ۾!“
”ڪيئن پئي هليو؟“
”جيئن کچڙيءَ ۾ گيھ پئي ھليو!“
اهي سوال جواب ٻڌي، جوڻس تپرس ۾ اچي وئي ۽ پوءِ ساري زندگي ڪڏهن نه چيائين ته؛ ”مان کاوان ئي ڪين.“
مطلب: ۱. جيسوءَ کي تيسو.

100. جيڪو درياه ۾ نه گهڙيو آهي، تنهن کي ڊپ رهي ٿو. (پھاڪو)
هڪڙو بادشاه ٻيڙيءَ ۾ چڙهي درياھ جي سير تي نڪتو. سندس هڪڙو نوڪر ٻيڙيءَ ۾ ڪڏهن نه چڙهيو هيو. اھو ٻيڙيءَ جي هلڻ سان اچي روڄ راڙي ۾ ڇُٽو. بس ئي نه ڪري. سڄو پيو ڏڪي. سڀ آتارڻ تي، ته به هيءُ بس نه ڪري. بادشاھ ئي بيزار ٿي ويو ۽ سير جو مزو ئي ڪرڪرو ٿي ويس.
هڪڙو داناءُ ان ٻيڙيءَ ۾ چڙهيل هئو. ان بادشاه کي چيو؛ ”مون کي اجازت ملي ته مان کيس ماٺ ڪرايان!“
کيس اجازت ملي. اجازت ملڻ شرط نوڪرن کي چيائين؛ ”هن کي درياھ ۾ اڇليو.“ درياھ ۾ جڏهن ان ٻه ٽي غوطا کاڌا ته وارن کان ڇڪي، ٻيڙيءَ جي ويجهو آندائونس، جتي ٻيڙيءَ جي تختي کي چنبڙي پيو.
پوءِ آهستي آهستي ٻيڙيءَ منجھ آندائونس. هاڻي ماٺڙي ڪري هڪڙيءَ ڪنڊڙيءَ ۾ وڃي ويٺو ۽ صبر سان ويهي رهيو. ڪاڏي ويس ڏڪڻي ته ڪاڏي ويس روڄ راڙو.
”هن ۾ ڪهڙي حڪمت هئي!“ بادشاه حيرت مان پڇيو.
”هن اڳ ۾ ٻيڙيءَ جي مصيبت ڪا نه ڏٺي هئي. تڏهن کيس ٻيڙيءَ جي سلامتيءَ جو قدر نه هيو.“
مطلب: ۱. سک جو قدر تڏهن ٿيندو، جڏهن ڏک ڏسبا.

101. جيڪو ڪم پاڻ کان نه ٿي سگهي،
تنهن لاءِ ٻين تي زور نه رکجي. (چوڻي)
هڪڙو واڻيو واٽ وٺيو پئي آيو ته سامهون هڪڙو ٻروچ منهن پئجي ويس. ٻروچ ڪهاڙي ڏيکاريندي کيس روڪيو ۽ چيائينس؛ ”واڻيا! ڪلمو ڀر، نه ته ماريندوسانءِ.“
واڻيي ويچاري کي ڪلمي جي ڪهڙي خبر؟ هاڻي ته جان تي اچي ويس. جان بچائڻ به ضروري هئس. ان ڪري دل ۾ ٽل سوچيائين.
”گرو! ڪلمو مون کي ڪو نه ٿو اچي“. هٿ ٻڌي ٻروچ کي چيائين؛ ”تون ڪلمو پڙهندو هل! مان پويان اچاريندو ٿو اچان!“
”اڙي وڃ! ٽري وڃ!“ ٻروچ واڻيي تي مهربان ٿيندي چيو؛ ”تنهنجو ڀاڳ ڀلو آهي. ڪلمو ته مون کي به نٿو اچي.“
”تون جڏھن پاڻ نه ٿو پڙھي سگھين ته پوءِ مون تي ڇو ٿو زور ڀرين؟“ واڻيي ھٿ ٻڌي چيس؛ ”جيڪو پاڻ کان نه ٿي سگهي، تنهن لاءِ ٻين تي زور نه رکجي.“
مطلب: ١. پاڻ ڳڙ کائجي ته ٻين کي نه روڪجي.
٢. پاڻ کان نه ٿي سگهندڙ ڪم، ٻين تي نه مڙهجي.

