لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
Title Cover of book نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

[ چ ]

105. چري ڦِٺ ۾ خوش. (چوڻي/ پهاڪو)
هڪڙي ڏيڏري، ڪانگن جي آزار تتئون، هڪ وڻ جي پاڙ وٽ ٺهيل هڪ ننڍڙي ٻرڙ ۾ وڃي لڪي. هڪڙو اٺ چرندو، اتي اچي پهتو ۽ بيخياليءَ ۾ ڏرڙ جي مٿان لت اچي رکيائين. جنهن تي ڏيڏريءَ ٽان ٽان ڪندي چيس؛ ”ڪير آهين؟ جنهن منهنجي مٿان لت رکي آهي؟“
اٺ هڪدم پير هٽايو ته ڏيڏري به ٽپ ڏئي ٿي نروار ۽ منهن ۾ گُهنڊ وجهي چوڻ لڳس؛
”اڙي مئا! سرت ڪر، ساڃاه ڪر، پُرجهي رک پير،
ماڻهو ماريو هوءِ انهن جو، جي وڏا رکن وير،
جو ڏسان هن واٽ تان، ته وري اچي ڪير؟“
ڏيڏريءَ جي ڏَکي تي اٺ ڪنڌ ورائي ڏٺو ۽ چيائينس؛
”اڙي هن واٽ تان، اينديون وَهَين جون ويهون،
لت آئي اٿيئي پٺيءَ تي، رُليل ڪرين ٿي ريهون،
هت ٿي ڪرين ڪيهون، ته مهند جهليندينءَ موچڙا!“
ڏيڏريءَ موٽ ڏنس:
”اڙي مئا! مهندين ملڪ، اسان جا رهيا ويٺا آهن راڄ،
هڪڙو کارائين خوشيءَ مان، ٻيو ڪوڙين ڪن ڪاڄ،
اُت به اوهان سندا راڄ، مَھَند کائي، ماريا!“
”مون سمجهيو آهين ڪا اشراف،“ اٺ جرح ڪندي چيس؛ ”پر آهين ڪا ڪميڻي.“
ڏيڏريءَ پٽيندي چيس؛
”الله ڪري اٺ مري! وڃي شال پري!
کارو ڏينس خوشيءَ سان، چهبڪ ڏيئي چري،
لنگهي ٿيءُ درياه پري، سکيا ٿيون سپرين.“
اٺ سپرين لفظ تي چيس؛
”جي سپرين سڀ خلق جو آهي مرسل موچارو،
تو لاءِ اچيئي ٿو ڪانءُ ڪارو، هڻيئي ٿو چهنب چپن ۾.“
ڏيڏريءَ چڙندي چيس؛
”چغل چغل، چپ ڪڍ پنهنجا جي لڏن لاماري،
هڪڙا نيني ڪيچ ڏانهن، اُت به سڄڻ سنڀاري،
ٿر بر لتاڙي، شل رلي مرين روھ ۾!“
اٺ به مند جي ٻڌائيندي چيس؛
”پيٽ ته تنهنجو پنڊيءَ جهڙو، نڪ ته تنهنجو ننگھ،
پاڻيءَ پاسي پُڙ پُڙ ڪرين، ٻُٽي ڏئين ٻڻنگ،
اسين هاڙهي هريا، ڀاري ڀريا ويون جيسلمير.“
ڏيڏري اٺ جي مرداڻي وات جا ويڻ نه سهي، رسي هلي ته ڪنهن کي هلي دانهن ڏئي ۽ اٺ کي جوڳي سزا ڏياري سگهي.
گهڻي هل هلان کان پوءِ هلاک ٿي هڪ هنڌ پهتي، جتي ٻي ڪا پھر ڪا نه هئي. البته هڪڙو سانڊو هڪڙي ڪرڙيءَ تي ڪانڊاريو ڦوڪيو ويٺو آهي. کيس ڏسي دل ۾ چيائين؛ ”ايڏو ڦوڪيو ويٺو آهي، لاشڪ ڳوٺ جو وڏيرو ئي اهو آهي، ڇو نه کيس دانهن ڏيان!“
ائين دل ۾ پھ پچائي، پاسڙو ڏئي اچي ڀر ۾ ويهي رهي ۽ وجھ ڏسي سانڊي کي چوڻ لڳي؛ ”بس ڏسان ڪو نه ڏيھي، جنهن وٽئون ويهي، ڪريان ڳجھ اندر ڳالهڙي، مئي ماريي اُٺ مون کي مڙساڻي وات ڇا ڳالهايو آهي!“
سانڊي اٺ جي گلا ٻڌي دل ۾ چيو؛ ”اٺ جي گلا تي ته کيس اهڙي دلداري ٿو ڏيان جو خوش ٿي وڃي.“ ائين دل ۾ سوچي چيائينس؛
”آءُ! ڏيڏري ٻائي وڏيري، اچي ڳالھ ٻڌاءِ!
پاڙا تنهنجا پڌر، جي وهن جاءِ بجاءِ،
تون آمي لڪي، ڏنڀوءَ ڏڪي،
جنهن ڄار چرندي، ٺڪاءُ ڏنو،
تنهن جي چئي تون ڇو لڳين؟!“
ڏيڏريءَ تعريف ٻڌي، بغليون هڻندي چيس؛ ”ٻڙي جيئس! ڙي جيئس جي ڄاڻائوئي ٿا جيئن!“
مطلب: ۱. بيوقوف ئي تعريف پسند ڪندو آهي.
٢. خوشامد تي ڄٽ راضي ٿيندو آهي.

