لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
Title Cover of book نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

[ ل ]

187. لالچ، بري بلا. (چوڻي)
هڪڙي دڪاندار، هڪڙي درويش کي ماکيءَ جو شربت پيئڻ لاءِ سڏيو. دڪاندار ماکيءَ جو پيالو رکي، پاڻي کڻڻ ويو. درويش ڏٺو، ماکيءَ جي مٿان مکيون مِڙيون پيون هيون ۽ ڪي ته منجهس مري به ويون هيون.
”ماکي بئٺي شهد پر، پنک گئي لپٽاءِ،
هاٿ ملي اور سر ڌوني، لالچ بري بلا“.
ماکيءَ جي مکين جو اھڙي قسم جو لقاءُ ڏسي، ان درويش چيو؛
”مکو ويٺو ماکيءَ تي، پر پيس ڦاسي،
ھٿ مھٽي ۽ منھن پٽي، لالچ بري بلا.“
مطلب: ۱. لالچ ڪتن سان گڏ کارائي. (۲) ص ۵۲

188. لالچ، سر وڃائي. (چوڻي)
ٽن چورن هڪڙي گهر ۾ ڌاڙو هنيو. گهڻا پئسا ۽ ججهو سون هٿ آين، جيڪو کڻي هڪڙي جهنگ ۾ پهتا. هڪڙي کوھ وٽ پاڻي پي، وڻ هيٺان ساهي پٽيائون.
بک لڳي ھين، جنھنڪري هڪڙي ساٿيءَ کي شهر مان ماني وٺڻ لاءِ موڪليائون. ٻه ڄڻا کوھ تي سندس انتظار ۾ ويٺا. کيس چيائون؛ ”هيانءَ کي ٻالنگھ ٿئي ته پوءِ هٿ آيل مال ورهايون ٿا، تنهنڪري تڪڙو شھر وڃ ۽ اتان جلدي ماني وٺي اچ!“
ماني وٺڻ واري کي دل ۾ گدڙ ويٺو ۽ چيائين؛ ”مانيءَ ۾ زهر ملائي ٿو کڻي وڃان ته جيئن ٻئي کائين ته مرن، پوءِ ٻنهي جي مرڻ پڄاڻان، سموري ملڪيت مون کي ڦٻي.“
هوڏانهن سندس ٻنهي ساٿين، سٽِ سٽي؛ ”شهر مان ماني وٺي اچي ته کائڻ کان اڳ، کوھ ۾ ڌڪو ڏينداسينس. سندس مرڻ پڄاڻان، سندس حصو پاڻ ۾ اڌواڌ ڪري کڻنداسين.“
ماني وٺي اچڻ وارو پهتو ته کيس هڪڙي سنگتيءَ چيو؛ ”کوھ ۾ الائي ڪهڙي بلا آهي. اسان کي ڀؤ پئي ٿيو. تون دلير آهين. کوھ ۾ ليئو پائي، ڏسي ٻڌاءِ ته ڇاهي؟“
ائين ڪري کيس اتي وٺي پهتو ته ان کي ٻئي پويان اچي ڌڪو ڏنو، جنهن تي اهو چور کوھ ۾ ٻڏي مري ويو.
جڏهن زهر مليل ماني پاڻ کاڌائون ته پاڻ به ڍير ٿي ويا.
مطلب: ١. لالچ جو انجام؛ بڇڙو آهي.
٢. جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي.
٣. کڏ کڻ ٻئي لاءِ، پاڻ به منجھس ڪر. (۴)

