لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
Title Cover of book نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

[ ڀ ]

48. ڀلان ڀليءَ جو ڇيھ ئي ناهي. (چوڻي، ڏند ڪٿا)
هڪڙي بادشاهه جي ڪچھريءَ ۾ هڪ ماڻھوءَ ڪرتب ڏيکاريا. هڪڙي ڪرتب تحت بدنو گهرائي منجهس ڪرينڊڙو ٿي ويٺو ۽ سوڙهو ٿيندو ٿيندو، منجهس پوريءَ طرح ويھجي ويو. ڏسندڙن کي حيران ڪري ڇڏيائين. سندس انھيءَ ڪمال تي راضي ٿي، بادشاهه کيس انعام اڪرام ڏنا ۽ بي اختيار ٿي چئي ڏنائين؛ ”اڄ ڀلان ڀليءَ جو ڇيھه ٿي ويو.“
”جيئندا قبلا!“ وزير وچ ۾ ٽپو ڏيندي چيو؛ ”ڀلان ڀليءَ جو ڇيھه ئي ڪونھي!“
بادشاهه، وزير جي انھيءَ گفتي تي ناراض ٿي پيو. ڏمرجي چيائين؛ ”پوءِ ان کان وڌيڪ ڪو ڪمال ڏيکار، نه ته تنھنجي حياتيءَ جو خير ڪونھي!“
وزير، بادشاهه کان هڪ مھيني جي مھلت وٺي، گهر اچي ويٺو. گهر ۾ قرار نه آيس ته ٻاهر جي سفر جي تياري ڪيائين. جيئن تيئن گهر ۾ رات گذريس. صبح جو سفر لاءِ هڪ پاسي مُنھن ڪري نڪري پيو.
چڱي مسافريءَ کان پوءِ هڪ همراهه سفر ۾ گڏيس، جيڪو گڏهه تي سفر تان موٽيو پنھنجي وطن وڃي رهيو هيو. سفر جو ساٿي هئڻ ڪري، هڪ ٻئي سان حال احوال اوريائون. وزير کيس پنھنجي دل تي پيل ٻوجهه جي پڻ حقيقت ڪري ٻڌائي ۽ سفر جو سبب به ٻڌايو.
”منھنجو ڳوٺ، هن ئي واٽ سان ڳچ پنڌ پڄاڻان اچي ويندو. اوستائين ته مان ساڻ هوندس، پوءِ اڳتي پاڻ هليا وڃجو!“ مسافر، وزير کي چيو. گڏجي اڳڀرو ٿيا ته هڪڙو جنازو ايندي ڏٺائون. وڌي، جنازي کي ڪلھو ڏنائون. ڪلھي ڏيڻ پڄاڻان، مسافر جنازي وارن مان هڪ کان پڇيو؛ ”ادا! هيءُ مري ويو آهي يا مرندو؟“
”ادا!“ ڪانڌيءَ کيس ٻڌايو؛ ”هيءُ مري ويو آهي.“
ڪلھو ڏئي آجا ٿي، اچي پنھنجي سفر واري واٽ تي بيٺا. مسافر گڏهه سنڀالي هلڻ لڳو ته وزير کانئس پڇيو؛ ”لاش بابت اوهان جو اهو سوال ته مري ويو آهي، يا مرندو؟ مون کي ڪجهه عجيب لڳو! اهو واضح ڪري ٻڌائيندؤ!“
”جيئندا قبلا! اهو ته تمام آسان آهي.“ گڏهه واري مسافر، وزير کي وضاحت ڪندي ٻڌايو؛ ”جنھن کي اولاد آهي، سو مرڻ کان پوءِ به ڄڻ اڃا زندھ آهي، جنھن کي اولاد ناهي، سو مرڻ سان ڄڻ مري ويو. منھنجي انھيءَ سوال مان، منھنجي مراد هئي ته کيس پوئتي اولاد آهي يا نه! ڪانڌيءَ جواب ڏنو؛ مري ويو آهي. مراد هئي ته پوئتي اولاد نه اٿس!“
وزير انھيءَ وضاحت تي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. سمجهيائين ته هيءُ به ڪو داناءُ مڙس ۽ سپورنج قسم جو ماڻھو آهي. تڏهن ته دانائيءَ وارو گفتو ڪڍيائين.
