لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
Title Cover of book نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

[ ش ]

152. شيدي گورو نه ٿئي، توڙي سوَ صابڻ لائي. (پهاڪو)
گورن جي ملڪ ۾، هڪڙي شيدي وڪاڻو. جنهن ڳڌس، تنهن ڀانيو ته؛ ’کيس اڳلي مالڪ وهنجڻ وغيره نه ڏنو آهي، جنهن سببان رنگ ئي ڦري ويو اٿس ۽ ميرو پڻ ٿيو آهي. کار ۽ صابڻ جي مهٽ سهٽ ڪجيس ته هوند گورو ٿي پوي.‘
اهو ويچار دل ۾ ونڊي، کيس هڪڙي ٽَبَ ۾ ويهاري، قسمين قسمين صابڻ ۽ ماڃڻ گهرائي، مزدورن هٿارائون خوب مُين سان مھٽرائي، اڇو اجرو ڪرڻ لاءِ جتن ڪيائين. صبح کان سانجهيءَ تائين، مزدور وهنجاري وهنجاري ٿڪا ۽ شيدي تڙڳي تڙڳي اڌ مئو ٿيو پر سندس رنگ ۾ ٽڪي جو به ڦيرو نه آيو. تڏهن کڻي مالڪ منجهانئس هٿ پٽيا.
مطلب: ۱. اڱر نه اجرو ٿئي، توڙي سؤ مڻ صابڻ لاءِ.

153. شينهن کي ڪير چوي؛ ”تنهنجي وات ۾ ڌپ آهي!“ (پهاڪو)
هڪ دفعي هڪڙو شينهن بکارو ٿي پيو. شڪار ڪرڻ جي همت نه هيس. لاچار ڪم هلائڻ لاءِ ٽن ڄڻن؛ ماڻهو، بگهڙ ۽ لومڙ کي صلاح ڏيڻ لاءِ سڏايائين. واري واري سان کانئن سوال پڇيائين.
”منهنجي وات ۾ ڪا ڌپ آهي ڇا؟“ پهريون سوال ماڻهوءَ کان پڇيائين.
ماڻهوءَ، سندس وات وٽ نڪ رکي سنگهيو ۽ سنگهڻ پڄاڻا چيائين؛ ”هائو قبلا، اوهان جي وات مان بانس اچي ٿي.“
انهيءَ تي شينهن ڏاڍو بگڙيو ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس چيائين؛ ”مون اٺن ڏينهن کان ڪجھ کاڌو ئي ناهي کاڌو. تو کي وري منهنجي وات مان بوءِ ٿي اچي. تون وڏو بدمعاش آهين! تو کي نه ڇڏيندس.“ ائين چئي، کيس چيري ڦاڙي کائي ڇڏيائين.
انهيءَ پڄاڻان بگهڙ کي سڏي، کانئس پڇيائين؛ ”تون ڏس! تو کي منهنجي وات ۾ ڌپ محسوس ٿئي ٿي.“
بگهڙ کي به جان وڃڻ جو خطرو هيو سو ڊپ منجهان چيائين؛ ”سائين! توهان جي وات ۾ بانس آهي ئي ڪا نه.“
”هان لچ!“ شينهن گجگوڙ ڪندي چيس؛ ”ٺلهي خوشامد ٿو ڪرين. هي مون ماڻهوءَ کي کاڌو، ته به منهنجي وات ۾ بوءِ ئي ڪا نه ٿي. مان تو کي ڄڻ اڃا بکارو ٿو نظر اچان.“ ائين چئي کيس چيري ڦاڙي کائي ڇڏيائين.
آخر ۾ لومڙ کي گهرائي کانئس ساڳيو ئي سوال پڇيائين، جنهن وات کي هيڏانهن هوڏانهن سنگهي چيس؛ ”سائين! مون کي زڪام آهي. نڪ بند آهي. قبلا مون کي ڄاڻ ئي نه ٿي پوي!“ ائين چئي پنهنجي جان بچائي ويو.
مطلب: ۱. ڏاڍي مڙس کي، منهن تي حق سچ چوڻ به ڏاڍو ڏکيو آهي.