189. لتر کي پڄي چڪر، چڪر کي پڄي لتر. (چوڻي)
هڪڙو موچي، ڪنهن شهر ۾، هڪڙي خوش پوشاڪ همراه کي اچي چنبڙيو؛ ”بوٽ پالش ڪراءِ! ٻه روپيا ڏي!“
”مون کي نه ڪرائڻو آهي!“ خوش پوشاڪ همراھ، بي رخو جواب ڏنس.
“ڀلا هڪ روپيو ڏي!“ موچيءَ منٿون ڪندي چيس.
”چيم ته مون کي پالش ڪرائڻي ئي ناهي!“
”ڀلا بنا پئسي، پالش ڪراءِ!“ موچيءَ ڳڪ ٿيندي اچي بوٽ ۾ هٿ وڌس.
”ڇو؟ بنا پئسي ڇو ٿو ڪرين!“
”بيڪار کان بيگار ڀلي!“ موچيءَ دليل ڏيندي چيس؛ ”من تو وارو بوٽ پالش ٿيندي ڏسي، ٻيو گراهڪ لڳي وڃي!“
انهيءَ دليل تي ڪنجوس خوش ٿي، کيس بوٽ لاهي ڏنو.
موچيءَ آهستي آهستي هڪڙي پادر کي پالش ڪئي. ايتري ۾ وٽس پئسن وارو گراهڪ اچي ويو. مفت/ بيگر وارو ڪم اڌ ۾ ڇڏي، پئسن واري کي ترجيح ڏنائين. ائين هڪ ٻه گراهڪ نِمٽايائين. ڪنجوس سيڙجي کيس ڏسندو رهيو. نيٺ کيس ڪم اڪلائڻ لاءِ چيائين ته موچيءَ کيس بوٽ کڻي واپس ڪيو.
”هيءُ ڇا؟ هڪڙو پادر پالش ٿيل ۽ هڪڙو اڻ ٿيل!“ بخيل ٿيندي بوٽ جي مالڪ چيس.
”مفت ۾ ته ڪم ائين ٿيندا آهن.“ موچيءَ، موچڪو ٿيلهو ڪلهي ۾ وجهي هلندي چيس؛ ”جيڪڏهن چاهين ٿو ته ٻئي پادر پالش ٿيل هجن ته اڳواٽ ٻه روپيا ڏي ته ڪري ڏيانءِ! جي نه، ته پوءِ تو کي ته بوٽ پالش ڪرائڻو ئي ڪو نه هيو. ناراض ڇا لاءِ ٿو ٿين!“
مري جهري کيس ٻه روپيا ڪڍي ڏنائين ۽ سڄو بوٽ پالش ڪرايائين.
مطلب: ۱. جيڪو جهڙي ورتاءَ جي لائق هجي، تنهن سان تهڙو ڪجي. (۶) ص ۴۸

190. لُچ جي چَٽَ تي نه وڃجي. (چوڻي)
گدڙ کي کيکڙي جهلڻ جو ڏاڍو ڏانءُ يا وقوف هيو. ڇا ڪندو هيو جو پڇ کڻي، کيکڙي جي ٻر ۾ وجهندو هيو ۽ کيکڙو چمٽي جهڙي پير سان، سندس پڇ اڃا جهلي ئي ڪين ته گدڙ ڇٻي ڏيئي، پڇ ٻاهر ڇڪي ته کيکڙي سميت ٻاهر، پوءِ مزي سان ويهي کيکڙي مان لست وٺي کائيندو ۽ چسڪارا ڏيندو هو.
هڪ دفعي هڪڙي کيکڙي جي ٻر ۾ پڇ وڌائين پر کيکڙي موٽ ۾ سندس پڇ کي چمٽي جهڙي پير سان نه جهليو. بيهي بيهي جڏهن گدڙ جي ڄڙھ نڪري وئي ۽ ڏٺائين ته کيکڙو ويجهو ئي نه ٿو اچي ته ٻر ۾ ٻوٿ وجهي خوشامد ڪندي چيائينس؛
”ادي کيکڙي!سونهن تنهنجي موهيو مون،
هيڪر اچين جي ٻاهر تون، ڪريانءِ نمسڪار پريم وچون!“
کيکڙي به سمجهي وئي ته چٽ ٿو ٻڌي ۽ چٽ ٻڌي پوءِ ڪاٺ ڪلهي تي کڻائيندو، تنهنڪري موٽ ۾ وراڻيائنس؛
”آهيم تپ ۽ ڏاڍي ڏڪڻي،
جي اٿئي ڀڳتي مان ڏي گهڻي،
ڪر نمسڪار ائين ئي کڻي!“
مطلب: ۱. خوشامدڙيي کان ونءُ وڃڻ ۾ بهتري آهي. (۶) ص ۱۷

191. لچ جي صحبت ۾ چڱو مڙس پڻ گِلاهاب ٿئي. (چوڻي)
هڪڙو چور، جهنگ مان ڏاند چورائي هليو. گهڻي پنڌ کان پوءِ هڪڙو غريب واٽهڙو اچي ساڻس سنگتي ٿيو، تنهن کي چوريءَ جي سُڌِ مورئون ڪا نه هئي. پاڻ ۾ ڳچ جيترو پنڌ مس ڪيائون جو ڏاند جا ڌڻي ۽ پيري اچي کين پڳا. ٻنهي کي چور سمجھي، جهليائون ۽ قيد ڪرايائون.
غريب واٽھڙوءَ گھڻي ئي رڙيون ڪيون پر چور سان سنگتي ھئڻ سبب، کيس به چور سمجھي، قيد ڪيو ويو.
مطلب: ۱. بڇڙيءَ صحبت جو بڇڙو ڦل آهي.
۲. چورن سان چاھ پئي جي من ميڙ ڪيئي، پوندو ته ڪاٺ، نه ته ڪوٺائبو ته سھي.

192. لچ کي چڱي مت ڏَسڻ، آهي پاڻ لاءِ جنجل پرائڻ. (چوڻي)
هڪڙي ماڻهوءَ کي گهڻن ماڻهن جو قرض ڏيڻو ھيو. رٿ ڪيائين ته؛ جيڪڏهن ڏيوالو ڪڍندس، ته به گلا ٿيندي. تڏهن هڪڙي سياڻي سان پَههُ ڪيائين. تنهن چيس؛ ”جيڪو قرض ڇڪيئي، تنهن کي چرين وانگي هيءَ ورندي ڏي؛ ’نچ.‘“
حاصل ڳالهه جو؛ اهڙيون ورنديون ٻڌي، لهڻي وارن اُن کي چريو سمجهي، قرض ڇڪڻ کان بس ڪئي. پر اُن سياڻي جو پڻ ڪي قرض مٿس هو، تنهن گهريس. تنهن کي پڻ چيائين؛’نچ.‘
ھن چيس؛”اڙي مون کي به ’نچ‘!“
چييائينس؛ ”تو کي ته تو کي، پر تنهنجي پيءُ کي به ’نچ‘.“
مطلب: ۱. بڇڙي سان چڱائي ڪرڻ به پاڻ سان وير ڪرڻ برابر آھي.

193. لڏ هيٺان به لعل لڀيو وڃي. (پھاڪو)
لقمان حڪيم کان پڇيائون؛ ”تو ايترو عقل ڪنهن کان پرايو؟“
”بيوقوفن کان!“ لقمان حڪيم وراڻيو.
”اهو وري ڪيئن! اها ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي.“ پڇڻ واري حيرت مان پڇيس؛ ”عقل ته دانائن کان سکبو آهي!“
”مون بيعقلن کان ائين سکيو جو،“ لقمان جواب ڏنس؛ ”جيڪي هو ڪندا هئا، سو مان نه ڪندو هئس ۽ جيڪي هو نه ڪندا هئا، سو مان ڪندو هئس.“
مطلب: ۱. نه ڪنھن کي عقل منجھايو آھي ۽ نه ڪنھن کي سونھن سڪايو آھي. (۴۷)

194. لکيون لوهارن کي چڏن ۾ چڻنگون. (پھاڪو)
هڪڙي لوهار کي، لوھ مان سامان ٺاهڻو هيو، تنهن لاءِ گهڻي تڪڙ هيس. لوهي سامان ٺاهڻ وقت، اٻهرائيءَ مان چمڙي جو ايپران اڳيان رکڻ وسري ويس، جنهنڪري ڌَوَڻِ ڌئيندي، چڻنگون اُڏي اچي چڏن وٽان ڪانئچ ۾ لڳس، جنھن ۾ سوراخ ٿي ويس.
دڪان تي ويٺل ھڪڙي همراه چيس؛ ”ڪم ڪرڻ وقت احتياط ڪرڻ گهرجي.“
”ادا! ڇا ڪيان!“ لوهر جواب ۾ چيس؛ ”ڪهڙو احتياط ڪيان. پيٽ گذر لاءِ ائين ڪرڻو ٿو پوي. گراهڪ کي جلدي هئي. ڍرو ٿيڻ سان هڪ دفعو گراهڪي کري، وري ڪين سڌرندي.“
”جيڪي نصيب ۾ هوندو، سو ته ملندو.“ ويٺل همراھ، لوهر کي چيو.
”بهرحال چڻنگون به نصيب ۾ لکيل هيون تڏهن لڳيون.“
مطلب: ١. جيڪو قسمت ۾ لکيل آهي، سو ٿي ئي رهندو.
٢. لکيو منجھ نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي. (۳) ص ۱۸۲

195. لڳي ته لائي، نه ته رن پرائي. (پھاڪو)
هڪڙو شخص زال سميت گهوڙيءَ تي چڙهيو، جهنگ واري واٽ وٺيو پئي آيو جو واٽ تي هڪڙو نابين ويٺل نظر آيس. ساڻس عليڪ سليڪ ڪرڻ پڄاڻان، اتي ويھڻ جو سبب پڇيائين. جنھن ٻڌايس؛ ”واٽ جو سونھون آهيان پر ٿڪجي هتي ويھي رهيو آهيان. هاڻي ويٺو آهيان ته من ڪو الله جو بندو اچي ۽ مون کي منزل رسائي.“
انڌي تي رحم کائي، کيس اڳيان گهوڙي تي ويھاريائين ۽ زال پويان ويٺل ئي رهي. گهوڙي کي واڳ کان وٺي اڳتي هليو. جڏهن هڪڙي ڳوٺ وٽ پھتا ته انڌي وٺي واويلا ڪئي. ماڻھو مڙي ويا، انڌي جي رڙو رڙ هجي، چي؛ ”زال سميت گهوڙي ٿو ڦري!“
ماڻھن جي پڇڻ تي، گهوڙي جي مالڪ سربستي ڳالهه ڪري ٻڌائي؛ ”واٽ تي رحم کائي هن جڏڙي کي گهوڙي تي ويھاريو اٿم. پويان منھنجي زال آهي. منزل تي پھتو آهي، چوانس ٿو لھه، ته بجاءِ لھڻ جي گهوڙي جو ھسوار ٿي ويھي رهيو آهي. چڱائي ته ڇٽي، هٿئين هچا نرڙ ۾ لڳي وئي.“
”ابا! نابين!“ ماڻھن انڌي کي چيو؛ ”تون ڇو نه ٿو گهوڙي تان لھين!“
”ابا! گهوڙو منھنجو!“ انڌي، ٻليءَ وارو ٻک هڻندي چيو؛ ”هيءَ زال به منھنجي! هيءُ الائي ڪير!“
”مئا انڌا! کوٻلا!“ مائيءَ اتي رڙيون ڪيون؛ ”تون الائي ڪير! منھنجي مڙس رحم کائي گهوڙي تي ويھاريئه ته وري مالڪ ٿي ويٺو آهين. ٻڏي نه ٿو مرين!“
”ابا ظلم! انڌير ڏسو!“ انڌي ويتر رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون؛ ”هاڻي هيءَ رن به مون کي انڌو ڏسي، هُن سڄي تي اڪن ڇڪن ٿي آهي. پاڻ ته وڃي ٿي پر گهوڙو به ٿي ڦرائي.“
گيڙ بگيڙو ۽ هُل بکيڙو گهڻو ٿيو. ماڻھو معاملو نبيري نه سگهيا ته ٽنھي کي گهوڙي سميت، شھر جي قاضيءَ آڏو آڻي پيش ڪيائون. قاضيءَ شھر مان ٻيو انڌو گهرايو. ٻنھي انڌن کي نويڪلي ڪمري ۾ ويھاري، پاڻ ۾ ڪچھري ڪرايائين.
شھر جي انڌي جي خبرن چارن ۽ حال احوال وٺڻ تي، ڦورو انڌي پھرين لنوايو، نيٺ ساڳي جنس هئڻ سبب سچي ڪيائين. قاضيءَ به اوٽ ۾ ويٺي ٻڌو جو انڌو چئي رهيو هو؛ ”ادا لڳي ته لائي، نه ته رن پرائي.“
مطلب: ۱. هگدو لڳو ته واهه واهه نه ته بک تي ته هُهئين ويٺا آهيون.
۲. لڳو نه لڳو، تنھنجو هڏ گڏ ته ڀڳو.
۳. لھي لٽاڪو، ڇٽي ڦٽاڪو. (۱۴)

196. لڳي هووئي ته ڪل پوئي،
نه ته لڳي واليان نُون پڇ. (سرائيڪي)
ڪو ماڻهو ڪنهن ڳوٺ ۾ اچي رهيو، جتي سندس دل هڪ عورت سان ٿي وئي. پاڻ اچي ڏنڊو ٺُڪائيندو هو ته اُها عورت اچي حاضر ٿيندي هئي. اِهڙي نموني هن جو قصو پيو هلندو هو.
هڪ ڏينهن همراه ڏنڊو ٺُڪايو پر عورت جو هڪ پُٽ هو جيڪو روئي رهيو هو. ماٺ ئي ڪو نه ٿي ڪيائين. عورت آخر بيزار ٿي، پنهنجي پُٽ جو ڪنڌ مروڙي، ماري پينگهي ۾ اڇليو. مٿانئس گندي وجهي، اچي يار سان ملي. سندس يار، اِهو منظر اکيين ڏسي ورتو هو. تنهن چيس؛ ”تون منهنجي ڪم جي ڪو نه آهين. تون پنهنجي پُٽ کي ئي ماري ڇڏيو سو مون کي به ڪو نه ڇڏيندينءَ.“ اِئين چئي ڪاوڙجي هليو ويس.
مائيءَ، شهر جي قاضيءَ وٽ وڃي مٿس دانھيو؛ ”منهنجو پُٽ ماري هليو ويو آهي.“
قاضي صاحب، اُن ماڻهوءَ کي گهرايو، جنهن پنهنجي بيان ۾ سموري ڳالھ ڪري ٻُڌائي. اُن جي ڳالھ ٻُڌي قاضيءَ مائيءَ کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني. اُن کي بادشاھ جي اڳيان پيش ڪيو ويو. بادشاھ به کيس ڦاسيءَ جو حُڪم ٻُڌايو ۽ وڌيڪ چيائين؛ ”هيءَ ڦاسيءَ جي ڦندي تي ويندي، رستي ۾ اگر ڪجھ چوي ته مون وٽ ٺي اَچجس.“
مائي رستي ۾ اِهو بار بار ورجائيندي پئي وئي؛ ”لڳي نه هووئي ته لڳي واليان نون پوڇ.“
اهي لفظ ٻڌي، کيس بادشاھ وٺي آيا. جنھن پڇيس؛ ”مائي اھو ڇا ٿي چوين؟ ان جو ڇا ارٿ آھي؟“
مائيءَ چيو؛ ”جيئندا قبلا! مون کي پھرين آزاد ڪيو ته پوءِ مان اھو ٻڌائيندس.“
بادشاھ کيس آزاد ڪرائي ڇڏيو، جنھن تي مائيءَ چيس؛ ”صبحاڻي هڪ ڇيلو وٺي، منھنجي گھر اچ.“
بادشاھ صبح جو هڪ ڇيلو ڪاھي، مائيءَ جي گهر پھتو. مائيءَ چيس؛ ”اتي واريءَ تي ويھ ته آئون گهر جي ڪم ڪار کان واندي ٿي وٺان...“
مائيءَ دانگي چاڙهي ماني پچائي کاڌي، پوءِ بادشاھ کي وٺي اچي مُقام ڀيڙي ٿي. اُتي پھچي بادشاھ کي چيائين؛ ”هاڻي ڇيلي کي دسي مٿانئس چڙهي سير وجهينس...“
بادشاه مٿان چڙهي ڇيلي کي ڪٺو. جڏهن سر ڌڙ کان ڌار ٿيو ته بادشاھ سميت مٿي کڄي ويو. تان جو بادشاھ کي کڻي وڃي پرين جي محل ۾ ڇڏيائين. اتي رھندڙ پرين، بادشاھ کي سهڻو جوان ڏسي، چيو؛ ”ڀلي ڪري آئين. هاڻي تون اتي رھ ۽ کاءُ پيءُ، پر محل کان پري نه وڃجانءِ ۽ اسان جو هڪ شرط به اٿئي. اُھو اِھو ته اسان روزاني هتان صبح جو وينديونسين ۽ شام جو موٽي اينديونسين. ان دوارن هنن ٽن ڪوٺين جا تالا نه کولج.“
اِئين چئي، پريون هلي ويون. بادشاھ، ويٺي ويٺي بيزار ٿيو ته ڪوٺين منجھان هڪ جو تالو وڃي کوليائين. ڏسي ته اندر هڪ سهڻو گهوڙو بيٺو آهي. گھوڙي، بادشاه کي ڏسندي ئي چيو؛ ”بادشاھ ڏسين ڇا ٿو؟ کڻ اهي سونا سنج! رک مون تي ۽ چڙهي پئو ته تو کي هن کان به سهڻي ولائت ڏيکاريان.“
بادشاھ به سونا سنج رکي جيئن گهوڙي تي لانگ ورائي، تيئن گهوڙو وٺي اُڏاڻو، جنهن کيس اهڙيون ولايتون گهمايون جو حيران ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن وري ٻي ڪوٺي کوليائين. ڏسي ته اندر هڪ سهڻو ۽ عاليشان اُٺ بيٺو آهي. تنهن چيس؛ ”گهوڙو تو کي گُهمائي آيو آهي پر آئون به تو کي ولايتون گهمايان ٿو.“
بادشاھ اُٺ تي پاکڙا رکي چڙهي ويٺو. اُٺ وٺي اُڏاڻو. تنهن کيس ڏاڍيون سٺيون ولايتون گهمايون، جيڪي اڳين ولايتن کان به بهترين هيون.
ٽئين ڏينهن ٽين ڪوٺي کوليائين. اندر هڪ ڪارو گڏھ بيٺو ھيون. جنھن هشيون ڏيندي چيس؛ ”هل تو کي دنيا ڏيکاريان!“
بادشاه گڏھ تي چڙهيو، جيڪو کيس کڻي اڏاڻو ۽ ڦيرائي ڦيرائي وڃي سندس ملڪ اندر سندس شهر جي گونھ کاڻ مٿان ڪيرايائين ۽ پاڻ ڀڄي ويو.
ماڻهو اچي مٿس مڙيا ۽ ڏسن ته بادشاھ سڄو گونھ ۾ گتو پيو آهي. بادشاھ کي اتان ڪڍي، وهنجاري ٺاهي عطر عنبير لڳائي تخت تي ويهاريائون. ڏسن ته بادشاھ موڳو ٿي ويو آھي. ڪنهن به طرف ڌيان ڪو نه ٿو ڏئي.
ڪجھ ڏينهن پڄاڻان بادشاھ حڪم ڪيو؛ ”جنھن مائي کي مون ڦاسيءَ جي سزا ڏني ٿي تنھن کي حاضر ڪيو وڃي!“
مائيءَ کي حاضر ڪيو ويو. بادشاھ کيس چيو؛ ”مون کي وري اُتي پهچاءِ!“
مائيءَ چيس؛ ”بادشاھ! پنهنجو وڏو پُٽ ڪُھ! ان جي ڌڙ تي اُتي پهچي ويندين.“
بادشاھ سٽ ڏيئي پنهنجي پٽ کي ڪُهي ته وڌو پر اُتي پھچي ڪونه سگھيو، تنھنڪري وري موٽي مائيءَ وٽ آيو. مائي چيس؛ ”ننڍو پٽ ڪھ.“ اھو وڃي ڪٺائين، پر ولايت ڪو نه پڳو. وري مائيءَ وٽ آيو.
مائي چيس؛ ”بادشاھ! جيئن تو پنهنجي لڳيءَ لاءِ، ٻن پٽن کي ڪُهي ڇڏيو. تيئن مون به پنهنجي پُٽ کي ماري وڌو هو. هاڻي تو کي ڳالھ سمجھ آئي ته ’لڳي هووئي ته ڪل پوئي نه ته لڳي واليان نُون پڇ‘ جو ڇا مطلب آھي؟“
مطلب: ۱. جنھن تن لڳي، سو تن ڄاڻي.
۲. لڳيءَ کي لک لعنت آھي. (۳۶)

