لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
Title Cover of book نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

[ هه ]

229. هٿ جي ڪنگڻ لاءِ، ڪهڙي آرسي. (پھاڪو)
هڪڙو ماڻهو، حجام کان مٿو ڪوڙائڻ لاءِ سندس ٺيھي تي آيو. حجام کيس ڀڳل ڪرسيءَ تي ويھاري، ڪپڙو اوڍيو. اڳيان آئينو وغيرھ ٽنگيل نه ھيو. جڏھن حجم، مٿي تي پاڪي گھمائڻ شروع ڪئي ته وار، ڌڻيءَ جي ڪلھن ۽ ڪنڌ تي ڪرڻ لڳا. ڌڻيءَ کي ھورا کورا ٿي ته حجم کان پڇيائين؛ ”مٿي جا وار ڪارا آهن، يا اڇا؟“
”اڇا آھن يا ڪارا، تنھنجي اڳيان ٿا پوَن پيا.“ حجم ورندي ڏنيس؛ ”ڏسي وٺ! گھر ۾ به آئيني تي ڏٺل ھوندئي. تن لاءِ پڇڻ جو ڪهڙو کپ؟“
مطلب: ۱. جيڪو ڪم، اکين اڳيان ھلي رھيو ھجي ۽ ظاھري طرح ڏسي به سگھجي، تنهن لاءِ ٻئي کان ڇو پڇجي؟ (۳)

230. هر بيماريءَ جو علاج ساڳيو نه هوندو آهي. (چوڻي)
هڪڙي ٻهراڙيءَ جي ٻڪرار جي ڪهاڙي، منجهند ڌارا اس ۾ پئي هئي، جنهن سبب تپي باھ ٿي وئي. ٻڪرار ڪم سانگي اچي کنيس ته ڪوسي هئي. سمجهيائين؛ ڪهاڙيءَ کي بخار ٿيو آهي، تنھنڪري ڪهاڙي کڻي، ڊوڙندو ڊاڪٽر وٽ پهتو ۽ عرض ڪيائينس؛ ”سائين! ڪهاڙيءَ کي بخار ٿيو آھي، جنھن جو علاج ڪيو!“
طبيب کيس چرٻٽ سمجهي، ڪهاڙي پاڻيءَ ۾ ٺاري، واپس ڪئي ۽ چيائينس؛ ”هاڻي بخار لهي ويو اٿس.“
ٻڪرار کي بخار جي سستي ۽ سولي علاج جي خبر پئجي وئي. سدائين ڪهاڙيءَ جي بخار جو علاج ائين ڪرڻ لڳو.
هڪ ڏينهن سندس ماءُ کي بخار ٿي پيو. ان تي اهو ئي تير بھدف نسخو استعمال ڪيائين. چيلھ ۾ رسو وجهي، يڪدم ماءُ کي کوھ ۾ لاٿائين. کوھ ۾ غوطو کائڻ شرط ماڻس جو ساھ نڪري ويو. وات ڦاٽڻ سبب، ٻٽيهي ئي ٻاهر نڪري آيس. ماءُ جا چمڪندڙ ڏند ڏسي، چوڻ لڳو؛ ”ها! هاڻي کلين ٿي! بخار لهي ويو اٿئي، تڏهن خوش آهين.“
جڏهن ماءُ کي ڇڪي کوھ مان ٻاهر ڪڍيائين، تڏهن خبر پيس ته ماڻس ته ڪڏھوڪو وڃي مالڪ کي پھتي آھي، تنھن تي ارمان کائيندي چوڻ لڳو؛ ”هر بيماريءَ جو علاج ساڳيو نه هوندو آهي.“
مطلب: ۱. ڪهاڙيءَ جي بخار ۽ ماڻهوءَ جي بخار جي علاج ۾ فرق آهي.
۲. ھر ڪم، پنھنجي حساب سان ٿيندو آھي.

