لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
Title Cover of book نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

[ ب ]

22. بخت ڏئي ڀيڙو، دال مان سيرو. (چوڻي)
ھڪڙي پوليس عملدار سان، سندس وڏو آفيسر، ڏاڍو پسريل هيو. کيس ٿاڻي تي ويٺو نه سهندو هو. هڪڙي جاچ تان موٽي ئي نه، ته ٻئي پاسي موڪليس.
هڪڙي دفعي، ڪنھن جاچ تان رات ڌاري موٽي، ٿاڻي تي پهتو. ماني کائي ٿڪ به نه ڀڳائين ته وڏي عملدار گهرائي چيس؛ ”فلاڻو ماڻهو، ڏوھ ۾ گهربل آهي، کيس پڪڙي اچ!“
”حاضر سائين!“ ائين چئي، گهوڙي تي لانگ ورائي، روانو ٿيو. بيگاھ وقت ھيو. سڙڪ ڇڏي، جھنگ مان هڪڙي ڦٽل ڪڙيي جو ڪپ ڏيئي، ويو پئي جو گهوڙي جا سنب، ڪنهن سخت شيءِ سان لڳا ۽ آواز ٿيو. ڪنايائين ته کيس لڳو، ڄڻ ڪنهن ٽامي جي ٿانءَ کي ڌڪ لڳڻ جو آواز ھجي. هڪدم گهوڙي تان لٿو. هٿن سان مٽي هيڏي هوڏي هٽايائين ته کيس هڪڙي ديڳ نظر آئي، جيڪا سونين مهرن سان ڀريل هئي. خرزين، توٻرو ۽ کيسا پُر ڪيائين. بچيل مهرون، پوتڙي ۾ هڙ ڪري ٻَڌائين. سندس ڳوٺ اُتان ويجھو هيو. اتي مھرون ڇڏي، اچي ڏوھي پڪڙيائين ۽ کيس وڏي عملدار جي حوالي ڪيائين. ستت پنهنجي استعيفا لکي، گهر هليو آيو.
نوڪري برطرف ٿيڻ کان پوءِ اميراڻو گذر سفر ڪرڻ لڳو ته ماڻهن ۾ چو پچو شروع ٿي؛ ”سپاھيءَ مان امير، ڪيئن ٿيو آھي؟“
”ادا، جيڪڏھن!“ ماڻھن کي موٽ ۾ چوندو ھيو؛ ”بخت ڏئي ڀيڙو، دال مان ٿئي سيرو.“
مطلب: ۱. دال مان سيرو ٿيڻ؛ اڻ هوند/ سُڃائيءَ مان آسودگي ٿيڻ.
۲. ڌوڙ ڦلھيار مان، سون ٿي پوڻ.

23. بخش بيبي ٻلي، ڪئو لنڊو ئي ڀلو. (اردو، پهاڪو)
هڪڙي ميسڻي ٻلي هئي. کيس چٽپٽين ڳالهين ڪرڻ جو ڏاڍو ڏانءُ ھوندو ھيو. انهن ڳالهين ڪري، هڪڙي ڪُئي سان سنگت ٿي ويس. ڪئو به ساڻس راند کيڏڻ تي هري ويو.
هڪ ڏينهن راند کيڏندي، موقعو تاڙي، ٻليءَ ڪئي تي لامارو ڏنو. ڪئو به اڃا ڊنل هئو، سو ڦڙتائيءَ سان يڪدم ٻِرُ ڏانهن وٺي ڀڳو. پاڻ ته سڄو ٻر ۾ هليو ويو پر سندس پڇ اڃا ٻاهر هئو، جيڪو ٻليءَ جي چنبن ۾ اچي ويو. ٻلي ٻاهر ڇڪڻ تي، ڪئو اندر زور ڏيڻ تي. انهيءَ ڇڪ ڇڪان ۾، پُڇ پاڙ وٽان ٽٽي پيو.