197. لوھ پارس سان گسندو ته سونُ ٿيندو. (پھاڪو)
هڪڙو غريب ماڻھو، هڪڙي الله لوڪ فقير وٽ آيو ۽ چيائينس؛ ”منهنجا ٻچا بک ٿا مرن! ڪو حيلو ڏس!“
”گهر ۾ جيڪي لوھ جا ٽپڙ هجني،“ فقير کيس پارس ڏيندي چيو؛ ”ھيءُ، تن کي وڃي هڻ! سمورا سون ٿي پوندءِ. اهو تو لاءِ گهڻو آهي. پر شرط اهو آهي ته سج بيٺي هڻجانءِ! ٻيو ته سج لٿي کان اڳ، ھيءُ پارس، مون کي ھتي موٽائي ڏئي وڃجانءِ!“
غريب، پارس کڻي روانو ٿيو. گهر ۾ لوھ ڪو نه هيس. پارس گهر ۾ رکي، بازار مان لوھ چڪائڻ لڳو. لوھ چڪائيندي سج لهي ويس.
پويان فقير انتظار ۾ ھيو. سج لهڻ تائين به ھيءُ نه موٽيو ته سندس گھر آيو ۽ چيائينس؛ ”هاڻي مدو پورو ٿي ويو آهي. پارس موٽائي ڏي. ڇو جو سج لهڻ تائين جي ٻولي هئي.“
”مان ته اڃا لوھ پيو چڪايان!“ غريب هٿ ٻڌندي چيس؛ ”ٿوري مهلت ڏي.“
”مهلت جي گهڙي گذري وئي، ٻچا!“ فقير پنھنجو پارس وٺندي چيس.
مطلب: ۱. گيسر ڪرڻ سان، برڪت کڄيو وڃي.
۲. سڻيا هي سمڌا نهين، ميٽيا نه من ڪاموھ،
پارس ڪون پهنچا نهين، رهيا لوھ ڪا لوھ. (هندي)
۳. ٻڌئين سمجھيائين نه، من جي لالچ نه لٿس،
پارس تائين پڳو نه، لوھ جو لوھ ئي رھيو. (۴۸) ص ۹۹

198. لوھ، لوھ کي ڪٽي. (چوڻي)
هڪ ڏينهن سونَ لوهه کان پڇيو؛ ”پاڻ ٻئي جڏھن لوهه جي هٿوڙي يا وڏاڻ سان ڪُٽبا آهيون، تڏھن تون وڏيون دانهون ڇو ڪندو آهين؟“
لوهه جواب ڏنس؛ ”جڏهن پنهنجو ئي پنهنجي کي ماري، تڏھن تڪليف وڏي ٿيندي آهي، جنھنڪري مان دانھون وڏيون ڪندو آھيان.“
مطلب: ۱. پنھنجن طرفان لڳل گل به اثر ڪري، ڌارين جا پٿر به بي اثر ٿين.