106. چڱائي ڪر ته چڱائي ٿيئي. (چوڻي)
هڪ نديءَ جي ڪناري پپر جو وڻ هو، جنهن تي هڪ ڪبوتر ويٺو هو. وڻ جي هيٺان، نديءَ جي ڪناري هڪ ماڪوڙي پئي گهمي. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو ڇولي اچڻ سبب اها ماڪوڙي پاڻيءَ ۾ گهلجي ويئي ۽غوطا پئي کاڌائين.
ماڪوڙيءَ کي ٻڏندو ڏسي، ڪبوتر جَهٽ پَٽ هڪ پَنُ پٽي نديءَ ۾ ڦٽو ڪيو. ماڪوڙيءَ پنهنجي اڳيان پن ترندو ڏٺو ته ٽپ ڏيئي وڃي مٿس ويٺي. پن ترندو ترندو اچي ڪناري سان لڳو. ان ريت هن پنهنجي جان بچائي. هوءَ مَنَ ئي من ۾ ڪبوتر جا لک ٿورا مڃڻ لڳي.
هڪڙي ڏينهن ماڪوڙيءَ ڇا ڏٺو ته هڪ ماري، ڪبوتر کي پنهنجي تير جو نشانو پيو بڻائي! تنھن تي يڪدم وڃي ماريءَ کي پير ۾ چَڪ پاتائين، جنھن تي سندس ڪشيل تير گسي ويو. کڙڪي تي ڪنائيندي، ڪبوتر به وڻ تان صحيح سلامت اڏامي ويو.
اوکيءَ ويل سهڪار ڪري، ٻنھي هڪ ٻئي جي جان بچائي.
مطلب: ۱. ھتي ڪبو، ھتي پسبو. (۲۷)

107. چڱو جن لکيو، مَدو سي نه پسن،
توڙي رڻ رهن، ته به کنڊون کائن کير سين. (چوڻي)
هڪڙي بادشاھ، جهنگ ۾ محل ٺهرايو هيو. جڏهن راڻيءَ سان گڏ، شڪار تي ويندو هيو ته اتي آرامي ٿيندو هيو. هڪ دفعي شڪار ڪندي، راڻي ۽ بادشاھ ڇڄي ويا. راڻيءَ ته جلدي محلات ڳولي پهتي، پر بادشاھ کي چڱي دير ٿي وئي.
هڪڙو مسافر، محلات وٽان لنگهيو ته ٿَڪ سبب ان ۾ گهڙي، هڪڙيءَ ڪنڊڙيءَ ۾ سمهي پيو. جڏهن ننڊ مان اٿيو ته بک بي حال ڪيو هئس. هيڏي هوڏي ڦريو. کيس هڪ ڪمري ۾ کير ۽ کنڊ رکيل نظر آيا. کنڊ وارو کير پي، وري سمهي رهيو. آرام ۾ هئو جو بادشاھ به محلات ۾ آيو. کيس هيٺ ڏسي، مٿي پهتو ته راڻي پلنگ تي ستل نظر آيس. غيرت ۾ سڙي ويو.
مسافر کي اٿاري، وزير ڏانهن خط لکي، کيس سزا ڏيارڻ لاءِ شهر موڪليائين.
خط جا ٻه مطلب هئا. هڪڙو ته کيس سزا ڏني وڃي. ٻيو ته سزاوار لائق آهي. وزير ٻيو مطلب سمجهيو ۽ خط پڙهندي ئي، مسافر کي اڌ حڪومت جو ورهائي ڏنائين.
مطلب؛ نيت نيڪ، مراد حاصل. (۵) ص ۶۵

108. چمڙن جي گهر ويا مهمان،
چي؛ ”اسان به پيا لٽڪون، اوهين به اچي لٽڪو.“ (پھاڪو)
هڪ لڱا، گهڻي برسات پوڻ سبب، ڪي پکي اڏامي ڪنھن سڃيءَ جاءِ ۾ ويا. اتي ڏسن ته سڄي جاءِ چمڙن سان ڀري پيئي آهي. تڏهن منجهانئن ھڪڙي، چمڙن کي چيو؛ ”ادا، اسان کي مينھن ۽ سيءَ سٽي وڌو آهي. پاڻ وٽ ٿوري وقت لاءِ اسان کي اجهو ڏيو.“
چمڙن وراڻي ڏنيس؛ ”اسان وٽ اوهان وانگر آکيرا ٺھيل ڪونھن. جيئن اسين ڀتين ۽ ڇتين تي لٽڪون پيا، تيئن اوهين به بلاشڪ اسان وانگر اچي لٽڪو.“
مطلب: ۱. بڇڙو ماڻھو، چڱي واٽ ڪڏهن ڪين ڏسيندو.
۲. چمگادرون ڪي گهر مھمان آئي؛ هم ڀي لٽڪين، تم ڀي لٽڪو. (هندي) (۲) ص ٣٧

109. چور، ڀلي بگھڙ ھجي، ڀاڙيو ٿيندو آھي. (چوڻي)
هڪڙو بکايل بگهڙ، کاڌي جي ڳولا ۾ نڪتو. کيس هڪ ويءَ/ چراگاھ ۾ رڍن جو ڌڻ چرندو نظر آيو. ڌڻ مان هڪ رڍ کائڻ چاهيائين، پر کائي نه سگهيو، ڇو جو سموريون رڍون، هڪ چوڪس ڪتي جي پهري هيٺ چري رهيون هيون.
بگهڙ به مڙڻو نه هيو، تنهن رڍ جي کل هٿ ڪري پاتي ۽ رڍن منجھ گهڙي ويو. کيس رڍ سمجهي، نه رڍون کانئس ڇرڪيون ۽ نه ئي پهريدار ڪتي جو ڏانهنس ڌيان ويو. روزانو هڪ رڍ، پاسائتي جهلي پيو رڙڪيندو هيو.
ڌراڙ نيٺ ڌڻ سنڀاليو. ڪافي رڍون کٽل معلوم ٿيس. ڪافي ڳولا ڪيائين پر بي سود. هڪڙيءَ شام جو رڍن کي واڙ ڏانھن تڪڙو هلڻ لاءِ لٺ باٺو ڪيائين ته سموريون ٻيڪڻ لڳيون، جڏھن ته بگهڙ ٻيڪٽ ئي نه ڪيو. کيس بيمار رڍ سمجهي، لڪڻ هنيائين، جنهن تي بگهڙ روڙ ڪئي، جنهن مان سندس اصليت ظاهر ٿي پئي. اصليت ظاهر ٿيندي ئي، مالڪ لٺين سان کپي ويس.
مطلب: ۱. نقل ڪرڻ، آپ گهات ڪرڻ برابر آهي.
۲. جنهن جو ڪم سو ئي ڪري، ٻيو ڪري گهاٽو ڀري. (۲۶) ص ۶۷

110. چور ڪيڏي به چالاڪيءَ سان چوري ڪري،
جاءِ واردات تي نشانيون ضرور ڇڏي. (چوڻي)
هڪڙي شوالي ۾، ماڻهو مانيون، ڦريون ۽ ٻيا ڦل فروٽ ڏيئي ويندا هيا. ٻائو، اهي سڀ ڀيٽا طور، وڃي ديوتائن جي آڏو رکندو هيو، جيڪي کائيندا ڪو نه هيا. نتيجي طور سمورو مال، ائين جو ائين پيو ھوندو ھيو.
هڪڙو نوجوان ڇوڪر، شوالي ۾ ٽهليو ٿي ڪم ڪار ڪندو هيو. ٽهل ٽڪور ڪندي، مندر اندر هليو ويندو هيو ۽ وڃي ڦل فروٽ ۽ مانيون رڙڪيندو هيو. هڪ دفعي ٻائي کي، مندر ۾ ڪو کڙڪو ٻڌڻ ۾ آيو. تنهن زور سان پڇيو؛ ”اندر ڪير آهي ۽ ڇا ٿو ڪري؟“
”ٻاوا!“ ڇوڪر چاٻا ڏيندي ورندي ڏنس؛ ”مان ڦريون ڪو نه ٿو کاوان.“
مطلب: ۱. اندر جي ڳالھ زبان تي اچي ئي ويندي آهي.
۲. چور کي پنهنجي چوري پئي ککندي آهي.

111. چورن مٿان مور پيا، اڌ ورهائي کڻي ويا. (پھاڪو)
ڪن چورن ڪنهن هنڌ، چوريءَ جو مال ويٺي پاڻ ۾ ورهايو. پنهنجي ڪم ۾ مشغول هئا جو هڪڙو مور جهٽ هڻي هڪڙو موتين جو هار کڻي وين. مٿي کڻي وڃي ھڪڙي وڻ تي ويٺو ۽ ھار جي وچين ڌاڳي کي ڇني منجھانئس، هڪڙو هڪڙو موتي ڪڍي، ڳيهندو ويو، تان جو سمورا ڳيھي چٽ ڪيائين.
اھو لقاءُ ڪنھن الله لوڪ فقير پنھنجي گنھگار اکين سان ويٺي ڏٺو، تنھن جي زبان مان امالڪ نڪري ويو؛ ”چورن مٿان مور پيا، اڌ ورهائي کڻي ويا.“
مطلب: ۱. ماريءَ مٿان ماري پيو آھي.
۲. سير مٿان سوا سير پيو آھي. (۲) ص ۳۸