لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
Title Cover of book نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

[ گ ]

178. گدڙ به ڏر تي شينهن آهي. (پھاڪو)
هڪڙي گدڙ جي ڏر، سرنگھ وانگر آرون پار هئي. هڪ پاسي کان گهڙندو هئو ته ٻئي پاسي ڏانهن نڪري ايندو هئو. البته وچ تي ڏر ٿوري سوڙهي هئس، جنهن مان ھونئن ته سولائيءَ سان نڪري ويندو هئو پر جڏهن چڱو چوکو شڪار هٿ ايندو هئس ۽ هٻڇ ڪري پيٽ ڀري وٺندو هئو ته پوءِ لنگهڻ ۾ ٿوري ڏکيائي ٿيندي هيس.
هڪ ڏينهن ڏر جي هڪ ٻنڀي کان ويٺو هئو جو هڪ بکارو شينهن اچي ڀر مان لانگهائو ٿيس. ٻنهي جي هڪٻئي تي نظر پئي ته شينهن ڏانهنس ٽپو ڏنو ۽ ھي ڏر ۾ ڀڄي اندر آيو. شينھن به ڏر منجھ پويان لڳو آيس. پاڻ ته وچ واري سوڙهي هنڌان پار ٿي ويو، پر شينهن اچي ڦاسي پيو ۽ شڪار کي هٿ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مٿا مونا هڻڻ لڳو. انهيءَ اپرانڌ گدڙ ٻئي پاسي ڏانهن نڪري، مٿان زمين تان ڦري ساڳئي ٻنڀي مان، شينهن جي ڪڍ ٻيهر داخل ٿيو. شينهن سوڙهي هنڌان پار ٿيڻ لاءِ زورن ڏيڻ ۾ پورو هئو جو گدڙ پويان اچي ڪمزور جاءِ تي چڪ هنيس. شينهن کي مھٽ آئي ته اتي ئي ڍير ٿي پيو ۽ گدڙ لاءِ ڳچ ڏينهن جو قوت ڪٺو ٿي ويو.
مطلب: ۱. پنهنجي گهر ۾ ڪمزور ماڻهو به طاقت وارو هوندو آهي. کيس هلان ڪري ستائڻ ۾ پنهنجو ئي نقصان آهي.
٢. سڀ ڪو پنهنجي ڏر تي ڏاهو آهي.

179. گدڙ ڊاک نه پڄي، آکي؛ ”ٿو کٽا“. (پھاڪو)
هڪ بُکايل گدڙُ وڃي انگورن جي باغ ۾ پهتو. انگورن جي ڇڳن کي لڙڪندو ڏسي، وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳس. کائڻ لاءِ ڏاڍا وس ڪيائين، پر انگورن جي ڇُڳن تائين پهچي نه سگهيو. جڏهن ٽپا ڏيئي ڏيئي ٿڪو، تڏهن ماٺڙي ڪري بيهي رهيو. ٻيو هڪڙو گدڙ، جو پري کان اهو لقاءُ ڏسي رهيو هو، تنهن پڇيس؛ ”ادا ڇا خيال آهي؟“
کيس جواب ڏنائين؛ ”انگور کَٽا آهن!“
مطلب: ۱. جڏهن ڪو، ڪنهن ڳالهه کي پڄي نه سگهندو آهي يا کانئس ڳالهه هٿان ڇڏائي ويندي آهي، تڏهن ائين چوندو آهي. (۵) ص ۱۱۳

180. گدڙ ڪڏهن به شينهن نه ٿي سگهندو. (پھاڪو)
هڪڙي گدڙ شينھن کي چيو؛ ”تون جابلو ڍڳي جو ڪيئن شڪار ڪندو آهين؟“
شينهن چيس؛ ”جنهن ڏينهن جابلو ڍڳو ڏسين ته مون کي ٻڌائجانءِ ته مان تو کي ان جو شڪار ڪري ڏيکاريندس.“
هڪ ڏينهن، گدڙ شينهن وٽ ڊوڙندو آيو ۽ اچي جابلو ڏاند بابت ٻڌايائينس. ٻئي گڏجي ان جاءِ تي آيا، جتي جابلو ڏاند بيٺل هيو. شينهن، حملي ڪرڻ کان اڳ، هر حرڪت کان گدڙ کي واقف ڪيو ۽ پڇندو ويس؛
”هاڻي منهنجون ٽنگون ڊيگھ ۾ کلي ويون آهن؟“
”هائو.“ گدڙ جواب ڏيندو هليو.
”ھاڻي منھنجو پيٽ زمين سان لڳو آھي؟“
”هائو!“
”هاڻي منهنجي ٻوٿ جا وار اڀا ٿيا آهن؟“
”هائو!“
”هاڻي منهنجون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون آهن؟“
”هائو!“
”هاڻي مان حملي ڪرڻ واريءَ ڪيفيت ۾ آهيان ۽ ٽپو ٿو ڏيان.“ ائين چئي، شينهن ڍڳي جي مٿان ٽپو ڏنو ۽ ڍڳي کي اک ڇنڀ ۾ ڦاڙي ڇڏيائين.
اهو ڏسي گدڙ، دل ۾ ٽليو ته؛ ڪم ته آسان آهي. اتان اچي پنهنجي ٻين گدڙن کي حوال ڏنائين ۽ پنهنجي مهم کان آگاھ ڪيائين. هڙني کيس روڪيو پر هن جو اهو ئي ڪهاڙيءَ ڳن ته؛ ”آ، ڍڳي جو شڪار سکي ويو آهيان.“
هڪ ڏينهن جابلو ڍڳو ڏسي، ٻين يارن سان گڏجي شڪار لاءِ آيو. شينهن وارا سمورا سوال جواب ڪرڻ بعد، گدڙ جيئن ڍڳي تي الر ڪئي، تيئن ڍڳي سڱ جي چوٽي سامهون ڪيس. گدڙ سڱ جي چوٽيءَ ۾ انگهجي پيو ۽ اڦٽ مري ويو، جنهن تي ٻئي ساٿي گدڙ چيو؛ ”گدڙ به ڪڏهن شينهن ٿيو آهي!“
مطلب: ۱. جنس جو مٽجڻ، ڏاڍو ڏکيو عمل آھي.