جڏهن ٻليءَ ڏٺو ته سولو شڪار به هٿان هليو ويو آهي ته کيس آتارڻ لڳي. ٻر وٽ ٻوٿ رکي سڏڻ لڳس؛ ”هلي آءُ پيارا ننڍڙا ڪئا! ڀوڳن ڀوڳن ۾ رسي وڃي ٻر ۾ لڪو آهين. اچ وري راند رچايون.“
”نه! مان نه ايندم.“ رت ڳاڙيندڙ ڪئي، ڦرڪندي چيس؛ ”مون کي ڀؤ ٿو ٿئي.“
ٻليءَ آٿت ڏيڻ لاءِ، ڪٽيل پڇ، ٻر وٽ لوڏيندي چيس؛ ”ٿوري دل پشوري ڪرڻ تي رسي ويو آهين. هلي آءُ! ھلي آءُ ته پڇ به سبي ڇڏيانءِ. پڇ کان سواءِ ڪهڙو ٺهندين؟!“
ڪئو ٻليءَ جي نيت کي صفا سمجهي ويو هيو. تنهن اندران ٺپ جواب ڏيندي چيس؛ ”پڇ ويو، خير آهي. جان ته بچي. اڳتي لاءِ سبق ته سکيم.“
”اڙي نه نه! رڳو ڀوڳ ڪيم.“ ٻليءَ آتاريندي چيس؛ ”هاڻي ضد تان لھ! هلي آ.“
ڪئي رت ڳاڙيندي ۽ سهڪندي، اندران چيس؛ ”بخش بيبي ٻلي، ڪئو لنڊو ئي ڀلو.“
مطلب: ۱. ٻئي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام وڃڻ کان پوءِ، اگر ڪو ماڻھو ٻيھر واجھ وجھڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ته کيس ائين ٽوڪبو آهي. (۸) ص ۵۶.

24. برا ڪر نه برايون، تو گھر به ڄايون. (چوڻي)
هڪڙو همراھ، زال ۽ پٽ سميت، گهر ۾ رهندو هيو. هڪ ڏينهن هڪڙو مسافر، سج لٿي کان پوءِ، مينهن ساڻ ڪري، وٽانئن اچي لنگهيو. رات گذارڻ لاءِ کين عرض ڪيائين. مسافر کي اوطاق ۾ ماني ۽ بسترو ڏئي، سندس مينهن گهر ۾ ڪاھي اچي ڪلي سان ٻڌائون. رات ٿي ته زال مڙس، لالچ ۾ اچي، مھمان جي مينهن ڦٻائڻ جي سٽ سٽڻ لڳا. پاڻ ۾ صلاح ڪيائون؛ ”مسافر کي ننڊ ۾ ننڊ ڏئي، کڏ کڻي پوري ڇڏجي ته صبح جو مينهن جا مالڪ اسان هونداسين“.
اوطاق ويجھي ھئي ۽ مسافر جي به ڳڻتيءَ ۾ اڃا اک نه لڳي ھئي. تنھن سندن اها گفتگو ٻڌي ورتي، جنھنڪري چپ چپات ۾، اوطاق مان نڪري ويو. مسافر جي وڃڻ بعد، گهر-ڌڻيءَ جو پٽ، ٻاهران آيو ۽ اوطاق ۾ هنڌ بسترو وڇايل ڏسي، آھليو ته ننڊ کڻي ويس. رلي تاڻي ستو پيو هئو، جو گھر-ڌڻين کيس مسافر سمجهي، ننڊ ۾ ننڊ ڏئي ڇڏي. تاڻيل رليءَ سميت، ويڙهي وڃي کڏ ۾ پوريائونس.
