لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
Title Cover of book نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

[ ض ]

156. ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. (چوڻي)
هڪڙي ڪانءَ کي ڏاڍي اڃ لڳي. پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ڏاڍو اڏاميو. هڪ هنڌ باغ ۾ کيس پاڻيءَ جو ٽڀو نظر آيو، جنهن ۾ پاڻي تري منجھ هيو. منجهانئس پاڻي پيئڻ ٿورڙو ڏکيرڙو هيو.
کيس ويجهو ئي پٿرين جو ڍير نظر آيو. پنهنجي چنهنب سان ڪنڪريون کڻي، پاڻيءَ واري ٽڀي ۾، اڇلڻ شروع ڪيائين. پٿرين پوڻ سان، ٽڀي ۾ پاڻيءَ جي سطح مٿي ٿي وئي، جنهن مان پاڻي پيئڻ آسان ٿي پيس. پاڻي پي، پنهنجي اڃ اجهائي، اڏامي ويو.
مطلب: ۱. احتياج، گدڙ کي شينھن سان گڏ کائڻ تي مجبور ڪندو آھي.
۲. گھرج ئي، کوجنا ڪرائيندي آھي.
۳. Necessity is the mother of invention.

157. عقل ريءَ عذاب، گهڻا پسندينءَ جندڙي. (چوڻي)
هڪڙي شهر ۾، هڪڙو سادي سمجهه وارو ماڻهو رهندو هو، جنهن کي سڀ ماڻهو ”مَت جو مُوڙهو“ ۽ ”ڳنڍ جو ڳوڙهو“ ڪري سڏيندا ۽ چيڙائيندا هيا. هڪڙي ڏينهن، روزگار جي تلاش ۾، ٻئي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو. واٽ ۾ ڪو مظلوم چوندو پئي ويو؛ ”ڪو غريب هڏ نه ڦاسي!“ پوءِ هيءُ به رستي ۾ چوندو ٿي آيو: ”هڏُ مَ ڦاسي“، پر ”ڪو غريب“ لفظ چوڻ وسري ويس. واٽ تي ماري ملي ويس، جو شڪار ڪرڻ پئي ويو. انهيءَ جڏهن هن جي واتان: ”هَڏ مَ ڦاسي! هَڏ مَ ڦاسي!“ اُچاريندو ٻڌو، تڏهن کيس اهڙي ته ڪاوڙ لڳي، جو ڏاڍي مار ڏنائينس، ڇاڪاڻ ته ماريءَ سمجهيو ته، ’هي نڀاڳو، مون کي پٽيندو ٿو رهي ته جيئن منهنجي ڄار ۾، هڪ به پکي نه ڦاسي.‘
هن غريب، ماريءَ کان پڇيو؛ ”ٻيلي، مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو مون کي ايترو ماريو اٿئي؟“
ماريءَ جواب ڏنس؛ ”نڀاڳا، آءٌ شڪار لاءِ وڃي رهيو آهيان ۽ تون مون کي پٽيندو ٿو اچين ته: ’هڪ به نه ڦاسي!‘“
تڏهن ماريءَ کان پڇيائين؛ ”ڀلا ٻڌاءِ! آءٌ ڇا چوان؟“
ماريءَ چيس ته؛ ”چئو ته، ’شال، پهرين ئي ڏهه ڦاسن‘، ’شال پهرين ئي، دفعي ڏهه ڦاسن!“
اڃا ٿورو اڳتي وڌيو ته سامهون ڏهه چور، ايندا نظر آيس. چورن سندس واتان، اهڙا منحوس لفظ ٻڌا، ته اچي مٿس ڪاوڙيا. مار ڏنائونس جو سمجهيائون ته اسان کي پٽيندو ٿو اچي!
هن غريب پڇين؛ ”ٻيلي، مون، اوهان جو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي، جو ماريو ٿا؟“
چورن چيس؛ ”اسين نڪتا آهيون چوري ڪرڻ ۽ تون اسان کي پٽين ٿو ته: ڏهه ئي ڦاسئون! پوءِ موچڙا ڪيئن نه کائيندين؟“
تڏهن چورن کان پڇيائين؛ ”ڀلا! ٻيلي! مون کي سمجهايو ته آءٌ ڇا چوندو وڃان؟“
چورن سـمجهايـس ته ھيئن چوندو وڃ؛ ”هـڪـڙو ڇڏي، ٻيو آڻيو! هڪڙو ڇڏي، ٻيو آڻيو!“
هو بي سمجهه، ”هڪڙو ڇڏي، ٻيو آڻيو!“ چوندو رستي سان وڃي رهيو هو، ته اڳيان ڪن ماڻهن کي لاش سان ويندو ڏٺائين. انهن لاش وارن، جڏهن سندس اهي لفظ ٻڌا، تڏهن هو مٿس ڏاڍو ڪاوڙجي پيا، جو سمجهيائون ته، هيءُ اسان کي پٽي رهيو آهي ته؛ ”اڃا ٻيو ڪو مَريوَ!“ تنهنڪري خوب مار ڏنائونس.
