[ د ]
هڪڙي بادشاھ کي ڪنهن سياڻي ماڻهوءَ، سندس محفل ۾ علمي بحث هلندي چيو؛ ”دل جو راز، پياريءَ زال کي به نه سلجي.“
بادشاھ آزمودي خاطر، هڪ ڏينهن پياري راڻيءَ کي مذاق مذاق ۾ چيو؛ ”مان فلاڻي وزير کي مارائي ڇڏيندم، پر هڪڙي ڳالھ ٻڌ! اها ڳالھ ڪنهن کي ٻڌائجانءِ نه.“
ان وزير جي زال، راڻيءَ جي به سهيلي هئي. هڪ ڏينهن ڳالهين ڳالهين ۾ کيس، راڻيءَ پنهنجي مڙس جي ارادن کان آگاه ڪري ڇڏيو. وزير جي زال کان ته پوءِ ننڊ ئي کسجي وئي. ان ٺَڪ وڃي اھا ڳالھ مڙس کي ٻڌائي، پنهنجي پيٽ جو بار هلڪو ڪيو.
وزير، بادشاھ جا ارادا ٻڌي، خبردار ٿي ويو. وڏيءَ پريشانيءَ کان پوءِ، هڪ سازش تحت هڪ ڏينهن بادشاھ کي قتل ڪرائي ڇڏيائين.
مطلب: ۱. پنهنجي دل جو راز، ٻئي کي ٻڌائڻ کان پوءِ، پرائو آهي.
۲. ڳالھ جيستائين پاڻ وٽ آهي، تيستائين راز آھي. ڪنهن هڪ کي به ٻڌائبي ته مشتهر ٿي ويندي.
۳. مٺ ڀيڙيائي ڀلي، اپٽي ته واءُ،
پڌر پئي ڳالهڙي، ڇڏي ويندي ساءُ. (۳) ص ۱۱۸
118. دل کوٽي، عذر گهڻا. (چوڻي)
هڪڙي شخص کي نوڙي کپندي هئي. پاڙي واري دڪاندار وٽ ويو ۽ کانئس وڃي نوڙي اڌاري گهريائين.
دڪاندار، دڪان ڇڏي گهر اندر گهڙي ويو. جهٽ کان پوءِ هٿين خالي موٽيو. ”سائين معاف ڪجو!“ دڪاندار، نوڙي نه آڻڻ لاءِ عذر ڏيندي چيو؛ ”نوڙي واندي ناهي. گهر وارا ساڻس اٽو پيا ٻڌن!“
”اٽو نوڙيءَ سان پيا ٻڌن؟“ نوڙي گهرندڙ شخص حيرانگيءَ مان پڇيو.
”جڏهن ڪا شيءِ ڏيڻي نه هوندي آهي ته پوءِ ان کي رکڻ لاءِ ڪهڙو به بهانو ڪري سگهجي ٿو.“ هٽ تي آيل ٽئين شخص، نوڙي گهرندڙ جي حيرانگي ٽوڙيندي چيو؛ ”جنهن ڪم جي نه هجي، تنهن ڪم ۾ به آڻي سگهجي ٿي.“
مطلب: ١. نھ کي نوَ ڪوٽ آهن.
٢. ٻانهن ڀڳو ڪم ڪري، ٽنگ ڀڳو ڪم ڪري، دل ڀڳو ڪم نه ڪري. (۶) ص ۳۱
119. دنيا ۾ رِپن مٿان رِپون پيون آهن. (چوڻي)
هڪڙي ڏيھ ۾ هڪڙو همراه ويھ مڻ ڏيهاڙي خوراڪ کائيندو هيو، جنهن سببان مٿس نالو ئي ”ويھ مڻو“ پئجي ويو هيو! پاڻ کي مڙني کان سرس ۽ سوايو پيو ڀانئيندو هيو، نه ڪنهن تي فلڪ آڻيندو هيو ۽ نه ئي ڪنهن تي اک ٻڏندي هيس.
هڪ ڏينهن ٻڌائين ته؛ ٻيءَ دُڻيءَ ۾ ڪو سگهارو مڙس رهي ٿو، جيڪو ”ايڪيھ مڻو“ سڏائي ٿو. ٻڌڻ شرط ننڊ ڦٽي ويس، قرار اجڙي ويس. دل ۾ هورا کورا ٿيس، ته ساڻس ملان ۽ وس پڄي ته زور-آزمائي ڪري، کيس زير ڪيان. اهي پور پچائي سهي سنبري نڪري پيو، ايڪيھ مڻي جي ديس ڏانهن.