اڳڀرو هليا ته کين ٻاجهريءَ جو تيار فصل نظر آيو، جنھن ۾ پيھي تي ويھي، هاري جهار هڪلي رهيو هيو. ڀر ۾ نارُ وهيو پئي. پاڻي پيئڻ ۽ ڊاٻو ڪرڻ لاءِ هيءُ به اوڏانھن لڙي پيا ۽ ڳالھين ڪندي، ناريءَ کان ڪانگ-تڙيي هاريءَ بابت گڏهه واري مسافر پڇيو؛ ”ادا! هيءُ هاري، جيڪو جهار پيو هڪلي، سو ٻاجهري کائي ويو آهي يا کائيندو!؟“
”ادا!“ ناريءَ کيس ٻن لفظن ۾ جواب ڏنو؛ ”کائي ويو آهي.“
ٻنھي جي گفتگوءَ تي وزير پريشان ٿي ويو. دل ۾ چيائين؛ ”فصل ۾اڃا لابارو نه پيو آهي. سنگ ڪانن کان ۽ اَن سنگن کان جدا نه ٿيو آهي. کائڻ لاءِ ٻيا مرحلا به اڃا کوڙ آهن. هيءُ ٿا ويٺا کائي وڃڻ جون ڳالھيون ڪن، سي به عجيب نموني سان. ڇا ماجرا آهي؟!“
اتان نڪري اڳڀرو به نه ٿيا جو وزير پنھنجي دل جي هُرکُر مسافر تي واضح ڪندي پڇيو؛ ”مون کي اَنُ کائي وڃڻ واري ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، جڏهن ته فصل اڃا لُئو ئي ناهي!“
”جيئندا قبلا!“ مسافر وضاحت ڪندي ٻڌايس؛ ”هاري ويچارا، غربت سبب فصل تيار ٿيڻ کان اڳ، زميندار کان ڪافي روڪڙ اوڌر طور وٺي ويندا آهن ۽ فصل لھڻ تي موٽائي ڏيندا آهن. جڏهن فصل لھندو آهي، تڏهن فقط حساب ڪتاب ٿيندو آهي. باقي هاريءَ کي، گهڻو ڪري ٺلھو بوڇڻ ڪلھي تي هوندو آهي! هيءُ هاري به اڳواٽ، فصل ٻولي کائي ويو آهي. هاڻي محنت، ٻين لاءِ پئي ڪيائين!“
جواب ٻڌي، وزير ڏاڍو ڦڪو ٿيو، وڌيڪ ڪڇي ڪين سگهيو.
اڳڀرو هليا ته مسافر جو ڳوٺ اچي ويو. وزير کي رات ترسڻ جي صلاح هنيائين؛ ”سائين سفر ڪافي ڪيو اٿوَ، ٿڪا به هوندؤ! رات مون مسڪين وٽ ٿڪ ڀڃي، پِڇ پاڻي پي، صبح جو خيرن سان هتان هليا وڃجو!“
وزير، ٿڪل هيو ۽ سندس دانائي مان مرعوب پڻ هيو، خوشيءَ سان سندس دعوت قبول ڪيائين.
مسافر، گهر ڀرسان ٺھيل مسيت ۾، وزير کي ترسائي، پاڻ گهر ويو. گهر ۾ فقط ڌيءَ هيس، جنھن جي خدمت لاءِ هڪڙي پوڙهي، پيٽ تي نوڪرياڻي رکيل هيس.
