لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
Title Cover of book نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

[ ت ]

53. ترت دان، مها پِڃُ. (هندي، ڏند ڪٿا)
هڪڙو برهمڻ، لکي پڙهي ڪين ڄاڻندو هو، تنھن کي سندس استريءَ چيو؛ ”پنھنجي ملڪ جي راجا وٽ ڏهاڙي صبح جو وڃي چؤ؛ ’ترت دان، مھا پِڃُ‘ ته هو تو کي ڪجهه نه ڪجهه اوس ڏيندو.“
هن ائين ڪيو ته راجا هن کي پنج رپيا ڏنا. پوءِ روز ائين چئي پنج روپيا وٺي ايندو هو.
هڪڙي دفعي راجا ڪن ٻين برهمڻن جي چوڻ تي، کانئس پڇيو؛ ’ترت دان، مھا پِڃُ‘ جو ارٿ ٻڌاءِ!“
برهمڻ چيو؛ ”ان جو ارٿ سڀاڻي ٻڌائيندس.“
گھر اچي، پنھنجي استريءَ سان ڳالهه ڪيائين. استري ويچار ۾ پئجي ويئي. ڪنھن وقت ڀانيائين ته ڪو چوينم ٿو؛ ”فلاڻي ديس ۾ جيڪو راجا آهي، تنھنجي راڻيءَ کي سورهن مھينا گرڀ ٺھرئي ٿيا آهن. ان جو اڃا موکه نه ٿو ٿئي. توهان جو راجا جڏهن انھيءَ ملڪ ۾ ويندو ۽ اتان جي راڻي سندس منھن ڏسندي، تڏهن کيس ٻالڪ ڄمندو. انھيءَ ٻالڪ کان جيڪڏهن راجا ’ترت دان، مھا پِڃُ‘ جو ارٿ پڇندو ته اهو ٻالڪ کيس ارٿ ٻڌائيندو.“
برهمڻيءَ کي انھيءَ ڳالهه تي پرتيت/اعتبار اچي ويو. تنھن سارو قصو پنھنجي پتيءَ کي ٻڌايو.
ٻئي ڏينھن برهمڻ، دستور موجب راجا وٽ ويو ته راجا پنج روپيا ڏيئي چيس ته؛ ”ترت دان، مھا پِڃُ“ جو ارٿ ٻڌاءِ.
برهمڻ، بادشاھ کي پنھنجي استريءَ جي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي.
راجا چيس؛ ”اها ڳالهه به جاچبي.“
راجا، ٻئي ڏينھن سھي سنبري، اڪيلو ئي اڪيلو، ٻئي راجا جي ملڪ ڏي هليو، جنھن جي استري گرڀ-ونتي هئي. واٽ تي برسات پئجي وئي، جنھن سبب راجا ڪنھن پناهه لاءِ واجهائڻ لڳو. نيٺ هڪ جهوپڙي ڏسي ان ۾ گھڙي ويو. انھيءَ جهوپڙيءَ ۾ زال ۽ مڙس، ٻه ڄڻا هئا ۽ کٽولا به ٻه هئن. راجا چين؛ ”ڀڳوان جي نالي تي، مون کي هڪ کٽولو ڏيو.“
زال چيس؛”آءٌ ڪين ڏينديس.“
مرد چيو؛ ”ڀڳوان جي نالي تان کٽولو ڇا، پر منھنجو سِرُ به قربان آهي.“ هن پوءِ پاڻ وارو کٽولو راجا کي ڏنو ۽ پاڻ وڃي پٽ تي، ٻنڀي وٽ سمھيو.
اڌ رات ڌاري، ھڪڙو بگهڙ گھر ۾ گھڙي آيو ۽ پٽ تي سمھيل مرد کي کائي ويو. صبح جو راجا کيس مئل ڏسي، ڏاڍو ارمان کاڌو، پوءِ مائيءَ کي ڪيترا هيرا جواهر ڏيئي، پاڻ ڪَھندو ڪَھندو آخر انھيءَ راجا وٽ آيو، جنھن جي راڻي گرڀ-ونتي هئي. راجا کيس پاڻُ ڄاڻايو ته مان بادشاھ آھيان. هُن راجا، موٽ ۾ چڱي مرحبا ڪيس.
ڪنھن وقت راڻين کي به خبر پيئي ته ڪنھن ڌارئي ملڪ جو راجا اسان جي محلات ۾ مھمان ٿي آيو آهي، سي لڪي لياڪا پائڻ لڳيون. انھن راڻين مان جيڪا گرڀ-ونتي هئي تنھن اڃا راجا کي ڏٺو ته امالڪ هٿ پير لڌائين ۽ پٽ ڄائس. جهٽ پٽ سڄي محلات ۾ واڌايون ورتجي ويئون.
راجا، پٽ ڄائي جي خبر ٻڌي، مھمان ٿي آيل راجا کي چيو؛ ”توهان جا پير سڀاڳا آهن. منھنجي راڻي سورهن مھينن کان ويٺي هئي ۽ اڄ توهان جي آئي هن جو ڇوٽڪارو ٿيو آهي.“
راجا چيس؛ ”جيڪو ڪڪو ڄائو آهي سو مون کي ڏيکاريو.“
راجا جهٽ نئون ڄاول راجڪمار گهرائي هنج ۾ ڏنس. ٻالڪ کي هنج ۾ جهلي، کانئس پڇيائين؛ ”’ترت دان، مھا پِڃُ‘، جو ارٿ ڇا آهي؟“
ڪلتار جي قدرت، جو اوڏيءَ مھل، انھيءَ تازي ڄاول ٻالڪ ڳالھايو. راجا کي چيائين؛ ”راجا! آءٌ اهو ساڳيو ماڻھو آهيان جنھن جي جهوپڙيءَ ۾ تو کٽولو اچي گُهريو هو. هن راجا جي راڻيءَ کي سورهن مھينن کان گرڀ ٺھريو هو، ٻالڪ ۾ مون واري آتما پوڻي هئي پر راجا جي گهر ۾ جنم به ڪنھن پڃ سان مون کي ملڻو هو. تو کٽولو اچي گهريو ته منھنجيءَ استريءَ ناڪار ڪئي. هينئر اُن نڀاڳيءَ کي به بگهڙ کاڌو آهي ۽ هن ڪتيءَ جي جوڻ وڃي پاتي آهي. مون ڀڳونت جو نالو ٻڌي، پڃ جھڙو ڪم ڪيو جو تو کي اجهو به ڏنم ۽ کٽولو به ڏنم. انھيءَ ترت دان جو وڏو ڦل مون کي اهو مليو آهي جو مون جھٽ اچي راجا جي گهر جنم ورتو آهي، تنھنڪري ڄاڻ ته جي ڪنھن جو ڪم ترت وهندي ڪجي ٿو ته ان جو ڦل وڌيڪ آهي ۽ جي ڪنھن جو ڪم ڪجي پر ريڙهائي ريڙهائي ڪجي ته اهو اهڙو ٿيو جھڙو، ٻڪري کير ڏئي پر ڦولھڙين گاڏڙ.“
مطلب: ۱. وقتائتي خيرات، ڪار آمد آھي.
۲. رب جي راھ ۾ اگر خرچ ڪجي ته دل سان ڏجي، بي دليو ۽ اڍنگائيءَ سان نه ڏجي. (۲) ص ۲۱