231. هر ڪنهن وٽ پنهنجي معتبري اهم آهي. (چوڻي)
هڪڙو چنڊول پکي، ڪانءَ جي آکيري تي قبضو ڪري ويهي رهيو. ڪانءَ ڏاڍيون منٿون ڪيس ۽ چيائينس؛ ”آکيرو منهنجو آهي“، پر چنڊول هڪ نه ٻڌس.
نيٺ ٿڪجي ۽ ماندو ٿي ڪانءَ چيس؛ ”پکين جي بادشاھ کان ٿا فيصلو ڪرايون. جنهن کي هو آکيرو ڏياري، سو ئي مالڪ ٿئي.“
چنڊول، انهيءَ فيصلي لاءِ آمادھ ٿي ويو.
پکين جي بادشاھ وٽ پهچي، چنڊول چيو؛ ”آکيرو منهنجو آهي!“
”ها بلڪل،“ پکين جي بادشاه يڪدم سندس حق ۾ فيصلو ڏيندي چيو؛ ”آکيرو تنهنجو آهي.“
”توهان اهو فيصلو هڪ طرفو ٻڌڻ سان ئي ڏئي ڇڏيو“. چنڊول، بادشاھ کان سوال پڇندي چيو؛ ”ڪانءَ کان به توهان کي پڇڻ گهرجي ها“.
”تون سچ ڳالهائڻ جي ڪري مشهور آهين.“ پکين جي بادشاھ دليل ڏيندي، پنهنجي ڏنل فيصلي کي قائم رکندي، چيس؛ ”تون پَتِ ڪندين، آکيرو تنهنجو ئي سمجهي تو کي ڏنم ۽ ڪانءَ کي نه ٻڌم.“
ڪانءُ فيصلو ٻڌي ڏاڍو ڦٿڙيو پر وريس ڪي ڪين. ٻئي پکين جي بادشاھ کان موڪلائي اڏاڻا هليا آيا.
آکيري وٽ پهتا ته چنڊول ڪانءَ کي چيو؛ ”پنهنجو، آکيرو سنڀال مون کي نه کپي.“
”پر فيصلو تنهنجي حق ۾ ٿيو آهي ۽ هاڻي يڪدم ڇڏڻ لاءِ تيار آهين سو ڇو؟“ ڪانءَ حيران ٿيندي پڇيس.
”تنهنجو آکيرو تو کي نيبھ هجي.“ چنڊول دليل ڏيندي چيس؛ ”منهنجي لاءِ منهنجي معتبري ئي اهم آهي.“
مطلب: ۱. عزت ۽ شرافت کي، مال ملڪيت مٿان فوقيت حاصل آھي.

232. ھر ڪنھن کي دل گھري شيءِ وڻي ٿي. (چوڻي)
هڪڙي هنڌ، ڪڻڪ ۽ ڀنگ جون ٻاريون، هڪ ٻئي جي ڀرسان پوکيل هيون. اوچتو برسات ڏاڍي ٿي، جنهنڪري ٻئي ٻاريون ٻڏڻ لڳيون. پوک جي ڌڻيءَ جي جوءِ، ٻنيءَ جو زيان ٿيندي ڏسي، ڪڻڪ جي ٻڏڻ جو ارمان کائي پار ڪڍي روئڻ لڳي ۽ آسمان کڻي مٿي تي کنيائين.
هڪڙو موالي اوچتو اتان اچي لنگهيو، تنهن مائيءَ جي روئڻ جو سبب پڇيو.
”مائيءَ جي روئڻ پٽڻ جو سبب نقصان آھي،“ بيٺل ماڻھن منجھان ھڪڙي ٻڌايس؛ ”جيڪو کيس ڪڻڪ جي پوک ٻڏڻ سبب پيو آھي.“
مواليءَ، ڪڻڪ جي پوک سان گڏ، ڀنگ جي ٻاريءَ کي ڏٺو، جيڪا پڻ ٻڏي چڪي ھئي.
”ھونھ ڀيڻان!“ موالي، مائي جي روئڻ پٽڻ تي چڙندي چيو؛ ”ڀنگان چيز ٻڏن، لنڊي رووي ڪڻڪ ڪُون.“
مطلب: ۱. سڀ ڪنهن کي پنهنجي مطلب واري ڳالهه/ شيءِ وڻندي آھي، پوءِ اھا ڀلي ٻئي کي وڻي يا نه وڻي.

