[ پ ]
هڪ ”هيڻو“ ۽ هڪ ”ڏاڍو“ شڪاري، پاڻ ۾ ڀائيوار ٿي شڪار لاءِ نڪتا. ”هيڻي“ شڪاريءَ، هڪ تتر ۽ هڪ ڪونج ماري. ڏاڍي شڪاريءَ کي هٿ لڳو ”هيڙهو“ ۽ هڪ ”ڦدو“.
شڪار ختم ٿيڻ بعد، ”ڏاڍي“ شڪاريءَ، هيڻي شڪاريءَ کي شڪار جا ڪي بنيادي اصول ٻڌايا. انهن اصولن پٽاندر، ٻنهي جو شڪار پهريان پاڻ ۾ گڏي ڇڏڻو ھيو ۽ ان کان پوءِ تقسيم ٿيڻي هئي، تنهنڪري، هيڻي شڪاريءَ ڪونج ۽ تتر هڙ مان ڪڍي، ڏاڍي شڪاريءَ اڳيان رکيا. ڏاڍي شڪاريءَ پنهنجي کيسي مان هيڙهو ۽ ڦدو ڪڍي، بيگ ۾ ملائي ڇڏيو.
جڏهن ”گڏيل بيگ“ جي تقسيم جو سوال آيو، تڏهن ڏاڍي شڪاريءَ، وقت جي صدارت ڪندي ھيٺيون فيصلو صادر فرمايو؛
”ڦدا، ماس دا گڙدا؛ تيڪون آيا. تتر، گڏ دا ڀتر؛ ميڪون آيا!“
”هيڙها، ماس دا ديڙا؛ تيڪون آيا. ڪونج، هڏئين ڍونڍ؛ ميڪون آئي!“
مطلب: ۱. اصولن ۽ زباني تڪبنديءَ جي زور تي ڏاڍو شڪاري، هيڻي شڪاريءَ جي ڪونج ۽ تتر ڦٻائي ويو ۽ موٽ ۾ کيس پنهنجو ڦدو ۽ هيڙهو، جمع واري صيغي ۾ ماسيرا ڪري مٿي ۾ هڻي ويو. ڳالهائڻ ۾ مٿس ٿورو به ٿڦي ويو.
۲. ڏاڍي نال شراڪت؛ ڏيندي گھندي سائين! (۱۷) ص ۲۶۸.
58. پاڻان ڏاڍي سان پيچ نه پائجي. (چوڻي)
هڪڙو ڪوريئڙو/ تانيئڙو بک ۾ پاھ ٿيڻ لڳو ته شڪار لاءِ نڪري پيو. کيس ڪا به مک نظر نه آئي، جنهن جو شڪار ڪري. مک بدران کيس هڪ هنڌ باز پکي نظر آيو. بک ۽ لالچ ۾ سمجهيائين؛ ”اهڙو شڪار هٿ ڪجي ته بهتر. منجهانئس گهڻن ڏيهاڙن جو ڍؤ ٿيندو“.
انهيءَ لوڀ ۾ لوڀجي، باز کي ڦاسائڻ لاءِ پنهنجي تانيءَ جي تند مٿس ويڙهڻ لڳو. تاني ويڙهڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳي ويس. ايتري ۾ باز به اڏاڻو. باز آڏو، تانيئڙي جي گگ واري تار سٽ ئي نه جهلي. هٿائين باز جي پرن ۾ اٽڪي، ڪوريئڙو پاڻ اڏامي ويو.
مطلب: ۱. پنهنجي پهچ کان واڌو ڪم ۾ هٿ نه وجهجي.
۲. ڏائڻ هلي مڙدا ڪڍڻ، مُڙدن ڪپڙا به لاهي ورتس.
۳. درياه ۾ رهي، واڳونءَ سان وير نه وجهجي.
۴. پاڻان ڏاڍن سان هٿ اٽڪائبو ته نقصان وڏو ئي سهبو.
