[ و ]
چي؛ ”ٻجهو ته ٻجهو، نه ته مور نه ٻجهو.“ (پھاڪو)
واڇان نالي هڪ چري مائي، پاڻي پيئندي هئي پرڻ ۾ ۽ ڇيڻا ٻڌندي هئي نوڙيءَ سان. هڪڙي ڏينهن ڇيڻن جي ڀريءَ کي، نوڙيءَ ۾ ويڙهي، جيئن ڳنڍ ڇڪيائين ته ڇيڻا نوڙيءَ مان نڪري ويا. ٻه چار ڀيرا ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيائين پر ڇيڻا نه ٻڌي سگهي. ڪڪ ٿي ڇيڻن کي چيائين؛ ”ٻجهو ته ٻجهو نه ته مور نه ٻجهو!“
مطلب: ۱. چريون ڏئي چار، واڇان ورتي هڪڙي، سا به چرين جي قطار. (ساهتي)
۲. چريون ڏئي چار، ورتي واڇان، سا به چرين جي قطار.
۳. چريا ڏئي چار، واڇان وٺجي هڪڙي. (۲) ص ۳۶
221. واڙيءَ ٻارنهن، هٽ اٺارنهن، گهر ويٺي چوويھ. (پھاڪو)
هڪڙو ماڻھو، واڙيءَ ۾ انب/واڱڻ چڪائڻ ويو. باغائين/آرائين/وکرين کان انبن/واڱڻن جو اگهه پڇيائين. جن چيس؛ ”پئسي جا ٻارهن!“
اتي مھانگا ڀانئي، بازار ۾ ويو. اتي وڃي ھر هٽ تان پڇيائين. خبر پيس ته بازار منجھ؛ ”پئسي جا ارڙهن آھن.“
اهي به مھانگا لڳس. ماٺ ڪري گھر موٽي آيو. ڪنھن مھل گهورڙيي سندس گھٽيءَ ۾ اچي ھوڪو ڏنو. کانئس پئسي جا انب/واڱڻ گھريائين. جنھن چيس؛ ”پئسي جا چوويھ.“
”عجب آھي؛“ گھر ۾ چوويھه انب/واڱڻ ڳڻي، ٽھڪ ڏيندي چيائين؛ ”واڙيءَ ٻارنهن، هٽ اٺارنهن، گهر ويٺي چوويھ.“
مطلب:۱. گهر ويٺي ڪا شيءِ وڪامڻ ايندي ته سستي ملندي پر اها ساڳي، اگر پنھنجيءَ خوشيءَ، ڪٿان وڃي ڳنھبي ته مھانگي ملندي.
۲. باري مين باره آم، هٽي ۾ اٺاره آم. (هندي)
۳. ڀيٽيو: کنئينءَ وٿ جو، ملھه ڪونھي. (۲) ص، (۳) ص ۽ (۵) ص ۱۱۳
222. وڇون آهي ننڍڙو، پر وھ جو آهي ڳنڍڙو. (چوڻي/ پھاڪو)
وچ بازار ۾ وِڇون کپائيندڙ شخص کان ڪنهن پڇيو؛ ”اگھ ڪيترو؟!“
”پنجاه روپيا في داڻو.“
گراهڪ ڪافي دير تائين جُوھ وجهي، سمورا وڇون ڏسندو رهيو.
”هن جا ڪيترا؟“ هڪڙي ننڍڙي وڇونءَ ڏانهن اشارو ڪندي، وڪڻندڙ کان پڇيائين.
”انهيءَ جا به پنجاه!“
”پر هي ته ننڍڙو آهي.“
”آڱر رکي ڏسينس ته خبر پئجي ويندئي ته...“ وڪڻندڙ سمجهائيندي چيس؛ ”وڇون آهي ننڍڙو، پر وھ جو آھي ڳنڍڙو.“
مطلب: ١. منافق نه ڄاڻ ننڍڙو، پر سمجھ وِھَ جو ڳنڍڙو.
