[ ٻ ]
هڪڙي ڪراڙي جا ڏينهن اچي پورا ٿيا. دل ۾ چيائين: ”مون وارا پٽ ته اڃا پيا ٿا پاڻ ۾ وڙهن. جيئرو آهيان ته جوڙيون اچان. مُئي پڄائان ته ڪڻو ڪڻو ٿي ويندا.“
اهو خيال ايندي ئي نصيحت ڪيائين پر سندن اهو ئي ڪهاڙيءَ-ڳن. نيٺ کين گهرائي، نصيحت ڪرڻ جي ارادي سان هڪڙو هڪڙو سڳو ڏنائين ۽ چيائين؛ ”ڇني ڏيکاريو!“
ٽنهي پٽن پنهنجو پنهنجو سڳو، سولائيءَ سان ڇني ڏنس. ان کان پوءِ اٺ ڏھ سڳا پاڻ ۾ ملائي، پٽن کي ڏنائين ۽ چيائين؛ ”ڇني ڏيکاريو!“
سندس پٽن ڏاڍا زور لاتا پر بجاءِ ڌاڳا ڇنڻ جي، سندن هٿن ۾ سور پئجي ويا. تنهن تي کين نصيحت ڪندي چيائين؛ ”جيڪڏهن اڪيلي ڌاڳي وانگر اڪيلا ٿيندؤ ته هر ڪو توهان کي نقصان ڏئي سگهي ٿو پر جيڪڏهن پاڻ ۾ گڏجي متحد ٿيندؤ ته پوءِ توهان کي ڪو به نقصان نه ڏئي سگهندو.“
ان کان پوءِ سندس پٽن تي نصيحت جو اثر ويٺو ۽ پاڻ ۾ ٻڌيءَ سان هلڻ لڳا.
۲
هڪ بادشاه کي ۱۲ پٽ هئا. جڏهن سندس اجل ويجهو آيو، تڏھن پنهنجن پٽن کي سڏايائين ۽ فرمايائين؛ ”منھنجي ڀر سان ڪيترا ئي تير رکو.“ جڏھن انھن اھي رکي بس ڪيا ته منجهائن هڪڙي کي چيائين؛ ”هنن تيرن مان هڪڙو تير کڻي، ھٿ سان ڀڃ.“
پٽس اھو تير، تمام آسانيءَ سان ڀڳو.
پوءِ چيائينس؛ ”ٻه تير گڏي رک ۽ پوءِ ڀڃ.“
ڇوڪري ٻه تير پاڻ ۾ گڏيا ۽ پوءِ انهن کي ڀڳائين.
جڏهن تيرن جو ڳاڻاٽو ٽن کي پهتو، ته ڀڃي نه سگهيو.
ان وقت بادشاھ، منهن پٽن ڏانهن ڪيو ۽ چيائين: ”توهين ڀائر هنن تيرن جي ڪاٺين مثال آهيو. جيڪڏهن يڪمشت ٿيندؤ ته ڪو به اوهان تي فتح نه پائيندو ۽ جيڪڏهن هڪ ٻئي کان جدا ٿيندؤ، ته دشمن آسانيءَ سان اوهان تي غالب ٿيندو.“
مطلب: ۱. ٻڌيءَ ۾ طاقت/فائدو آهي.
۲. صد هزار ڇڙوڇڙ ڌاڳن کي ڪا به طاقت نه هوندي آهي. کين گڏي وٽڻ کان پوءِ اسفنديار به ڇني نه سگهندو.
۳. اتحاد ۾ برڪت آهي.
۴. مکين جي اتفاق مان مٺي ماکي پيدا ٿئي ٿي.
۵. اڪيلي ٻڪريءَ کي بگهڙ کائي ويندو آهي.
۶. اڪيلي تي حملو ڪرڻ، آسان آهي.
۷. ڀيٽيو؛ نفاق ۾ نقصان آھي. (۴)
۷. Might is right
32. ٻجهڻ ٻجهيو هڪڙي، ٻجهيو ڪين اٻوجهن،
اکريون ٻڌي پيرن ۾، واڙ چني آھي سهن. (پهاڪو)
بيوقوفن جي ھڪڙي ٽولي، ڳوٺان سفر تي نڪرڻ کان اڳ، پاڻ ۾ صلاح ڪئي؛ ”ڪا گهڙي نه ڪنهن جهڙي. متان ڪا رستي ۾ مشڪلات اچي سهڙي ته پوءِ ڇا ڪنداسون؟“
اهو ويچار آچاري، چيائون؛ ”پاڻ مان ڪنهن هڪ کي چونڊي اڳواڻ ڪجي، جنهن کان وقت پوڻ تي صلاح مصلحت ۽ هدايت وٺجي.“
آخر ٻجھڻ نالي هڪڙي پيرسن ۽ سفيد ريش کي، پنهنجو وڏو ڪيائون. وري گمان ٿين ته؛ متان ڳالهائيندي ڳالهائيندي کانئس عقل وهي وڃي يا وات مان ڇڻي ڪري پويس ته پوءِ ڇا ڪنداسين. اهو خيال ايندي، ٻجهڻ جو پٽڪو لاهي، ان سان سندس ٻوٿ ٻڌي ڇڏيائون. دلجاءِ ڪري، اڳتي اسهيا ۽ ڳچ پنڌ کان پوءِ هڪڙي وارياسي ميدان وٽ اچي پهتا؛ جتي اٺ جو پيرو نظر آين. سمورا ويسورن ۾اچي ويا. پاڻ ۾ چوڻ لڳا؛ ”پيرا اسان به گهڻا ڏٺا آهن، مگر هن جو ڪو جواب ڪونهي. ڪنهن عجيب آفت جو پيرو آهي.“
جڏهن منجانئن ڪير به صحيح ڪري نه سگهيو ته پوءِ ٻجهڻ ڏانھن ڌيان وين. ”ٻيلي هاڻي وڏيري ٻجهڻ وٽ عقل ججھو جمع ٿيو هوندو، اچو ته کانئس پڇون.“ پوءِ هڪڙي ڄڻي، ٻجهڻ خان جو ٻوٿاڙ ڇوڙيو ۽ باقي ٻيا سمورا سندس چوڌاري ڪنر ٻڌي بيٺا. ٻوٿ کلندي، ٻجهڻ چيو؛
”ٻجهڻ ٻجهيو هڪڙي، ٻجهيو ڪين اٻوجهن،
اکريون ٻڌي پيرن ۾، واڙ چني آهي سهن.“
مطلب: ۱. بيوقوفن جو سردار به بيوقوف.