کانئن پڇيائين؛ ”مون ڪهڙو قصور ڪيو آهي، جو اوهين مون کي، ايترو ماري رهيا آهيو؟“
انهن جواب ڏنس ته؛ ”تون اسان کي پِٽي رهيو آهين ته هڪڙو ڇڏي ٻيو لاش آڻيو، پوءِ به وري چوين ٿو ته مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي!“
آخر، انهن لاش وارن کان به پڇيائين؛ ”ڀلا مان ڇا چوان؟“
هُنن جواب ڏنس ته، ”تون چئو ته: اهڙي شال، ڪنهن سان نه ٿئي، اهڙي شال، ڪنهن سان نه ٿئي.“
ويچارو وِسوڙَل، ”اهڙي شال ڪنهن سان نه ٿئي!“ چوندو، وڃي رهيو هو ته سامهون ڄڃ اچي رهي هئي. انهن به هن جي واتان: ”اهڙي شال، ڪنهن سان نه ٿئي“ جهڙا لفظ ٻڌي، کيس مارڪُٽ ڪري، سمجهايائونس؛ ”تون چوندو وڃ ته: اهڙي شال، سڀ سان ٿئي.“
هو اهي لفظ چوندو، هڪڙي ڳوٺ ۾، اچي پهتو. ڳوٺ ۾ هڪڙي ڪنڀر جي گهر کي باهه لڳل هئي. جڏهن ان وٽان لانگهائو ٿيو ۽ ڪنڀر، سندس واتان: ”اهڙي شال، سڀ سان ٿئي“ جهڙا لفظ ٻڌا، تڏهن کيس، ڏاڍو غصو آيو. کڻي سونٽو، اچي ورتائينس ۽ خوب مرمت ڪيائينس. پوءِ ته ڪنڀر، کيس چريو ڄاڻي، اهڙي ڪار ڪيس، جو ٻانهن کان ڇڪي کڻي پنهنجي در تي نوڪر رکيائينس. باهه لڳڻ واري حادثي ۾، زال سڙي ويئي هيس، تنهنڪري رڌڻ پچائڻ کان علاوھ ٻيو به گَهرو ڪم ڪار کانئس وٺڻ شروع ڪيائين.
هڪڙي ڏينهن ڪنڀر چيس؛ ”فلاڻي ماڻهوءَ جاءِ ڊهرائي آهي، جا وري نئين سر ٺهرائيندو. تون وڃي، ان جي ڀتين جي پاڙ منجھان نڪتل چيڪي مٽيءَ مان گڏھ ڀري اچ ته ٿانوَن ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪريون.“
هو گڏھ ڪاهي، اُتي ويو ۽ هڪڙو گنب ڀت جو ڪيرائي وڏي وزن وارو حصو، ڪن ماڻهن جي مدد سان، گڏھ تي رکيائين. گهڻي بار پوڻ سبب، گڏھ ڪِريو ۽ ڪرندي سان ئي مري ويو. هيءُ بيوقوف، لڳو کيس لڪڻ هڻڻ ته من اُٿي. جڏهن گڏھ ڪو نه اٿيو، تڏهن ڪنڀر کي وڃي ٻڌايائين؛ ”گڏھ ضد ڪيو آهي ۽ آهليو سمهيو پيو آهي. اُٿي ئي نٿو، سو آءٌ ڪيئن ڪاهي اچانس؟ پنهنجي کي پاڻ هلي ڪاهي اچ!“
ڪنڀر اچي ڏسي ته گڏھ مئو پيو آهي. هن کي ڦٺ لعنت ڪري، گهر وٺي آيو ۽ چيائينس؛ ”مان، شهر مان ٿورو ڪم لاهي اچان، تون منهنجي بيمار ماءُ کي، تيسين پکو هڻ.“
ڪنڀر پٺي ڏني مس ته هن پوڙهيءَ کي، اهڙا ٻه چار پکا هنيا، جو هوءَ ويچاري، راهه رباني وٺي ويئي. جڏهن ڪنڀر آيو، تڏهن ماءُ کي مئل ڏسي، پڇيائينس؛ ”تو امان کي ڇا ڪيو، جو اھا مري وئي؟“
ٻڌايائينس؛ ”تنهنجي چوڻ موجب، هن کي پکا هڻڻ شروع ڪيم. اڃا ٻه چار پکا، مس لڳا ھوندس جو ننڊ اچي ويس. هينئر ڪهڙي نه مٺڙي ننڊ ۾ ستي پيئي آهي!“
سندس اھي لفظ ٻڌي، خار منجھان اچي ورتائينس موچڙن سان. هڻي اڌ مئو ڪري وڌائينس.