54. تڪڙ ڪم شيطان جو آهي. (چوڻي)
هڪڙي مائيءَ نور ڌاريو هو، جو گهر ڀاتين سان هري مري ويو هو. هڪ ڀيري مائي پنهنجي ننڍڙي ٻار کي پينگهي ۾ سمهاري، پاڻ گهاگر مٿي تي کڻي، ويئي کوھ تان پاڻي ڀرڻ. موٽي اچي ڇا ڏسي ته نور، در جي چانئٺ وٽ ويٺو آهي. سندس ٻوٿ ۽ چنبا رت سان ڀريا پيا آهن. مائيءَ کي پسڻ پيا ته نور، منهنجي ٻار کي هڻي ماري وڌو آهي، سو ٺڙٺپ گهاگهر ٽامي جي، جيڪا مٿي تي پاڻيءَ سان ڀريل هيس، کڻي نور تي اڇلايائين ۽ هڻي نور کي ماري وڌائين. اڃا اندر وڃي ڏسي ته ٻار صحيح سلامت پينگهي ۾ ستو پيو آهي ۽ ڀرسان هڪ نانگ رتو رت ٿيو مئو پيو آهي. پڪ ٿيس ته نور نانگ سان وڙهي ٻار کي بچايو آهي. ارمان ٿيس ته تڪڙ ڪري، نور جهڙي وفادار جانور کي ماري وڌم، ڪاش! سوچي سمجهي قدم کڻان ها ۽ اٻهرائي نه ڪيان ها. سچ چيو اٿن؛ ”تڪڙ ڪم شيطان جو آهي.“
مطلب: ۱. هر ڪم سوچ ويچار بعد ڪجي.
۲. اٻهرائي ڇيهو رسائيندي آهي.
۳. اٻهرائپ سان، گهڻا ڪم بگڙجندا آهن. (۱۶) ص ۱۶۴