۵. جيڪي گھڻي جي لالچ ۾ ويا، سي موٽيا ئي ڪين. (۳) ص ۱۰۸
59. پاڻان وڏن سان پڇ نه اٽڪائجي. (پھاڪو)
هڪڙي لومڙيءَ کي جهنگ ۾ گهمندي ڦرندي، هڪڙو اُٺ ستل نظر آيو. اٺ کي ٿلهو متارو ڏسي، سندس پڇ سان پنهنجو پڇ وڃي مِلائي ٻڌائين. سندس انهيءَ حرڪت تي اٺ کي سجاڳي ۽ خارش ٿي ته اٿي هلڻ لڳو. هاڻي لومڙي به ان سئين ٽنگجي گهلجڻ لڳي. اڳيان هڪڙو گدڙ واٽ وٺيو پئي آيو. تنهن لومڙيءَ سان انهيءَ حالت ۾ خوش خير عافيت ڪندي پڇيو؛ ”ادي لومڙي! تو سان اها ويڌن ڪيئن ٿي آهي؟“
”ادا مان مُئس يا بچيس، ان جو خير آهي. باقي پوين جي پارت هجئي. مون کي منهنجي عملن جي سزا ملي آهي.“ لومڙيءَ، ٽنگئي ٽنگئي، گدڙ کي ٻڌايو؛ ”پاڻئون وڏن سان پڇ اٽڪايو اٿم. ھاڻي جاڏي ھلن، انھن جي مرضي.“
مطلب: ۱. پاڻ کان وڌيڪ اٿا-ويٺيءَ وارن سان، اٿ ويھ نه رکجي.
60. پرائي ٽيڪ تي، ٻين کي گاريون نه ڏجن. (چوڻي)
هڪ دفعي هڪڙو ڇيلو، ڪنهن گهر جي ڇت تي چڙهيو ويٺو هيو. ڀر مان بگهڙ اچي لانگھائو ٿيس. بگهڙ تي نظر پوندي ئي، کيس گاريون ڏيڻ لڳو.
ڇيلو سندس پهچ ۽ وس کان پري هئو. انهيءَ بي بسيءَ ۾ بگهڙ ڏند ڪرٽيندي چيس؛ ”تون نه ٿو گاريون ڏين، جنهن تي چڙهيو ويٺو آهين، اهو ٿو گاريون ڏئي.“
مطلب ۱. ٻئي جي زور تي نه وڙھجي.
۳. پرائي ڪلهي تي بندوق نه ڇوڙجي. (۱۸)
61. پرائي پٽڻي، رن کهايا ٻئي ڪَن،
هٿان پيس پنهنجي، جو ڪرن وڍيس ڪن. (پهاڪو)
ڪَرن نالي همراه جي زال، بد چال هئي. بدچاليءَ جي خبر پوندي کيس ڪوٺيءَ جي وري ۾ ٻڌي، پاڻ چادر تاڻي سمهي پيو.
جنهن ڌوتيءَ جي معرفت، جوڻس ٻاهر ويندي هئي، تنهن به ان وقت اچي ٻُوٿ ڪڍيو. مائيءَ سان سُرٻاٽ ڪيائين، جنهن پنهنجو سمورو حال ڪيس.
ڌوتيءَ، کيس ڇوڙيو ۽ سندس جاءِ تي پاڻُ ٻڌرائيندي چيائينس؛ ”مان ٿي تنهنجي جاءِ تي ويهان! تون ٿي آءُ!“
جهٽ گهڙيءَ کان پوءِ، ڪرن سجاڳ ٿيو. ڌوتيءَ کي، پنهنجي زال سمجهي. ڪٽڪو ڪڍيائين. ڌوتي ڊپ وچان ٻوٿ لڪايو سهندي رهي. ڪرن جي دل انهيءَ تي به نه ٺري ته چاقو ڪڍي، ٻئي ڪن ڪپي ڇڏيائينس. وري لت ڏيئي سمهي پيو.
جڏھن ڪرن جي زال موٽي ته ڌوتيءَ چيس؛ ”هاڻي منهنجي جان آجي ڪراءِ.“
رسو نڪرندي ئي، ڌوتي پنھنجا ڪٽيل ڪن پٽ تان کڻي، گهر ڏانهن ڀڳي.