۲.سمجهڻ وارا سمجهي ويا، ڇا سمجهن ڳنوار،
اکريون ٻڌي پيرن کي، سيھڙ چري ويا واڙ. (سرو)
33. ٻچا، ڪانوَن کي به پيارا آهن. (چوڻي)
هڪ دفعي بادشاھ پنهنجي محفل ۾ اعلان ڪرايو ته؛ ”مان سهڻي ۾ سهڻي ٻچي کي انعام ڏيڻ ٿو گهران.“
سندس محفل ۾ ماڻهن کان علاوھ پکي پکڻ، حيوان ۽ جن وغيره به ويٺا هئا. اهي سمورا اها ٻولي سمجهي رهيا هئا. هاڻي مسئلو پيدا ٿيو ته اهو سهڻو ٻچو ڪٿان اچي؟ ڪنهن جو هوندو؟ ڪير کڻي اچي پيش ڪندو؟
گهڻيءَ مٿا-ڪٽ کان پوءِ، صلاح بيٺي؛ ”ڪانءُ هڙني پکين ۽ جانورن کان تمام گهڻو سياڻو آهي. کيس ئي حڪم ڪيو وڃي ته مذڪورھ ٻچي کي پيش ڪرڻ جو بندوبست ڪري. ان کان علاوه ٻين سمورن چرندن پرندن کي حڪم ٿيو ته پنهنجن ٻچن منجھان ڪنھن ھڪ جي به ڪو سفارش نه ڪري ۽ نه ئي ڪانءَ کي ڪا رشوت باسي.“
ڪانءُ، سھڻي ٻچي جي تلاش ۾ نڪتو. ڳچ وقت کان پوءِ، پنهنجو ئي ٻچو کڻي آيو. بادشاھ سلامت، ٻچو آڻيندي ئي پڇيس؛ ”سهڻي ۾ سهڻو ٻچو آندو اٿئي؟“
”حاضر سائين.“ ڪانءَ جواب ڏنو.
”اڙي! اهو ته تون پنهنجو ٻچو کڻي آيو آهين!“ وزير، ٻچو ڏسندي رھڙ پٽيس.
”سائين مون کي دنيا ۾ پنھنجي ٻچي کان وڌيڪ، ڪو به ٻچو سهڻو نظر نه ٿو اچي.“ ڪانءَ ورندي ڏنس.
مطلب: ۱. ٻچا، بڇڙي نسل ۽ ذات وارن کي به پيارا آهن.
۲. ننگ، ڀولن کي به پيارا آھن.
34. ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي. (چوڻي)
ٻانڀڻ، لنگهو ۽ بٺارو پاڻ ۾ سنگتي هئا. هڪ ڏينهن گهمندي وڃي ٻنين ۾ نڪتا.
”ڇو نه ڪمند ڀڃي کائجي؟!“ ڪمند جو فصل ڏسي، لنگهي صلاح ڏني.
”هائو! ڪمند به ڏاڍو ڀلو آهي. ضرور ڀڃي کائجي!“ بٺاري، ها ۾ ها ملائيندي چيو.
ٽئي صلاح ڪري، ڀر ۾ بيٺل، هڪڙي هندوءَ جي ڪمند ۾ ڪاهي پيا. ڪمند ڀڃي کائڻ ويٺا ته کڙڪي تي هاري به پهتو. کين ڪمند پٽڻ کان جھليائين، پر مڙيا ڪين. هڪڙو کائي، ٻيو ڀڃڻ لاءِ اٿيا ته وري جهليائين. وري به ڪو نه مڙيا. پاڻ به ڏٽو مٽو هئو. پر ٽن ڄڻن سان، اڪيلي سر منهن ڏيڻ، ڏکيو پئي لڳس. ڪمند جو زيان به برداشت نه پئي ڪري سگهيو.
نيٺ، سندس صبر چوٽ چڙهي ويو. آهستي آهستي، ٻانڀڻ سان مٺڙيون ڳالهڙيون ڪرڻ لڳو؛ ”ٻانڀڻ! تون اسان هندن جو مصر آهين. تو کاڌو، اهو اسان جي اولاد کي به دعائن جي صورت ۾ موٽي ملندو. ان کان علاوه اهو ڪنهن صدقي، خير، دان يا پڃ جي ڳڻ ۾ ايندو. هيءُ لنگهو کائيندو ته به جتي ڪٿي وڃي ڳائيندو ۽ واھ واھ ڪندو! اها به جڳ جهان جي نيڪي ٿيندي“. سٿرن تي هٿ هڻندي چيائينس؛ ”ڀلا ڙي! هن بٺاري کان ته نه ڦرايوم.“
سندس مٺا گفتا، لنگهي ۽ ٻانڀڻ کي ڏاڍا وڻيا.