233. هر ڪو پنهنجو نصيب کائي ٿو. (چوڻي)
آڳاٽي دور ۾، هڪ وستيءَ اندر هڪڙو مهاڻو رهندو هئو. سندس گذر سفر درياءَ جي مڇيءَ تي هيو. کيس پٽ جو اولاد نه هيو. فقط پنج نياڻيون هيس.
سندس رَڇَ ۾ ڏيهاڙي پنج مڇيون ڦاسنديون هيون، جنهن مان گهر جو خرچ هلندو هيس. وقت ته گذريس پئي پر ڪا ترقي ٿيندي نه پئي نظر آيس. هڪ ڏينهن دل ۾ خيال جاڳيس؛ ”جيڪڏهن گهر ڀاتي ٿورا هجئون ها ته ڪجھ بچت ٿئي ها.“ اهو خيال ايندي دل ۾ چيائين؛ ”ڇو نه ٻه ڌيئر، جهنگ ۾ ڇڏي اچان! پوءِ ٽن ڌيئرن ۽ پنهنجي سر جي، ٽن مڇين مان پورت ڪيان. باقي مڇين جي رقم بچت ڪندو وڃان ۽ ان مان ڪجھ ترقي ڪيان.“
اهي پھ پچائي، ٻن ڌيئرن کي سنبيريائين. چيائينِ؛ ”هلو ته هلي توهان کي ناناڻي ڏيھ تان گهمائي اچان.“ ائين چئي کين هڪڙي جهنگ ۾ وٺي آيو. جهنگ جي خيال جو بهانو ڪري، کانئن کسڪي اچي ڳوٺ پهتو. ڀانيائين ته هاڻي ترقي ڪندس.
ٻئي ڏينهن کان سندس رَڇَ ۾ موراڳو ٽي مڇيون ڦاسڻ لڳيون. جڏهن اها حالت ٿيس تڏھن ڏاڍو پڇتائڻ لڳو. هاڻي وقت گذري چڪو هئو ۽ ڪجھ نه پئي ٿي سگهيو.
مطلب: ١. خالق، ماڻهوءَ خلقڻ کان اڳ، ان جي رزق جو بندوبست ڪري ٿو.
٢. ماڻهوءَ کان وڌيڪ، ماڻهوءَ جو رزق پريشان آهي. (۵۵)

234. هر ڪو عادت کان مجبور آهي. (چوڻي)
اٺ ۽ گدڙ جي پاڻ ۾ دوستي هئي. هڪ ڏينهن گدڙ اٺ کي صلاح ڏني؛ ”هتي ڇا ٿو ويٺو کائين؟ بک مري ويندين! هل ته واھ جي پرينءَ ڀر هلون، جتي مٺو ڪمند کائون ۽ ڍَوَ ڪيون.“
اٺ سندس ڳالهين ۾ اچي ويو ۽ کيس پٺيءَ تي ويهاري پار پهتو. ڪمند کائڻ بعد، گدڙ بود ۾ اچي ويو ۽ اوناڙيون ڪرڻ لڳو. ڪمند جا مالڪ لٺيون ڌُڪا کڻي اچي پھتا. گدڙ ته لڪي ويو، اٺ کي سيڪاٽي رکيائون.
جڏهن هاري واپس ويا ته هنن به موٽ جي ڪئي. واپسيءَ تي اٺ گدڙ کي ميار ڏيندي چيو؛ ”يار! هيءُ ڇا ڪيئي؟ اوناڙيون ڪري مون کي مارائي وڌئي.“
”مان ڇا ڪيان؟ عادت کان مجبور آهيان.“ گدڙ ورندي ڏنس؛ ”کاڌي کان پوءِ اوناڙ نه ڪيان ته مون کان کاڌو هضم نه ٿئي!“
اٺ، گدڙ کي پٺيءَ تي چاڙهي، واھ ۾ وچ سير تي پهتو ۽ ٻه ٽي ٽٻيون ڏئي وهنجڻ لڳو. گدڙ کي ٻه ٽي غوطا آيا ته پڇڻ لڳس؛ ”هي ڇا ٿو ڪرين؟ مون کي مارڻ جو ارادو اٿئي ڇا؟“
”مان ڇا ڪيان؟ عادت کان مجبور آهيان.“ اٺ مسلسل ٽُٻڙڪا ڏيندي چيس؛ ”کائڻ کان پوءِ وهنجان نه ته کاڌو هضم نه ٿئي.“
مطلب: ۱. جھڙو ورتاءُ ٻين سان ڪبو، ٻيا به اھڙو ئي ڪندا. (۵۶)