اڃا ايڪيھ مڻي جي جهانيءَ ۾ گهڙيو ئي ڪو نه، جو ڏٺائين ته اٺن سالن جو ڇوڪر، کجيءَ جو وڻ پاڙان پٽيون کنيو پيو وڃي. پهرين ته ڊنو پر پوءِ دل جهلي ڇوڪر کي چيائين؛ ”اهو لڪڻ ڏي ته لڪڻ ڪري کڻي هلانس!“
”تون ڪهڙي باغ جي مُوري آهين جو تو کي ڏيان،“ ڇوڪري وراڻي ڏنس؛ ”هيءُ ته مان پنهنجي ابي ايڪيھ مڻي لاءِ ڏندڻ طور کنيو پيو وڃان!“
انهن لفطن تي ڊنو ضرور، پر سندس در تائين وڃڻ لاءِ پڻ دل ٻڌي پٺيانس هليو. ايڪيھ مڻي جي گهر ٻاهران جهنگلي هاٿي پئي چريا سي هڪ هڪ ڪري ويھ مڻي، ايڪيھ مڻي جي ڪوٽ ۾ اڇليا. ايڪيھ مڻي جي ڌيءُ، گھر اندر ٻهاري ڏئي رهي هئي. هاٿي اڱڻ ۾ ڪرندا ڏسي، پيءُ کي ٻڌايائين؛ ”بابا! الائي ڪير، گهر ۾ هاٿي پيو اڇلي.“
”پٽ مٿو نه کاءُ!“ ايڪيھ مڻي ڌيءُ کي چيو؛ ”ٻهاريءَ سان ريڙهي کڻي ٻاهر اڇلين.“ جڏهن ايڪيھ مڻي جي ڌيءُ، ٻهاريءَ سان سمورا هاٿي ٻهاري ٻاهر ڪڍيا، ته ويھ مڻي کي اچي ڦرڪڻيءَ ورايو. تڏهن به مڙيو ڪو نه. جيئن ئي سامت ۾ آيو ته ايڪيھ مڻي کي ويٺو سڏ ڪرڻ؛ ”نڪري آءُ گهران، ته طاقت جو مقابلو ڪيون.“
ايڪيھ مڻو، گهر جي ڪوٽ مان ٻاهر آيو ۽ مقابلو ڪرڻ قبوليائين.
مقابلي لاءِ طئي ڪري، هڪڙي ميدان ڏانهن اسهيا. واٽ تي هڪڙي ٻڍڙي عورت ڏٺائون، جنهن جي مٿي تي ڀَت سان ڀريل وڏي ٻيڙي رکيل هئي ۽ ڪڇ ۾ دال جي ديڳ هيس. تنهن کي چيائون؛ ”اسين ٿا مقابلو ڪيون. انصاف ڪرڻ لاءِ تون بيهي اسان جو دنگل ڏس! پوءِ ٻڌاءِ ته ڪير طاقت ۾ سرس آهي؟“
”مون کي واندڪائي ڪانهي،“ ڪراڙي اڳتي وڌندي چين؛ ”پٽم لک مينهن جو جهليو پيو جهنگ ۾ چاري، صبح جو لنگهڻ ئي نڪتو آهي. جلد پهچان ته نيرن ته ڪري! جيڪڏهن توهان کي هروبرو ضد آهي ته توهان جو دنگل مان ٻڍڙي ڏسان ته پوءِ ٻئي منهنجي ڪلهن تي چڙهي، پاڻ ۾ وڙهندا هلو. ان سان مان به نه سيڙبس، پٽ اتي پريشان نه ٿيندو ۽ توهان جو دنگل به ڏسي وٺندس.“
هيءُ ٻئي ٻڍڙيءَ جي ڪلهن تي بيهي دنگل ڪرڻ لڳا. جڏهن ڪراڙي جهنگ کي ويجهو پڳي ته پريان سندس پٽ کين جيئن ڏٺو ته ڀانيائين ڪو ديو پيو اچي؛ متان منهنجون مينهون ماري وڃي، تنهنڪري يڪدم کٿو وڇائي، منجهس سموريون مينهون ٻڌي، ڪلهي تي رکي اٿي ڀڳو. امالڪ هڪڙيءَ سرڻ لامارو ڏئي ڪلهي واري ڳنڍ چهنب ۾ جهٽيون، کنيون هلي وئي.
هڪ هنڌ هڪڙي نو ورني ڪنوار، کڏ تي چڙهيو، ويٺي وار سڪايا. انهيءَ اپرانڌ سرڻ به ڳنڍ سميت مٿان اچي لنگهي. ڪنوار سرڻ کي ڏسندي جيئن اک کپايس ته مٿان پهچڻ وقت سرڻ جي چهنب مان کٿي واري ڳنڍ کلي وئي ۽ سموريون مينهون، کٿي سميت اچي ڪنوار جي اک جي پنبڻين تي ڪريون. ڪنوار اک ۾ سُرڪو ڀانئيندي ٻانهيءَ کي سڏي چيو؛ ”ڏس ته منهنجيءَ اک ۾ ڇا ٿو پيو هُري.“
”سانئڻ ٻيو ته ڪي ڪينهي.“ ٻانهيءَ اک ۾ نهاريندي ٻڌايس؛ ”مينهن جو وڳ آهي، جيڪو پيو ڦري.“
”چڱو سَر سان هڪ هڪ ڪري ڪڍ ته سهي.“ ڪنوار چيس.
