لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
Title Cover of book نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

[ م ]

199. مادرزاد انڌي کي عينڪ جي ڪهڙي ضرورت. (پھاڪو)
هڪڙي شخص جي نظر گهٽجي وئي ته عينڪ وٺڻ لاءِ ڊاڪٽر وٽ ويو. ڊاڪٽر نظر تپاسيندي چيس؛ ”سامهون نظر ڪر!“
سامهون نظر ڪيائين ته ڊاڪٽر پڇيس؛ ”ج (جيم) جي هيٺان جيڪو سنهون اکر آهي، سو نظر اچي ئي ٿو؟“
”ڪهڙو جيم؟“
”بابا!“ ڊاڪٽر وڏيءَ پاٻوھ سان چيس؛ ”ڪاري بورڊ تي هو وڏو ’ج‘ جو اکر ڪو نه ٿو ڏسين؟“
”ڪھڙو ڪارو بورڊ.“ حيرانگيءَ مان پڇيائينس.
”ميان!“ ڊاڪٽر گهٻرائجي پڇيس؛ ”هيءُ سامهون ڀت تي هيڏو سارو ڪارو بورڊ به تو کي نظر نه ٿو اچي!“
”ڊاڪٽر ڪهڙي ڀت؟“
”بابا!“ ڊاڪٽر کلي چيس؛ ”تو کي عينڪ جي نه پر اکين جي ضرورت آهي.“
مطلب: ۱. ڏسڻ لاءِ، پھرين اکين جو نور، پوءِ روشنيءَ جو نور کپي. (۴۹)

200. مٿي تي رکيل وزن، وري به پيرن کي کڻڻو ٿو پوي. (پهاڪو)
هڪڙي مسافر، گهوڙي تي وزنائتي خرزين رکي، مٿئون پاڻ چڙهي ويٺو. اڳتي هلڻ سان، گهڻي وزن ۽ ٿڪاوٽ سبب، گهوڙو ڍرو ٿيو ته کيس خيال جاڳيو؛ ”گهوڙي تي مون سان گڏ، جيڪو خرزين جو وزن پيل آهي، تنهن ٿڪائي وڌو اٿس. اهو وزن سندس پٺيءَ تان اگر هٽي وڃي ته گهوڙو هلڪو ٿي پوندو ۽ وک چڱيرڙي پوندس.“
اھو خيال ايندي، گھوڙي تان لٿو. خرزين مٿي تي رکي، وري لانگ ورائي مٿس چڙھيو.
اڳتي هلڻ سان ڏٺائين ته گهوڙي جي وک ۾ ڪو به فرق نه پيو آهي. اهو خيال ايندي ڪنهن واٽهڙوءَ صلاح پڇيائين؛ ”گهوڙي تان وزن هٽائي پاڻ تي رکيو اٿم ته به گهوڙي جي وک پوئتي آهي، سو ڇو؟“
”ادا! خرزين سميت مٿان چڙهيو ويٺو آهينس ته پوءِ ڪيئن تکو هلندو؟“ واٽهڙوءَ چيس.
”خرزين جو بار ته منهنجي مٿي تي آهي؟“ دليل طور چيائينس.
”پر پوءِ به!“ مسافر سمجهائيندي چيس؛ ”مٿي تي رکيل وزن، وري به پيرن کي کڻڻو ٿو پوي.“
مطلب: ۱. وڏن جو بار، آخر ننڍا کڻن. (۲۶) ص ۸۴

201. محنت جو ڦل، هر ڪنهن کي ملي ٿو. (چوڻي)
نوشيروان، ايران جو عادل بادشاھ هڪ ڏينهن صبح سان سير لاءِ اڪيلو نڪري پيو. واٽ تي هڪ باغ ۾ هڪ جهور پوڙهي مالهيءَ کي ميويدار وڻ جي چڪي هڻندي ڏٺائين. عجب ۾ پئجي ويو.
”پوڙها!“ پوڙهپ ۾ محنت ڪرڻ جو سبب پڇڻ لاءِ چيائينس؛ ”هيءُ تنهنجو لڳايل ٻوٽو، گهڻن سالن کان پوءِ ڦر ڏيندو؟“
”حضور!“ پوڙهي کيس ورندي ڏني؛ ”اٺن ڏهن سالن ۾ هيءُ ٻوٽو ڦر ڏيڻ جي لائق ٿي ويندو.“
”ڇا تو کي اميد آهي!“ بادشاھ وري پڇيس؛ ”تون ايستائين جيئرو ھوندين، جو ڦر کائيندين؟“
”سائين ٿي سگهي ٿو ته مان هن وڻ جو ڦر کائي نه سگهان!“ پوڙهي، بادشاھ ڏانهن نهاريندي چيو؛ ”پر مان هي ٻوٽو ته ٻين لاءِ ٿو هڻان.“
بادشاھ سندس جواب تي مرڪيو ۽ پڇيائينس؛ ”ٻين لاءِ ڳهڻ مان فائدو؟“
”ڇو سائين؟! اسان جي وڏن جيڪي وڻ لڳايا، تن جو ڦر اسان کائي نه رهيا آهيون؟“ ٻڍڙي بادشاھ کان سواليه انداز ۾ پڇندي، ڳالھ کي اڳتي وڌايو؛ ”مان به اهڙيءَ ريت هيءُ وڻ رکان ٿو ته جيئن منهنجا پويان ان جو ڦر کائين.“
نوشيروان کي جواب ڏاڍو وڻيو ۽ کيس انعام ڏنائين، جنهن تي پوڙهي کيس چيو؛ ”منهنجي لڳايل ٻوٽي جو ڦل ته مون کي اڄ ئي ملي ويو.“
انهيءَ جواب تي نوشيروان ويتر ڏاڍو خوش ٿيو.
مطلب: ۱. اصل زندگي اھا آھي جو ٻين جي ڪم اچجي.