235. هر ڪو پاڻ کي سهڻو سمجهي ٿو. (چوڻي)
هڪڙيون ڏيڏريون پاڻيءَ ۾ گڏ ويٺيون هيون. ڪچهريءَ ڪندي، پاڻ ۾ چوڻ لڳيون؛ ”اڙي ادي اسان کان وڌيڪ، ڪا سھڻي ھوندي؟“
”ڇو ادي؟ اسان کان وڌيڪ وري ڪير حسين ٿي سگھي ٿو؟“ ڪچھريءَ ۾ ويٺل ھڪ ٻانڀ، وات چٻو ڪري، پنھنجي سونھن جي تعريف ڪئي.
”ائي ادي ٻڌون ٿا ته دنيا ۾ حورون به آھن، جيڪي حسين آھن.“ ھڪڙيءَ جوانڙيءَ وچ ۾ ٽپڪو ڏنو.
”ھونديون،“ ھڪڙيءَ نڪ کي موڙو ڏيندي، چيلھ چٻي ڪري، اڍنگي آواز سان چيو؛ ”پر اسان کان وڌيڪ ڪو نه ھونديون.“
”جڏهن ڌڻيءَ اسان کي پيدا ڪيو ته،“ ھڪڙيءَ سڻوپريءَ، حسن تي پنھنجو حق برقرار رکڻ لاءِ، دليل طور چيو؛ ”پوءِ حورن پيدا ڪرڻ جو ڪهڙو کپ؟!“
مطلب: ۱. هر ڪو پاڻ کي ٻين کان وڌيڪ سهڻو سمجهي ٿو.
۲. ڀيٽيو؛ لڏ هيٺان به لعل لڀيو وڃي. (۳) ص ۱۹۹

236. هر ماڻهو، پنهنجي ڳالھ لاءِ دليل رکندو آهي. (چوڻي)
هڪڙي بيمار شخص، پنھنجي نوڪر کي چيو؛ ”وڃ! وڃي ڊاڪٽر کان دوا وٺي اچ!“
”ڊاڪٽر ڏي ته وڃان! پر جيڪڏهن اهو ڪنهن مريض کي ڏسڻ ويو هجي ۽ دڪان تي هجي ئي نه، ته پوءِ وڃڻ مان ڪهڙو فائدو؟“ نوڪر نٽائيندي چيس.
”تون پهرين وڃ!“ نوڪر کي نصيحت ڪندي بيمار مالڪ چيو؛ ”پوءِ ويٺو غلط انومان ڪڍ.“
”وڃان ۽ هجي به، پر گهربل دوا ائين ڏئي ئي نه ته پوءِ وڃڻ مان ڪهڙو فائدو؟“ نوڪر نخرو وڌائيندي چيو.
”مان چٺي ٿو لکي ڏيانءِ!“ مالڪ زور ڀريندي چيس؛ ”تون وڃينس. تو کي دوا ضرور ڏيندو“.
”دوا چٺيءَ تي ملي به سهي، تڪليف ڪري وٺي به اچان پر مرض تي اثر ڪري ئي نه، ته پوءِ خفو ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟!“ نوڪر ورنديون ڏيندي چيس.
”آخر ويندين به يا رڳو بهانا ۽ بحث ڪندين!؟“ مالڪ پڇيس.
”صاحب چڱو، جيڪڏهن وقتي دوا فائدو به ڪري ته به اھو فائدو ڪهڙي ڪم جو؟“ نوڪر اڃا نٽائيندي چيس.
”ڇو ڪم جو ناھي؟“ مالڪ پڇيس.
”صاحب! آخر هڪڙي ڏينهن مرڻو آهي.“ نوڪر ڊُهي هڻندي، دليل سان انڪار ڪندي چيس؛ ”جهڙو هاڻي مرڻو، تهڙو پوءِ!“
مطلب: ۱. انڪاريءَ وٽ دليل کوڙ.
۲. شيطان وٽ به، آدم کي سجدي نه ڪرڻ لاءِ، کوڙ دليل ھيا.