صبح ڌاري ڪرن جاڳيو ته زال کي دڙڪا ڏيندي چيائين؛ ”رن! ڪن ته وڍيامانءِ هاڻي نڪ ۽ چپ به ڪٽيندوسانءِ!“
”جي آ ستي آهيان ته رب منهنجا ڪن ڪين وڃائيندو!“ جوڻس چيو ۽ ٻنهي هٿن سان صحيح سلامت ڪن ڏيکاريائينس. جنهن تي مڙس ڏاڍو پشيمان ٿيو.
هوڏانهن ڌوتي گهر پهتي ته مڙس ڪنهن ڳالھ تي سڏ ڪيس. مڙس کي جواب نه ڏنائين. جنهن تي مڙس عجب مان سندس ڪنن کي جاچيو ته ڇو نه ٿي ٻڌي.
”ڪنن کي ڇا ٿيئي؟“ ڪٽيل ڪن ڏسي، ڌوتيءَ کان پنهنجي مڙس پڇيو.
مڙس کي سموري ماجرا ڪري ٻڌايائين، تنهن تي مڙس چيس؛
”پرائي پٽڻي، رن کهايا ٻئي ڪن،
هٿان پيس پنهنجي، جو ڪرن وڍيس ڪن.“
مطلب: ۱. پراون معاملن ۾ ٽنگ نه اڙائجي.
۲. ٻين جي معاملي ۾ پوڻ وارو، لاک لهرائي ٿو. (۲) ص ۲۵
62. پنهنجو مال، دل کولي کائجي. (چوڻي)
هڪڙو مرشد، غريب مريد وٽ، گهوڙيءَ سميت اچي لٿو. مريد ويچارو هَڄي ويو. گهوڙيءَ جي واڳ مريد کي هٿ ۾ ڏيندي، مرشد سڳوري فرمايو؛ ”بابا! گهوڙيءَ جي داڻي پاڻيءَ ۽ ٻڌڻ ڪرڻ جو بندوبست به ڪيو! ۽ اسان جي رهڻ لاءِ به انتظام ٿئي!“
”سائين!“ مريد هٿ ٻڌي عرض ڪندي چيس؛ ”مان غريب مسڪين آهيان. ٻچن لاءِ ويلي جو بندوبست به گهر ۾ ناهي! اوهان جو ۽ اوھان جي گهوڙيءَ لاءِ بندوبست، ڏکيو ٿي پوندو!“
”بابا! تون الله تي رک.“ مرشد سونهاريءَ تي هٿ ڦيريندي ۽ مريد جي پٺيءَ کي ٺپڪي ڏيندي چيو؛ ”تو کي از غيبي مدد ٿيندي. تون دلجاءِ ڪر! مرشد جي خدمت ڪيئي ته ٻنهي جهانن جا ٻيڙا پار ٿي ويندءِ!“
مريد، مري جهري، گهوڙي گهر ڪاھي آيو. زين لاهي، رسي سان ٻڌائينس. زين شهر ۾ کپائي، سيڌو سامان وٺي، اچي مرشد جي خاطر تواضع ڪيائين.
”تو ته چيو پئي ته تو وٽ گهر ۾ ان جو داڻو به ڪونهي! هاڻي هيءُ ازغيبي ڪيڏانهن آيا؟“ مرشد، مريد جي معاشي حالت تي شڪ ڪندي پڇيو.
”سائين!“ مريد هٿ ٻڌندي چيو؛ ”دل کولي کائو! پنهنجو ٿا کائو!“
”ها بابا!“ مرشد سونهاريءَ تي هٿ ڦيريندي چيو؛ ”سڀ ڪو پنهنجو ٿو کائي.“
اهڙيءَ طرح مريد ٻئي ڏينهن سنج ۽ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ گهـوڙي کپائي، مرشد ۽ ٻچن جو پورائو ڪيو. اٺن ڏينهن گذرڻ بعد، مرشد سائين ڪُوچ ڪرڻ جو ارادو فرمايو.
