[ ڏ ]
هڪڙو رڍ جو ٻچڙو، نهر مان پاڻي پي رهيو هيو. مٿڀرو بگهڙ به ساڳيءَ نهر مان پاڻي پئي پيتو. اوچتو رڍ جي ٻچڙي تي نظر پئجي ويس. دل ۾ خيال ٿيس ته؛ ’گھٽي کي ڳڙڪائجي.‘ اھو خيال پچائي، گھٽي ڏانهن وڌي آيو ۽ اچي چيائينس؛ ”پاڻي لُٻي لڙپاٺو ڇو ٿو ڪرين؟ ڏسين نه ٿو ته مان به ساڳيءَ نهر مان پاڻي پيو پيان!“
”سائين! معاف ڪجو!“ گَهٽي نماڻائيءَ سان عرض ڪندي چيس؛ ”پاڻي توهان ڏانهن مون ڏي پيو اچي. مان هيٺائينءَ مان بيهي، مٿانهينءَ واري لاءِ، پاڻي ڪيئن خراب ڪندو هوندس!“
”اڙي پوءِ تو ڀلا مون کي پَرُ گاريون ڇو ڏنيون هيون!“ بگهڙ ڏاڏر ڪندي چيس.
”سائين مان ته آهيان ئي ٽن مهينن جو.“ گهٽي هيٺانهين هلندي چيس؛ ”مون توهان کي پَرُ ڪيئن گاريون ڏنيون هونديون!“
”تنهنجو پيءُ ٿي سگهي ٿو.“ بکئي بگهڙ ڏند ڪرٽيندي چيس؛ ”يا تنهنجي ماءُ ٿي سگهي ٿي!“ ائين چئي مٿس ٽپو ڏنائين ۽ غريب گهٽي کي چيري ڦاڙي کائي ڇڏيائين.
مطلب: ۱. ڏاڍو ماري، روئڻ به نه ڏئي.
۲. ڏاڍي جي ڏاڍ جي دانھن، ڪنھن کي به نه ٿي ڏئي سگھجي.
۳. Might is Right.
123. ڏاند تي چڙهئي به ڪنهن ڏک ڏٺا؟ (پهاڪو)
هڪڙو لاڏائو، هڪ هنڌان لڏو پٽي، قافلي سان ٻئي هنڌ وڃي رهيو هيو. وٽس هڪڙو ڏاند هيو، جنهن تي زال کي ويهاريو ھيائين. جڏهن ته ان پيهڻ وارو جنڊ، پاڻ پنھنجي مٿي تي کنيو هيائين.
قافلي ۾ موجود هڪڙيءَ سهيليءَ، جوڻس کان، حال احوال ڪندي، پڇيو؛ ”ائي ادي! ڏي خبر! ڪهڙا حال اٿئي؟ مڙس ڪيئن ٿو هلئي؟ ڪو گُهرئي ڀانوئي ڪن ڪو نه!؟“
”ائي ادي! ڪهڙا ٿي ڏکن ۽ ڏوجرن جا داستان کولائين.“ سهيليءَ سان مڙس جا ڏک ڪڍندي چوڻ لڳي؛ ”مئو ڏسين نه ٿي! پاڻ جنڊ کنيو جشن ڪندو ٿو هلي، مون ڏکيءَ کي ڏاند تي چاڙهيو ڏجها ڏيندو ٿو هلي!“
”واھ امڙ واھ! ڏاڍو قدر ڪيو اٿئي مڙس جو! تو کي به ڪو قادر سمجهائي. ٻئي جي سمجھ جي ته آهين ئي ڪا نه!“ سهيليءَ ڏوراپو ڏيندي چيس؛ ”ڏاند چڙهئي ٿي ڏک ڏسين! پوءِ ته حيف آهي تنهنجي حال تي! شڪر ڪو نه اٿئي، باقي ٻيو سڀ ڪجھ اٿئي.“
مطلب: ١. سکن هوندي ڪو ناشڪرو ئي ڪُرڪندو.
٢. ناشڪرو ڪروڌ ڪري ته کيس ڏوراپو ائين ڏبو آهي.
٣. ڀيٽيو؛ گيھ پئي ڪا سينڌ سڙندي آهي؟ (۳) ص ۱۰۷
124. ڏاھ ڏي ان کي جو ڏاهو ٿيڻ چاهي،
ڏاھ نه ڏي باندر کي، جو گهر جهرڪيءَ جو ڊاهي. (پھاڪو)
هڪڙي جهنگ ۾ ٽي چار باندر سيءَ کان پئي ڏڪيا. کين هڪڙي ