[ ا ]
ھڪ گهر اندر، جتي اٽو رکيل هيو، ڪُئا اچي ھريا. ٻرن مان نڪري، اٽي کي اچي ڀِتا. کوٽي ۽ ڍوئي، وڃي ٻِر ۾ هنيائونس. اتفاق سان، کانئن پوءِ هڪڙو گابو پڻ اچي اتي پهتو. تنھن باقي بچيل اٽو کائي کپائڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو گھر-ڌڻي اچي اتي پھتو، جنھن کيس ڏسي ورتو. ان جو سبب اھو ھئو جو گابو، ڪوئن جي ڀيٽ ۾، تمام وڏو هيو. مٿس نظر پوڻ سولي هئي.
گھر-ڌڻي، اٽو کاڌل/کنيل ڏسي، ڏاڍو غصي ٿيو. مٿان وري گابي کي جو بيٺل ڏٺائين ته پڪو گمان ٿيس ته اصل زيان ڪرڻ وارو اھو آھي. پوءِ ته خار مان کيس ڏاڍا باٺا ڀيڙيائين.
مطلب: ۱. ڏوھ هڪڙو ڪري، سزا ٻئي کي ملي.
۲. ڪوئو/ ڏوھ ڪري، گابو/ بي ڏوهاري ڏوھ ڀري.
۳. کٽيو کائي فقير، لٺيون جهلي ڀولڙو.
۴. کٽيو کائي کتيجا/خديجه، ڌڪ جهلي ڌيڻس.
۵. چَٽي پئي چاڪر تي، ڀر وتايا تون.
۶. چَٽي پئي شھباز تي، ڀري وتايو.
۷. ڪَري ڪلو، ڀري للُو.
۸. ڀيٽيو؛ اٽو کائي ڀولو، مار کائي گابو. (۱) ص ۱۱۳.
3. اٽو کائي ڀولو، مار کائي گابو. (پهاڪو)
هڪڙي ڀولائيءَ وٽ هڪڙو چالاڪ ڀولڙو هيو. مٿان وري گابو به ڌاريو هيائين. ڀولڙو ڪڏھن ڪڏھن اٽو ٻاٽ کائي، ھٿن کي ٿڦيل اٽو، گابي جي ٻوٿ تي مَلي ڇڏيندو هيو. مالڪ اٽي وغيره جو زيان ڏسي، ڪاوڙبو هيو ۽ ڏنڊو کڻي زيان ڪندڙ کي ڳوليندو هيو. اڪثر گابي جو، اٽي سان ٿڦيل ٻوٿ ڏسي، کيس ڏنڊن سان کُپي ويندو هيو.
مطلب: ۱. ڏوھ هڪڙو ڪري، لوڙي ٻيو.
۲. اٽو کاڌو ڀولي، مار پئي گابي تي. (۲) ص ۴ ۽ (۳) ص ۱۱.
4. اُٺ پکي؛ نه اڏامي، نه بار کڻي. (پھاڪو)
اُٺ پکيءَ کي ڪنهن چيو؛ ”ميان پکي آهين ته اُڏامين ڇو نه ٿو؟“
وراڻيائين؛ ”هي اُٺ جهڙا پير تو کي نظر نٿا اچن؟ ڪي اُٺ اُڏامندا آهن ڇا؟ جو آئون اُڏامان؟“
وري ڪنهن پڇيس؛ ”اُٺ ٿو سڏائين، پوءِ وزن ڇو نه ٿو کڻين؟“
”آئون ته پکي آهيان!“ پر کولي، کيس ڏيکاريندي چيائين؛ ”ڪي پکي وزن کڻندا آهن ڇا؟“
مطلب: ۱. ٽوٽيءَ ۽ بي دليي وٽ، عذر تمام گھڻا ھوندا آھن.
5. اٺ کي تاڙيءَ کان ڪهڙو ڊپ؟ (پھاڪو)
هڪڙو ڇوڪرو اٺ تي چڙهيو پئي ويو. سندس اٺ هلندي ٻئي پاسي رخ ڪيو. اوڏانھن ڇوڪري کي وڃڻ جو ارادو نه هيو. نتيجي طور، اٺ کي ڊيڄارڻ ۽ سڌي رستي تي هلڻ لاءِ، تاڙيون وڄائڻ شروع ڪيائين. اٺ تاڙين تي ڪَن ئي نه ڏنو.
انهيءَ تي راھ ويندڙ جت، ڊڪي اٺ جي مهار جهلي ۽ ڇوڪري کي ٻڌايو؛ ”اٺ تي ڀلي نغارا وڄن ته به ڪين ڊڄندو. تنهنجي تاڙي ڇا اثر ڪندس؟!“
مطلب: ۱. ڏاڍو مڙس، هڪل هوڙ کان ڪين ڊڄندو آهي. (۳) ص ۱۸.
6. اٺ کي گهنڊڻيءَ جو ڪهڙو ڀؤ؟! (پھاڪو)
هڪڙو ڇوڪرو، اٺ تي چڙهيو پئي ويو. اٺ هلڻ ۾ ڍرو ٿيو ته ڊڪائڻ لاءِ هڪلون ڪيائينس. اُٺ، سندس هڪلن تي ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي تڪڙو ٿيو. انهيءَ تي ڇوڪري، مٿس ويٺي گهنڊڻي وڄائڻ شروع ڪئي.
اٺ، گهنڊڻيءَ جي آواز کي به خاطر ۾ نه آندو. جنهن تي ڏسڻ وارن چيو؛ ”اٺ کي گهنڊڻيءَ جو ڪو به ڀؤ نه ٿيندو آهي.“
مطلب: ۱. سڃو ماڻهو، دڙڪن دهمانن سان، چُپِ نه ڪندو. (۳) ص ۱۱.
7. اجايا پھ نه پچائجن. (چوڻي)
هڪڙي غريب نوجوان، شهر ۾ مزدوريءَ لاءِ واجهايو پئي. اوچتو هڪڙي امير، سڏ ڪري کانئس پڇيو؛ ”مزدوري ڪندين!“
”ها! ڇو نه ڪندس؟“ نوجوان حسرت مان پڇيس؛ ”مزدوري ڪهڙي قِسم جي آ؟“
”گيھ جو گهڙو گهر تائين کڻي هلڻو آهي.“ مالڪ مزدوريءَ جو قسم ٻڌائيندي پڇيس؛ ”مزدوري ڇا وٺندين؟“
”پنڌ، الائي ڪيترو آهي؟“ نوجوان مفاصلي کان اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪندي، مٿس امانت رکڻ لاءِ چيو؛ ”امانت ڪري مزدوري ڏيو.“
”ويجھو آهي.“ مالڪ کيس مزدوريءَ بابت دليل ڏيندي ٻڌايو؛ ”مان سدائين چئن آنن ۾ کڻائي ويندو آهيان.“
”مون کي به چار آنا ئي ڏجو.“ نوجوان راضي ٿيندي چيس.
ٺڪر جي دلي ۾ سچو گيھ ڀريل هيو. سينهون ٺاهي، گيھ جو گھڙو، مٿي تي رکيائين. هيءَ ان زماني جي ڳالھ آهي، جڏهن پتل، اسٽيل يا جست جا ٿانءَ رواج ۾ نه آيا هئا.
واٽ وٺيو پئي آيا ته نوجوان مزدور کي، مزدوريءَ جا پئسا مٿي ۾ ڦرڻ لڳا. سوچڻ لڳو؛ چئن آنن ۾ ڪُڪڙ جي بيضن جو هڪ ڊزن وٺندس. پوءِ پاڙي واري جي ڪڪڙ هيٺان ڏئي، ٻارنهن ٻچا ڦوڙائيندس.، جيڪي ڇهن مهينن ۾ وڏا ٿي ويندا. اھي وڪڻي، ٻيا آنا وٺندس ۽ پاڙي وارن جي ڪڪڙ کان ٻيو تور وٺندس. ائين سال اندر ٻن ٽن تورن سان سوين ڪڪڙ ٿي ويندا، جن مان اڌ کن کپائي ڇيلي وٺندم. اها به سال کن ۾ لاڳ ٿي ويندي ۽ ڦر ڦروٽا ڪندي. ٻه چار ڦر وڪڻي ڍڳي وٺندم. منجهانئس سال ٻن ۾، وڳ ٿي ويندو. پوءِ ڪڪڙن، ٻڪرين ۽ ڍڳين جي منافعن مان جاءِ جوڙائيندم ۽ شادي ڪندس. پنهنجي اوطاق هوندي، اولاد هوندو. اوطاق ۾ يارن دوستن سان ڪچهري ڪندم. پُٽ، ماني کائڻ لاءِ، سڏڻ ايندا. دل گهرندي ته ويندم، دل نه گھرندي ته پري کان ئي چوندومان؛ ”نه! مان نه ٿو اچان!“
ڪنڌ سان جڏهن ’نه مان ڪيائين‘ ته گيھ جو گهڙو وڃي هيٺ ڪريس. گيھ سڄو زيان ٿي ويو.
”منهنجو ته وڏو زيان ڪري ڇڏيئي!“ مالڪ رڙ ڪري چيس.
”تنهنجو ته رڳو گيھ جي گهڙي جو زيان ٿيو آهي.“ مزدور روئندي ۽ ڏڪندي چيس؛ ”منهنجي ته سڄي ڀينگ ٿي وئي.“
۲
هڪڙي غريب ماڻهوءَ جي ڪوٺيءَ ۾ تيل جو گهڙو هو. هڪ رات پاڻ سان ويٺي پھ پچايائين ته جڏهن صبح ٿيندو تڏهن تيل شهر ۾ نيئي وڪڻندس ۽ ان جي قيمت مان هڪ رڍ خريد ڪندس. اها رڍ سال ۾ ٻه گهٽيون ڏيندي. گهٽيون جلدي ڦر ڄڻينديون. اهي ڦر پڻ اهڙيءَ طرح ٻچا ڏيندا. دير نه گذرندي جو هڪ وڏي ڌڻ جو مالڪ بنجي پوندس، ۽ ان جي اپت مان فلاڻي ٻني خريد ڪندس. ان ۾ ڪيترا ئي وڻ پوکيندس ۽ هڪ شاهي محلات ٺاهيندس ۽ ان محلات جي اندر قيمتي فرش وڇائيندس. پوءِ فلاڻي سوداگر جي ڌيءُ سان شادي ڪندس ۽ ان جي خدمت ۾ گهڻيون ٻانهيون ۽ گهڻا ٻانها موڪليندس. ڪنهن به وقت انهن مان نافرماني ڪندو ته هن لٺ سان کيس ماريندس.
انهيءَ وقت، جيڪا لٺ هٿ ۾ هيس سا اولاريائين. قضا سان، اولاريل لٺ، وڃي گهڙي کي لڳي. گهڙو ڀڄي پيو ۽ تيل زمين تي هارجي ويو.
مطلب: ۱. خيالي محل اڏڻ سان، فائدو فائدي جي ماڳ، الٽو نقصان ٿي پوندو آهي.
۲. غريب ماڻهوءَ کي نه خام خيال پچائڻ جڳائين ۽ نه مال گڏ ڪرڻ جي ھوس سُونھي ٿي.
۳. غريب اجايا پھ پچائيندو ته جيڪي هٿ ۾ ھوندس سو پڻ وڃائيندو.
8. اڃا ڪڪڙا ڪنگر ۾، چي؛ ”پڙو مبارڪ“. (پھاڪو)
هڪڙي هاريءَ، ڦٽين پوکڻ لاءِ، ڪڪڙا گهر ۾ آندا. گهر واريءَ کي چيائين؛ ”ڪڪڙا ڪنهن ڪونر يا ڪنگر ۾ پسائي رک! جيئن ڏينهن ٻن ۾ ڦنڊن ۽ ڦوٽ کائين ته زمين اندر ڇٽڻ جهڙا ٿين.“
پاڻ زمين ٺاهڻ، هر بنجهر ۽ ريج پاڻيءَ واري خفي کي لڳي ويو. جوڻس ڪنگر ۾ ڪڪڙا پسائي رکيا. پوءِ دل ۾ رٿون رٿڻ لڳي؛ ”ڪڪڙا پوکينداسين. وونئڻ ٿيندا، ڏينو جهليندا. جيئن ٿڌ پوندي، تيئن گوگڙا جھليندا، جيڪي ڦوٽ کائي ڪپھ ٿيندا. چونڊو ڪري، ڪپھ گهر آڻبي. ڪڪڙا ڪڍي، ڪُٽبي سٽبي. منجهانئس سُٽ جا ڦورا ٺاھبا. تن منجھان وري ڪپڙو اُڻبو. ڪورڪي ڪپڙي کي کٽيءَ کان رڱائي، منجھانئس پڙو ٺهرائيندس. پوءِ اھو پائي سھيلين ۾ لاڏ سان پئي ھلندس.“
اهي ڳالهيون ڳڻي، هر آئي وئي کي ٻئي ٻڌايائين. کانئن ائين چئي، پڙي ٺهي اچڻ جون واڌايون به پئي ورتائين.
سندس ان اڳ-ڪٿيءَ واري ڳالھ جي ٻڌڻ سان، ھر آئي ويئي، پنھنجي منھن کلي به پئي ۽ مٿس اھا ڌنڪ به پئي ٺاھيائين.
مطلب: ۱. ڄائي ناهي، نانيءَ مهانڊي.
۲. پاڻيءَ کان اڳ، ڪپڙا نه لاهجن. (۳) ص ۱۵۴.
9. اڄ جو ڪم، سڀاڻي تي نه رکجي. (چوڻي)
ڪنهن ملڪ جي بادشاھ، رعايا کان ناراض ٿي، اعلان ڪرايو؛ ”ملڪ جي جنهن به رهواسيءَ، فلاڻي تاريخ جي اندر اچي معافي نه ورتي ته کيس قتل ڪيو ويندو.“
هڪ ڳوٺ جو چڱو مڙس، ان پڙهي ٻڌڻ کان پوءِ به، ان گمان ۾ رهيو ته؛ ”اڃا وقت گهڻو پيو آهي. ڪڏهن نه ڪڏھن هلي، بادشاهه کان معافي وٺبي.“ ڏينهن گذرندا ويا. چڱو مڙس، اوچتو بيمار ٿي پيو. هاڻي خيال ڪيائين ته؛ ”چاق ٿيان ته وڃي معافي وٺندس.“
جيئن ڏينهن گذرندا ويا، تيئن وڏيري جي بيماري ڏينهون ڏينهون زور وٺندي پئي وئي. هلڻ کان هلاڪ ڪري ڇڏيائينس. آخري ڏينهن تي وڏيرو سِر بچائڻ خاطر، پاڻ کڻائي معافي وٺڻ لاءِ، بادشاهه جي درٻار ڏانهن اسهيو. بادشاھ جي درٻار ۾، جيئن داخل ٿيو ته معافيءَ واري گهڙي پوري ٿي چڪي ھئي. نتيجي ۾ بادشاھ کيس ڳوٺ وارن سميت قتل ڪرائي ڇڏيو.
مطلب: ۱. وقت کي ھٿان وڃڻ نه ڏجي.
۲. اڄ جو ڪم اڄ ڪجي، ٻئي ڏينھن تي نه ڇڏجي.
۳. وقت جو قدر ڪرڻ گهرجي.
۴. وقت چوي؛ آ بادشاھ.
۵. جي وقت ڪري واڪا ته گڏھ کي به ڪوٺجي؛ ڪاڪا. (۴) ص ۹۳
10. اڇي پڳ م پس، اندر مڙيوئي اڳڙيون. (پھاڪو)
ڳوٺ ۾ زميندار جي پٽ جي شادي هئي. جڏھن اھا خير خوبيءَ سان ٿي گذري ته لاڳدارن ۽ ڍورڻو آڻيندڙن لاپو گھريو. حجم، مهاڻي ۽ ڪنڀار کي ته پنهنجو لاڳ مليو، جيڪي وٺي رمتا ٿيا. باقي رهيو مڱڻهار، جنهن زميندار جو بوسڪيءَ وارو ٻڌل پٽڪو تاڙيو ھيو، سو دل ۾ ٽلڻ لڳو؛ ”زميندار وڌ ۾ وڌ ويهه ٽيهه رپيا ڏيندو. اگر ٻڌل پٽڪو دان ڪري ته رنگ ٿي ويندا.“
اھو سوچي، پٽڪي جي اچي صدا هنيائين؛ ”جيئندا قبلا! گستاخي معاف ٿئي.“
زميندار چيس؛ ”ابا! گستاخي معاف اٿئي، ٻڌاءِ؟“
مڱڻهار عرض ڪيو؛ ”سائين! دستار مبارڪ ملي.“
زميندار کي پهريان ته تمام گهڻي ڪاوڙ آئي پر خوشيءَ جهڙو موقعو هو سو دستار لاهي مڱڻهار کي ڏنائين. مڱڻهار خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو.
زميندار کان پيرين پئي موڪلائي گهر پهتو. پٽڪو جو کوليائين ته ٻاهران هڪ وال بوسڪيءَ جي ڪپڙي جو ھيو. اندر سڀ اڳڙيون هيون. اھو ڏسي مڱڻهار چوڻ لڳو؛ ”اڇي پڳ مَ پس، اندر مڙيو ئي اڳڙيون.“
مطلب: ۱. جڏھن چمڪ تي ڀلجي پئبو آھي، تڏھن نتيجي طور؛ ٻه به وينديون آھن ته ڇهه به وينديون آھن.
11. اڌ-سکي وديا؛ يا ماري، يا کاري. (چوڻي/پهاڪو)
هڪڙو طبيب، ڏاڍو ڏاهو ۽ هٿ-شفا وارو هيو. ناماچاري پڻ ڏاڍي هيس. ھنڌين ماڳين جا مريض، وٽس علاج واسطي ايندا هيا. جڏهن فوت ٿيو ته ساڳيا مريض، علاج واسطي، سندس پٽ وٽ اچڻ لڳا.
پٽس حڪمت ڪين سکيو هيو. سندس پيءُ جي مشهوريءَ سبب، ھڪڙو مريض وٽس آيو، جنهن کي اک ۾ تڪليف هئي. ناخلف پُٽ ۽ نيم حڪيم، ابي جو رکيل جهونو ڪتاب پٽي، مريض کي چيو؛ ”وڃي ڏنڀ ڏيار!“
مريض کي اک جي سور، ساڙي ٻاري ڏنو هيو. لاچار وڃي ڏنڀ ڏياريائين، جنهن سان اک جي بينائي به هلي ويس.
اهو واقعو ٻڌي، ماڻهو وٽس لنگهي آيا ۽ چيائونس؛ ”هيءُ ڪهڙو انڌير ڪيو اٿئي؟! اک کي به ڏنڀ ڏبا آهن!“
انهيءَ تي پيءُ واري پوٿي پٽي، کين ڏيکاريائين، جنهن ۾ اک جي علاج لاءِ ڏنڀ جو ڏس ڏنل هيو.
منجهانئن ھڪڙي پڙهيل ڳڙھيل ھمراھ، کانئس ڪتاب وٺي، مٿان کان جاچڻ شروع ڪيو. اک جي علاج واسطي ڏنڀ جو ڏس ڏنل هيو پر اهو باب گهوڙن جي مرض بابت هيو.
مطلب: ۱. نيم ملا، خطره ايمان.
۲. اڌ-پڙهيو ماڻهو ٻين لاءِ ته نقصانڪار آهي، پر پنهنجي لاءِ به بلاءِ جان آهي.
12. اڌ کي ڇڏي، جو سڄيءَ ڏي ڊڪي،
تنهن کي سڄي ته نه ملي، پر اڌ ڪاڻ به سِڪي. (پھاڪو)
هڪڙو ڪتو، گوشت جي سنڍي وات ۾ کنيو، نديءَ جي پار پئي ويو. تنهن پنهنجو پاڇو جڏھن پاڻيءَ ۾ ڏٺو، تڏھن سمجھيائين ته هيءُ ڪو ٻيو ڪتو سنڍي وات ۾ کنيو ٿو وڃي. دل ۾ آيس ته؛ اِها سنڍي به، کانئس کسيان. اها ڳالھ دل ۾ ڳڻي، لوڀ وچان وات پٽي، جيئن کانئس کسڻ جي ڪيائين، تيئن پنھنجي وات واري سنڍي به پاڻيءَ ۾ ڪري پيس، جنهن سنڍيءَ ستت وڃي پاڻيءَ جو تَرُ ورتو. گھڻي ڳولا باوجود موٽي هٿ نه آيس.
۲
ھڪڙو ڪتو، اڌڙ مانيءَ جو کنيو پئي ويو. رستي ۾ ھڪ پاڻي جو تلاءُ نظر آيس، جنھن ۾ کيس پنھنجو عڪس نظر آيو. ڏٺائين؛ ڪتو ماني وات ۾ جلھيو پيو وڃي. سمجھيائين؛ اھو ٻيو ڪتو آھي، جيڪو مانيءَ جو اڌڙ کنيو پيو وڃي. اگر اھو مانيءَ جو اڌڙ به مون کي ملي ته منھنجي ماني سڄي ٿي پوي. اھو خيال ايندي، وات وارو اڌڙ مانيءَ جو سڪيءَ تي ڦٽو ڪري، پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنائين. گھڙڻ کان پوءِ گھڻو ڳوليائين، پر پاڻيءَ وارو ٽڪر ته ٽڪر جي ماڳ، موراڳو ڪتو ئي نه مليس. ھيٺ ڍونڍيائين ئي پئي جو ٻاھر ٻيو ڪتو آيو ۽ سڪيءَ تي سندس رکيل مانيءَ جو اڌڙ به کڻي ڀڄي ويو.
مطلب: ۱. لوڀ، بڇڙو اوَگڻ آهي، جيڪو سڀ ڪنهن کي ڇڏڻ گهرجي.
۲. ڌڻي تعاليٰ جيڪي ڏنو آهي، تنهن تي قناعت ڪرڻ گهرجي.
۳. جيڪي ماڻهو ٻين جا تاڪائو ٿيندا آهن، سي منجهانئن بجاءِ ڪي وَٽِڻِ جي، پاڻ وَٽِ پيل مال به وڃائيندا آهن.
۴. لالچي، پنھنجي هٿ واري شيءِ به وڃائي ٿو.
۵. اڌ کي ڇڏي، سڄيءَ ڏانهن نه ڀڄجي.
۶. اڌ کي ڇڏي جو سڄيءَ ڏانهن ڏوئي، سو سڄي ته نه لھي، پر اڌ لئه به روئي. (۵) ص ۶.
13. اصيلن آئي، ڪميڻن جي هوا نڪري وڃي. (چوڻي)
هڪڙي ڳوٺ ۾، بادي نالي هڪڙو غريب ڪوري رهندو هو. کيس هر ڪو بادو چريو سڏيندو هيو. هڪڙيءَ عيد تي، حال سارو، نوان ۽ اڇا ڪپڙا ورتائين.
عيد جو ڏيهاڙو ٿيو ته، هڪ هڪ ڪري ڪپڙا پاتائين به پئي ۽ خوشيءَ مان راڳ به ڳاتائين پئي. سمورا ڪپڙا پائي، آئيني آڏو ٽيڳرجي، پاڻ کي ڏٺائين به پئي ۽ چيائين به پئي؛ ”جيءُ بادا جيءُ! واه بادا واه! تنهنجا ته ڪپڙا ڇا چئجن! واه بادا واه! ڇا ته تنهنجو ڏيل آهي!“
کانڊر ڪري، عيد نماز لاءِ گهران نڪري، گهٽيءَ ۾ آيو. اڳيان زريءَ، زربفت ۽ بخملي ڪپڙن ۾ مبلوس مڙيئي ماڻهو مليس. کين ڏسندي ئي دماغ مان هوا نڪري ويس. ککو وکو ٿيو ۽ ڦڪيءَ دل سان پاڻ کي چوڻ لڳو؛ ”ڊين بادا ڊين!“
مطلب: ۱. ٻين جي شانَ/مانَ/عقل/دولت کي ڏسي؛ پوءِ پاڻ تي فخر ڪجي.
۲. ڪميڻو پنهنجي ڪميڻائپ مان ڪڍي ڪين ڪاف.
۳. پنھنجو محاسبو پاڻ ڪجي.
۴. ڪميڻو ڪپڙا ڪري، ڏسي پنهنجو ڏيل،
ڏسي ڏسي پنهنجي ڏيل کي، ڊوڙائي دليل،
ته مون جهڙو مُلڪن ۾، آهي ڪي قدر قليل،
اڳيان گڏيل اصيل، تڏهن وايون ويس وسري. (۳) ص ۱۴۶
14. اناڙيءَ کي ڦرڻ، آسان. (چوڻي)
هڪڙي ٻڪرار هڪڙي اناڙي ڇوڪر کي، ٻڪرين جو ڌڻ چارڻ لاءِ ڏنو. ڇوڪر جڏهن ڌڻ ڪاهي اڳتي اسهيو ته واٽ تي هڪڙي هاتڪ اچي ولو چاڙهيس. کيس ٽڪو ڏيندي چيائين؛ ”هيءُ ٽڪو اٿيئي! ٻيو ڪين ٿو گهرانءِ، فقط ننڍي ۾ ننڍو ڇيلو جيڪو هجئي، سو ڏيئي ڇڏ! ڀل ته تو کي ئي ڪسر هجي!“
ڇوڪر ڀانيو، مالڪ کي فائدو ٿيندو، ته ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو. ٽڪو وٺي ننڍڙو ڇيلو ڪڍي ڏنائينس.
ڇوڪرو اڃا اڳڀرو مس هليو جو ساڳئي شاهينگ ڦڙتڪ هڻي چيس؛ ”اهو ٽڪو به تو کي آيو ۽ هيءُ ڇيلو به تون جهل. ٻنهي جي بدلي مون کي ٿورڙو سلالڙو ڇيلو ڏي!“
ڇوڪري ڀانيو؛ ڇيلو مفت ۾ ٿو ملي ۽ ٽڪو تنهن کان سواءِ آهي، سو يڪدم کيس ٿورو سلالڙو ڇيلڙو ڌڻ مان ڪڍي ڏنائين.
وري ٿورو اڳڀرو هلي، ٺڳ چوڻ لڳس؛ ”اهو ٽڪو ۽ ننڍڙو ڇيلو ٻئي ته تو کي ڦٻيا ۽ هيءُ سلالڙو ڇيلو به تون وٺ، مون کي ٿورڙو وڏيٽڙو ڇيلو ڏي!“
ڇوڪري لالچ ۾ اچي، اهو سودو به ڪيس. ائين سودي مٿان سودا ڪندو، ڦورو کانئس شام تائين وڏو ٻڪر تڳائي ويو.
شام جو جڏهن ڇوڪر، ڌڻ پهرائي موٽيو ته ڌڻيءَ سان ڇيلن جي سودي ۽ منافعن جي ڳالھ ڪندي ڊاڙ هنيائين ته؛ هيترا ڪي هيترا ۽ ٽڪو فائدي ۾ وٺي ٻڪر جو سودو ڪيو اٿم. مالڪ، وٽ سنڀاليا ته؛ ٽڪي جي بدلي ٻڪر گم ڏٺائين. انهيءَ دم اچي ان ٺڳ کي اُکين تي کنيائين ۽ ڏاڍي ڦيھ پڻ ڏنائينس.
مطلب: ۱. جتي لوڀي هجن، اتي ٺوڳي بک نه مرن.
۲. عقل ريءَ عذاب، گهڻا پسندينءَ جندڙي. (۶) ص ۲۱
15. انڌير نگري، چرٻٽ راجا،
ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا. (چوڻي)
گرگٽ نالي گروءَ کي، چرڪٽ نالي چيلو هيو. هڪ دفعي ٻئي سير سفر لاءِ سھي سنبري نڪتا. شهر شهر ۽ ملڪ ملڪ هڻندا، چرٻٽ نالي راجا جي ملڪ ’بيداد نگريءَ عرف انڌير نگريءَ‘ ۾ اچي پهتا. پهچڻ بعد، گروءَ چيلي کي شهر جو واءُ سواءُ وٺي اچڻ لاءِ چيو.
شهر جو واءُ سواءُ وٺڻ بعد، چيلو حيرت ۾ پئجي ويو. هر شيءِ ساڳئي اگھ تي پئي وڪاڻي. تور تڪ لاءِ، نه ساهمي هئي ۽ نه وٽ. بلڪ ’ڏي به ٻُڪ، وٺ به ٻُڪ‘ لڳي پئي هئي. اٽي جي سير تي، گيھ جو سير پئي مليو. بصر ٽڪي سير ته گوشت به ٽڪي سير ھيو. چيلي جو ته وات ئي پاڻي ٿي ويو.
”گرو!“ چيلي موٽي اچي گروءَ سان حال احوال ڪندي چيو؛ ”هتي ته بهاري لڳي پئي آهي. شهر ته ڇڏڻ جهڙو ئي ناهي. مان ته باقي زندگي ھتي رهڻ لاءِ سوچي ڇڏيو آهي“.
”جتي ڀلي ۽ ڍلي جي تميز نه هجي، اتي رهڻ نه گهرجي!“ گروءَ نصيحت ڪندي جهليس.
”نه گرو!“ چيلي هوڏ تي رهندي چيس؛ ”ههڙا سستا مال ڇڏي، ٻئي هنڌ نه هلبو.“
گروءَ کي گرو ڪرڻ وارو به چيلو هيو. تنهن ڏٺو ته چيلو هٿن مان نڪتو ٿو وڃي، سو وقتي پاڻ مڙي ويو ۽ رهڻ لاءِ راضي ٿيو.
چيلي نه ڏسي جو ڏٺو، ته ڏاڍي هٻڇ ڪرڻ لڳو. گيھ ۽ گوشت سان ته گهٽ ئي نه ڪيائين. کائي پي، مچي مهوڙ ٿي پيو. گروءَ ته عقل کان ڪم وٺندي، گهٽ کاڌي تي پئي پاڻُ پليو.
هڪ ڏينهن راجا وٽ هڪڙي چور، فرياد داخل ڪندي عرض ڪيو؛ ”راجا صاحب انصاف ٿئي؟“
”عرض پيش ڪر!“ راجا حڪم ڪيو.
چور ماجرا پيش ڪندي چيو؛ ”سائين!جيئندا قبلا! مان پنهنجي ساٿيءَ زيپٽ خان سان گڏجي، ڍالو خان جي گهر چوري ڪرڻ ويس. گهر جو در ڳؤرو به هو ۽ اندران وڏو تالو به لڳل هئس. تنهنڪري اسان گهر ۾ اندر ٽپڻ لاءِ ڀت کي کاٽ هنيو. کاٽ هڻندي ڀت ڊهي پئي ۽ زيپٽ خان جي مٿان ڪري پئي، جنهن ۾ مڙس ڍير ٿي ويو. مون کي خون جو پلاند کپي. اسان جي ملڪ ۾ اهڙي ڪمزور ڀت ڇو ٺهي، جيڪا کاٽ لڳڻ سان ڦهڪو ڪَري، ڪِري پئي.“
راجا فرياد ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو ڏيندي چيس؛ ”ڀت کي ڦاسي ڏني وڃي. ڀت ايتري ڪمزور ڇو هئي!“
اتي درٻارين عرض ڪيو: ”ڀت جو ڪهڙو قصور! قصور ته ٺهرائڻ واري جو آهي، جنهن اها جڏي ڀت ٺهرائي. جي اهو جڏي ڀت نه ٺهرائي ها ته مڙس نه مري ها.“
چرٻٽ راجا، گهر جي مالڪ ڍالوءَ کي پيش ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو. ڍالوءَ کي راجا آڏو پيش ڪيو ويو.
”اڙي! تو اهڙي ڪمزور ڀت ڇو ٺهرائي، جيڪا کاٽ هڻڻ سان هلي وئي ۽ زيپٽ خان جهڙو دولھ مڙس مري پيو؟“ راجا، ڍالوءَ کان هڪل ڏئي پڇيو.
”راجا صاحب! انصاف ٿئي.“ ڍالوءَ وراڻيو؛ ”ان ۾ منهنجو ڪو قصور ناهي، ڇو جو اها ڀت رازي ريجهو مل ٺاهي آهي. ان ۾ ان جو ڏوھ آهي ته ڀت ڪمزور ڇو ٺاهيائين؟“
”بلڪل تون سچ ٿو چوين. ان ۾ تنهجو قصور ناهي.“ چرٻٽ راجا، خيال مٽائيندي چيس؛ ”سڄي شرارت ريجهو مل جي آهي، تنهنڪري ريجهوءَ کي پيش ڪيو وڃي.“
ريجهو مل کي ڪارندا، کنڀي کڻي آيا.
راجا ريجهوءَ کان، ڀت ڪرڻ جو راز ڄاڻڻ لاءِ پڇيو؛ ”اڙي تو اهڙي جڏي ڀت ڇو ٺاهي، جيڪا کاٽ لڳڻ سان ڀور ڀور ٿي وئي ۽ ڪِرڻ سان مڙس به ڇيهون ڇيهون ڪري وڌائين؟“
”راجا صاحب نياءُ ٿئي!“ ريجهوءَ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ عرض ڪندي چيو؛ ”هڪڙن جي آئيءَ، ٻين کي ساڙڻ نه گهرجي.“
”ڇا ٿو چوڻ چاهين؟“ راجا پڇيس.
ريجهوءَ عرض ڪيو: ”سائين! ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور آهي؟“
”باقي ڪنهن جو آهي؟“ راجا پڇيو.
”سڄو ڏوھ گاري ڇڪيندڙ گيدوڙي خان جو آهي.“ ريجهوءَ پنھنجو بچاءُ ڪندي، سڄو ڏوھ گيدوڙي جي ڪنڌ ۾ وجھڻ لاءِ چيو؛ ”جيڪڏهن گيدوڙو، گارو صحيح ڇڪي ها ته نه ڀت ڪمزور ٿئي ها ۽ نه ئي ڪري ها. نه وري زيپٽ خان جهڙو جوان ان جي هيٺان دٻجي مري ها!“
”گيدوڙي خان کي هڪدم حاضر ڪيو وڃي.“ چرٻٽ راجا، راز کان واقف ٿيندي حڪم ڪيو.
گيدوڙي کان، پيشيءَ بعد، سوال ٿيو: ”تو اهڙو گارو ڇو ڇڪيو. جنهن سان ڀت ڪمزور ٿي پئي ۽ کاٽ لڳڻ شرط وڃي ٻٽڪو ڪيائين؟ زيپٽ خان جهڙو چڱو مڙس چٽڻي ڪري وڌائين.“
”سائين عدل ٿئي ته آئون اڳتي ڳالهايان.“ گيدوڙي، هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيو.
”بلڪل دل جي مدعا پيش ڪر.“ راجا حڪم ڪيس.
گيدوڙي خان مدعا پيش ڪئي؛ ”سائين! ساري حرامڙائي پڪوڙي خان بشتيءَ جي آهي. اهو جيڪڏهن گهڻو پاڻي نه وجهي ها ته نه گارو پٽڙو ٿئي ها ۽ نه ئي وري تيز ڇڪجي ها. تيز ڇڪجڻ جي ڪري، ڀت ڪمزور ٿي پئي ۽ کاٽ لڳڻ سان مڙس کي ابدي ننڊ ڏياري ڇڏيائين.“
”واقعي تون قصور وار ناهين، سمورو قصور پڪوڙي خان بشتيءَ جو آهي.“ راجا معاملي جي تھ تائين پهچندي چيو؛ ”پڪوڙي خان بشتيءَ کي حاضر ڪيو وڃي.“
حڪم ملڻ شرط، ڪاروا پڪوڙي خان بشتيءَ کي کنڀي کڻي آيا.
”اڙي تو گاري ۾ پاڻي گهڻو ڇو وڌو؟“ راجا، پاڻي وجهڻ واري پڪوڙي خان بشتيءَ کان پڇيو؛ ”هاڻي مڙس مري پيو آهي. ان جو ڏوھ ڏنڊ ڪير ڏيندو؟“
”سائين انصاف ٿئي!“ پڪوڙي خان بشتيءَ، جيءَ جي امان گهرندي، عرض ڪيو؛ ”منهنجو عرض به ٻڌو وڃي.“
راجا هڪل سان چيس: ”عرض پيش ڪر!“
پڪوڙي خان چيو: ”سائين! ان ۾ منهنجو ڏوھ ناهي. اهو سمورو ڏوھ پيلبان جو آهي. جيڪو ان وقت اتان هاٿي ڪاهي لنگهيو. هاٿي ان وقت ٽٺل هو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي رهيو هو. ڪنهن مهل مون ڏانهن رخ رکيائين. ڊپ منجهان، منهنجي هٿن مان پاڻيءَ جي پخال ڇڏائجي وئي ۽ سمورو پاڻي، گاري ۾ هليو ويو.“
”بلڪل تون بي قصور آهين. اهو سڄو ڏوھ پيلبان جو آهي.“ راجا حڪم ڏنو؛ ”پيلبان کي ھڪدم حاضر ڪيو وڃي.“
پيلبان کي ٻوساٽي، درٻار اندر پھچايو ويو.
”تون گاري ٺهڻ وقت هاٿي ڪاهي، ڇو اچي اتان لنگهئين؟“ راجا، پيلبان کان پڇيو؛ ”هاٿي ٽٺو ته بشتيءَ کان پاڻي هارجي ويو ۽ گارو پٽڙو ٿيو. ڀت جڏي ٿي پئي ۽ کاٽ لڳڻ سبب مڙس ڦيهي وڌائين.“
پيلبان عرض ڪيو: ”سائين انصاف ٿئي. ان ۾ منهنجو ڪو قصور ڪونهي. سڄو قصور، مائي ڪيڪوڙيءَ جو آهي. اها ان وقت پيرن ۾ ڇمڪا پائي، گهٽيءَ ۾ آئي. سندس ڇمڪي تي، هاٿيءَ ٽاھ کاڌو ۽ گاري واري پاسي ڏانهن ڊوهيائين.“
”تون سچ ٿو چئين. اهو قصور ڪيڪوڙيءَ جو آهي“. چرٻٽ راجا، اٽي مان وار ڪڍندي، حڪم ڪيو؛ ”ڪيڪوڙيءَ کي حاضر ڪيو وڃي.“
مائي ڪيڪوڙيءَ کي حاضر ڪيو ويو.
راجا، مائيءَ کان پڇيو؛ ”تون ڇمڪا پائي ڇو لنگهينءَ جو هاٿي ٽٺو، گاري ۾ پاڻي پوڻ سبب، گارو پٽڙو ٿيو ۽ ڀت جڏي ٿي پئي جيڪا کاٽ لڳڻ سبب ڪري پئي ۽ زيپٽ خان جو خون ٿيو؟“
ڪيڪوڙي سياڻي هئي، تنهن يڪدم سوچي چيو؛ ”بادشاھ سلامت! اهي ڇمڪا، لوڪڙ سوناري ٺاهيا آهن. ڏوھ ان جو چئبو. ان ۾ منهنجو ڪو به قصور ناهي. جيڪڏهن اهو اهڙا ڇمڪا نه ٺاهي ها ته اڄ اهڙو خونام نه ٿئي ها.“
راجا حڪم ڪيو؛ ”بلڪل تنهنجو قصور ناهي. اھو کلم، لوڪڙ سوناري ڪيو آھي، جنھنڪري، کيس حاضر ڪيو وڃي.“
جڏهن سوناري کان ساڳيو سوال ٿيو ته مڙس صفا وائڙو ٿي ويو. ڪو به جواب ڪو نه سُجهيس. صفا منجهي بيھي رهيو. پوءِ ته بري تي بڇ ٿي وئي. سڀني کڻي سوناري ڏانهن اشارا ڪيا. راجا کيس ڏوھ جو ڏوهي ٺهرايو. تنهن کان پوءِ راجا جي انهيءَ اٽي مان وار ڪڍڻ وارين ترڪيبن تي، ھر ڪو داد ڏيئي رهيو هو. منجھن گرو ۽ چيلو به موجود هئا. اهي به ساڳي روئداد ڏسڻ لاءِ آيا هئا.
راجا جي حڪم مطابق، سوناري کي ڦاسيءَ جي تختي تي آندائون. اتفاق سان ڦاسيءَ واري رسيءَ جو ڳاراڻو ڪشادو ٿي پيو. سونارو هئو سنهڙو، لوڪڙ جهڙو. سندس منڍي ننڍڙي هئڻ ڪري، ڦاهيءَ واري گرگهلي ڳاراڻي مان نڪري پئي وئي ۽ ڦاسي فِٽِ نه پئي آيس.
ڪارندن، راجا وٽ شڪايت ڪئي. راجا ٽٻيءَ ۾ پئجي ويو. گهريءَ سوچ کان پوءِ فيصلي ۾ ترميم ڪندي حڪم جاري ڪيائين؛ ”جنهن کي ڦاسي پُوري اچي، ان کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو وڃي.“
ڪارندا، ڳاراڻو کڻي لهي پيا ميدان ۾. هر ڪنهن جي ڳچيءَ ۾ ڳاراڻو وجهي جاچڻ لڳا. چيلي جڏهن اها صورتحال ڏٺي ته اچي ڦرڪڻيءَ ورتس. ڇهين حس ڦرڪڻ لڳس. اندر ئي اندر ۾ سوچڻ لڳو؛ ”ڦاسيءَ وارو ڦندو ته مون جهڙي ٿلهي متاري کي ئي ڦهڪي بيهندو. ان کان اڳي جو ڪارندا مون تائين پهچن، مون کي ڪجھ ڪرڻ گهرجي.“ ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه آيس. يڪدم گروءَ جي چرنن ۾ ڪري پيو؛ ”گرو! هاڻي ڪا اٽڪل ويڙهاءِ. متان ناحق جان وڃي، ان جو اڳي بلو ڪر.“
گروءَ چيس؛ ”مون ته تو کي اڳ ۾ ئي چيو هو ته؛ هتي انڌير لڳو پيو آهي. هتي نه ترسون، پر تو لالچ ڪئي ۽ نه مڙئين. هاڻي پنهنجيءَ لالچ جو نتيجو لوڙ.“
چيلو ٻيهر گروءَ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ منٿون ايلاز ڪرڻ لڳو: ”گرو! جيڪي ٿيو سو ڇٽو. هاڻي منهنجي توبہ! منهنجي وڏن جي به گيسي! رڳو تجويز ڪري هاڻي جان ڇڏاءِ. وري هتي نه ترسنداسين.“
گروءَ کيس چيو؛ ”جيڪڏهن ڦندو فٽ اچئي ۽ تو کي ڦاسيءَ جي تختي تي وٺي وڃن ته تون ڀلي اتي وڃجانءِ. ڦاسي اچڻ کان اڳ، آ تنهنجي جان ڇڏائڻ جو بلو ڪندس.“
چيلي کي دلجاءِ ٿي. ايتري ۾ ڪارندا ڦندو کڻي، هر هڪ جي ڳچي ماپيندا، اچي وٽس پهتا. کيس ڳاراڻو فٽ پورو اچي ويو. کڻي کنڀيائونس. هن به پاڻ ڇڏائڻ جي گهڻي ڪئي پر هوڏانهن گهڻا مڙس هئا، سو کنڀي کنيون ويس. جڏهن چرڪٽ چيلو، ڦاسيءَ جي تختي تي پهتو ته گرگٽ گرو، رڙ ڪري اٿيو؛ ”ترسو! ترسو! ڦاسي ان کي نه ايندي. مان ڦاسيءَ تي چڙهندس.“ ڪاراندا رڪجي ويا.
راجا گروءَ کان پڇيو؛ ”تون ان جي بدران، ڦاسيءَ تي ڇو ٿو چڙهين؟“
گروءَ وراڻيو؛ ”مان ان جي بدران ڦاسيءَ تي نه ٿو چڙهان. پر مون کي علم نجوم ذريعي گڻيش مهاراج نياءُ (اطلاع) ڪيو آهي ته هيءَ شُڀ گهڙي آهي، اگر ان سڀاڳي ساعت ۾ ڪو ڦاسيءَ تي لٽڪندو ته سڌو سنئون سرڳ واسي ٿيندو. مرڻو ته ھھين آھي، پوءِ مان سڌو سرڳ (بهشت) ۾ ڇو نه وڃان؟!“
چيلو گروءَ جي مام سمجهي ويو ۽ چيائين: ”نه گرو جي نه! مان ئي ڦاسي کائيندس! ڇاڪاڻ ته ڦاسي مون کي فِٽ آئي آهي.“
گروءَ چيلي کي سمجهايو ته؛ ”سائينءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به سرڳ جو حقدار ٿي نٿو سگهي!“
جڏهن اها خبر راجا کي پئي، تڏهن راجا چيو؛ ”سرڳ ته اسان راجائن ۽ مهاراجائن جي رهڻ جو آستان آهي. جيڪڏهن اتي رسڻ لاءِ، هيءَ شُڀ گهڙي آهي ته پوءِ مان ئي سرڳ جو حقدار آهيان. مان ئي ان شُڀ گهڙيءَ مان فائدو وٺندس. مان ئي ڦاسيءَ تي چڙهندس.“
راجا ڦاسيءَ جي تختي ڏانهن پاڻ آيو. رعايا گهڻو ئي جهليس پر ڪنهن جي به نه ٻڌائين ۽ تختي تي پهچي جلاد کي حڪم ڪيائين؛ ”مون کي سرڳ واسي ڪرڻ لاءِ ڦاسيءَ تي چاڙهيو وڃي.“
کيس، سندس ئي تجويز ڪيل، ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو. شڀ گهڙيءَ جو ٻڌي، ڪيترا ئي سرڳ جا شوقين، ڦاسيءَ تي چڙهندا ويا. جڏهن گروءَ ڏٺو ته گهڻا پاپي ناس ٿي ويا آهن، تڏهن چيائين؛ ”هينئر اهو شُڀ سميه سمات ٿي ويو آهي.“
سڀاڳي وقت جي ختم ٿيڻ جو ٻڌي، ٻين ڦاسيءَ تي چڙھڻ بند ڪيو.
راجا، پنھنجي ساٿين سميت، جڏھن ڦاھيءَ چڙھيو ته عام ماڻهن مٿان ڏمر لٿو.
گروءَ ۽ چيلي به شڀ گهڙي ڏسي، رکيو کڙين تي زور ۽ يڪدم اهو ملڪ ڇڏي ٻئي ملڪ هليا ويا.
مطلب: ۱. ناانصافيءَ واري ملڪ اندر، رھڻ کان ڦاھي کائي مرڻ بھتر آھي. (۷)
16. اڻهوند مان هوندَ، خدا ڪندو آهي. (چوڻي)
هڪڙو همراھ جهنگ جي خيال سان، جهنگ ڏانهن ويو. جهنگ جو خيال لاهي، وَٽ پچائڻ جي ڪيائين ته پاڻي نظر نه آيس. ڀتر وغيره جاچيائين، سو به نظر نه چڙھيس.
لاچار ٿي زمين تي گيسيءَ واري انداز سان، وَٽُ پچائڻ لڳو. گيسيءَ ڪندي، کيس وهڪ واريءَ جاءِ تي ٺڪريءَ جهڙي شيءِ لڳي. يڪدم اٿي کڙو ٿيو. سلوار پائي، ان سخت شيءِ کي هٿن سان کوٽڻ لڳو.
ٿورو کوٽڪو ڏنائين ته اتان ٺڪر جي ديڳڙي جو ڪَنو ظاهر ٿيو. پوريءَ طرح کوٽڻ کان پوءِ خبر پئي ته اهو ديڳڙو سونن سِڪن سان ڀريل آهي.
سِڪن ڀريل ديڳڙو ڏسي، ڏاڍو گد گد ٿيو ۽ پنهنجي منهن چوڻ لڳو؛ ”اڻهوند مان هوند، خدا ڪندو آهي.“
مطلب: ۱. اڻ ٿيڻيءَ مان ٿيڻي، خدا ڪري.
۲. ڌڻي ڏيڻ تي اچي ته ڇپر ڦاڙي ڏئي.
۳. بخت ڏئي ڀيڙو ته دال مان ٿئي سيرو.
۴. الله ٿئي راضي ته ڌوڙ/ واريءَ مان به ڌن ٿئي. (۲) ص ۸
17. اها ڪُڪڙ ئي مري وئي، جيڪا سونا آنا ڏيندي هئي. (چوڻي)
هڪڙي ھمراھ، هڪڙي ڪڪڙ پالي هئي. اتفاق سان اھا جيڪو ڏيهاڙي آنو لاهيندي هئي، سو سونو ھوندو ھيو.
هڪ ڏينهن، ڪڪڙ جي مالڪ جي من ۾ لالچ جاڳي پئي. دل ۾ چوڻ لڳو؛ ”زندگيءَ تي ڀروسو ڪونھي، ڇو نه ڪڪڙ کي ڪُهي، سندس پيٽ مان سمورا سونا آنا، هڪ ئي دفعي سان ڪڍي وٺان. اھي کپائي، ڪا جاگير خريد ڪيان، جيڪا اکين آڏو به ھجي، ھٿن ۾ به ھجي ته جنھن وقت مرضي پوي تنھن وقت منجھانئس فائدا وٺان.“
اهو خيال ايندي ئي، ڪاتي کڻي، ڪڪڙ کي ڪٺائين، پر منجهانئس کيس هڪ آنو به هٿ نه آيو. ان تي گهڻو پڇتائڻ لڳو؛ ”مون ناحق ڪري، آنا ته وڃايا پر ڪڪڙ به هٿئون وڃايم“.
مطلب: ۱. ھٿان ويل وقت، وري ھٿ نه ٿو اچي.
۲. ڏُهي کائجي، ڪُهي نه کائجي.
۳. اهو چوئٿ ئي مري ويو، جيڪو چڻا کپائيندو هيو.
۴. اهي تنيا ئي مري ويا، جيڪي گهٽا بخشائيندا هيا. (۱) ص ۹۹.
18. اھا ئي شيءِ سونھن جو سبب،
اھا ئي شيءِ موت جو سبب. (چوڻي)
هڪ جَهنگ ۾ ٻارنهن سِڱَن وارو هڪ هَرڻ رهندو هو، جنهن کي سائمبر چئبو آهي. کيس پنهنجي خوبصورت سِڱَن تي ڏاڍو ناز هو. جڏهن به ڍَنڍ تي پاڻي پيئڻ ويندو هو ته پاڻيءَ ۾ سِڱَن جو عڪس ڏسي، ٽانءِ ۾ ڀرجي ويندو هو. بود ۽ وڏائيءَ ۾ اچي، چوندو هو؛ ”منهنجا سِڱَ ۽ مان، ڪيڏا نه خوبصورت آهيون!“
هڪ ڏينهن جَهنگ ۾، شينهن شڪار جي تلاش ۾ نڪتو. اوچتو هن جي مٿان اچي ڪَڙڪيو. شينھن تي نظر پوندي ئي، سائمبر اُتان مينھن-واچ ڪري وٺي ڀڳو. ساھ تي آيل ھيس، جنھنڪري جھنگ-مُنھن ڪري، کُرن تي زور ڏنائين. اھو به نه ڏٺائين ته ڪٿان ٿو وڃان پيو. ڊوڙندي ڊوڙندي ھڪ ڊونڊي ۽ ڪنڊن واري وڻ ھيٺان اچي لنگھيو. اوچتو سندس سِڱَ، ڪَنڊن وارين ٽارين ۾ ڦاسي پيا ۽ پاڻ به سُڪ ٿي ويو. ڊوڙڻ، ڊوڙڻ جي ماڳ، جان بچائڻ کان به رهجي ويو.
پٺيان شينهن به لڳو پئي آيس، جنھن پهچندي شرط، اچي ڪنڌ کي مَروٽو چاڙھيس. دانهن ڪري چيائين؛ ”جن سِڱَن تي ناز هئم، سي ئي موت جو سبب بڻيا.“
مطلب: ۱. اھا ئي گاڏي سُک جو سبب، اھا ئي گاڏي موت جو سبب.
۲. اھو ئي سونُ شان جو سبب، اھو ئي سون ڪن ڇني.
۳. ساڳيءَ شيءِ مان فائدا به آھن ته نقصان به آھن.
۴. اھي ئي ناز جو سبب، اھي ئي موت جو سبب. (چوڻي)
۵. سَرجڻهار جي عطا ڪيل نعمتن ۽ نوازشن، دولت ۽ حُسن تي وڏائي ۽ ٽانءِ نه ڪجي.
19. اهو ڪم ڪجي، جو لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي. (چوڻي)
بادشاھزادو، وزيرزادو، قاضي-زادو ۽ ڪوٽوال جو پٽ، پاڻ ۾ سنگتي هيا. چار ئي ڄڻا ھڪ دفعي سھي سنبري ڏوراھين سفر تي نڪتا. هڪ رات کين جهنگ ۾ پئي. واري وٽيءَ تي، پهرو ڏيڻ لاءِ، جاڳيا پئي.
پهريون پهر، شهزادو پهري تي جاڳيو. سندس نظر، ڪن نانگن تي پئي، جيڪي مَڻِ سان کيڏي رهيا هئا. شهزادي حيلو هلائي، اها مڻ هٿ ڪئي. اهڙيءَ طرح ٻيا به واري وٽيءَ سان جاڳيا ۽ هڪ هڪ مڻ هٿ ڪيائون.
آخري پهريدار، ڪوٽوال جو پٽ هئو. مَڻِ هٿ ڪرڻ کان پوءِ کيس دل ۾ خيال آيو؛ ”ڏسان ته منهنجن سنگتين به ھڪ ھڪ مڻ هٿ ڪئي آهي الائي نه“.