237. هرڻ جي اُڃ ۽ رِڻ جي رُڃ کُٽڻي ناهي. (پھاڪو)
هڪ هرڻ کي رڻ ۾ اڃ ورايو. جنهن رخ ۾ نظر ٿي ڪيائين ته کيس رڃ ڏسڻ ۾ ٿي آئي. رڃ کي ساڀيا ڄاڻي، ڏيکاءَ واري ڏِس ۾، ڊوڙندو رهيو. ويجهو وڃڻ تي ڏٺائين ٿي ته؛ ڪاريءَ وارا ڪک. وري ٻئي رخ ۾ نگاھ پئي ڪيائين ته ساڳيو لقاءُ اکين آڏو ھيس. پاڻيءَ ڇوليون ٿي هنيون. وري نئين سر کڙين تي زور ٿي ڏنائين. اهڙي حال، سارو وقت ڊوڙندي، سندس جسم بي سَتو ۽ نٻل ٿي پيو. پياس کان زبان ٻاهر نڪري آيس. ٽنگون ساڻيون ٿي، اڳتي هلڻ کان پڙ ڪڍي بيٺيون. شام ٽاڻي ٿڪو ماندو ۽ مرڻينگ حال ۾، آخر اچي اهڙي هنڌ پهتو جا واقعي ئي ڍنڍ هئي. ڪنڌيءَ تي ڪرندي، هڪوار پاڻيءَ کي ڏٺائين. ڄاتائين ته اهو به ساڳيو دوکو هيو، جنهن کيس سوير کان ستايو هيو. آخر ۾ سيسراٽي ڀريائين، جنھن سان سندس مردھ جسم، ڪپر کان کسڪي، وڃي هيٺ پاڻيءَ ۾ ڪريو.
مطلب: ۱. زندگي پوري ٿيو وڃي، هوس پوري نه ٿئي. (۲۵) ص

238. هر ڳالھ ۾ حڪمت/ ڀلائي آهي. (چوڻي)
هڪ بادشاھ جو، تلوار صاف ڪندي، آڱوٺو ڪپجي پيو. کيس ڏاڍو ڏک/ ارمان ٿيو. وزير کيس آٿت ڏيڻ خاطر چيو؛ ”ان ۾ به مالڪ طرفان ڪا حڪمت ۽ ڀلائي هوندي.“
”ان ۾ ڪهڙي ڀلائي ٿي سگهي ٿي؟!“ بادشاه برهم ٿيندي ڏمر جو اظهار ڪيس؛ ”تون ته اسان جي سنيئن هئڻ ۾ خوش ئي ناهين.“
ائين چئي ناراضگيءَ جو اظھار ڪيائين ۽ ستت کيس ڪاٺ ۾ وجهرائي ڇڏيائين.
ان ڏينھن شڪار ڪندي، بادشاھ پنهنجي لشڪر کان وڇڙي ويو. هلندي هلندي ڪنهن اهڙي جهنگ ۾ وڃي نڪتو، جتي آدم خور رهندا هيا. اهي کيس ڏسڻ شرط، کائڻ لاءِ وڪوڙي ويا. جڏهن سندن ديد، وڍيل آڱوٺي تي پئي ته کيس عيب وارو سمجهي ڇڏي ڏنائون. ڇو جو آدم خور عيب واري ماڻهوءَ جو گوشت کائڻ پسند نه ڪندا آھن. نتيجي طور بادشاھ جي جان بچي وئي.
تيستائين لشڪر به اچي بادشاھ وٽ پڳو، جنھن سندس واھر اچي ڪئي.
جڏهن بادشاھ واپس موٽي محلات پھتو ته کيس بچي وڃڻ جو احساس ٿيو. وزير جا چيل لفظ سندس من تي تري آيا. دل ۾ چوڻ لڳو؛ ”اڄ جيڪڏهن آڱوٺو وڍيل نه هجي ها ته شايد آدم خورن جي چنبي کان بچي نه سگهان ها.“
يڪدم وزير جي رها ٿيڻ جو حڪم صادر ڪيائين.
”منهنجي آڱوٺي وڍجڻ ۾ اها حڪمت يا ڀلائي هئي ته منهنجي جان آدم خورن کان بچي وئي.“ وزير جڏھن درٻار ۾ پھتو ته کانئس پڇيائين؛ ”تنهنجي جيل وڃڻ ۾ ڪهڙي حڪمت هئي؟“
”سائين جيڪڏهن مان جيل ۾ نه هجان ھا ته پوءِ پڪ توهان سان گڏ ئي هجان ها!“ رضا تي راضي رهندي، وزير آزيءَ سان چيس؛ ”آدم خورن کان، پنھنجي عيب سبب، اوهان ته بچي ويا پر مان نه بچان ها!“
مطلب: ۱. جيڪو ٿيو سو واھ.
۲. الخير في ما وقع. (عربي)
۳. جيڪي ٿيو، تنهن ۾ ڀلائي آهي. (ارٿ) (۲۶) ص ۴۴
۴. There is reason in the roasting of eggs