صبح سان مينهن جو مالڪ، پوليس کي وٺي اچي در تي پهتو ته زال مڙس جون وايون بتال ٿي ويون. مينھن، مالڪ کي، پوليس جي معرفت موٽائي ڏنائون. ھرکر ۾ اچي، کڏ کوٽيائون ته منجھس ڪنھن کي پوريو آھي؟ کوٽڻ بعد، خبر پين ته لالچ ۾، پنهنجو پُٽ ڪٺو هئائون. مينهن ته نه ڦٻي، پر پٽ به ويو. انهيءَ صدمي ۾ ماءُ مري وئي ۽ پيءُ چريو ٿي ويو.
مطلب: ۱. لالچ، بري بلا آهي.
۲. لالچ، ڪتن سان گڏ کارائي.
۳. هٿ جي وڍيءَ جو؛ نه ويڄ، نه طبيب.
۴. هٿان پئي نانڪا، ڪچو ٿي ڪوٺين ڪيچين کي؟! (۹)

25. برائيءَ جو بدلو، برائي آهي. (چوڻي)
گهڻو وقت اڳي جي ڳالھ آھي. بغداد جي شاهي رستي تان هڪ امير پنهنجن خادمن سان لنگھيو ٿي ويو. ساڳئي وقت، هڪ درويش به اتان اچي لنگهيو. امير کي ڏسي، درويش کانئس خيرات گهري. امير، فقير جي سوال تي ڪاوڙجي پيو. کيس نه فقط بڇڙو ڳالهايائين، پر پٿر کڻي، اهڙو ته زور سان هنيائينس، جو سندس مٿو ڦاٽي پيو.
درويش، امير جي وڃڻ کان پوءِ، پٿر کنيو ۽ چوڻ لڳو؛ ”مان هن پٿر کي سانڍي رکندس. اهو وقت ضرور ايندو، جڏهن هن پٿر سان، کانئس پنهنجي بيعزتيءَ جو بدلو وٺندس“.
جنهن کان پوءِ، اهو پٿر انهيءَ فقير سان سدائين ساڻ هوندو هيو.
هڪ ڏينهن صبح جو، ساڳيو فقير جيئن رستي تان گذري رهيو هيو ته ماڻهن جي وڏي انبوھ کي ڏٺائين. منجهن هڪ همراھ کي گڏھ تي ويٺل ڏٺائين، جنهن کي هر ڪو پٿر به هڻي رهيو هيو ۽ لعن طعن به ڪري رهيو هيو.
ماڻهن جي ٻڌائڻ تي خبر پيس ته وقت جو خليفو، پنهنجي هڪ امير تي ناراض ٿيو آهي، ان ڪري کيس اها سزا ڏني اٿائين. فقير، اڳتي وڌي اچي ڏٺو ته گڏھ تي ساڳيو امير ويٺل هيو، جنهن کيس خيرات گهرڻ تي پٿر هنيو هيو.
ٻارنهن مهينا اڳ وارو منظر، فقير جي اکين آڏو ڦري آيو. سانڍيل پٿر، هڻڻ لاءِ ڪڍيائين. هڻڻ کان اڳ، سندس من ۾ هڪ خيال آيو؛ ”هن ته مون سان برائي ڪئي ۽ دنيا ۾ ذليل خوار ٿيو آهي. ان جو بدلو ته ناهي جو مان به ساڻس اهڙو ورتاءُ ڪيان جهڙو پاڻ ڪيائين. پوءِ ھن ۾ ۽ مون فرق ڪهڙو ٿيو!“
اهو خيال ايندي، پٿر هٿ مان ڪِري پيس ۽ زبان مان بي اختيار نڪري ويس؛ ”برائيءَ جو بدلو، برائي آهي.“
مطلب:۱. ھتي ڪر، ھتي لوڙ.