”امان ڌيءَ!“ گهر ۾ پھچندي، مسافر پنھنجي ڌيءَ کي ماني تيار ڪرڻ لاءِ چيو؛ ”مھمان به آهي. ان لاءِ ماني ۽ هنڌ بسترو پڻ ويندو.“
”بابا!“ ڌيڻس مسافر لاءِ بسترو ڏيندي چيس؛ ”مسافر ڪير آهي!“
”امان! مسافر جيڪو آهي، سو ملڪ جو وزير آهي.“ ڌيءَ کي حقيقت کان آگاهه ڪندي چيائين؛ ”بادشاهه سان تڪرار ٿي پيو اٿس. بادشاهه وٽ هڪڙي ماڻھوءَ، پاڻ کي بدني ۾ پوريءَ طرح ماپائڻ وارو ڪرتب ڏيکاريو، جنھن تي بادشاهه کان بي اختيار نڪري ويو؛ ’اڄ ڀلان ڀليءَ جو ڇيھه ٿي ويو.‘ اتي هن وزير کان رهيو نه ٿيو، وچ ۾ ٽپو ڏيندي چيائين؛ ’ڀلان ڀليءَ جو ڇيھه ئي ڪونھي.‘ بادشاهه سندس انھيءَ گفتي تي ناراض ٿي پيو ۽ کيس ان کان ڀلو ڪمال ڏيکارڻ لاءِ انجام ورتائين. هيءُ مھيني جي مھلت تي ٻاهر نڪتل آهي!“
نينگري اها ڳالهه ٻڌي، وڃي رڌ پچاءَ کي لڳي. ماني تيار ڪري، پوڙهيءَ هٿارائون، هن نياپي سان ڏياري موڪليائين؛ ”چنڊ چوڏهينءَ جو، تارا بيشمار!“
پوڙهي نوڪرياڻي ماني کڻي، جيئن ئي گهران نڪتي ته رستي ۾ هڪڙي غريب اچي مانيءَ لاءِ سَئن هنيس. رحم کائي، اڌ مانيون ۽ ٻوڙ کيس لاهي ڏنائين. سمجهيائين ته ماني ڪافي آهي ۽ ايتري مھمان نه کائي سگهندو. بچائي اوبر ڪري ڏئي، جيڪا بعد ۾ ڪتن ٻلن کي ڏيون، تنھن کان اها ڪنھن انسان جي پيٽ ۾ وڃي ته چڱو!“
ڪراڙيءَ بقايا مانيون اچي مھمان آڏو، نياپي ساڻ پيش ڪيون.
مھمان ماني کائي، هن نياپي سان ڪراڙيءَ کي ٿانءَ موٽائي ڏنا؛ ”چنڊ ستينءَ جو، تارو ڪو ڪو.“
جڏهن، پوڙهيءَ مھمان جي جوابي نياپي سان، ٿانءَ موٽائي ڏنا ته نينگري ٻڌي تپرس ۾ اچي وئي ۽ پوڙهيءَ کان پڇيائين؛ ”تو کي چوڏهن مانيون ۽ ڪافي ٻوٽين وارو ٻوڙ ڏنو هيم، پر تو مھمان کي ست مانيون ۽ ٻوٽين نڪتل ٻوڙ وڃي پيش ڪيو آهي، سو ڇو؟!“
”امڙ! رستي ۾ ٽن ڏينھن جي بکايل مسافر ايلاز ڪيم.“ پوڙهيءَ، گهٽ ماني پھچائڻ لاءِ دليل ڏيندي ٻڌايس؛ ”اڌ مانيون ۽ اڌ ٻوڙ کيس ڏنم، ڇو جو ايتري ماني، مھمان کائي ڪين سگهي ها! تنھنڪري قياس کائي غريب مسافر کي اڌ ڏنم!“
نينگري ٻنھي جا ٻول ۽ دليل ٻڌي، خوش ٿي ۽ خاموش رهي. جڏهن سندس پيءُ گهر واپس وريو ته کيس چيائين؛ ”مان شادي ڪندس ته انھيءَ مھمان سان!“
”امان! مسافر ملڪ جو وزير آهي.“ پيءُ، ڌيءُ کي واضح ڪندي، مڙي وڃڻ لاءِ چيو؛ ”سو! اسان سان ڪيئن ڳنڍبو!“
”بابا! تون ڳالهه چوري ڏسينس، پوءِ کَٽن ڀاڳ!“
”چڱو مان ڪوشش ڪريان ٿو.“ پڻس آٿت ڏيندي چيس؛ ”باقي اڳتي تنھنجي قسمت آ.“
پڻس، گهران نڪري، مھمان سان سمھڻ کان اڳ واري آخري ڪچھري ڪرڻ لاءِ پھتو. اوڀاريون لھواريون ڪندي، کيس ڌيءَ جي سڱ جي آڇ ڪيائين، جيڪا هُن خوشيءَ سان قبول ڪئي، جو نينگريءَ ۽ سندس ڏاهپ تي اڳي ئي مفتون هيو، پر شرط رکيائين؛ ”مان مسافريءَ تان موٽان ۽ پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيان ته پوءِ!“
اها خوشخبري موٽي اچي ڌيءُ کي سڻايائين.
شرط ٻڌي ڌيڻس چيو؛ ”وزير جي اُڻ تڻ هتي ئي ختم ٿيندي. بادشاهه کي ڪمال ڏيکارڻ لاءِ مان تيار آهيان.“
انھيءَ نياپي تي وزيرُ شاديءَ لاءِ آماده ٿي ويو ۽ شادي ڪري زال سوڌو پنھنجي وطن ڏانھن اسھيو.
انجام واري ڏينھن کان هڪ ڏينھن اڳي پھتو. پھچندي شرط، بادشاهه جا خابرو، حاضر ٿيڻ جو نياپو کڻي آيس.
بادشاهه جي درٻار ۾ پھچي، ٻئي ڏينھن ميدان ۾ ڪمال پيش ڪرڻ جو واعدو ڪري موٽي آيو.
گهر ۾ زال چيس؛ ”ٿورو سُٽ ۽ لوهه جي ڪليءَ جو بندوبست ڪيو!“
يڪدم سُٽ ۽ ڪِليءَ جو بندوبست ٿي ويو. رات جو سندس گهر واريءَ ڪليءَ ۽ سُٽ تي ڪجهه پڙهي شوڪاريو ۽ چيائين؛ ”جنھن ميدان ۾ ڪمال ڏيکارڻو آهي.، ان جي وچ تي هيءَ ڪلي کُپندي ۽ سُٽ جي تند مٿس ويڙهبي.“
وزير، لوڪان لڪي، ميدان ۾ ڪلي کوڙي، مٿس سُٽَ-تند ويڙهي آيو.
صبح جو بادشاهه سميت سمورا ميدان ۾ پھتا. ڏٺائون ته ميدان ۾ ڪلي کتل آهي ۽ منجهس هڪ تند ٻڌل آهي، جنھن جو ٻيو ڇيڙو آسمان ڏي حد نگاهه کان به مٿي آهي. وزير ڏانھن، ڪمال پيش ڪرڻ لاءِ ايلچي ويو پر هُن اچڻ ۾ ڄاڻي ٻجهي گيسر ڪئي. انھيءَ اپرانڌ هڪڙو مرد، مائيءَ سميت ميدان ۾ آيو ۽ بادشاهه کي عرض ڪيائين؛ ”مان جنگ تي چڙهان ٿو، پويان منھنجي هن زال جي پارت هجيو! مارجي وڃان ته ڀلي کيس خاش خوشيءَ سان ٻئي هنڌ پرڻائي ڇڏجو.“ ائين چئي تند جي سھاري، مٿي چڙهڻ شروع ڪيائين، تان جو اکين کان اوجهل ٿي ويو. اوچتو مٿان وڍيل عضوا، ڦٿڪندڙ صورت ۾ ڪرڻ لڳا. ماڻھو حيران ۽ وائڙا ٿي ويا ۽ منجھن ڦڙڦوٽ پئجي وئي. انھيءَ گهمسان ۾، هيٺ بيٺل زال به گم ٿي وئي.
انھيءَ اپرانڌ، وزير کي به ڪيئي نياپا ويا پر ان به اڃا اچڻ ۾ دير ڪئي. نياپي واري کي سندس گهران، نه سڏ، نه واڪو پئي مليو.
ميدان ۾ مٿي چڙھي ويل همراهه جا پھرين هٿ، پوءِ پير ۽ ٽنگون هڪ هڪ ٿي ڪِريا. آخر ۾ ڌڙ ۽ ان کان پوءِ منڍي ميدان ۾ اچي ڦھڪو ڪيو. بيٺي بيٺي عضوا پاڻ ۾ ملي ويا ۽ همراهه، ڪپڙا ڇنڊي اٿي بيٺو. لوڻا ڦيرائي، بادشاهه کي جاچيائين. کيس لڀندي ئي ويجهو اچي امانت جي طلب ڪيائين، جنھن تي بادشاهه ششدر ٿي ويو. عين ان وقت وزير به اچي پھتو، جنھن کي بادشاهه، دير سان اچڻ ۽ ڪمال نه ڏيکارڻ جي شڪايت ڪئي.
”جيئندا قبلا!“ وزير هٿ ٻڌي چيس؛ ”هيءُ ڪمال، بدني واري همراهه جي ڪمال کان وڌيڪ نه هيو ڇا؟“
”بيشڪ ھيو.“ بادشاھ آڻ مڃيندي چيس.
”انھيءَ جو مطلب اھو ٿيو ته اوھان قبول ڪيو!“ وزير يادگيري ڏياريندي چيس؛ ”ڀلان ڀليءَ جو ڇيھ ئي ڪونھي.“
”واقعي!“ بادشاھ به زبان سان اقرار ڪيو؛ ”ڀلان ڀليءَ جو ڇيھ ئي ڪونھي.“
مطلب: ۱. ڪنھن به خاصيت يا صفت، ملڪيت يا جاھ جو انت ناھي.
۲. دنيا جي ڪا به شيءِ، ڪمال ۾ حرف آخر ناھي.
۳. استادن جي جاءِ سدائين خالي آھي. (۱۴) ص ۱۰

49. ڀلو پير ڪي ڀلو ويساھ. (پھاڪو)
هڪ دفعي، ڀري درٻار ۾ بحث هلندي، بادشاھ پنهنجي وزير کان پڇيو؛ ”پير ڀلو يا ويساھ؟!“
وزير وراڻيس؛ ”ويساھ!“
”نه!” بادشاھ انڪار ڪندي چيس؛ ”پير ڀلو!“
انهيءَ تي وزير ته وقتي زهر جو ڍڪ ڀري چپ ڪري ويهي رهيو، پر دل ۾ انهيءَ ڳالھ کي سانڍي ڇڏيائين.
هڪ دفعي بادشاهه کي هڪڙي پاسي جنگ تي وڃڻو هئو. جنگ جو اصطبل وڄي ويو. فوجون ڪٺي ٿي ويون. جنگ جي ميدان ۾ پهچڻ کان اڳ، وزير بادشاھ کي چيو؛ ”جيئندا قبلا! رستي ۾ هڪڙي پير جو مقبرو آهي. جنگ جوٽڻ کان پهرين اتان دعا گهرجي ته چڱو. ٻڌو آهي ته پهتل بزرگ آهي.“
بادشاهه جنگ تي چڙهڻ کان اڳ، ان مقبري ۾ دعا گهرڻ آيو. بعد ۾ کيس جنگ ۾ فتح ٿي، جنهن تي وزير کي چيائين؛ ”مون تو کي ڪو نه چيو هيو ته پير ڀلو هئڻ گهرجي!“
”چڱو پوءِ مون سان هلو ته مان توهان کي رنگ ٿو ڏيکاريان.“ وزير، بادشاهه کي عرض ڪيو.
ان بعد، ٻئي ڄڻا، ڪجھ ماڻهو ساڻ ڪري، ان مقبري وٽ آيا. کوٽائي ڪيائون ته قبر مان مئل گڏھ نڪتو. جنهن تي بادشاھ پڇيو؛ ”هي ڇا آهي؟!“
”هيءُ قصو سڄو هٿرادو ٺاهيو ھيوسين ته جيئن سائينءَ جن کي خبر پئجي وڃي. دراصل ويساھ ڀلو آهي.“ وزير، بادشاهه کي اصل حقيقت کان آگاهه ڪندي چيو.