102. جيڪي ڪجھ تون نه آهين،
اهو بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪر. (چوڻي)
هڪڙي گدڙ، رات ڌاران کاڌي جي تلاش ۾، شهر ڏانهن رخ رکيو. بازار بند هئي. هڪ دڪان جي ڀر سان ڊرم رکيل ڏٺائين. کائڻ جي ارادي سان، منجهس ٽپو ڏنائين. انهيءَ ڊرم ۾ نيروليءَ جو نير پسيل پيو هيو. گدڙ منجهانئس رڱجي نيرو ٿي نڪتو ۽ اڳيان ٿورو ڪجھ کائڻ لاءِ حاصل ڪري، وٺي جهنگ ڏانهن ڀڳو.
رڱيل گدڙ، جڏهن جهنگ ۾ پهتو ته سمورا جانور کيس عجيب نگاهن سان ڏسڻ لڳا. تنهن تي هن ٻين تي رعب ويهارڻ لاءِ، پاڻ کي موڪليل عجيب مخلوق طور پيش ڪيو، جنھن تي سمورا جانور کانئس ڊڄڻ لڳا ۽ کيس پنھنجو بادشاھ کڻي مقرر ڪيائون.
هڪڙي ڏينهن ڏاڍي برسات پئي ۽ هر شيءِ پسي وئي. گدڙ به برسات جي پاڻيءَ ۾ وهنجي ويو. پسڻ شرط، سندس بت تان نير-پڻ ڌوپجي ويو ۽ اصلي رنگ ظاهر ٿي پيس. سندس اها حالت ڏسي، ٻيا جانور مٿس مڇرجي پيا ۽ کيس چيري ڦاڙي رکيائون.
مطلب: ۱. پنهنجي اوقات نه وسارجي.
٢. جنهن پاڻ لڌو، تنهن دک وڃايو.
٣. پاڻ کي پنهنجي اصليت کان واڌو ظاهر نه ڪجي.
۴. ٻين جي ريس ۾ اهو نه ڪجي، بلڪ پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪري، پنهنجو پاڻ مڃرائجي. (۲۶) ص ۶۵

103. جيءُ خوش، جهان خوش. (چوڻي)
هڪڙي شهر ۾ هڪڙو غريب ڇوڪر، رستي تي ويو پئي جو هڪڙي شاهوڪار کي عمدي گاڏيءَ ۾ ويٺل ڏٺائين. گاڏيءَ تي نوڪر چڙهيا ويٺا هيا ۽ ”پوش پوش“ ڪندا، ڪاهيندا پئي ويا. ڇوڪر دل ۾ چوڻ لڳو، ”اي ڌڻي! مون کي هن شاهوڪار جهڙو ڪرين ته ڪهڙو نه چڱو!“
شاهوڪار، ڇوڪر جو منهن لٿل ڏسي، صحي ڪيو ته شايد ڇوڪر کي ريس ورتو آهي، سو گاڏي بيهاري کيس سڏيائين ۽ سچي ڪرايائين.
انهيءَ تي شاهوڪار چيس؛ ”اچ ته هڪ ٻئي سان مٽ سٽ ڪريون. تون منهنجي جاءِ ۽ ملڪيت وٺ! مان تنهنجي صحت ۽ جواني.“
ڇوڪر وائڙو ٿي ويو.
ايتري ۾ شاهوڪار، نوڪرن جي سهاري، چنگهي چنگهي گاڏيءَ مان هيٺ لٿو. ڇوڪر سندس پنگلائپ ڏسي، ويتر اچرج ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳس؛ ”توهان جو مرتبو توهان کي نيبھ هجي! ڌڻيءَ جو شڪر آهي، جو مان پاڻهي اٿي ويهي سگهان ٿو. ٻين جي محتاجي ڪين اٿم. اهڙي ڌن مان ڪهڙو فائدو، جنهن ۾ بت اگھو ۽ سرير هيڻو هجي؟ رکي سڪي به، پاڻ-ڀرائيءَ واري ڀلي.“
اهو ٻڌي، شاهوڪار پاڻ کي گاڏيءَ ۾ وجھايون، اڳتي هليو ويو.
مطلب: ۱. تندرستي، ھزار نعمت آھي.
۲. جيءُ آھي ته جھان آھي.

104. جيئن پئنچ چون، تيئن ڪجي. (چوڻي)
هڪڙو واڻيو، پنهنجي هٽ آڏو، کٽ وجهيو ستو پيو هئو. اڌ رات ڌاري، هڪڙو چور تالو ڀڃي، دڪان ۾ گهڙيو ته واڻيي جي اک کلي وئي. چور کي تاڙي ويو ۽ يڪدم اٿي، دڪان جو در، ٻاھران کڻي بند ڪيائين.
چور، دڪان جي اندر قابو ٿي ويو ۽ ڏاڍو پريشان ٿي، دل ۾ سوچڻ لڳو؛ ”هاڻي ڇا ڪيان؟“
سوچيندي سوچيندي کيس هڪڙي اٽڪل سُجهي آئي. دل ۾ چيائين؛ ”جيڪڏهن واڻيي کي پڪ ٿئي ته اندر چور نه، پر ٻلو آهي ته دروازو کوليندو ۽ نڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.“
اهو سوچي، ٻلي وارا ميڪٽ ڪرڻ لڳو. واڻيو به چالاڪ هئو، سندس چالاڪيءَ کي سمجهي ويو هئو ۽ چوڻ لڳس؛ ”هاڻي ته پوري رات، اندر گذار. صبح ٿيندو ته ڏٺو ويندو. جيڪڏهن پئنچ چوندا ٻلي ته مان به چوندس ٻلي.“
مطلب: ١. اهڙي موقعي تي چيو ويندو آهي، جتي مصلحتاً پنهنجي راءِ محفوظ رکي، ٻين تي ڳالھ ڇڏڻي هجي.
٢. پئنچ چون ٻلي ته ٻلي چئجي. (اردو) (۸) ص ۵۸