26. بگهڙ کي رڍن جي ڌناري/رکواليءَ تي نه رکجي. (پهاڪو)
هڪڙو بگهڙ، گهڻي وقت کان رڍن جي هڪڙيءَ ڇانگ وٽان پيو لنگهندو هيو. پنهنجي ساک ويهارڻ خاطر، هن ڪڏهن ليئو پائي به رڍن ڏانهن تڪيو ئي نه. ريڍار جي منجهس جيڪا بدگماني هئي، سا سندس روش سبب، دور ٿي وئي. ھاڻي بگهڙ نه رڳو رڍن جي ڪڍ پيو هلندو هيو پر رڍن سان رڍن جهڙو ويس ڪيو پيو گھمندو هيو. هلندي هلندي ريڍار کي يقين ويھجي ويو؛ ”بگهڙ، بي ايمان ناھي، بلڪ مددگار آھي.“
هڪ دفعي ريڍار کي شهر پاسي ڪم ڪار ٿي پيو. ٻيو ڪو سنگتي ساٿي ڪو نه پئي سُجهيس، جنهن کي ڌڻ جي واهت لاءِ ويهاري وڃي. لاچار، سڄو ڌڻ، بگهڙ جي رکواليءَ ۾ رکي، پاڻ شهر ڏانهن راهي ٿيو. سمجهيائين پئي؛ ”هيترو وقت گڏ رهيو آهي، ويري نه ٿيندو، بلڪ سڄڻ ٿي ڌڻ جي سار سنڀار لهندو، تيستائين شهر کان مان به موٽي ايندس.“
بگهڙ کي مُلڪ ئي آجو ٿي مليو. تنهن به پنهنجي مڙسيءَ جا جوهر ڏيکاري پِڙ ئي پالها ڪري ڇڏيا. نه ڇڏيائين نالي کي ڪا رڍ، هڙني کي چيري ڦاڙي، اڳين پوئين ڪسر ڪڍي ڇڏيائين.
ريڍار، جڏهن شهر کان موٽيو ته بگهڙ جي هاڃي کي ڏسي، کيس ڌڻ جو ڌنار ڪرڻ واري بيوقوفيءَ تي ڏاڍو پشيماني ٿي.
مطلب: ۱. جنهن کي خدا جو خوف نه هجي، تنهن کي ڪمزورن جي سار سنڀار لاءِ نه ڇڏجي.
۲. جَوَ ڍيري ڪري، گڏھ کي رکپال نه ڪجي.

27. بنا محنت جي مليل مزدوري، حرام ئي آهي. (چوڻي)
هڪڙي ملان کان ڪنهن پڇيو؛ ”ڏي خبر! ڪڏهن حرام کاڌئي!“
”ها! هڪ ڏينهن! مينهن وسي پيو! ٻاهر نڪرڻ ڏکيو ٿي پيو. مسجد ۾ وڃي، جماعت کي نماز پڙھائي نه سگهيس. پنھنجي نماز به گھر ۾ ئي پڙھيم.“ ملان دليل ڏيندي ٻڌايس؛ ”گهر ويٺي خيرات جي ماني کاڌم.“
”ان ۾ حرام کائڻ واري ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي.“ پڇڻ واري، جواب مان مطمئن نه ٿيندي وڌيڪ پڇيس.
”بنا محنت جي مليل مزدوري، حرام ئي آهي.“ ملان دليل ڏيندي چيس.
مطلب: ۱. حرام ته نه کائجي پر وس ويندي پِن جي ٽڪرن کان به بچجي.
۲. پن جا ٽڪر، پيٽ ۾ پوندا ته محنت نه پُڄندي.

28. بي عقل سان ريس ڪير ڪندو؟ (چوڻي)
هڪڙي جهنگ ۾ گڏھ ۽ لومڙ گڏ رهندا هيا. ٻنهي جي پاڻ ۾ واقفيت هئي. هڪ ڏينهن واٽ ويندي سندن پاڻ ۾ ملاقات ٿي.