”تون اسان جي ڪمند ڀڃڻ ۾ راضي آهين ته پوءِ ڀلي انهيءَ بٺاري کي هتان لوڌي ڪڍ!“ لنگهي ۽ ٻانڀڻ راضي ٿيندي چيس؛ ”اسان جو ساڻس نه ڊول، نه چپٽو.“
هاريءَ، بٺاري کي لت ڏيئي کڻي ٻڌو ۽ ٺاهوڪو ڪٽڪو به ڪڍيائينس. سٺي مار ڏيڻ کان پوءِ، رسي سان ھٿ پير ٻڌي، کڻي ڦٽو ڪيائينس.
ھاڻي وري، ٻانڀڻ سان لِلِ مچ ڪرڻ ويٺو.
”مصر! آ غريب ماڻهو آهيان! لنگهو ساراھ ڪري يا گلا! ان جي مون کي ڪا پرواه ناهي.“ پنھنجي منهن تي چنبا هڻندي، چيائينس؛ ”گرو! تون برهمڻ آهين! تو کاڌو ته ثواب ملندو. هن لنگهي کان ته نه ڦرائينم.“
”لنگهو ڪو منهنجو چاچو آهي!“ ٻانڀڻ راضي ٿيندي چيس؛ ”تنهنجو زيان ٿو ڪري ته ڀلي ڦيھ ڪڍينس!“
اجازت ملندي ئي، هاري لنگهي جي مٿان ٽُٽي پيو. دسي، ڏاڍا پادر ھنيائينس ۽ رسي سان به ٻڌائينس. اندر جي باھ ٺاري، اڪيلي ٻانڀڻ کي اچي ڪٽڪو چاڙهيائين. چي؛ ”مصر جي! پاڻ ته ڦريو پر ٻين کان به ٿا ڦرايو.“
ٽنهي کي سوگهو ڪري، ٿاڻي جي حوالي ڪيائين.
مطلب: ۱. جيستائين ٽئي متحد هئا، هاري کانئن ڪمزور هئو. جڏهن ڇُڙ ڇُڙ گابڙا ٿيا ته مار به کاڌائون ۽ ڏک به ڏٺائون.
۲. ڀيٽيو؛ ٻه ته ٻارنهن. (۳) ص ۱۶۵.
35. ٻڍو ۽ ٻار، ٻئي هڪ آچار. (چوڻي)
هڪڙي ٻار، ھڪڙي ٻڍي کان پڇيو؛ ”ڪراڙا! عمر گهڻي اٿئي!“
”ستاسي سال.“ ٻڍڙي نحيفائيءَ مان جواب ڏنو، جيڪو ٻار کي سمجھ ۾ نه آيو.
”ڪراڙا! ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. چڱو ڀلا لکي ڏيکار!“ ٻار کيٽو ڪيس.
”منهنجي عمر ۸۷ سال آهي.“ ٻڍي، پني تي آهستي آهستي لکيو.
”پوءِ ته ٻئي سن آهيون.“ ٻار، ٻڍي جي لکيت پڙهڻ کان پوءِ چيو؛ ”منهنجي عمر به ته ۷، ۸ (ست اٺ) سال ٿيندي.“
”تڏهن ته چيو اٿن؛ ٻڍو ۽ ٻار، ٻئي هڪ آچار.“ ڪراڙي ورندي ڏنس.
مطلب: ۱. ٻڍي ماڻهوءَ ۽ ٻار جون ڳالهيون/ خاصيتون، ناٽ نخرا هڪجهڙا هوندا آهن. ٻئي کٽ تي ماني گهرندا آهن ۽ هر ڪم لاءِ کين، ٻئي جي مدد درڪار هوندي آهي. سندن سمجھ ۽ عمر جو به حال، هڪجهڙو ئي هوندو آهي.
36. ٻه شينهن ٻيلي ۾ نه ماپن. (پھاڪو)
هڪ ٻيلي ۾، هڪڙو شينهن رهندو هيو. جهنگ جا سمورا جانور کائي، سُڃ ڪري ڇڏيا ھيائين.
سمورن جانورن، شينهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ، گڏجاڻي ڪئي. وڏي مٿا-ڪٽ بعد، لومڙ کي چيائون؛ ”لومڙ! تون بلا جو سياڻو آهين. شينهن مان جند ڇڏائڻ جي ڪا واٽ ڪڍ!“
”مون کي ٻن ڏينهن جي مھلت ڏيو!“ لومڙ، مڙني جانورن کي چيو؛ ”مان ڪا نه ڪا ترتيب، ڪڍي ٿو وٺان.“
ٻئي ڏينهن سوير ئي، لومڙ تيار ٿيو ۽ شينهن جي دُئيءَ ۾ وڃي پهتو. کيس خوشامد بعد عرض ڪيائين! ”بادشاه سلامت! سر جيئدان ملي ته عرض ڪيان!“
”ها! ٻڌاءِ!“ شينهن گجگوڙ ڪندي پچيس؛ ”ڪهڙو عرض اٿئي!“
”قبلا! اسان تنهنجو راڄ آهيون. تنهنجي ملڪيت!“ آزي نيزاري ڪندي، لومڙ چوڻ شروع ڪيو؛ ”پر هاڻي جهنگ ۾ ٻيو شينهن به اچي ويو آهي. ان به مطالبا شروع ڪيا آهن، اسان ڪنهن سان منهن ڏئي ڪنهن سان ڏينداسين.“
”هان! اهڙي ڳالھ آهي.“ شينهن گجندي چيس؛ ”اسان جي حڪومت ۾، ٻين جو ڪهڙو ڪم. مون کي ڏيکاريو اهو راڪشش، ته ٻه پاڻي ڪيانس.“
لومڙ، شينهن کي ٻيو شينهن ڏيکارڻ لاءِ هڪڙي کوھ تي وٺي آيو. کوھ ۾، شينهن کي سندس ئي اولڙي ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي ٻڌايائين؛ ”قبلا! اهو هيٺ ويٺو آهي، ٻيو شينهن.“ شينهن، ڪاوڙ ۾ لال ٿي ويو ۽ غيرت ۾ ڀرجي، عڪسي شينهن مٿان جُلھ ڪيائين. کوھ ۾ ڪرڻ پڄاڻان، ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو ۽ سڀني جي جان ڇٽي پئي.