202. مرشد به جهڙو ماڻهو. (پھاڪو)
”بابا! او بابا!“
”جيءُ ٻچا!“
”بابا! هيءُ هيترا ماڻهو ڇو گڏ ٿيا آهن؟ وري هيءُ ڀَتُ ڇو پيا رڌين؟“
”پُٽَ! مرشد آيو اٿن! انهيءَ خوشيءَ ۾ ڀت پيا رڌين.“
”بابا! مون کي به مرشد ڏيکار!“
”پٽ! اهو جيڪو کٽ تي ويٺو آهي! اهو اٿئي مرشد!“
”نه بابا! اهو ته ماڻهو آهي. مرشد ڪٿي آهي!“
”ڇورا!“ ڇڙپ ڏيندي؛ ”اهو ئي مرشد آ. ماٺ ڪر ته موچڙو نه لڳئي!“
”بابا! پوءِ جيڪڏهن اهو مرشد آهي ته؛“ ڇڙٻ ساٽاڻيندي ۽ وضاحت ڪندي پيءُ کي چيائين؛ ”مرشد به جھڙو ماڻهو!“
مطلب: ۱. چور به جهڙو ڪاڪو.
۲. چور به سود پود ماڻهو. (۵۰) ص ۷۱

203. مروان موت، ملوڪان شڪار. (پھاڪو)
ڪنهن تلاءَ ۾ گهڻا ڏيڏر رهندا هئا. هڪ دفعي ڪن شاگردن، ڏيڏرن کي پٿر هڻي، دل پئي وندرائي. ليڪن پٿرن لڳڻ ڪري، ڪيترا ڏيڏر زخميا ۽ ڪيترا مري ويا، تنهن تي ڏيڏرن وڏي ٽران ٽران ڪئي.
”مروان موت، ملوڪان شڪار“ هڪ ڏيڏر ٻارن کي چيو؛ ”اوهان ملوڪن ۽ شهزادن لاءِ ته اھي پٿر ھڻڻ شيل شڪار آهن، پر اسان مرُن ۽ جانورن لاءِ ته اھي موت جو سبب آهن.“
مطلب: ۱. اھا ئي شيءِ ھڪڙن لاءِ فائدي جو سبب، ٻين لاءِ ھاڃيڪار. (۵) ص ۱۲۲

204. مڙس اهو آهي، جو پريندي ٻلي ماري. (پهاڪو)
هڪڙي همراه جي زال، ڏاڍي چيڙاڪ ۽ جهيڙاڪ هئي. هر ڳالھ تي مٿس رومڙ ڪري چڙهي ويندي هئي. زندگي وڌيڪ نرھ ٿيڻ کان لهرائيندي، کانئس ٽري پاسو ڪندو هيو.
هڪڙي ڏينهن، هڪڙي دوسٽ وٽ مهمان ٿي ويو. اتي ڏسي ته دوست جي زال، دوست آڏو ڏاڍي با ادب ۽ سانتيڪي بيٺي آهي.
”ادا ڪر خبر!“ اهو حال ڏسي، دوست کان پڇيائين؛ ”پنهنجي استريءَ کي ڪيئن قائدي ۾ پابند رکيو اٿئي؟“
”پرڻي رات ئي معاملو سڌو ٿي ويو.“ دوست وضاحت ڪندي ٻڌايس؛ ”سيج تي ويٺو هيس، جو ٻليءَ اچي مٿان ٽپو ڏنو. ڪاوڙ ۾ لٺ ھڻي ٻليءَ جو ميڄالو ڪڍي وڌم. ان کان وٺي زال ڏاڍي ڊنل ۽ با ادب ٿي رهي.“
هن به دل ۾ چيو؛ ”مان به وڃي گهر ۾ ڪا ٻلي ماريان، ته من منهنجي زال مون کان ڪَوَ کائي.“
دل ۾ اهي پور پچائي، جڏهن گهر پهتو ته لٺ سان گهر ۾ پليل ٻليءَ کي مارڻ بيٺو. زال ڪاوڙ مان چيس؛ ”مئا! ٻليءَ تنهنجو ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي، ناحق پيو مارينس!“
زال کي چيائين؛ ”تو تي رعب وجهڻ لاءِ، ٻليءَ کي پيو ماريان!“
”ها ڏٺل آهين، ڏٺل آهين. هاڻي ٿو رعب وجهين.“ جوڻس ٽوڪيندي چيس؛ ”پهرئين ڏينهن کان سڃاڻانءِ! ڏاڍو مڙس ماڻهو هئين. متان ٻليءَ کي ڌڪ هنيو اٿئي.“
زال جي دڙڪن کان، چپ ڪري ويهي رهيو.
مطلب: ۱. ڪارنامو پهرئين ڏينهن ڏيکارجي.
٢. جنهن اڀرندي تانءُ نه ڪيو، سو لهندي ڪهڙو ڪندو؟

205. مئي پڄاڻان؛ سج اڀري ته ڇا، نه اڀري ته ڇا؟ (پھاڪو)
جهنگ جي جانورن جو، پنھنجي بادشاھ وٽ هڪڙو مقدمو هليو، جنهن ۾ مُک جوابدار گدڙ هئو. گدڙ ڪيس هارائي ويو. کيس سزا طور ڦاسيءَ جي تعزير ڏني وئي. تخته دار تي چاڙهڻ کان اڳ، حسب رواج، کانئس آخري خواهش يا آخري ڪلمات پڇيائون.
”سڀاڻي سج ئي ڪو نه اڀرندو!“ گدڙ ڏاڍي پڪائيءَ سان ورندي ڏيندي چيو؛ ”ته آخري خواھش ڪھڙي ٻڌيان!“
سندس انهن لفظن تي ڦاسي ڏيڻ وارا حيران ٿي ويا ۽ جهٽ ۾ اها خبر جهنگ جي بادشاهه تائين پهچايائون. جهنگ جي بادشاھ، گدڙ کي ٻيهر پيش ٿيڻ جو حڪم صادر ڪيو. گدڙ پيش ڪيو ويو. کانئس هڪل ڪري، بادشاھ پڇيو؛ ”اڙي! تون ڪيئن ٿو چوين ته سڀاڻي سج ئي نه اڀرندو؟“
”جيئندا قبلا! سر جيئدان ملي ته عرض ڪيان!“ گدڙ عرض ڪيو.
”تو کي سر جيئدان هڪ ڳالھ تي ملندو. اِها اها آهي ته تون ڳالھ صحيح ڪندين!“ بادشاھ چيس. ”اگر ان ۾ ڪا ملاوٽ ڪيئي ته سزا ساڳي ته ملندئي پر وڌي به سگھئي ٿي. سوچي سمجھي ڳالھاءِ!“
”جيئن حڪم ٿيئي جيئندا قبلا!“ گدڙ وراڻيو.
”ها! هاڻي ٻڌاءِ!“ بادشاھ حڪم ڪيس.
”سائين مون کي ڦاسي آئي ته پوءِ ڀلي کڻي سڀاڻي سج اڀري يا نه اڀري، ڳالھ ساڳي آھي.“ گدڙ دليل ڏيندي چيو. ”قبلا! منهنجي مري وڃڻ کان پوءِ، ان جو اڀرڻ ۽ نه اڀرڻ، ٻئي مون لاءِ هڪجهڙا آهن.“
”بلڪل! تون سچ ٿو چوين.“ بادشاھ آمنا واريندي ۽ سزا ختم ڪندي چيس؛ ”مرڻ کان پوءِ؛ سج اڀري ته ڇا، نه اڀري ته ڇا!“
مطلب:۱ .هيءُ سڄو جهان ۽ ڪارنامو انهن لاءِ مفيد آهي، جيڪي جيئرا آهن.
۲ . پاڻ مئي کان پوءِ، مري وئي سڄي دنيا.
۳ . سِر وئي کان پوءِ؛ سج اڀري يا نه اڀري.