٢. زبان نه ڄاڻ ننڍڙي، پر آهي وِھَ جي ڳنڍڙي. (۵۴) ص ۳۶
223. وڏن کي، وڏا ڏک. (چوڻي)
هڪڙو فقير، نصيب جي زور تي امير ۽ هڪڙي علائقي جو راجا ٿي پيو. فقير هيو ته، فقط پيٽ جي ڳڻتي هيس. امير ۽ راجا ٿيو ته راڄ ۽ رعيت جي اهنجن ۽ مسئلن جي ڳڻتي ٿيس.
فقيريءَ واري دور جو ھڪڙو جھونو دوست ھيس، جيڪو اڃا فقير هيو. ان کي، هن جي راجا ٿيڻ جي سُڌِ پئي. ساڻس ملڻ لاءِ آيو ۽ بخت بالا ٿيڻ ۽ شانَ مانَ جي مبارڪ ڏنائينس.
”تون مون سان عذرخواهي ڪر!“ راجا فقير کي چيو.
”ڌڻيءَ جي ڏني تي ڇو ارهو ٿيو آهين!“ فقير چيس.
”اهو انهيءَ لاءِ ته؛“ راجا ورندي ڏنيس؛ ”اڳي هڪ مانيءَ جي ڳڻتي هيم، هاڻي جڳ جهان جو ڏک مون کي آهي.“
مطلب: ١. جيڏا اٺ، تيڏا لوڏا. (۳) ص ۸۰
224. وڏو بيوقوف اهو آهي، جو سڀاڻي جي ڳڻتي نه ڪري. (چوڻي)
هڪڙي امير، پنهنجي مسخري نوڪر کي هڪ لٺ ڏيندي چيو؛ ”پاڻ کان وڏو بيوقوف ڏسين ته کيس ڏجانءِ، نه ته پاڻ وٽ ئي بيوقوف هئڻ جي نشانيءَ طور رکجانءِ!“
مسخري لٺ وٺي، پاڻ وٽ سنڀالي رکي.
ڳچ وقت گذرڻ پڄاڻان، امير کي ڪا ڳجھي بيماري اچي لڳي. ان جي لنجهڻ ۾ مرڻ جهڙو ٿي پيو. مسخري نوڪر ٻڌو ته کانئس پڇڻ لاءِ، وٽس ويو.
”هاڻي!“ امير مسخري کي ڏسندي چيو؛ ”اسان جي موڪلاڻي!“
”ڪيڏانهن روانگي آهي؟!“ مشڪري، مسخرائپ واري انداز ۾ سوال پڇيس.
”پرلوڪ ڏانهن!“ بيمار بادشاھ، جھيڻي آواز ۾ سڏ ورنايس.
”واپسي ڪڏهن ٿيندي؟!“ مسخري پڪي لهجي ۾ پڇيس؛ ”مهيني کن ۾ موٽندؤ!“
”نه!“ بادشاھ، ھٿ جي اشاري سان انڪار ڪيس.
”ڀلا ٻارنهن مهينن کان پوءِ!“
”نه!“ امير ڪنجهندي ۽ ڪرڪندي چيس؛ ”اوڏانهن کان ڪير موٽيو آهي جو مان موٽندس!“
”تڏهن ڀلا!“ مسخري پڪو ٿيندي پڇيس؛ ”اوڏانهن وڃڻ لاءِ ڪا تياري ڪئي اٿو؟!“
”اوڏانھن لاءِ!“ امير اٻاڻڪائيءَ مان ٻڌايس؛ ”تياري ته ڪا نه ڪئي اٿم!“
انهيءَ جملي تي مسخري نوڪر، کيس ساڳي ڏنل لٺ، موٽائي ڏيندي چيو؛ ”پوءِ هيءَ وٺو! ڪم ايندوَ!“
”پر مون ته توکي چيو هيو ته پاڻ کان ڪنهن وڏي بيوقوف کي ڏجان!“ امير ڪُڻڪندي چيس؛ ”مون سان آخر ۾ ڪهڙي مذاق پيو ڪرين!“
”مان ڪو وڏو بيوقوف آهيان ڇا؟“ مسخري وضاحت ڪندي چيس؛ ”وڏو بيوقوف اهو آهي جيڪو سڀاڻي جي ڳڻتي نه ڪري! هميشه ٻئي هنڌ رهڻ لاءِ وڃو ٿا پر تياري ذري جي نه اٿوَ!“
مطلب: ۱. اڄ جو ڪم، سڀاڻي تي نه رکجي.