239. هر وقت، گذري ويندو. (پشتو، چوڻي)
هڪڙي بادشاھ اعلان ڪرايو؛ ”مون کي ڪا اهڙي شيءِ تحفي ۾ ڏيو، جنهن کي غم جي وقت ڏسڻ سان، غم غلط ٿي وڃي. وري خوشيءَ جي وقت ان کي ڏسجي ته خوشي به ڪافور ٿي وڃي.“
تمام گهڻن ماڻهن، بادشاھ جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ، وڏا وس ڪيا. مڙيئي ڪاوشون اجايون ويون.
هڪڙي فقير هام هنئي ۽ بادشاھ سلامت لاءِ هڪ منڊي کڻي آيو ۽ دعويٰ سان چيائين؛ ”جيڪڏهن غم جي وقت بادشاھ جي نظر مٿس پوندي ته غم غلط ٿي ويندس. جڏهن ته خوشيءَ جي وقت مٿس نظر پوندس ته خوشي به بي بقا نظر ايندس.“
بادشاھ منڊي وٺي پاتي. منڊيءَ ۾ پيل ٻڙي واري ٽڪ تي لکيل هيو؛
”هيءَ ويل به گذري ويندي.“
بادشاھ جڏهن غم جي وقت ان کي ڏسندو ھيو ته سمجهندو هيو؛ غم عارضي آهي. جڏهن خوشيءَ جي وقت ان کي ڏسندو هيو ته چوندو هيو؛ خوشي عارضي آهي.
مطلب: ١. وقت، وڃڻي وٿ آهي.
٢. ڏکيو سکيو وقت، گذري ئي ويندو.

240. هڪ سونو ڳھ، ٻي زبان سهڻي، پوءِ ڪير نه رکندو ڳھ. (پهاڪو)
ٻهراڙيءَ جي ھڪڙي همراه کي ڪجھ پئسا درڪار هيا. وٽس فقط هڪ ڪتو هيو، جيڪو بازار ۾ ڪاهي آيو ۽ هر دڪاندار سامهون ڳھ رکڻ لاءِ اعلان ڪندو رهيو؛
”آهي ڪو ڪميڻو! جيڪو منهنجو هيءُ ڪتو پاڻ وٽ ڳھ رکي!“
سندس اهي الفاظ ٻڌي هر ڪنهن کي چڙ آئي پئي پر ڪير ڪڇيو ڪو نه پئي. نيٺ پاڻ به بيزار ٿي پيو. آخر هڪڙي دڪاندار آڏو، لٺ کڙڪائي، دڙڪي سان چيائينس؛ ”منهنجو ڪتو ڳھ ڇو نه ٿا رکو!“
”ادا! ڳھ هميشه قيمتي شيءِ رکبي آهي، جيئن سون يا چاندي وغيره! اهو به ان ماڻهوءَ جو رکبو آهي، جيڪو پاڻ سُوڌو هجي ۽ زبان چڱيءَ سان ڳالهائي!“ هلڪي ۽ ڦڪي کل سان سمجهائيندي چيائينس؛ ”ڳھ سونو ۽ زبان سهڻي هجي ته ڳھ ڇو نه رکبو!“
مطلب: ۱. گروي به قيمتي شيءِ رکبي آهي ۽ ان جي رکبي آهي جيڪو مٺڙي زبان سان ڳالهائي.
٢. گندي زبان واري سان ڪير به سودو ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي.
٣. هڪڙي اڻهوند، ٻيو افعال بڇڙا هوندا ته هر ڪو نفرت ڪندو.
۴. کير ۾ کنڊ، نور ۾ نور. (۵۷)