”بابا ! گهوڙي ڪاهي اچ!“ مرشد، مريد کي فرمايو؛ ”اسان کي ٻئي ھنڌ لاءِ ڪوچ ڪرڻو آهي!“
”سائين! گهوڙي ڪاٿي آهي؟!“ مريد حيران ڪندي چيس؛ ”اها ته مون کپائي ڇڏي. توهان جي انهيءَ مان ته خدمت ڪيم. مان توهان کي روزانو ٻڌائيندو هئس؛ پنهنجو ٿا کائو!“
مطلب: ۱. اپڻا مال ھئي، روسون ڀي، کاسون ڀي. (۱۹)
63. پنهنجي ڪئيءَ جو؛ نه ويڄ نه طبيب. (پھاڪو)
هڪڙي ڪُڙميءَ کي، جهنگ جي ڀَر ۾، ٻَنيءَ جو ٽڪرو هو، جتي سندس گهر به هو. هڪڙي لومڙي، روزانو رات جو اچي، ان ڪڙميءَ جون ڪڪڙيون چورائي ويندي هئي. ڪڙمي ويچارو، ڪافي ڪوشش ڪندو هو، پر هوءَ هٿ ئي نه ايندي هئس.
هڪڙيءَ رات، لومڙيءَ کي ڪنهن ڦند سان ڦاسايائين. کيس، مٿس ڏاڍا خار هئا، تنهنڪري سخت سزا ڏيڻ جي خيال کان، سندس پُڇ کي اڳڙين موئو ويڙهي، کڻي باهه ڏنائين.
لومڙيءَ جي پڇ کي جو تَئو آيو، سو ڪڙميءَ جي ٻَنيءَ مان، ڊوڙندي ڀڄندي ويئي. نتيجو اِهو نڪتو، جو ڪڙميءَ جي پڪل ڪڻڪ جو سارو فصل، سَڙي خاڪ ٿي ويو. گهڻو ئي پٽيائين ڪٽيائين، پر ڏوهه ڪنهن کي ڪين ڏئي سگھيو.
”پنهنجي ڪَئِيءَ جو؛ نه ويڄ، نه طبيب!“
مطلب: ۱. هٿ جي ڦَٽِي؛ نه دارُو، نه پَٽي. (۵) ص ۴۳
64. پهرين پاڻ عمل ڪجي،
پوءِ ٻين کي نصيحت ڪجي. (چوڻي)
هڪڙي ملان، جمعي جي خطبي کان اڳ پُر اثر واعظ ڪندي، ماڻهن کي تلقين ڪئي؛ ”راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ واري کي، ڏھ دنيا ۽ ستر آخرت ۾ ملندا. هن دنيا ۾ هڪڙو رپيو ڏبو ته ڏھ دنيا ۾ ۽ ستر آخرت ۾ موٽي ملندا. ڀت جو ھڪڙو ديڳڙو رڌي معصومن کي کارائبو ته ڏهوڻ تي ھن دنيا ۾ ۽ سترھوڻ تي آخرت ۾ نفعو حاصل ٿيندو.“
جمعي نماز بعد، پاڙي مان ڀت جو هڪڙو ديڳڙو ڀرجي آيو. ساري جماعت ۾ ورهائجڻ بعد، ملان ڀت آڻيندڙ کان پڇيو؛ ”بابا هيءَ خيرات ڪهڙي نيڪ بخت ڪئي آهي؟“
”سائين!“ ڀت جو ديڳڙو آڻيندڙ ٻڌايس؛ ”اوهان جي پنهنجي گهران آيو آهي!“ پنهنجي گهر جو نالو ٻڌندي ئي، ملان جا تيور چڙهي ويا. ڀت ئي هيانءَ تي چڙهي پيس. يڪدم گهر ڏانهن ڀڳو.
”ڀت جو ديڳڙو، تو رڌي مسيت ۾ موڪليو ھو ڇا!؟“ گهڙندي شرط، گھر واريءَ کان اپڪائي پڇيائين.
”هائو! ڇو؟!“
”تو ته حاطم طائيءَ جي قبر کي به لت هڻي ڇڏي. اسان وٽ آهي ڇا جو خيراتون ڪيون. صبح جو پنون، شام جو کائون!“ ملان، ڏاڪا ٻڌندي چڙهت ڪندي چيس.
”پوءِ مئا! نصيحت ڇا لاءِ پئي ڪيئي؟!“
”نصيحت، پاڙيوارن کي ڪبي آهي!“ ملان وضاحت ڪندي چيس؛ ”تن کي پئي ڪيم، تو کي ته ڪو نه پئي نصيحت ڪيم.“
مطلب: ۱. هر ڪو مطلب آهر، ٻين کي نصيحت ڪندو آهي. (۲۰)
65. پئنچا نال، ايڪا دشي. (چوڻي)
ڪڏھن ڪڏھن ڏھس ۽ گيارس گڏ ٿي پوندا آھن يا وري گيارس ۽ ٻارس پاڻ ۾ گڏجي پوندا آھن. اڻھين ائين ٿيندو به آهي.