٢. سڀاڻي لاءِ، هميشه تياري ڪرڻ گهرجي. (۶) ص ۵۲
225. ونڊي ورهائي کنيل ڪم، جلد نبري ٿو. (چوڻي)
هڪڙي مائيءَ جو مڙس مري ويو ته پار ڪڍي روئڻ لڳي: ”هاءِ ڙي! او فلاڻي هاريءَ ڏي ٻج جا پئسا آهن. هاڻي ڪير وٺي ايندو!“
”ڀاڄائي! دلگير نه ٿي. مان جو ويٺو آهيان. مان پاڻهئي وٺي ايندس.“ ڏيرهنس آٿت ڏيندي چيس.
”او فلاڻي بٽئيءَ جو ان فلاڻي ڀلاوڻي کي ڏنو هئوسين. انهيءَ جا پئسا ڪير اڳاڙي ايندو!“
”ڀاڄائي تون ڇو ٿي پاڻ کي ڳارين! مان ويٺو آهيان نه!“
”او فلاڻي ڪپڙي واري دڪاندار جا اسان ڏي پئسا آھن. سي ھاڻي ڪير ڀريندو؟“
”ڀائيٽا! تون به ڳالهاءِ ڪن رڳو مان ويٺو ڳالهائيندس!“ ڏيرهنس، مائيءَ جي پٽ ڏانهن رخ ڪندي چيو: ”ڪجھ ڪمن ڪرڻ لاءِ تون به هام هڻ.“
مطلب: ۱. سڻڀا ڪم ڪرڻ لاءِ هر ڪو تيار آهي. اڻڀي ڪم کي هٿ لائڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي.
226. وڻ جي جنھن ٽاريءَ تي ويهجي، تنهن کي نه وڍجي. (پهاڪو)
هڪڙو مورک، گهاٽي ۽ خوفناڪ جهنگ مان لنگهيو پئي ته پنهنجي دفاع لاءِ ڪهاڙي به ساڻ کنيائين. اڳتي هليو مس ته ڪن تي شينهن جي گجگوڙ جو آواز پيس. ڊپ ۾ يڪدم ڀر واري گهاٽي وڻ تي نولوءَ وانگر چڙهي ويو.
شينهن پري کان گوڙ ڏني هئي، سو ته هن ڏانهن نه آيو ۽ نه وڻ وٽان لنگهيو. ٿوري جهٽ مٿي ترسڻ کان پوءِ، مورک کي من ۾ آيو ته وڻ ڏاڍو سهڻو آهي، جيڪر ان جون ڪاٺيون ڪپي، وڪڻي وڃي گذر ڪيان.
ٻيون ٽاريون ته ڪپيائين؛ آخر ۾ اهو ڏار به ڪپيائين جنهن تي پاڻ چڙهيو ويٺو هيو. ڏار وڍجڻ سان، پاڻ به ڏار سميت اچي پٽ تي پيو.
مطلب: ۱. روزگار جي هٽيءَ کي، هٿ سان زيان نه ڪجي.
٢. ٻڪري جنهن وڻ سان ٻجهي، سو وڻ چري.
۳. جنھن وڻ جي ڇانءَ ۾ آساس وٺجي، تنھن جو به خير گھرجي. (۲۱) ص ۳۹
227. وڻي نه وڻي، وچئون گرھ کڻي. (چوڻي)
هڪڙي اوطاق منجھ، چئن يارڙن پاڻ ۾صلاح ڪئي ته؛ ھر ڪو پنھنجي پنھنجي گھرئون ماني آڻي ته گڏجي کائون. جڏھن سڀني گھرن مان سادڙي سودڙي ماني پھتي ته چار ئي ڄڻا گڏجي ويٺا کائڻ.