هينئر اتي وڌيڪ ترسي نه سگهيو. ڪنڀر جي گهر کان ٻاهر نڪري، پنڌ کي وڄايائين. سج لٿي مهل، هڪ ڳوٺ ۾ پهتو، جتي هڪ مائيءَ پڇيس؛ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
ٻڌايائينس؛ ”ڳنڍ جو ڳوڙهو، مت جو موڙهو.“
مائيءَ ڏٺو ته ويچارو ڪو سادو ماڻهو آهي، تنهنڪري سندس منٿ تي، کيس رات رهڻ ڏنائين.
اڃا ٻه پهر مس گذريا ته دروازو کڙڪيو. مائيءَ دروازو لاهي ڏٺو ته چار ماڻهو بيٺا آهن. انھن مائيءَ کي چيو؛ ”اسان کي رات پاڻ وٽ رهڻ ڏي. اسان تو کي صبح سان ڍَئي ڇڏينداسين.“
مائيءَ لالچ تي هنن کي ٻيءَ ڪوٺيءَ ۾ ٽِڪايو.
اُهي چار ئي، ڪنهن شاهوڪار جو مال کڻي آيا هئا. جڏهن ورهائڻ ويٺا، تڏهن حصن تي نه ٺهيا ۽ پاڻ ۾ وڙهندي وڙهندي مري ويا.
مائي صبح سان ڏسي ته چار ئي خون ٿيا پيا آهن. مائي ويچاري سڪتي ۾ پئجي ويئي ته متان خون سندس گردن ۾ پوي. ان وقت وري، ’ڳنڍ جو ڳوڙهو، مت جو موڙهو‘ به کانئس موڪلائڻ لڳو.
مائيءَ چيس؛ ”ابا! اڄوڪي رات ٽڪ ته سڀاڻي گهر لاءِ، تو کي ڪي سوکڙيون پاکڙيون ڏينديس.“
هو ويچارو ٽڪي پيو.
مائيءَ ڇا ڪيو جو چار ئي لاش، چئن کٽن تي ڌار ڌار ٻڌي رکيائين، پوءِ هن کي چيائين؛ ”مون وٽ هڪڙو الله لوڪ ايندو ھيو، جنهن جي آءٌ گهڻي وقت کان خدمت ڪندي ايندي هيس، پر ويچارو رات مري ويو آھي. تون هن کي درياهه ۾ اڇلي اچ.“ هو لاش کڻي اڇلي آيو. جڏھن موٽي گھر پھتو ته مائيءَ ٻئي لاش ڏانھن اشارو ڪندي چيس؛ ”اهو لاش ته پاڻ-مرادو موٽي گھر پھتو آهي، تنهنڪري وري اڇلي اچينس.“ هو ڏسي ته مار! وري ساڳئي کٿي وارو لاش کٽ تي پيو آهي. يڪدم لاش کي کڻي وري اڇلي آيو.
قصو ڪوتاهه، مائيءَ چار ئي لاش، کانئس درياهه داخل ڪرايا. جڏهن چوٿون لاش اڇلي موٽيو، تڏهن درياهه جي ڪناري تي هڪڙي ساڌو فقير کي تپسيا ڪندي ڏٺائين. هن سمجهيو؛ ”لاش وري نڪري آيو آهي.“ وجھندي ساڌوءَ کي ڳچيءَ ۾ ڪپڙو، ڇڪي درياهه داخل ڪيائينس.
گھر موٽي اچي مائيءَ سان اها ڳالهه ڪيائين ۽ ٻڌايائينس؛ ”تنهنجي ڳالهه سچي هئي. لاش برابر ڪناري تي نڪري آيو هو، پر مون کيس گهِلي درياهه ۾ اڇليو.“
مائيءَ دل ۾ چيو؛ ”مار! هن ڪنهن جيئري جاڳندي کي ماري درياهه داخل ڪيو آهي!“
صبح تي مائيءَ کان سوکڙيون پاکڙيون وٺي، درياهه جو ڪنارو ڏيو گهر پئي آيو ته پيريءَ (پيراڍو، پيرو کڻندڙ)، هن کي اچي پڪڙيو ۽ چيائينس؛ ”فلاڻي ماڻهوءَ کي تو ماري، درياهه ۾ اُڇليو آهي ۽ تنهنجو پيرو پڌرو بيٺو آهي.“
انھيءَ تي کيس پڪڙي بادشاهه وٽ وٺي آيا. جڏهن کانئس پڇا ٿي، تڏهن چيائين؛ ”سائين، برابر مون هن کي درياهه ۾ داخل ڪيو. جيئن اڇليانس، تيئن موٽيو اچي. مون کي هر گهڙيءَ پنڌ پئي ڪرايائين. تڏھن خار مان ماري اڇليومانس.“
بادشاهه، سندس بي عقليءَ جي ڳالهه ٻڌي، کيس ڦاسي ڏياري، جنھن تي ھڪ عقل واري، جنھن سندس اھي ڪم عقليءَ واريون ڳالهيون ٻڌيون پئي، تنھن چيو؛ ”عقل ريءَ عذاب، گهڻا پسندينءَ جندڙي.“
مطلب: ۱. عقل کان سواءِ انسان عذاب ٿو پسي. (۵) ص ۱۰۱