مطلب: ۱. بادشاهيءَ ۾ ورهاست، ڪير نه چاهيندو آهي.
۲. ٻه شينهن ٻيلي ۾، رھن ڌارئون ڌار.
۳. ٻه طاقتون، يڪجاءِ سڪون سان نه ٿيون رهي سگهن.
۴. ٻه طاقتون هڪ هنڌ رهي نه سگهنديون. هر هڪ ائين چاهيندي ته سڀ ڪجھ منهنجي ئي هٿ ۾ هجي. (۵) ص ۲۴.
37. ٻڪرار چيو گدڙ کي؛ ”ٻڪرين سان ويندين؟!“
گدڙ ٻئي هٿ کڻي، پنھنجي اکين تي رکيا. (ساھتي، پھاڪو)
هڪڙو ٻڪرار جهنگ ۾ اڪيلو رهندو هيو ۽ ٻڪريون چاري، پنهنجو پيٽ گذر ڪندو هيو. جهنگ ۾ هڪڙو گدڙ جو ٻچو، سندس ٻڪرين سان ننڍو ٿي وڏو ٿيو هيو ۽ ساڻن جهنگ ۾ چرندو هيو.
گدڙ کي سدائين، ماس کائڻ جي تانگھ هوندي هئي. ٻڪرار جي هر وقت موجودگيءَ سبب، ڪنهن ٻڪريءَ سان هٿ چراند ڪرڻ جي سگھ/همت، نه ٿيندي هيس.
هڪ ڏينهن، ٻڪرار سخت بيمار ٿي پيو. جيئن ته جهنگ ۾ ٻيو ڪو به ساٿي نه هئس، جنهن کي ٻڪرين سان جهنگ موڪلي، ان لاءِ سوچي سوچي گدڙ کي سڏي چيائين؛ ”مان سخت بيمار آهيان. اڄ ٻڪرين جي واهر نه ڪري سگهندس. منهنجي مرضي آهي ته ٻڪرين سان تون پھري وڃ!“
گدڙ کي ته اڳي ئي دل ۾ گدڙ هيو. تنهن کي دعا جي مدعا پوري ٿيندي نظر پئي آهي، تنهنڪري خاموشيءَ سان ٻئي هٿ اکين تي رکيائين، جن جو مطلب هيو؛ ”اوهان جو ڪم اکين تي يا اکين سان ڪندس.“
مطلب: ۱. ٻڪرين جو ڌنار، بگھڙ کي نه ڪجي.
۲. آنڊن جو واھي، گدڙ کي نه ڪجي.
38. ٻلي شير پڙهايا، شير ٻلي نون کاوڻ آيا،
چڱا ٿيا جو تيڪون وڻ تي چڙهڻ نه سکايا. (سرو/ پهاڪو)
آڳاٽي زماني ۾ هڪڙي همراھ کي، جهنگ مان شينهن جو ٻچڙو هٿ اچي ويو. کڻي اچي رڍن ٻڪرين سان گڏ ڌاريائينس/چاريائينس. رڍن جي ماحول ۾ رهڻ سبب، شينهن جو ٻچڙو ٿورو بزدل به ٿي پيو ۽ گهر ۾ ٻليءَ کي پنهنجو دوست/عزيز سمجهي، سندس پڇ ۾ لٽڪيو پيو هوندو هيو.
ڪُئن مٿان ٻليءَ کي جهپٽا کائيندو ڏسي، پاڻ به ڇپ هڻي جهپٽا ڏيڻ شروع ڪيائين، بعد ۾ ٻليءَ کي استاد ڪري، پاڻ ڪُئن ڦاسائڻ جو ماهر ٿي ويو.
وڏڙو ٿيو، هڪڙي ڏينهن ٻليءَ کي پنهنجي خيالن ۾ گم سم سمجهي، مٿس الر ڪيائين. ٻلي يڪدم ڀڙڪو ڏئي، وڻ تي چڙهي وئي. شينهن به وڻ تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آزمودو نه هئڻ ڪري، ٿڙ تان ئي ٿاٻڙي ڪري پيو. ڏاڍو ڌڪ آيس. ڌڪ کان ڪراھ ڪندي ٻليءَ کي ڏوراپو ڏنائين؛ ”مون کي، وڻ تي چڙهڻ نه سيکاريئي؟“
”استاد شاگرد کي سمورا گُر ٻڌائيندو ته پوءِ پاڻ استاد ڪيئن رهندو؟“ ٻليءَ کيس نصيحت ڪندي چيو؛ ”استاد کي پنهنجي بچاءَ ۾ هڪ ٻه گُرَ رکڻا پوندا آهن. مون به پنهنجي بچاءَ ۾ تو کي وڻ تي چڙهڻ نه سيکاريو هيو.“
مطلب: ۱. چڱائي به ڪجي، احتياط به ڪجي، متان ڳچيءَ پئجي وڃي. (۲) ص ۱۹ ۽ (۵) ص ۲۶
39. ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ ٽلي، ڪير ٻڌندو؟ (پهاڪو)
هڪڙي دفعي ڪُئن کي اچي ڦڦڙيءَ ورايو. پنچائت گهرائي پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا. ويچارڻ لڳا؛ ”پاڻ روز بروز کُٽندا ٿا وڃون. ڪي داڻا ڪڻا بچيا آهيون. انهيءَ رفتار سان کُٽنداسين ته هڪ ڏينهن اسان جو نسل ئي تباھ ٿي ويندو، ان ڪري اسان کي پنهنجي بچاءَ جو ڪو بِلو ڪرڻ گهرجي.“
”کُٽڻ جي اصل سبب جي خبر پوي نه! آيا بيماريءَ ۾ ٿا مرون، گهڻي کائڻ سان ٿا مرون، پاڻ ۾ وڙهي ٿا مرون يا ڪا ٻاهرين آپدا ٿي نازل ٿئي؟“ ٻئي ڪُئي سوال ڪيو.
”منهنجي خيال ۾؛ نه بيماريءَ ۾، نه گهڻي کائڻ سان ۽ نه ئي پاڻ ۾ وڙهڻ سان ٿا مرون. مرئون ٿا ته ٻاهرين آپدا سان، يعني ٻليءَ جي هٿان ٿا مرون.“ ٽئين ڪئي راءِ ڏني.
”پوءِ ٻليءَ کان بچڻ جي تدبير ڪيو.“ سردار چيو.
”ٻليءَ کان بچڻ جي ڪهڙي تدبير ٿي سگهي ٿي؟“ هڪڙي ڪُئي سوال ڪيو.
”جيڪو ٻليءَ کي ڏسي، سو ٻين کي اطلاع ڏئي ته جيئن جان بچائي سگھن.“ ٻئي ڪئي صلاح ڏني.
”اهو به تڏهن، جڏهن ٻلي کيس ٻين تائين پهچڻ جو موقعو به ڏئي.“ ٽئين ڪئي چيو.
”بلڪل تنهنجي ڳالھ صحيح آهي. اهو به علاج ناهي.“
سردار چيو؛ ”منهنجي ذهن ۾ هڪ تدبير آهي. اِها آهي ته ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ جيڪڏهن ٽلي هوندي ته سندس اچڻ جي خبر هر هڪ کي پوندي ۽ هر ڪو کانئس پاسو ڪري ويندو.“
”پوءِ ان ٽليءَ جو بندوبست ڪجي.“ پهرئين ڪُئي صلاح ڏني. شام تائين ٽلي هٿ اچي وئي.
ٻئي ڏينهن تي جڏهن هڪ ٻه ڪُئا ٻيا به کٽا، ته سردار پڇيو؛ ”هاڻي ته صلاح به ڪئيسين ۽ حل به ڳولهي ڪڍيوسين. پوءِ ڇو ٿا کٽون؟ ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ ٽلي نه ٻڌي اٿوَ ڇا؟“
”نه!“ هڪڙي ڪُئي نراسائيءَ مان چيو.
”ڇو؟!“ سردار پڇيو.
”مسئلو اهو آهي ته، ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ ٽلي ڪير ٻڌي!“ پهرين ڪُئي نماڻائيءَ سان چيس؛ ”هر ڪو سندس ويجهي وڃڻ کان لنوايو ٿو وڃي.“
مطلب:۱. ڏاڍي ۽ ظالم ماڻهوءَ جي ويجهو ڪير نه ٿو وڃي سگهي.
۲. ڳالھ ڪرڻ/ صلاح ڏيڻ سولي آهي، عمل ڪرڻ ڏکيو آهي.
۳. Who bell the cat?
40. ٻليءَ جي ميائو ميائو، ڊيڄاري ٿي. (پهاڪو)
هڪڙي ٻليءَ ڪُئن کي ڏاڍو تنگ ڪيو ۽ منجهانئن ڪيترا کائي کپائي ڇڏيائين.
بچيل ڪئن بيزار ٿي، هڪ ٻِر ۾ ويهي، پنهنجي بچاءَ لاءِ صلاح مصلحت ڪئي.
”جيڪڏهن ٻلي مون کي هٿ اچي وڃي ته مان جيڪر هڪدم ساڻس چنبڙي پوان ۽ تکن ڏندن سان سندس نُهن ڪتري بيڪار ڪري ڇڏيان.“ هڪڙي چيو.
”منهنجي سامهون اچي ته نڪ ۾ چڪ پائي، زخمي ڪري ڀڄائي ڇڏيانس.“ ٻئي ڊاڙ هنئي.
”آ جيڪر ڪن ۾ چڪ پائي، ٻُٽو ڪري ڇڏيانس.“ ٽئين رڙيون ڪيون.
”اڙي ٻگهلا! اهڙا خيالي پلاءَ نه پچايو.“ هڪڙي ڪراڙي ڪُئي نصيحت ڪندي چيس؛ ”ٻليءَ جي فقط هڪ ميائوءَ سان سڀ گم ٿي ويندؤ. ٻليءَ کي پڪڙڻ کان اڳ، سندس ميائوءَ جو ڀؤ ته اندر مان ڪڍو.“
مياؤءَ وارو لفظ ٻڌندي ئي، سمورا ڪُئا سراپجي ويا.