241. همتِ بنده، مدد خدا. (فارسي،چوڻي)
هڪڙو فقير، بادشاھ جي ڌيءُ تي عاشق ٿي پيو. ٻيو چارو نه ڏسي، بادشاھ جي درٻار ۾ وڃي سڱ لاءِ عرض ڪيائين. بادشاھ تپي لال ٿي ويو. ناراضگيءَ کي سمجهندي، وزير پاسو ڏئي بادشاھ سلامت کي عرض ڪيو؛ ”هن غريب کي مارائڻ سان بدنامي ٿيندي. کيس شرط اهڙو وجهو، جيڪو نه پورو ڪري سگهي ۽ نه وري موٽي اچي.“
”صلاح ڏي! ڇا ڪيانس؟“ بادشاھ سلامت، گهريءَ سوچ بعد، وزير کان پڇيو؛ ”ڪهڙو شرط رکئونس؟“
”کيس سچا موتي آڻڻ جو شرط ٿا رکئون، جيڪي سڄي عمر محنت ڪرڻ سان به ڪو نه ڪمائي سگھندو.“ وزير، بادشاھ کي سرٻاٽ ۾ چيو؛ ”نه ڪو ملندس، نه وري موٽي اچي خواريءَ جو سبب بنجندو.“
”فقير! سچا موتي کڻي آءُ!“ بادشاھ، فقير ڏانهن مهڙ ڪري، شرط ٻڌائڻ شروع ڪيو؛ ”تو کي تنهنجي دل جي مدعا ملي ويندي.“
”مون کي سچي موتيءَ جو نمونو ملي ته مان ان جھڙا ٻيا کڻي اچان!“ فقير، شرط قبوليندي، پوئواري ڪرڻ خاطر، عرض ڪيو.
کيس سچو موتي، نموني طور ڏنو ويو. جيڪو وَرَ ۾ وجهي، ڏس پڇائيندو ڳولها ۾ نڪتو. هڪڙي درويش کيس ڏَس ڏنو؛ ”سچا موتي سمنڊ جي تري ۾ هوندا آهن.“
فقير به سندرو ٻڌي، سمنڊ جي پاڻيءَ کي، ڪستي سان ڌَنئڻ شروع ڪيو. سڄو ڏينهن، سڄي رات، بنا وقفي جي سمنڊ جو پاڻي ڌنئيائين.
علي الصباح جو، جيڪو لپو هنيائين، سو سچن موتين سان ڀريو پئي آيو. وَرَ واري سچي موتيءَ سان ڀيٽي ڏٺائين. پڪ ٿيڻ بعد، سچن موتين جو ڪستو ڀري، درٻار ۾ اچي نڪتو. سڄي درٻار، سچا موتي ڏسي وائڙي ٿي وئي. کانئس ساري ماجرا پڇيائون، جيڪا کين ڪري ٻڌايائين.
”همتِ بنده، مدد خدا“. وزير، يڪدم رڙ ڪري چيو.
مطلب: ١. خدا ان جي مدد ڪري ٿو، جيڪو پنهنجي مدد پاڻ ڪري ٿو.
٢. همت بنده، مدد خدا، بي همت بنده، بيزار خدا. (۱۴) ص ۸۰

242. هنر چوي؛ آ بادشاھ. (چوڻي)
ڪنهن ملڪ ۾ ٻه ڀائر رھندا هيا. منجھانئن هڪڙو عالم هيو ۽ ٻارن وغيرھ کي علم سيکاري، پنھنجو پيٽ گذر ڪندو هيو. ٻيو هنر وارو هيو ۽ هنر جي محنت سان پيٽ پاليندو هيو.
عالم سدائين ڀاءُ کي چوندو هيو؛ ”علم سک! هنر ڪهڙي ڪم جو آهي؟“
اوچتو، ملڪ تي ٻيو غنيم ڪاهي آيو. راڄ سنئين، ٻئي ڀائر گرفتار ٿي ويا. غنيم اعلان ڪيو؛ ”جيڪو ماڻهو مقرر ٿيل ڏنڊ جا پئسا ادا ڪندو، ته کيس آزاد ڪيو ويندو!“
عالم ويچاري وٽ علم ته هيو پر کانئس ڪير خريد ڪرڻ وارو نه هيو. ڏاڍو پاڻ پتوڙيائين پر ڪري ڪي ڪين سگهيو. ان جي جاءِ تي هنر واري ڀاءُ، جنهن کي علم ڪو نه هيو، بادشاھ کان اجازت وٺي هنر وسيلي مقرر ٿيل پئسا ڪمائي پيش ڪيا.
کيس آزاد ٿيڻ جو پروانو جاري ٿيو ته بادشاھ کي عرض ڪيائين؛ ”انهن پئسن عيوض منهنجي عالم ڀاءُ کي آزاد ڪر! ڇو ته ھو هنر نه ٿو ڄاڻي ۽ مان ڄاڻان ٿو. مان مهلت ملڻ تي ٻيا پئسا ڪمائي جان خلاصي ڪرائي سگهندس پر هو ساري عمر قيد ۾ پيو ڳرندو.“
بادشاھ سندس ڳالھ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٻنهي کي آزاد ڪري ڇڏيائين.
مطلب: ١. محنت ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.
٢. محنت ڪندڙ، خدا جو دوست آهي.
٣. علم سان گڏ، هنر ڄاڻڻ ضروري آهي.
۴. پٽ کي دولت جو خزانو ڏيڻ کان، هٿ جو هنر سيکار! ڪڏهن به بک نه مرندو.
۵. هنر وارو، ڪٿي بک نه مري.
۶. بي هنر بي ڪار.
۷. هنر اها موڙي آهي جا نه چور ٿو کڻي وڃي ۽ نه گهٽ ٿي ٿئي ۽ تنگدستيءَ جي وقت ڪم ٿي اچي. (۴) ص ۱۰۳