مطلب: ۱. ڀروسو يا عقيدو، ماڻھوءَ کان سڀ ڪم ڪرائيندو آھي. (۲) ص ۲۰

50. ڀلو ڪر ته ڀلو ٿيئي. (چوڻي)
هڪڙو شينهن، اونهاري ۾ وڻ جي ڇانءَ هيٺ پيو هيو جو سندس بت تي ڪيترن ڪُئن اچي ڊڪ ڊوڙ لاتي. تنهن تي شينهن جاڳي پيو ۽ هڪڙي ڪئي کي جهٽ هڻي سوگهو ڪيائين ۽ چيڀاٽڻ ۾ هوس ته ڪُئي ايلاز ڪندي چيس؛ ”اي سائين! جانورن جا بادشاھ! مون جيتامڙي کي مارڻ مان، توهان کي ڇا هٿ ايندو؟ ڇڏيوم ته وڃي ٻچن سيمت اوهان کي دعائون ڪريان.“
انهيءَ تي شينهن کي ڪهل اچي وئي ۽ ڇڏي ڏنائينس، جنهن تي ڪُئي سندس ٿورا مڃيا ۽ چيائينس؛ ”مون کي سر جيئدان ڏنو اٿوَ. باقي توهان جو جڏهن هن غلام ۾ ڪم پيو ته ھيءُ اوھان تان سِرُ قربان ڪندي، ڪين مڙندو.“
انهيءَ تي شينهن کلي چيس؛ ”پوءِ شايد آ هن جهنگ جو بادشاھ ئي ڪين آهيان! جو ڦاسندس ۽ تنهنجي مدد جي ضرورت پوندم. بهرحال چوھا! تون وڃ ۽ ٻچن سميت سکي ٿي. مون کي تنهنجي ضرورت ئي نه پوندي“.
ٿورن ڏينهن پڄاڻان، ساڳئي وڻ وٽ، هڪڙي ماريءَ جي پنجوڙن ۾ ساڳيو شينهن ڦاسي پيو. ڦاسڻ کان پوءِ ڏاڍو ڦٿڪيو پر ڪَري ڪي ڪين سگھيو. ششدر ٿي ڏاڍيون گجگوڙيون ڪيائين. جيڪي ساڳئي ڪُئي به ٻڌيون، سو به تڪڙو اچي پهتو ۽ تڪڙو تڪڙو پنجوڙ جي رسن کي ڪترڻ لڳو. ماريءَ جي پهچڻ کان اڳ، شينهن کي آزاد ڪرائي ڇڏيائين.
آزاديءَ بعد، شينهن ڪُئي جا ٿورا مڃيا ۽ چيائينس؛ ”پاڻ کان ٻئي کي گهٽ ڄاڻڻ مورکائپ آهي.“
مطلب: ۱. هڪ-رشيءَ جو ست-رشيءَ ۾ ۽ ست-رشيءَ جو هڪ-رشيءَ ۾، ڪم پوندو آهي.

51. ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀلي. (پھاڪو)
هڪڙي وڇار جي هڪ وڇ، جهنگ ۾ چرندي، وڳ کان وڇڙي وئي. رات ٽاڻي، وٿاڻ تي نه آئي. ٻيو مال سمورو پهتو، وڇ نه پهتي ته وڇار کي ڳڻتي ٿي پئي. وٿاڻ تي ٻيو مال واڙي، وڇ ڳولهڻ لاءِ نڪتو. ڏٺائين ته وڇ اڳيان اچي پئي ٿي. دل ۾ چيائين؛ ”اجايو خفو ۽ پريشاني ڪرڻ کان، بچي پيم.“
مطلب: ۱. جيڪو ماڻهو، بڇڙي دڳ تي هلڻ کان پوءِ، پشيمان ٿي سڌي راھ تي اچي، تنهن لاءِ ائين چيو ويندو آهي. (۲) ص ۲۰

52. ڀنگياڻي راڻي، طبيعت گونھاڻي. (پھاڪو)
هڪڙو بادشاھ، هڪڙيءَ ڀنگياڻيءَ تي مستان ٿي پيو. انڌي عشق سبب، ساڻس شادي رچايائين، جنھن سان ڀنگياڻي، ڦري ملڪ جي راڻي ٿي پئي. گندين ڀُنگين مان نڪري، محلن ۽ صوفن، گلمن ۽ غاليچن تي رهڻ لڳي.