206. مئيءَ وٿ جو ملھ ناهي. (پھاڪو)
هڪڙي ماڻهوءَ، هڪڙي واقفڪار کان گهوڙو اُڌارو ورتو. گهوڙو به چڱي نسل جو نه ھيو، جنھنڪري مالڪ کيس ڏئي ڇڏيو.
ڪجھ وقت کان پوءِ، اُڌارو وٺندڙ وٽ گهوڙو مري ويو. فوتگيءَ جو اطلاع، گھوڙي جي مالڪ کي ڏنائين.
”ادا گهوڙو تو وٽ مُئو آهي!“ مالڪ ڏاڏر ڪندي چيس؛ ”الائي ڪيئن ماريئي! مون کي مُلھ ڀري ڏي!“
”ادا مُئيءَ وٿ جو ڪهڙو ملھ!“ اڌارو وٺندڙ، ويچارو ٿيندي چيس.
”مئي وٿ هئي؟!“ مالڪ جرح ڪندي چيس؛ ”مون تو کي مئل گهوڙو نه ڏنو هئو. مون ته تو کي جيئرو جاڳندو، لکن جو گهوڙو ڏنو هئو. هاڻي گهوڙو ماري ٿو چوين ته ڪک جو هيو.“
مطلب: ١. مُئي پڄاڻان، هر شيءِ جو قدر/ اگھ وڌي ٿو.
٢. مُئيءَ وٿ جو ڪهڙو ملھ.
٣. جيئري ڪک-ملھ ٿئي ٿو، مئي پڄاڻان لک-مُلھ ٿئي ٿو. (۳) ص ٧٦

207. ميان جي مڏي؛ ٻه ڏندڻ، ٽين تڏي. (پھاڪو)
هڪڙو درويش فقير، مريد سميت، هڪڙي ڳوٺ ۾ اچي مسافر ٿيو. وٽس هنڌ يا وڇاڻو ڪين هيو. هڪڙي وڏي چادر هيس، جيڪا اوڍڻ ۽ اوڇڻ طور استعمال ڪندو هئو. رات ڌاري به ماڻهو ڪنر ٻڌيو، ڳاھٽ ٿيو چوڌاري ويٺا هيس. کيس ننڊ اچي کنيو. ماڻهن کي اٿي وڃڻ لاءِ به نه پئي چئي سگھيو. آخرڪار خليفي کي چيائين؛ ”منهنجي لاءِ هنڌ وڇاءِ!“
خليفي ٻڌو، اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيس. خليفي کي وقفي وقفي سان ٻه ٽي دفعا چيائين ته جيئن ماڻھو ٻڌي، اٿن ته فقير چادر وڇائي، ليٽي. خليفو ھر دفعي ڪن لاٽار ڪندو رهيو. نيٺ سندس بريز بريز کان بيزار ٿي پيو.
”هنڌ ڪهڙو وڇايان؟ جيڪو آهي سو ويڙهيو ويٺو آهين.“ خليفي کان رهيو نه ٿيو ۽ زبان کلي ويس، چئي ڏنائينس؛ ”ميان جي مڏي؛ ٻه ڏندڻ، ٽين تڏي.“
اھي لفظ ٻڌي، ماڻھو ڪک پن ٿيا جو بزرگ ڪلھن تان چادر لاھي، وڇاڻو ڪيو.
مطلب: ۱. مڏي ميرڻ شاھ جي؛ ٻه ٺڪر جا ٺولهڙا، ٽين تڏي. (۳) ص ۱۹۷

208. ميلي کان، جھميلي ۾ رهڻ ڀلو. (چوڻي)
هڪ عورت هڪ درويش وٽ آئي ۽ دانهن ڏنائينس؛ ”مان جنهن جهنگ ۾ رهان ٿي. اتي خوفناڪ جانور جام آهن، جيڪي منهنجي ٻارن ٻچن کي ڦٽي ماري ٿا وجهن! دعا گهر ته کانئن جان حفاظت ۾ رهي.“
”جهنگ ڇڏي، ڪنهن شهر يا وسنديءَ ۾ وڃي رھ.“ درويش نصيحت ڪندي چيس.
”الله جا پيارا ٻانها! شهر جي ماڻهن کان، جهنگ جا جانور چڱا آهن، گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڌڪ سان ساھ ته ڪڍي ڇڏين ٿا. شهر جا ماڻهو ته تڙپائي تڙپائي ٿا مارين.“ مائيءَ جهنگ نه ڇڏڻ جو سبب ٻڌائيندي چيس؛ ”ماڻهن جي ميلي کان، جهنگ جي جھميلي ۾ رهڻ ڀلو.“ ص ١٢٣
مطلب: ١. گندي ماحول ۾ رهڻ کان، اڪيلو رهڻ ڀلو.
٢. برن جي صحبت ۾ رهڻ کان، پنهنجي منهن رهڻ چڱو.
٣. ماڻهن جي جهنگ ۾ رهڻ کان، جانور جي جهنگ ۾ رهڻ چڱو. (۵۱) ص ۱۲۳