[ ڦ ]
”اڏامندس ته بڙ، ڌَم نه سھي سگھندو.“
ڦوسي يا ڦدي، ننڍڙو پکي آھي، پر پنھنجي مانَ شانَ وارو آھي. ويٺو ھوندو ته پيو پڇ کي ھيٺ مٿي ڪندو. اڪثر ھيٺ رھي ۽ گذاري. ھڪ ڀيري وڃي وڏي بڙ جي چوٽيءَ تي ويٺو. ٿڌي ھير پئي لڳي، سو پڇ ٽيڙيائين ۽ کنڀ کڙڪايائين: ڀانيائين ته؛ بڙ منھنجو بار ڪو نه سھي سگھندو، سو آخر بڙ کي چيائين؛ ”جھل ڌَم! آ ٿي اڏامان!“
بڙ چيس؛ ”ڀل اڏام! آ ڪو نه ٿو ڪران! تو کان ڪئين وڏا مون تي ويٺا ۽ اڏامي ويا.“
مطلب: ۱. ڦوسي ڇا ڏيندي ڌَمَ، بڙ جي وڻ کي. (۴۱) ص۸۰