هڪ لڱا ٻه تٿيون اچي اهڙيءَ طرح گڏيون سو ڪي مصر چون ته؛ ”گيارس اڄ آهي.“ ۽ ڪي چون ته؛ ”سڀاڻي آهي.“
ڳوٺ جي ماڻھن، مکيءَ کان پڇيو ته؛ ”ايڪا ڏشي ڪڏهن ٿا واريو، اڄ يا سڀان؟“
مکيءَ چار پئنچ ميڙي گڏ ڪيا ۽ سڀني گڏجي ٺھراءُ ڪيو ته؛ ”گيارس اڄ آهي“.
اهو ٺھراءُ ٻڌي، سڀني ماڻھن انھيءَ ڏينھن ايڪا ڏشيءَ جو ورت رکيو. جو سڀني گڏجي ائين چيو؛ ”جيئن چار چڱا ڪن، تيئن پاڻ به ڪجي.“
ڀيٽيو: ۱. جا ساڌن جي، سا پئنچن جي.
۲. پانج پئنچ مل ڪي ڪيجي ڪام، هار جيت آوي نهين لاج.
۳. مرگ انبوه، جشن دارد. (فارسي)
۴. ھاريو به هر سان ڀلو. (۲) ص ۲۶
66. پئنچن ۾ پرميشور آهي. (چوڻي)
ڪنھن مُکيءَ جي پٽ کي، ھڪ ڏينھن دل ۾ آيو؛ ”بابي سائينءَ کي قاعدي قانون جي سڌ آھي ڪا نه، پوءِ ڳوٺاڻن جا فيصلا ڪيئن ٿو پوريءَ طرح نبيري سگهي؟!“ اھو سوچي وڃي، ڪنھن سنگتيءَ جي گهر رات رهيو. سندس سنگتيءَ کي ٻه زالون هيون. هڪڙيءَ مان پٽ هوس ۽ ٻيءَ مان ڪو ٻار ٻچو ڪو نه هوس. انھيءَ رات، اهڙو ڪو ڪارڻ ٿيو جو ٻار جي روئڻ سبب، ماءُ خفي ٿي. ٻار کي خار مان کڻي گهٽو ڏنائين، جو ٻار مري پيو.
ماءُ کي پوءِ خيال ٿيو؛ ”مڙسم جا هن ۾ پران سو مون سان جُٺ ڪندو.“ تنھن کان ڇا ڪيائين جو مئل پٽ، پھاڄ جي ويجهو ڇڏي، پاڻ وڃي سمھي پيئي.
مکيءَ جي پٽ، سارو رنگ ڏٺو. تنھن دل ۾ چيو؛ ”هاڻ پاڻيھي بابي سائين جي خبر پوندي. ڏسان هن ڳالهه جو فيصلو ڪيئن ٿو ڪري.“
صبح ٿيو ته ڇوڪري جي ماءُ، هوءِ هوءِ مچائي ۽ پھاڄ کي پٽڻ لڳي. مڙس هي حادثو ڏسي جلي ويو ۽ پنھنجي ٻيءَ زال کي چوٽيءَ کان گھليندو پئنچات ۾ وٺي ويو. پئنچات ۾ مکيءَ کي وڃي چيائين؛ ”هن ڏائڻ منھنجو سڪيلڌو پٽ ماريو آهي، تنھنڪري پئنچات جيسين هن جي کل، بُھه سان ڀرائي درياهه ۾ نه لوڙهائيندي، تيسين منھنجي اندر کي ٺار نه پوندو.“
مکيءَ جو پٽ به پئنچات ۾ ويو هو، سو دل ۾ پيو چوي؛ ”اڄ خبر پوندي ته بابو سائين ۽ پئنچ صحيح فيصلو ڪيئن ٿا ڪن.“
مکيءَ ۽ پئنچن، پاڻ ۾ صلاح ڪري، ٻار جي پيءُ کي چيو؛ ”پنھنجي ٻيءَ زال کي به گهراءِ.“
جڏهن ڇوڪري جي ماءُ آئي، تڏهن مکيءَ پڇيو؛ ”تنھنجي پھاڄ، برابر تنھنجو پٽ ماريو آهي؟“