مطلب: ۱. ظالم جو خوف، هيڻن کي ڊيڄاري ڇڏيندو آهي. (۵) ص ۲۶
41. ٻليءَ کي وارو وري ته وارو ڪين وڃائي. (پهاڪو)
هڪڙي گهر ۾، مڙس ڪتو ڌاريو ۽ جوڻس ضد ۾ ٻلي ڌاري. ٻليءَ ۽ ڪتي جو به پاڻ ۾ ضد هوندو هو.
هڪ دفعي رات جو برسات پئي. ڪتو ويڙهجي سيڙهجي ڍير تي پئي پُسيو، جڏهن ته ٻليءَ چلھ آڏو پاڻ پئي ڪوسو ڪيو ۽ ننڊ جا مزا پئي ماڻيا. جڏهن جاڳ ٿيس ته ليئو پائي، ڪتي جو بروحال ڏسي، ٽوڪڻ لڳس؛
”مينهن وُٺو، ڪُتو مُٺو، ٿيڙس برو حال،
آ ٿي مزا ماڻيان، جيئن راجا سندي زال.“
ڪتو ڪڇي، جهڙي ڀت.
ان رات، ٻليءَ کي وارو وريو. گهر جا سڀ ڀاتي ستا پيا هئا. سندن ننڊ جو فائدو وٺندي، پڇٽيءَ تان پلو لاهي کائي وئي. صبح جو گهر-ڌڻيءَ پڇٽيءَ تي پلو نه ڏسي، دل ۾ چيو؛ ”اهي سمورا ڪم مان واري زال جي ٻليءَ جا آهن.“ يڪدم نوڙي کڻي، ٻليءَ جي ڳچيءَ ۾ وڌائين ۽ کيس گهلي، هليو درياھ-پار ڦٽي ڪرڻ لاءِ. اهو حال ڏسي ڪتي کي به وارو وريو ۽ ٻليءَ تي ٺٺول ڪندي پڇيائينس؛
”بيگم بيبي، ڪهڙو حال؟ ججھا کاڌءِ چوريءَ مال!
ڪلھ ڪيئي ٿي ڏاڍا تال، اڄ نهوڙيءَ ڳچيءَ ڪال!“
ٻلي اهو ٻڌي گنڀير ٿي وئي ۽ نماڻيون اکيون آسمان ڏي کڻي، ڇانهر سان چوڻ لڳس؛
”ڀاءُ پيارا! هيءَ جوٺي دنيا، جوٺو هيءُ جڳ سارو،
ڪين جڳائي تنهن سان رکڻ موران ڪو آرو،
تياڳي مايا، ٿيس بيراڳڻ، ھَرِ کي ارپيم تن من ڌن،
تلسيءَ ڪنٺي پائي گلي وچ، هلي وڃان ٿي بندرا بن.“
مطلب: ۱. مطلب پرستن کي جيسين موقعو ۽ سگھ آهي، تيسين دنيا جا مزا ماڻين ۽ جڏهن پَرَ وڍجي وڃن، تڏهن ڍؤنگ ڪري ساڌو ۽ سنت ٿيو پون.
۲. بُل ملي ۽ بُل ڇڏي، سو بُلَ جو پُٽُ.
۳. بگهڙ ڪراڙو ٿئي ته بزرگ سڏائي. (۶)
42. ٻنيءَ مٿان ٻج، هاريندڙ هليا ويا. (شاھ، چوڻي)
هڪڙا ٻه راجا پاڻ ۾ دنگئي پلئي هئا. هڪ دفعي زمين جي هڪڙي ٽڪري تان پاڻ ۾ الهجي پيا. هر هڪ جي دعويٰ هئي ته؛ اها زمين سندس سرحد جي اندر آهي. ڪو به صلح سانت نه ڪرائڻ وارو ڪو نه ھين، جنھن سببان منجهن وڏي ويڙھ ٿي، جيڪا خوفناڪ جنگ جي شڪل اختيار ڪري وئي.
ٻنهي طرفن کان فوجن جا ڪٽڪ لٿا. وڏي گهمسان جي لڙائي ٿي. ٻئي راجا به پنھنجي پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ وڙهندي شهيد ٿي ويا. کانئن بعد، ٽئين راجا اچي ان زمين تي قبضو ڪيو.
هڪ رات جو نئين قابض راجا، ڌرتيءَ سان مخاطب ٿيندي پڇيو؛ ”تون مون سان نباهيندينءَ يا نه! مان تو سان هنن ٻنهي کان وڌيڪ پيار ٿو ڪريان.“
”اڳي الائي ڪيترن کي به ڳيٿو اٿم.“ ڌرتيءَ کلندي چيس؛ ”تو جهڙا پيار ڪندڙ ۽ پنهنجو سمجهندڙ اڃا ڪيترا ئي ڳهندم.“
مطلب: ۱. ڏٿ نه کٽو، ڏوٿي کٽا. (۳) ص ۱۰۸
43. ٻوڙو ٻڌي، صلاح ڪجي. (چوڻي)
هڪڙي ملڪ ۾ هڪڙو سچار ماڻهو رهندو هيو، جنهن جي سچائيءَ جي هاڪ هنڌين ماڳين پئي پوندي هئي.
وقت جي بادشاھ کي به سندس سچائيءَ جي خبر پئي، تنهن گهرائي، کيس ٻڪرين جو ڌڻ چارڻ لاءِ ڏنو. آزمائش خاطر، هڪڙي سهڻي عورت به بڇي ڇڏيائينس. مائيءَ فرمائش ڪندي، کانئس سُٺيون ٻڪريون ڪُهرائي کائي ڇڏيون. ان جي ڏاڍي چؤپچؤ ٿي، جيڪا واتين سرندي، بادشاھ جي ڪنين به پئي.