181. گڏھ جو پڇ ته گڏھ جو پڇ ئي رهندو. (پھاڪو)
هڪ ڳوٺاڻي پڙيءَ تان گڏھ خريد ڪيو. ڳوٺ ڪاهي وڃڻ کان اڳ، هڪ سياڻي کان پڇيائين؛ ”گڏھ جو پڇ ڪيترو ڊگهو رکان، جو ڳوٺ جا ماڻهو چون ته اهو صحيح آهي؟“
”تون ڀلي پنهنجي گڏھ جو پڇ پاڙ کان ڪپي ڇڏ!“ سياڻي وراڻيس؛ ”ته به ڪي چوندا ته ننڍو آهي ته ڪي چوندا وڏو آهي.“
”اهو ڇو؟“
”اهو ان لاءِ ته... “صلاح ڏيندڙ چيس؛ ”گڏھ جو پڇ ته گڏھ جو پڇ ئي رهندو.“
مطلب: ۱. جبلت، ڪڏھن به نه مٽبي آھي. (۱۳) ص ۱۵۵

182. گڏھ کي شاديءَ جو دعوتنامو مليو،
چي؛ ”ڄاڃين لاءِ پاڻي ڀرڻو آهي.“ (پھاڪو)
هڪڙو گڏھ، پنهنجي سنگتين جي محفل ۾ ويٺو هيو جو کيس شاديءَ جو دعوتنامو مليو.
”ڇا جو دعوتنامو آهي؟“ دوستن پڇيس.
”آهي ته شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو پر...“ گڏھ وراڻيو.
”پَر. مان تنهنجو ڇا مطلب آهي؟“ سنگتين پڇيس.
”لڳي ٿو ته دعوت کائڻ لاءِ نه پر...“ گڏھ وضاحت ڪندي چيو؛ ”ڄاڃين لاءِ پاڻي ڀرڻ جو سڏ آهي.“
مطلب:١. اٺ تڏهن ٿي رڙيا، جڏهن ٻورا ٿي سبيا.
٢. هر هڪ کي اڳ واٽ پرون پئجي ويندا آهن. (۱۳)

183. گُگَر گِگِر، پنڊا اڙيا. (ٿر، پهاڪو)
هڪڙي پساريءَ، گُگَر جون ڪاٺيون، پنڊي ۾ پائي دڪان ۾ وڪڻڻ لاءِ تيار رکيون هيون. گگر جون ڪاٺيون، جن کي گگراڻ به چئبو آهي، کونئر وانگر چنبڙي پونديون آهن. پساريءَ جي هٽ تي رکيل گگر به پنڊي کي چنبڙي پيو.
هڪ ڏينهن پساريءَ کان گگر جو وکرو وٺڻ لاءِ، هڪڙو گراهڪ آيو ۽ اچي گگر گهريائين. پساريءَ جو نوڪرُ گگر کڻڻ ويو. جڏهن گهڻيءَ دير کان پوءِ به گگر، گراهڪ کي نه ڏئي سگهيو ته دڪان جي مالڪ رڙ ڪيس؛ ”ابا! هٿ هلاءِ، هڪڙي وکر تي ايترو وقت وڃايئي ته پوءِ دڪان به هليو.“
”مان ته گهڻو ئي ٿو هٿ هلايان پر گگر به جان ڇڏي نه.“ نوڪرَ پنڊي سميت گگر آڻي، دڪاندار آڏو رکيو ۽ چوڻ لڳس؛ ”گگر گگر جي ماڳ، موراڳو پنڊو به اڙيو پيو آهي.“
مطلب: ١. دنيا جي معاملن کي چهٽي، خدا کي وسارڻ نه گهرجي. دنياوي شيون استعمال لاءِ آهن. رکي، چنبڙڻ لاءِ نه آهن.
٢. دنيا ۾ پاڻيءَ جي پکيءَ وانگر رهجي، ڪڪڙ وانگر نه، جو ٿورو پاڻي پوي ته اتي ئي اڙيو پيو ھججي. (۳) ص ۱۷۰