ڪجھ ڏينهن کان پوءِ، شهزادي صاحبه کي مٿي ۾ سور پيو. سور به اهڙو جو لهڻ جو نالو ئي نه وٺي. سمورا حڪيم طبيب آزمايا ويا. ٽوڻا ڦيڻا ڪيا ويا. ڊاڪٽرن وس ڪيو. سور هٺئون هيٺ نه ٿيو. سمورا زور آزمائڻ کان پوءِ، بادشاھ صاحب به راڻي صاحبه جي تڪليف سبب، پريشان رهڻ لڳو ۽ ڳڻتيءَ ۾ ڳرڻ لڳو. رعايا، بادشاھ جي تڪليف سبب پڻ ڳڻتيءَ ۾ اچي وئي.
بادشاھ هڪدم حڪم ڪيو؛ ”سمورا نامور طبيب ڪٺا ڪيا وڃن.“
سمورا گڏ ٿيا. سمورن کي گڏجي مٿا ميڙ ڪري سوچڻ جو موقعو ڏنو ويو. هڪڙي طبيب هام ڀري؛ ”آ شهزادي صاحبه جو علاج ڪندس.“ حڪيم صاحب اڳتي عرض ڪيو؛ ”مٿي جو سور، هڪڙيءَ ناس سان لهندو، جيڪا ڪجھ مهينن اندر ٺهندي. سون جي دٻليءَ ۽ چانديءَ جي ورقن ۾ اها ناس رکبي. شهزادي صاحبه کان سواءِ ڪير به اها دٻلي نه کوليندو ۽ نه ئي اھا ناس سنگھندو. جيڪڏهن ڪنهن حرڪت ڪئي ته مٿي جو سور ساري عمر نه لهندس. ان ناس ٺاھڻ لاءِ، چڱي رقم جي ضرورت آهي. سا اگر مهيا ڪئي وئي ته قوي يقين آھي جو راڻي صاحبه جن جو مٿي جو سور رفع ٿي وڃي.“
حڪيم صاحب کي بادشاھ طرفان، اھڙي ناس ٺاھڻ جو پروانو عطا ٿي ويو. کيس قومي خزاني منجھان خطير رقم به پيشگي مھيا ڪئي وئي. ٻئي ڏينھن کان حڪيم صاحب پنھنجي نسخي تيار ڪرڻ ۾ جنبي ويو.
حڪيم صاحب، انساني ڪرفٽي کڻي، سُڪائي، ڪُٽي، ناس ٺاهي، سوني دٻليءَ ۽ طشتريءَ ۾ وجھي، شهزادي صاحبه کي عام آڏو، ڍاڪونءَ ۾ ڍڪي، پيش ڪئي. راڻي صاحبه تخليي ۾ وڃي، اھا ناس واپرائي، جنھن سان سندس مٿي جو سور لھي ويو.
۲
هڪڙي شهزادي جي نگاھ، هڪڙي دٻگر جي ڌيءُ تي پئي. کيس ڇوڪري ڏاڍي وڻي وئي ۽ مٿس موهت ٿي پيو. چي؛ ”شادي ڪندس ته ان سان.“
مٽن مائٽن کي مجبور ڪري، دٻگر جي ڌيءَ کي راڻي ڪري اچي گهر ۾ رهايائين. راڻيءَ جو ماحول مٽيو ۽ پهرين خوش ٿي، بعد ۾ بيمار ٿي پئي. مٿي ۾ سور ڏاڍو ٿيس. اکين مان به پاڻي ڏاڍو پئي وهيس، جنهن سبب هر ڪم ۾ هلاکي پئي محسوس ڪيائين.
نيٺ انهن دٻگرن/ ڇڪارين مان، هڪڙي کيس ڏس ڏنو. ان تي عمل ڪندي ٻه ٻگھ پکي جهلايائين.کين ماري، منجهانئن پوٽيس ٺاهي، پهريائين مائيءَ جي اکين تي ٽاڪوريائين، پوءِ لپريءَ جي پٽي مٿي سان ٻڌائينس. انهيءَ علاج سان مائي چاق چڱي ٿي پئي.
مطلب: ۱. جيڪو ماڻهو جنهن ماحول ۾ رهي ٿو، ان جو مٿس آخر تائين اثر رهي ٿو.
۲. جارا ڏيوڻا، مين کاوڻا.
۳. جهڙي ڇالي، تهڙي پني. (چوڻي) (۲) ص ۳۳ ۽ مٿين روايت لاءِ ڏسو (۱۵)