ٻانهيءَ ڪک سان مينهن کي پنبڻين مان ڇنڊي ڪڍي ڇڏيو.
مطلب: ۱. ڄاڻايل رپن کان مٿي به ڪي رپون آهن ڇا؟
۲. ڀيٽيو؛ دنيا ۾ رِپن مٿان رِپون پيون آھن. (۶) ص ۴۳
120. دوست اهو جو اوکيءَ ويل ۾ ڪم اچي. (چوڻي)
هڪڙا ٻه دوست هڪڙي جهنگ مان وڃي رهيا هئا. اوچتو ھڪڙو ڦاڙيندڙ شينهن اچي مٿانئن ڪڙڪيو. هڪڙو دوست ڏاڍو ڦڙت ۽ هوشيار ھيو، سو پري کان ئي شينهن جي چنگھاڙ ٻڌي، جهٽ وڻ تي چڙهي ويو. ٻيو دوست نه ڦڙت هئو ۽ نه ئي وڻ تي چڙهڻ جو کيس ڏانءُ هئو. ان ڏکئي وقت ۾ دوست به ڇڏي ڀڄي ويس ته ويتر هيانءُ به هڄي ويس. تڪڙ ۾ ٻي ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه آيس، پر کيس اها خبر هئي ته شينهن پرايو ماريل شڪار نه کائيندو آهي. سندس آڱر کي هڪ هنڌ چھڪ آيل هئو، تنهن جي پٽي ڇوڙي، زمين تي ڪري پيو ۽ ساهه کڻڻ بند ڪري ڇڏيائين.
شينهن مٿس آيو ته زخمي حالت ۽ ساھ نه کڻڻ واريءَ ڳالھ مان اندازو لڳايائين ته پرائو شڪار آهي. تڏهن به پڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ٻوٿ همراھ جي نڪ، ڪن ۽ وات وٽان ويجهو گهمايائين ۽ نيٺ هليو ويو.
شينهن جي هليو وڃڻ کان پوءِ، وڻ تي چڙھيل دوست هيٺ لٿو. هيٺين دوست کي زنده سلامت ڏسي خوش ٿيو. خوشيءَ ۾ دوست کي چوڻ لڳو؛ ”يار مون کي ته خوشي ٿي آهي جو تون نه وڻ تي چڙھي سگهئين ته به خونخوار شينهن جي چنبن مان بچي وئين.“
”ادا الحمد لله!“ دوست ورندي ڏنس.
”پر هڪڙي ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي.“
”ڪهڙي؟!“
”شينهن تو کي ڪن ۾ ڇا پئي چيو؟“
”شينهن ڪن ۾ ڇا چيو؟ ها! شينهن چيو پئي ته؛“ حيرت ۽ تعجب کائڻ کان پوءِ کيس ٻڌايائين؛ ”دوست اهو جو اوکيءَ ويل ڪَم اچي.“
مطلب: ۱. دوست اھو، جو يار غار ھجي.
٢. ڪانئر دوست کان، بس ڀلي آهي.
۳. جيڪو مصيبت ۽ ضرورت وقت ڪم نه اچي، ان جي دوستيءَ جو اعتبار ناهي. (۳۰) ص ٣٩
121. دولت، دلي يار جدا ڪري. (چوڻي)
هڪڙي ھمراھ، پنهنجي دوست کان سؤ روپيو اڌارو گهريو، جنهن تي اڳلي اوڌر ته نه ڏنس، هٿائين آئندھ لاءِ ملڻ جلڻ به ڇڏي ڏنائينس.
گهڻي عرصي پڄاڻان، ٻئي راھ ويندي هڪٻئي جي منهن چڙهي ويا. قرض گهرندڙ، پنهنجي دوست کي ڏوراپو ڏيندي چيو؛ ”مون کي تو مان اها اميد نه هئي. سؤ روپين ڪاڻ مون کان منھن مٽي ويندين.“
”مون کي به تو منجھان اها اميد نه هئي.“ قرض نه ڏيندڙ دوست ميار ڏيندي چيس؛ ”جو سؤ روپين خاطر منهن مٽي ويندين!“
مطلب: ١. دولت، نهن کان ماس وڇوڙي.
٢. دولت، وڇوڙي جو سبب آهي.