لومڙ، گڏھ کان پڇيو؛ ”يار! هڪ ڳالھ پڇانءِ، دل ۾ ته نه ڪندين!؟“
”ڇو؟ دل ۾ ڇا لاءِ ڪندم!؟“ گڏھ، لومڙ کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيندي چيو؛ ”دل کولي چؤ!“
”دراصل ڇاهي، مان نه ٿو چوان، بلڪ هر ڪو ٿو چوي.“ لومڙ مٺڙي زبان سان گڏھ کي چيو؛ ”گڏھ، ڏاڍو بيوقوف آهي.“
گڏھ، اها ڳالھ ٻڌي، پهرين هيڏي هوڏي واجهايو ۽ پوءِ رازدارانه انداز ۾، لومڙ کي چيائين؛ ”دراصل، سمورا منهنجي عقل ۽ دانائي کان سڙن ٿا.“
مطلب: ۱. بي عقل سان ريس نه ڪجي.
۲. چرين سان مقابلو ڪير ڪندو؟ (۱۰) ص ۳۲.

29. بيوقوف کي نصيحت ڪرڻ؛ ڊينگهرن تي اٽو هارڻ. (چوڻي)
هڪڙي ماريءَ، جهرڪي ڦاسائي. کيس ڪهڻ جو ارادو ڪيائين جو جهرڪيءَ چيس؛ ”مون مان اڌ دڪو گوشت نڪرندو، تنهن مان تو کي ڪهڙو ڍءُ ٿيندو؟ ان کان بھتر آھي ته مان تو کي ٽي نصيحتون ڪيان. جن مان تو کي سڄيءَ عمر لاءِ فائدو ٿئي.“
”چڱو! اهي ڪهڙيون نصيحتون آهن. جهٽ ٻڌاءِ!“ ماريءَ، لالچ ۾ ايندي پڇيس.
”هڪڙي نصيحت، تنهنجي هٿ ۾ ھوندي ڪنديس، ٻي نصيحت وڻ تي ويهي تو کي چئي سڻائينديس. ٽين وري، وڻ تان اڏامڻ مهل، چوندي وينديس!“ پکيءَ شرط وجهندي چيس.
”چڱو ٺيڪ آهي!“ ماريءَ شرط قبوليندي چيس؛ ”مون کي قبول آھن.“
جھرڪيءَ، پھرين نصيحت، ھٿ ۾ ھوندي چيس؛ ”جيڪا ڳالھ سمجھ، عقل ۽ قياس کان ٻاهر هجي، تنهن تي اعتبار نه ڪجانءِ!“
ماريءَ، پهرين نصيحت ٻڌي، هٿ ڪڍيس.
جهرڪي اڏامي وڃي، وڻ تي ويٺي. اتان کيس ٻي نصيحت ٻڌائيندي چيائين؛ ”جيڪو ڪم هٿان نڪري وڃي ۽ وري هٿ نه اچي، ان لاءِ ارمان نه کائجانءِ.“
ٻي نصيحت ڪري، جهرڪي روئڻ لڳي. ماريءَ روئڻ جو سبب پڇيس ته چوڻ لڳي؛ ”مون کي تنهنجي حال تي ارمان آهي. منهنجي پيٽ ۾ ٻه دڪا تور هيرو آهي، جيڪڏهن هٿ اچئي ها ته سڄي ڄمار ڍَوَ هجني ها.“
اها ڳالھ ٻڌي ماريءَ کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ افسوس جا هٿ مهٽيندي چيائينس؛ ”ڀلا! ٽين ۽ آخري نصيحت ٻڌاءِ!“
”تو کي ٻن نصيحتن اثر نه ڪيو ته ٽين ڪهڙي ڪندئي! منهنجو پنهنجو وزن هڪ دڪو آهي ته ٻه دڪا هيرو پيٽ ۾ ڪيئن آيو، پر جي آهي ته تنهنجي هٿان نڪري چڪي آهيان. ان لاءِ ارمان کائڻ مان ڇا فائدو؟“وڻ تان اڏامڻ وقت ٽين نصيحت ڪندي، جھرڪيءَ چيس؛ ”بيوقوف کي نصيحت ڪرڻ؛ ڊينگهرن تي اٽو هارڻ.“
مطلب: ۱. بي سمجھ ماڻهوءَ کي نصيحت ڪرڻ مان ڇا فائدو.