بادشاھ ھڪ ڏينھن کيس ٻڪرين جي ڳڻپ لاءِ سڏرايو. جڏھن کيس اھو نياپو مليو ته وايون ولليون ٿي ويس.
دل ۾ چيائين؛ ”بادشاھ کي ڪهڙو جواب ڏيندس!“
اهو ويچار ڪندي، جهنگ منهن ڪيائين. ڪير به صلاح ڏيڻ وارو نه هئس. نيٺ هڪڙي سرن جي ٻوڙي کي چوٽيءَ کان ٻڌي، ان کان صلاح پڇيائين؛ ”ڏي خبر بادشاھ کي سچ چوان يا ڪوڙ؟!“
ايتري ۾ اندران ورندي مليس؛ ”سچ ڳالهاءِ! پوءِ جان هلي وڃي ته هلي وڃي“. اهو جواب ملڻ کان پوءِ بادشاھ وٽ آيو. کيس سڄي حقيقت سڻايائين. بادشاھ کانئس پڇيو؛ ”تو کي اها صلاح ڪنهن ڏني.“
”ٻُوڙو ٻڌي کانئس صلاح ورتم ته اندران ائين اهاءُ ٿيو!“ بادشاھ کي ورندي ڏنائين.
بادشاھ سندس جواب تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائينس؛ ”تو جان جي پرواھ نه ڪندي، سچ ڳالهايو آهي. هاڻي اهي ٻڪريون به تنهنجون آهن ۽ اھا مائي به تنهنجي آهي.“
بادشاھ، سچ جي بدلي، اھا مائي کيس پرڻائي ڏني.
مطلب: ۱. صلاح وٺڻ وارو، نقصان گھٽ پرائي ٿو.
۲. ھر ڪم ۾ صلاح مشورو وٺڻ سان، نقصان بجاءِ فائدو پوي ٿو. (۱۱)
44. ٻهراڙيءَ جو ڪتو، شهر ۾ هريو اچي،
مالڪ وجهنس رسو، ته به ڇنايو اچي. (چوڻي)
هڪڙو ٻهراڙيءَ جو ڪتو، هڪ ڏينهن شهر آيو. شهر جو ڪتو واٽ ويندي ملي ويس، جنهن کي ڏٺائين ته مچي مهوڙ ٿي پيو آهي. کانئس پڇيائين؛ ”تون سگهو ڪيئن ٿيو آهين. جڏهن ته مان ساري رات جاڳي، مالڪ جي چوڪيداري ڪندو آهيان، ته به مون کي ڪجھ نه کارائيندو آهي. تو کي ڪير ٿو ڍَوَ ڪرائي؟“
”ڪاسائيءَ جي دڪان تي کوڙ هڏا، وکا ۽ ڇيڇڙا ملي ويندا آهن، جيڪي مفت ۾ کائي مچي مهوڙ ٿيو آهيان.“ شھري ڪتي، ٻھراڙيءَ مان آيل ڪتي کي صلاح ھڻندي چيو؛ ”تون هلين ته تو کي به ڍَوَ ڪرايان.“
جڏهن ٻهراڙيءَ جي بکئي ڪتي، شهر ۾ مفت جا مال کائي ڏٺا ته مچي مهوڙ ٿي پيو. بود ۾ اچي، شهر جي سست ڪتي کي پڻ ماري، لوڌي ڪڍي ڇڏيائين. پٺيان مالڪ به ڳوليندا اچي پهتس. پڪڙي ڳوٺ وٺي ويس. روز رسي ٻڌندا هئس ته به ڀڄي اچي شهر ۾ ڍَوَ ڪندو هئو، جنهن کان پوءِ ان لاءِ مشهور ٿي ويو؛
”ٻهراڙيءَ جو ڪتو، شهر ۾ هريو اچي،
مالڪ وجهنس رسو، ته به ڇنايو اچي.“
مطلب: ۱. جنھن کائي ڏٺو آھي، سو مڙندو ڪين. (۱۲)
45. ٻئي جي دل نه ڏکوئجي. (چوڻي)
هڪڙي ٻيڙي، درياھ منجھ ھلندي اونڌي ٿي پئي. منجھس چڙهيل ھڪڙا ٻه ڀائر، وڃي هڪڙي ڪُن ۾ پيا. هڪڙي بزرگ، ملاح کي چيو؛ ”ٻنهي کي ڪُن مان سلامت ڪڍي اچ. تو کي هر هڪ جي عيوض پنجاھ دينار ڏيندس!“
ملاح پاڻيءَ جي ڪن ۾ ٽپي پيو. هڪڙي ڀاءُ کي سلامت ڪڍي آيو ۽ ٻيو ويچارو ڪُن ڊهڻ سان ٻڏي ويو.
”هن جي حياتي هئي تڏهن بچيو.“ بزرگ چيس؛ ”هُن ويچاري جي نه هئي!“
”توهان جيڪو فرمايو اهو به صحيح آهي،“ ملاح چيس؛ ”پر اڃا ٻيو سبب به آهي!“
”ٻيو ڪهڙو سبب آهي؟!“ بزرگ پڇيس.