اوچتو هڪڙو اينٿري قسم جو اڍنگو ڳوٺاڻو اوطاق منجھ لنگهي آيو، جنهن جو اچڻ کين نه وڻيو. تنھن ھوندي به رسم ريت پٽ-اندر ماني کائڻ لاءِ لُنڊي صلاح ڪيائونس؛ ”ادا، اچي ماني کاءُ!“
ھو به بدعادتو ھيو. ڪنھن جي اوبر مان مڙڻ وارو نه ھيو. تنھن به نه ڪئي هَم نه تَم، بنا هٿ ڌوئڻ جي کپي ويو. ھٿ مانيءَ تي نه پئي پڳس ته به ڀر واري جي ڪلھي تان ٽپائي، وچ مانيءَ مان اڻ کاڌل جاءِ تان کوٽي کائڻ لڳو.
ويهڻ لاءِ جاءِ سوڙهي هئي، تنهن ھوندي به سوڙھ ڪري، ڪنھن جي ڪلھي مٿان ٽيڪ ڏئي ھجائتن وانگر گرھ ڦڪڻ لڳو. ھڪڙي ڀر واري ھمراھ سندس ٽيڪ جو بار نه برداشت ڪندي، ٿورڙو ٿيلھڙو به ڏنس جو پوئتي وڃي ڪريو.
پاڻ سنڀالي پڇيائين؛ ”مان ڪاٿي ويھان؟ ڏاڍي سوڙھ ڪيو ويٺا آھي. ڪا جاءِ ڏيو ته ٺھي ويھان.“
”ادا چڙهي ويهه اسان جي ڄڀ تي، جا چوڻ کان نٿي رهي.“ ھڪڙي ھمراھ، اندر جو اٻڙڪ ڪڍندي چيس.
مطلب: ۱. سڄڻ ڏئي سڄي ٻانھن، سڄي نه ڳيھجي. (۳)
228. ويَل ويل هٿ نه ايندي! (چوڻي)
ھڪڙو شخص سمنڊ ڪناري سان ويو پئي، جو هڪ ڳوٿري لڌائين. کولي ڏسي ته پٿر پيا آهن. ڀانيو هيائين ته مهرون آهن! ڪينا پکي، جي سمنڊ ۾ پئي تريا ۽ لامارا پئي ڏنائون، سو سندس ڌيان وڃي انهن ۾ کتو. اهي اڇا اڇا پکي، ڏسي دل پئي ٽڙيس. ڳوٿري، جا هٿ ۾ هيس، سا به وسري ويس. جيئن هلندو پي ويو، تيئن بيخيالو اهي پٿر هڪٻئي پٺيان ويو سمنڊ جي لهرن ۾ اڇليندو. باقي هڪڙو پھڻ اچي بچيو هو. اهو کڻي جاچي ڏسي ته هيرو نڪري پيو. اتي ڏاڍا جڪ کائڻ ۽ ارمان ڪرڻ لڳو ته ڪهڙو نه بي عقل چئبس جو هيترا سارا هيرا کڻي پاڻيءَ ۾ اڇليم!
ٻئي ڏينھن صبح جو اٿڻ سان ڊوڙندو ويو سمنڊ ڏانهن. هيرا ھڪ دفعو ھٿان ويا، سي وري هٿ اچڻ جا نه هئا. سمنڊ ۾ لُڙهي ويا. ھڪ به ھٿ نه آيس. تڏھن ھڪڙي جي بَچي پوڻ تي ڌڻيءَ در شڪرانا ادا ڪرڻ لڳو.
مطلب: ۱. ھر ڏينھن ھيري وانگر قيمتي آھي، اھو بيخياليءَ سان نه وڃائڻ گھرجي.
۲. پاڻ کي ڪنھن ڪارائتي ڪم ۾ رڌل رکڻ گھرجي. (۳۱) ص ۳۰۰ کان ص ۳۰۳