243. هنر واري جو هنر کپي، بي هنر جي جند کپي. (چوڻي)
هڪڙي همراھ کي درياھ پار ڪرڻو هيو. پتڻ تي پهتو ته؛ نه پاتڻي هيو، نه ٻيڙيءَ جو ناکئو. ٻيڙي آخري پور کڻي، رواني ٿي چڪي هئي. ٻئي ڏينهن تائين انتظار ڪرڻ کيس ڏکيو لڳو. پاڻيءَ جو تارو هيو، تنهنڪري سيڻھ ڦوڪي، مٿس چڙهي، درياھ پار ڪرڻ لڳو.
سندس پويان هڪ همراھ آيو. ان کي به جلدي هئي. سيڻھ به هيس. ترڻ ڪين ڄاڻندو هيو. ڀانيائين ته سيڻھ تي چڙهي، درياھ پار ڪرڻ لاءِ تارُو ھجڻ جي ضرورت ناهي، تنهنڪري سيڻھ ڦوڪي مٿس چڙهي درياھ پار ڪرڻ لڳو. جيئن ته ترڻ نه پئي آيس، تنهنڪري اڳتي وڌڻ لاءِ ٿاڦوڙا هڻڻ ڏکيا لڳس. ٿاڦوڙا هڻڻ لاءِ پاڻ کي سڌو ڪيائين ته سيڻھ سيني هيٺان نڪري ويس ۽ پاسيري ٿي وئي، جنھنڪري ٻڏڻ لڳو. رڙين ڪرڻ تي اڳئين ويندڙ ھمراھ سيڻاھ ڦيرائي اچي ٻڏڻ کان بچايس ۽ چيائينس؛ ”ترڻ ڏانءُ نه اچي ته نه ترجي، ڇو جو اڻ ڄاڻ ماڻهو، پنهنجي جان وڃائي ويهندو آهي.“
مطلب: ۱. ھر ڪم لاءِ فن ۽ ھنر جي گھرج آھي. (۳) ص ۲۱۲

244. هو ساڻ نه نيندا، هيءَ ڏاند تي چڙهندي. (پهاڪو)
هڪڙا لاڏائو قسم جا ماڻهو، پنهنجي مائٽن ڏانهن گهمڻ لاءِ سنبريا ته سندن ئي قبيلي جي هڪ ڪراڙي عورت به اوڏانهن هلڻ لاءِ سنبري پئي. مسافريءَ تي ويندڙن کي، کيس وٺي وڃڻ جي نيت نه هئي. ڪراڙيءَ زور مس ڪين ته کيس بي دِليو وٺي هلڻ لاءِ آماده ٿيا. هلڻ وقت، وري کيٽو ڪري بيهي رهي. چي؛ ”مان ڏاند تي چڙهي هلندم. پنڌ ڪين ڪنديس.“
انهيءَ تي سفر ۾ وڃڻ وارن کيس وٺي وڃڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي سڀ ڪنهن، مائيءَ کي مياردار ڪندي ڏاڍو ٽوڪيو ۽ طعنا تنڪا ڏنا.
مطلب: ۱. بي دليي ماڻهوءَ مان، نخرا ڇڏڻ سان ئي ڪم نڪري سگهندو آهي.
۲. اڳلا ساڻ نه کڻن، هيءَ ڏاند تي چڙهندي.
۳. هڪڙو ساڻ نه کڻي، ٻيو ڏاند تي چڙهڻ جي خواهش ڏيکاري. (۳) ص ۲۱۳