[ ص ]
هڪڙيءَ ڍنڍ ۾ پکي، نر ۽ مادي، گڏ گهاريندا هيا. ساڻن هڪڙي ڪڇونءَ پڻ اچي ياري رکي. اڙيءَ اُڌيءَ ۾، هڪ ٻئي جي واهر پيا ڪندا هيا.
هڪڙيءَ مند ۾، ڍنڍ جو پاڻي سڪي ويو. هر هڪ جيوَ جو گذران تنگ ٿيڻ لڳو. پکين ۽ ڪڇونءَ جو گذر پڻ ڏکيو ٿيو. پکين ته تڙ تڪڙ ۾ اڏامي وڃي، ٻيو سَرُ تاڙيو. اتي ھڪڙي بيٺل وڻ تي آکيرو هڻي آيا. جڏھن ٻار ٻچا ۽ سامان سڙو کڻي لڏڻ جي ارادي سان پلاڻڻ لڳا ته پوئتي ڪڇون ويچارو، اڏامڻ جي صلاحيت نه ھئڻ سبب، اڪيلو ۽ اٻاڻڪو پئي ٿيو. اھو ٻئي تلاءَ تي وڃي ته ڪيئن وڃي. جر کان سواءِ جالڻ، مشڪل هيس۔
”مون کي هتي اڪيلو نه ڇڏيو!“ ڪڇونءَ لڏڻ پلاڻڻ وقت، پکين کي ايلاز ڪندي چيو؛ ”سياڻن پڻ چيو آهي ته؛ ڏکيا ڏيهاڙا جن سان، سکيا به تن سان. تنهنڪري سک ۾ گڏ هياسين، ڏک ۾ به ساٿ نه ڇڏڻ گهرجي.“
”بلڪل سچ ٿو چوين!“ لاڏائو پکين ڳالھ مڃيندي چيس؛ ”تو کي سُڃ ۾ هيکلو ڇڏڻ چڱو نه ٿو لڳي، تنهنڪري هڪڙيءَ ڪاٺيءَ جي ٻنهي ڇيڙن کي پنهنجي ڪلهن تي رکي اسان اڏامون ٿا ۽ تون ڪاٺيءَ کي وچ کان چڪ ۾ مضبوط جهلي هليو هل. ائين اسان سان سنئين منزل تي پهچي ويندين.“
اهو طئي ڪري اڏاڻا. واٽ تي هڪ ڳوٺ مٿان اُڏامندا پئي ويا جو ڳوٺ جي ڇوڪرن کين حيرت جهڙي حالت ۾ ڏسي وٺي تاڙيون وڄايون ۽ چوڻ لڳا؛ ”هيڏو ڪڇون! ويچارڙن پکين کان پاڻ کڻايو پيو وڃي. ٻڏي مرڻ گهرجيس.“
”ٻڏي مرو توهان!“ ڪڇونءَ چڙ مان کين ورندي ڏني؛ ”مان ڇو ٻڏان.“
ڪڇونءَ ڳالهائڻ لاءِ جيئن وات کوليو، تيئن چڪ ڇڏائجي ويس ۽ ڌو وڃي ڌرتيءَ تي ڪيائين، جنهن تي ڇوڪرا ويجهو مڙي آيس ۽ سندس جواب تي ناراض ٿي اچي لٺين سان ڪٽي چٿي ڇڏيائونس.
مطلب: ۱. گهڻي ڳالهائڻ مان وڏا نقصان آهن.
۲. ڪڇون اگر ڪُڇي نه ھا ته ھوند سر نه وڃائي ھا. (۶) ص ۴۵
155. صلح وارو ڪوڙ، فتني واري سچ کان بهتر آھي. (چوڻي)
چون ٿا ته هڪ بادشاهه، هڪ قيديءَ کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔ زندگيءَ کان مايوس قيديءَ، انتهائي بيڪسي ۽ بيوسيءَ جي حالت ۾ بادشاهه کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪيو۔
مرندو مرندو، ڇا ڇا نه ڪندو؟ فارسي زبان ۾ چوڻي آهي؛ تنگ آمد به جنگ آمد. بادشاهه وزيرن کان پُڇيو ته؛ ”قيدي ڇا ٿو چوي؟“
هڪ وزير، جيڪو نيڪ طبيعت هو، تنهن چيو؛ ”حضور! هي شخص چوي ٿو ته چڱا ماڻهو اُهي آهن جي ڪاوڙ کي پي وڃن ٿا ۽ خطاڪارن جا ڏوهه معاف ڪريو ڇڏين۔“
بادشاهه جي دِل ڀڄي پئي ۽ مٿس ڏاڍو اثر ٿيو. يڪدم قيديءَ جي قتل جو ارادو لاهي ڇڏيائين۔
هڪ ٻيو وزير به اُتي موجود هو، جيڪو مزاج ۽ طبيعت ۾ بلڪل مختلف ھيو۔ اُن چئي ڏنو؛ ”اسان جهڙن ماڻهن جو اهو وڙ نه آهي ته بادشاهه سلامت آڏو ڪا به اهڙي ڳالهه ڪريون، جا اصليت جي خلاف هجي۔ در حقيقت قيديءَ، بادشاهه سلامت کي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي ۽ گاريون ڏنيون اٿس۔“
اهو ٻُڌي بادشاهه ڪاوڙ ۾ منهن ڦيرائي ڇڏيو ۽ چيائين؛ ”هن جي ڪوڙ ۾ نيڪ نيتي هئي ۽ تنهنجي سچ ۾ بد خواهي، تنهنڪري هن ماڻهوءَ جو ڪوڙ تنهنجي سچ کان گهڻو بهتر آهي۔“
مطلب: ۱. دروغ مصلحت آميز، به از راستيءِ فتنه انگيز. (فارسي)
۲. اهو ڪوڙ، جو ڪنهن جي ڀلائي لاءِ ڳالهايو وڃي، ان سچ کان بهتر آهي، جنهن مان فتنو ۽ فساد پيدا ٿئي۔ (ترجمو)