لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
Title Cover of book نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

[ ف ]

160. فقير جو؛ نه خدا مري، نه ڪشتو ٽٽي. (چوڻي)
هڪڙو شاهوڪارُ واپار ۾ کٽو ۽ حال تنگ ٿيس ته مايوسيءَ ۾ گهارڻ لڳو. گهر واري سلڇڻي ۽ ستياوان ھيس، جنھن دلداري ڏنس؛ ”ڀڳوان تي رک! ان جي رحمت مان نااميد نه ٿيءُ. نااميدي ڪفر آهي. فڪر ۽ ڳڻتي ڪرڻ واري جي عمر جلد ختم ٿئي ٿي.“
ھمراھ کي ڳالھ سمجھ ۾ اچي ئي ڪا نه. وڃي مايا جي غم ۾ ڏينهون ڏينهن ڳرندو. مايا ايندي آهي ته ڪنڌ ڀڃندي آهي ۽ ويندي آهي ته چيلھ ڀڃندي آهي. هن جي به چيلھ چٻي ٿي وئي هئي، سو زباني ٽيڪن سان ته اٿڻ جهڙو هيو ڪو نه.
هڪڙي ڏينهن اڌ رات ڌاري، جوڻس اٿي ويهي روئڻ لڳي. آواز تي مڙس جاڳي پيو ۽ پڇيائينس؛ ”پياري! خير ته آهي. اوچتو ڇا ٿيو؟“
”چي سپنو لڌو اٿم!“ گهر واريءَ مسلسل روئندي ۽ ڍنڍڪرون ڏيندي ٻڌايس؛ ”جنهن ڀڳوان اسان کي پيدا ڪيو آهي سو ئي مري ويو آهي ۽ کيس ڪائيءَ تي کنيو پيا وڃن. انهيءَ ڏک ۾ ٿي روئان!“
”اڙي چري ته ڪين ٿي آهين!“ دلداري ڏيندي زال کي چيائين؛ ”ڳالهائين ڇا ٿي! ڀڳوان، جنهن جهان ٺاهيو آهي، سو ڪيئن مرندو؟“
”سچ ٿو چوين ته جيڪو سپنو ڏٺو اٿم سو ڪوڙو آهي!“ زال اکيون مهٽيندي، مڙس کان پڇيو؛ ”ان تي موت نه ٿو اچي سگهي!“
”تنهنجو عقل ڪيڏانهن ويو آهي؟“ مڙس زال کي سمجھائيندي چيو؛ ”ڪهڙا شيطاني خواب ۽ خيال ٿيا اٿئي. ڀڳوان به ڪڏهن مرڻ جو آهي؟“
”هان! ڀڳوان مرڻ جو ئي ڪينهي!“ زال حيران ٿيندي پڇيس؛ ”پوءِ تون ڇو منجهانئس آسرو لاهي ويٺو آھين ۽ ڳڻتين ۾ پيو ڳرين؟“
تنهن کان پوءِ مڙس جون اکيون کليون ۽ ڳڻتي لاهي، ڀڳوان ۾ ڀروسو رکي ڌنڌو ڪرڻ لڳو ۽ سگهو ئي بهتر حال ٿيو.
مطلب: ۱. رب جي رحمت مان نااميد نه ٿجي. (۶)