”هن کي بچائڻ لاءِ منهنجي دل گهڻي ڇڪ کاڌي، ڇو جو هڪڙي ڀيري ڪنهن رڻ پٽ ۾ پنڌ ڪندي ٿڪجي پيو هئس، ته هيءُ مون کي پنهنجي اٺ تي چاڙهي وٺي آيو هيو.“ سلامت بچيل ڀاءُ بابت ٻڌائيندي، ملاح چيو. ٻڏل ڀاءُ بابت دليل ڏيندي، وڌيڪ چوڻ لڳو؛ ”ٻئي جي هٿان ننڍي هوندي مار کاڌي هئم. ان ڪري مٿس جهٻو نه آيو“.
مطلب ۱. ٻئي جي ڪم اچبو ته ٻيا به ڪم ايندا.
۲. ٻئي جي دل ڏکوئيندڙ، پاڻ به ڏکوئبو.
46. ٻئي جي روزيءَ ۾ زهر نه وجهجي. (چوڻي)
”يار خبر اٿئي بيروزگار آهيان. ٻچا بک تي آهن. ڪا نوڪري سجھئي؟“ هڪ بيروزگار دوست ٻئي دوست کان پڇيو.
”نوڪري آهي، پر عجيب قسم جي آهي. الائي ڪري سگهين يا نه؟“
”بک ٿو مران ڇو نه ڪندس؟“ کيس زور ڀريندي چوڻ لڳو؛ ”جيڪا به هوندي ڪندس. تون ٻڌاءِ ته ڪرڻو ڇا آهي؟“
”چڙيا گهر جو رڇ مري ويو آهي. ڪمائي گهٽجي وئي اٿس، ڇو جو اڳي رڇ ٺينگ ٽپا ڏئي، ٻارن جو ڌيان ڇڪائيندو هيو ۽ هاڻي ڪير ڇڪائي نه ٿو، جنھنڪري ٻارن اچڻ ڇڏي ڏنو آھي ۽ ڪمائي گھٽجي وئي آھي.“
”پوءِ مون کي ڇا ڪرڻو پوندو؟“
”تو کي مئل رڇ جي کل پائي، ان جي پڃري ۾ ٺينگ ٽپا ڏيڻا پوندا ته جيئن ٻارن جو ڌيان وري ڇڪجي اچي. ان سان ڪمائي وڌندي.“
بيروزگار دوست، اها نوڪري ڪرڻ قبولي.
ٻار وري اچڻ شروع ٿيا ۽ ڪمائي وڌي وئي.
هڪ ڏينهن ٻارن جي گهڻين تاڙين وڄائڻ سان، همراه بود ۾ اچي ويو ۽ وڏا وڏا ٽپ ڏيڻ لڳو. هڪڙو اهڙو وڏو ٽپو ڏنائين جو پنهنجي پڃري ۾ موٽي ڪرڻ بجاءِ، ڀر واري پڃري ۾ وڃي ڪريو، جيڪو شينهن جو ھيو.
شينهن تي نظر پوندي ئي، ساھ سُڪي ويس. شينهن به پنهنجي جاءِ تان اٿي، گجگوڙيون ڪندو، ڏانهنس وڌڻ لڳو. هن جا هاڻي چپ خشڪ ٿي ويا ۽ ڄاڙيون پئي کڙڪيس.
”نڀاڳا! پنهنجي نوڪريءَ جو فڪر نه اٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجي نوڪريءَ جو ته خيال ڪر.“ شينهن، جنھن جي کل سندس نوڪري ڏيارڻ وارو دوست پايو بيٺو ھيو، تنھن ڀرسان اچي ڪَن ۾ چيس؛ ”ٻئي جي روزيءَ ۾ زهر نه وجهجي.“
مطلب: ۱. سڄڻ ڏئي سڄي ٻانھن ته سڄي نه ڳيھجي.
۲. جيڪو چڱائي ڪري، تنھن سان برائي نه ڪجي. (۱۳) ص ۱۳۹
47. ٻين کي گهٽ ڪين ڄاڻجي. (چوڻي)
هڪڙو سَهو پنھنجي لاءِ ڊاڙ ھڻي چوندو هيو؛ ”مون جهڙو تکو جانور ٻيو ڪونهي.“
هڪڙي ڏينهن هڪڙو ڪڇون مليس. ان کي ٻٽاڪ هڻي چوڻ لڳو؛ ”مان سڀني ۾ تکو آهيان ۽ تون سڀني ۾ ڍِلو آهين.“
تنهن تي ڪڇونءَ چيس؛ ”اچ ته شرط پڄايون. پاڻ ٻن مان جيڪو پهريائين هن پرئين وڻ وٽ، جلد پهچي، تنهن شرط کٽي.“
سهي اها ڳالھ قبول ڪئي ۽ ٻئي ڄڻا انهيءَ وڻ ڏانهن ڊوڙيا. جڏهن سهو ڳچ پنڌ ڊوڙيو، تڏهن پٺيان نِهاري ڏسي ته ڪڇون گهڻو پوئتي رهجي ويو آهي.
دل ۾ چيائين؛ ”شرط ته مان ئي کٽندس؛ ڇو نه ڪجھ آرام ڪري وٺان.“ اها ڳالھ ڳڻي، هڪ ٻوٽي جي ڇانءَ ۾ سهمي پيو.
ٿوري وقت کان پوءِ اک کليس ته طاق لڳي ويس. ڏٺائين ته ڪڇون وڃي طئي ٿيل منزل تي پهتو آهي ۽ شرط کٽيو ويٺو آهي.
انهيءَ تي سهو ڏاڍو شرمندو ٿيو.
مطلب: ۱. هَٺُ/وڏائي ڪرڻ واري کي، آخر شرمندگي ئي نصيب ٿئي ٿي.