ٽنهي جا وسلا ڦولهي، ٽئي لعلون ڪڍيائين ۽ سموريون ابداڻي ۾ وجهي ڇڏيائين. صبح ڌاري، پنھنجون پنھنجون لعلون، ھر ھڪ سنڀاليون. گم ٿيل ڏسي، سڀني چيو؛ ”چور اسان منجھان ئي ڪو ھڪڙو آهي، تنهنڪري صبر چڱو آهي. هڪ ٻئي کي چور چوڻ سان، سنگت ۾ رخنو پوندو.“
اهو ٽلي، اتان پنڌ پيا ۽ هڪ شهر ۾ اچي پهتا. هر هڪ پنهنجي منهن، اتي جي بادشاھ کي دانهن ڏني ۽ چيائينس پئي؛ ”انصاف ائين ٿئي جو سنگت به نه بگڙي.“
بادشاھ کي هڪ سياڻي ڌيءُ هئي، تنهن پيءُ کي چيو؛ ”انهيءَ معاملي جو نبيرو، مان ڪنديس.“
بادشاھ، چئني ڄڻن کي، پنهنجي ڌيءُ ڏانهن موڪليو. جنهن کين چيو؛ ”اوهين اٺ ڏينهن مون وٽ مهمان ٿيو. شرط اهو آهي ته واري وٽيءَ سان هڪڙو ماني کائڻ ايندو ۽ ٻين ٽن ڄڻن جي لاءِ کڻي ويندو.“
اهو شرط قبولي، پهرئين ڏينهن شهزادو آيو. شهزاديءَ پنهنجي هڪ لعل کڻي، سندس آڏو رکي ۽ شراب به پياريائينس. جنهن تي ان لکايو به نه. اهڙيءَ طرح وزير زادو ۽ قاضيءَ جو پٽ به امتحان مان پاس ٿي ويا.
چوٿين ڏينهن ڪوٽوال-زادي آڏو ٽي لعلون رکي شراب پيش ڪيائين. نشي چڙهڻ بعد ڪوٽوال جو پٽ چوڻ لڳو؛ ”تو وٽ ٽي لعلون آهن!“ ابداڻي مان چار لعلون ڪڍي، چوڻ لڳو؛ ”مون وٽ چار آهن.“
شهزاديءَ اهي لعلون وٺي، هٿ ڪيون. ٻئي ڏينهن شهزادي آڏو ٽئي رکي، پڇيائينس؛ ”پنهنجي لعل سڃاڻي کڻ.“ جنهن سڃاڻي، منجھانئن هڪ کنئي.
اهڙيءَ طرح، سڀني پنهنجي پنهنجي لعل سڃاڻي کنئي.
”اهو ڪم ڪجي جو لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي.“ معاملو حل ٿيڻ بعد، ڌيءُ جي تعريف ڪندي بادشاه چيو.
مطلب:۱. ھر معاملي کي سلجھائڻ لاءِ اھڙا پاسا جاچڻ گھرجن، جن سان نقصان گھٽ ۾ گھٽ ٿئي. (۲) ص ۱۳ ۽ (۵) ص ۱۳.
20. اهو ڪِي ڪجي، جو اوکيءَ ويل ڪم اچي. (چوڻي)
ڪنهن ملڪ ۾، ڪيترا سال مينهن نه پوڻ سبب، ڏڪار پيو. اناج جي اڻاٺ سبب، اَن ۽ گاھ جي کوٽ ٿي پئي، جنھنڪري جانور ۽ مال متاع بک مرڻ لڳا. نتيجي طور ملڪ منجھان لڏ پلاڻ شروع ٿي وئي. ماڻهو پنهنجي مال سميت، ڀر واري ملڪ ڏانهن وڃڻ لڳا ته بادشاھ کي ڏاڍو فڪر ٿي پيو. وزيرن کي گهرائي، مشورا ۽ رٿون/تجويزون وٺڻ لڳو. جنهن جاءِ تي اها گڏجاڻي ۽ رٿون/تجويزون غور ھيٺ ھلي رهيون هيون، اتي وڏي وزير جي نگاھ، هڪ ماڪوڙيءَ تي وڃي پئي، جيڪا ان جو داڻو کڻي ٻِرُ ڏانهن وڃي رهي هئي.
وزير، بادشاھ سميت سمورن درٻارين جو ڌيان، ماڪوڙيءَ ڏانهن ڇڪايو. مڙني جي نگاھ تيستائين ماڪوڙيءَ تي هئي، جيستائين ڏرڙ ۾ داخل نه ٿي وئي. جڏهن ماڪوڙي ٻرڙ ۾ پوريءَ طرح هلي وئي ته وزير، پٺيان ڏر کي ٿورو کوٽيو. ڏَرِ جو پيٽ، اَنَ جي داڻن سان ڀريو پيو هيو. ڏسڻ شرط، سمورن جا وات، حيرت ۾ڦاٽي ويا ۽ چوڻ لڳا؛ ”اگر اسان کي ماڪوڙيءَ جيترو به عقل هجي ها ۽ ايندڙ وقت لاءِ، اناج ۽ گاھ ڪٺو ڪري رکون ها ته ھوند قحط پوڻ سان تڪليف نه ڏسون ھا ۽ نه ئي راڄ بک وگھي ملڪ مان لڏي وڃي ها!“
”تڏھن ته چيو اٿن.“ وزير سمورن کي قائل ڪندي چيو؛ ”اھو ڪي ڪجي، جو مينهن وسندي ڪم اچي.“
مطلب: ۱. سوڙ آهر، پير ڊگهيڙجن.
۲. اهو ڪي ڪجي جو اوکيءَ ويل ڪم اچي
۳. آمدنيءَ کان وڌيڪ خرچ نه ڪجي. (۴) ص ۹۱.
21. ايڪي ۽ اتحاد ۾ برڪت آهي. (چوڻي)
ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ست پٽ هئا. جيڪي ٿورين ٿورين ڳالهين تي سدائين پيا پاڻ ۾ وڙهندا هيا. پيءُ کي خيال ٿيو؛ ’جي ڀائر پاڻ ۾ ائين پيا وڙهندا رھندا ته ڪمزور ٿي ويندا ۽ ڌاريو کين نقصان ڏئي ڇڏيندو. بهتر آهي ته کين انهيءَ عادت کان باز رکجي.‘
هڪ ڏينهن سمورن پٽن کي گهرائي، هڪ هڪ ڪاٺي ڏئي چيائين؛ ”اھا ڀڃي ڏيکاريو!“
سمورن پٽن، پنهنجي پنهنجي ڪاٺي ڀڃي ڏنس. پوءِ کين گهڻيون ڪاٺيون گڏي، ڀڃڻ لاءِ ڏنائين، جيڪي هو اڪيلي سر نه ڀڃي سگهيا. جنهن تي کين چيائين؛ ”جيڪڏهن، ذاتي جهڳڙن سبب اوهان اڪيلڙا ۽ ڪمزور ٿيندؤ ته دشمن توهان کي سولائيءَ سان ائين نقصان ڏئي ڇڏيندو، جيئن اوهان هڪ ڪاٺيءَ کي سولائيءَ سان ڀڃي ويا. ان جي ابتڙ گڏ ٻڌل ڪاٺين وانگر، مڙي مُچي ٿيندؤ ته ڪو به دشمن توهان جو وار ونگو نه ڪري سگهندو. بهتر آهي ته پاڻ ۾ جهڳڙا ڪرڻ بجاءِ، مِٺ محبت سان رهو.“
مطلب:۱. گهڻن کنئي، ڇپر کڄي پوي.
۲. قطره قطره، درياھ شود.
۳. وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾، پسو پکيئڙن، ماڻهئان ميٺِ گهڻو.
۴. ماکيءَ جي مکين جي اتحاد سان، ماکي جڙي ٿي. (۴) ص ۱۱۷.