لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
Title Cover of book نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

[ ز ]

130. زال کي مڙس جو نالو ايندو آهي پر وٺندي ناهي. (پھاڪو)
هڪڙيءَ مائيءَ جي مڙس جو نالو رحمت الله هليو. از راهِ شرم، مڙس جو نالو نه وٺندي هئي. جڏهن به مڙس سان مخاطب ٿيڻو پوندو هئس ته کيس پٽ جي نسبت سان جانوءَ جا پيءُ ڪري سڏيندي هئي.
هڪ ڏينهن نماز پڙهيائين پئي. جڏهن سلام ڦيريائين ته ٻنهي پاسي چيائين؛ ”السلام عليڪم جانوءَ جا پيءُ!“
۲
هڪڙيءَ مائيءَ جي مڙس جو نالو مکڻ هيو. ادب وچان مڙس جو نالو نه وٺندي هئي. ان ڪري سندس پٽ، مکڻ ڏسڻ جي باوجود، اھو نالو نه ٻڌو هئو.
هڪ ڏينهن مائيءَ ڏڌ پئي ولوڙيو. مانڌاڻي هڻي هڻي کنڀڙون ٿڪس ته منهڙو ۽ سنگھر هٽائي، مانڌاڻي ڪڍي، ڏُڌ کي ڏسڻ لڳي. مکڻ جا ڦوڏر ڦوڏر لسيءَ تي تري رهيا هيا. پٽس پڇيس؛ ”امان اهو لسيءَ مٿان ڇا ٿو تري؟“
”ابا اھو!“ مائي، پھرين ته شرم ۾ ٻڏي وئي. بعد ۾ چيائينس؛ ”چاڏيءَ ۾ پڻھين ٿو تري.“
مطلب: ۱. ضروري ناھي ته ھر ڳالھ وائرجي. ڪي ابھام ۾ به ڪبيون آھن. (۳۳)

131. زندگي، هڪ خواب آهي. (چوڻي)
هڪ مسافر، هڪ گهاٽي جهنگ منجھان پيدل سفر ڪري رهيو هيو. ھلندي ھلندي هڪ مست هاٿي سندس آڏو اچي ويو، جنهن کيس ڏسي سونڍ مٿي ڪئي. مسافر جيئن ڀڄڻ جي ڪئي، تيئن ٻئي پاسي کان سندس سامهون هڪ ڏائڻ آئي، جنهن کي ننگي تلوار هٿ ۾ هئي. ھاڻي سندس رستو، اھا ڏائڻ روڪي بيھي رھي. رستي تي ڊگهو وڻ هيو، جنهن ڏانهن هو انهيءَ اميد سان ڀڳو ته مٿس تڪڙ ۾ چڙھي وڃي ته جيئن کيس پناھ ملي وڃي.
وڻ تي تڙ تڪڙ ۾ چڙھندي، ڏار تان سندس پير ترڪي ويو. وڻ جي ٿڙ ڀر سان، هڪ جهونو کوھ هيو. هاڻي سندس پناھ لاءِ، اھو کوھ ھيو، جنهن ۾ گھاٽو گاھ ۽ سر ٻوڙا ڄاول هيا. ٿڙ تان ٿاٻڙندي، هن کوھ منجھ ٽپو ڏنو. جيئن ڪريو ته کوھ جي ڪپر وارن ٻورن ۾ هٿ پئجي ويس. کوھ اندر هيٺ ڏٺائين ته پاڻيءَ بجاءِ ڪارا نانگ ڦڦڪا ڏئي رهيا هيا. انهن جي وچ ۾ هڪ اجگر هيو، جنهن کيس جهٽڻ لاءِ وٺي وات ڦاڙيو.
ھاڻي سندس لاءِ ھڙ واھون رڪجي چڪيون ته ھن آخري سھارو ڳولڻ لاءِ وڻ ڏي مٿي نھاريو. تيستائين کوھ جي ڀڪ تي بيٺل ٻوڙن جي پاڙن کي ٻه ڪوئا؛ هڪ اڇو ٻيو ڪارو، کوٽڻ ۾ مشغول ٿي ويا.
پويان جهنگلي هاٿي، پنھنجو شڪار هٿان نڪري وڃڻ جي خار ۾ وڻ وٽ اچي پڳو ۽ ٿوڻا هڻڻ شروع ڪيائينس. وڻ جي مٿانھين ٽارين منجھ ماکي ويٺل ھئي. وڻ کي ڌوڻڻ سبب، ماکيءَ جو مانارو ڪري پيو ۽ مسافر جي مٿان گذرندڙ وڻ جي ٽاريءَ ۾ لڙڪي پيو. ڇيڙيل ماکيءَ جون مکيون مٿس ڀون ڀون ڪرڻ لڳيون ۽ ڏنگن سان ھڻي منهن سڄائي وڌائونس.
ايتري ۾ ڇتي ٽٽڻ کان پوءِ ماناري منجھان ٽپڪندڙ ماکيءَ جو ھڪ ڦڙو مسافر جي ڀرونئن تي اچي ڪريو. ڀرونءَ تي پيل ماکيءَ-ٽيپو جڏھن لٽيندو سندس چپ تي آيو ته ھن اھو چٽيو، جنھن بعد کيس دل ۾ چاهنا ٿي ته جيڪر ٻيو ماکيءَ جو ڦڙو به سندس چپ تي ليٽي پوي ته پي چٽيس.
مطلب: ۱. مسافر؛ آتما آھي. جهنگ؛ سنسار. هاٿي؛ موت جي علامت. ڏائڻ؛ ٻڍاپو. وڻ؛ موڪش جي نشاني، جنهن تي عام ماڻهو چڙهي نه ٿو سگهي. کوھ؛ ماڻهوءَ جو جيون. نانگ؛ موھ. اجگر؛ نرڳ. ٻوڙا؛ ماڻهوءَ جي حياتي. ڪارو ۽ اڇو ڪوئو؛ ڏينھن ۽ رات. ماکيءَ جي مک؛ بيماريءَ جي علامت. ماکي؛ جيون جي ڀوڳ ولاس جي نشاني.
۲. ٻه ٽي ڦڙا ماکيءَ جا کائڻ ۽ ٻوڙي جي پاڙ ڪوئن جي ٽڪڻ بعد، ماڻهو انت اجگر جي وات ۾ وڃڻو آهي.
۳. حياتي؛ ھل ھلان جو جھان آھي. (۳۴) هندن جو پنر جنم جو نظريو، ص ۴۵-۴۶