زال چيو؛ ”هائو.“
مکيءَ پوءِ هن تھمتڻ کي پاسيرو وٺي چيو؛ ”تو تي خون جي تھمت پوري پوري آهي پر جي تون رڳو پنھنجي ٽنگ ٿوري اگهاڙي ڪرين ته تو کي ڇڏي ڏيان.“
زال وراڻي ڏنيس؛ ”مون کي موت قبول آهي، پر آ اهڙو ڪڌو ڪم نه ڪنديس.“
مکيءَ، پوءِ ٻار جي اصلي ماءُ کي پاسيرو وٺي چيو؛ ”تنھنجي پھاڄ ڏوهه نٿي قبولي پر جي تون پنھنجي ٽنگ ٿوري اگهاڙي ڪرين ته تنھنجي ڳالهه تي اعتبار ڪندي، تنھنجي پھاڄ کي سزا ڏيان.“
زال چيو؛ ”ائين ڪرڻ کان لڄ ٿي اچي، پر جڏهن توهان جي اهڙي مرضي آهي تڏهن مون کي ائين ڪرڻ کان عار ڪونھي.“
مکيءَ پوءِ سڀني پئنچن سان اها ڳالهه ڪئي، جنھن تي پئنچن فيصلو ڏيندي چيو؛ ”هن نر-لڄيءَ، پنھنجو پٽ پاڻ ماريو آهي. سزا کيس ملڻ گهرجي.“
”پئنچن ۾ پرميشر آهي.“ اھو فيصلو ٻڌي، مکيءَ جي پٽ چيو؛ ”نه ته ههڙا معاملا، ھوند نبيري نه سگهن!“
ڀيٽيو: ۱. پئنچ جھان، پرميشر وھان.
۲. پئنچه مکه پرميشر.
۳. زبان خلق، قپان خدا.
۴. بجا ڪھي جسي عالم، اسي بجا سمجهو، آوازِ خلق ڪو، نقاره خدا سمجهو. (۲) ص ۲۷
67. پيادي مان هسوار، هسوار مان پيادو؛ خدا ٿو ڪري. (چوڻي)
هڪڙو بادشاھ، گهوڙي تي سوار ٿي ڪيڏانهن ويو پئي، ته رستي ۾ هڪڙو درويش گڏيس. سليڪ عليڪ کان پوءِ درويش کان پڇيائين؛ ”ماڻهو ٿا چون؛ ڌڻيءَ جا عجيب کيل آهن، تنهنڪري مان ڏسڻ ٿو چاهيان ته اهي کيل ڪيئن آهن.“
درويش چيس؛ ”ڌڻي هيٺ وارن کي مٿي ۽ مٿي وارن کي هيٺ ڪري سگهندو آهي!“
”اهو ڪئين؟“ بادشاھ اچرج مان پڇيس.
”اهو هيئن“ درويش، بادشاھ کي چيو؛ ”مان ٿو تو کي ڏيکاريان!“
”ها ڏيکار!“ بادشاھ چيس.
”گهڙيءَ سوا لاءِ گهوڙي تان لھ!“ درويش چيس؛ ”گهوڙي جي واڳ مون کي ڏي ته مان ٿو ڏيکاريانءِ!“
بادشاھ گهوڙي تان لٿو. درويش گهوڙي تي چڙهيو. گهوڙي کي اڙي هڻي هڪليائين ۽ بادشاھ کي چيائين؛ ”آهي نه ڌڻيءَ جو کيل عجيب! تون هيٺ، مان مٿي! تون پيادو، مان سوار“.
مطلب:۱. دنيا اندر ڪس-پڪايون، رب طرفان اچن ٿيون.
۲. دنيا جو معاملو، ھر ڪنهن سان هڪجهڙو نٿو رهي.
۳. فاني جھان اندر، هڪڙا سڃن مان ساوا، ٻيا ساون مان سڃا ٿا ٿين. (۲) ص ۲۸