۲. ناممڪن ڪم لاءِ ڳڻتي نه کائجي. (۳) ص ۲۲.

30. بيوقوف جو هر هارو، منهن ڪارو. (چوڻي)
هڪڙي برهمڻ سکا باسي ته؛ ”ديويءَ تي ٻَل چاڙهيندس“. ڪن ٽن ٺڳن کي به سڻس پئجي وئي ته فلاڻي ڏينهن برهمڻ، سکا لاءِ ڇيلو خريد ڪرڻ ويندو. ڏينهن تاڙي، گَهٽُ جهلي بيٺس. برهمڻ، جڏهن انهيءَ ڏينهن، گهرئون سنبري سھي نڪتو ۽ شھر جي رستي تي فرلانگ ٻه به نه ھليو جو هڪڙو ٺڳ، اڳيان ڦري آيس ۽ پڇيائينس؛ ”اوهان کي ڪو ڇيلو کپي؟“
”هائو!“ برهمڻ وارڻي ڏنس؛ ”گهران سنبري ئي انهيءَ لاءِ نڪتو آهيان.“
ٺڳ کيس هڪڙيءَ جاءِ تي وٺي آيو ۽ هڪڙو مرضيل ڪتو ڪاھي آڻي، ڇيلو ڪري ڏيکاريائينس.
”هري برهما!“ برهمڻ ڏسندي ئي دانهن ڪئي؛ ”هچارا! پري ڪر هن ڪتي کي!“
”متان! متان!“ ٺڳ، ڪتي جي آڏو ٿيندي، برهمڻ کي پاڻيءَ ۾ رهڻ لاءِ مهميز ڪندي چيو؛ ”ههڙي سندر ليلي کي ڪتو ٿو سڏين؟! وٺي وڃ! وڃي ٻل چاڙهينس ته ڏس ڪيئن نه ديوي ماتا پرسن ٿي ٿئيس!“
”يا تنهنجون اکيون ڀڳوان کسيون آهن يا منهنجون.“ برهمڻ جرح ڪندي چيس.
ايتري ۾ ٻيو ٺڳ به اچي سهڙيو ۽ سنگتيءَ کي امالڪ چيائين؛ ”واھ ٻيلي واھ! بازار جي پنڌ کان بچائي ڇڏيئي! ٻڌاءِ ته ھن ٻڪر جو گهڻو وٺندين؟!“
”هوش ڪاڏي ويو اٿئي؟“ برهمڻ پريشان ۽ وائڙو ٿيندي، ٻئي ٺڳ کي چيو؛ ”ڪتي کي ٿو ٻڪر ڪوٺين!؟“
”هن مهراج شايد ڀنگ پيتي آهي.“ پھرئين ٺڳ، ٻئي ٺڳ کي چيو؛ ”تڏهن ٿو ٻڪر کي ڪتو سمجهي.“
پهرين ٻن ڄڻن، ٽئين ساٿي ٺڳ کي ايندو ڏسي، مت موڙهيل برهمڻ کي چيو؛ ”ڀلا هاڻي، هن ٽئين کان ٿا پڇي ڏسون!“
ٽئين به اڳين ٻن جي فائدي ۾ رايو ڏنو. پوءِ ته برهمڻ کي، پنهنجي عقل تي به شڪ ٿي پيو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو؛ ”ديوتائن شايد منهنجو عقل ئي کسي ڇڏيو آهي.“
اهو خيال ايندي، ڪتو خريد ڪري وڃي ڀيٽا ڏنائين. ديوي ماتا ڏاڍي ڪوپ ٿي ۽ کيس سراپ ڏنائين، جنهن تي ڪوڙهيو ٿيو.
مطلب: ۱. هڙ هارئي جو، منهن ڪارو.
۲. ملو چور، ٻانگو شاهد. (۶)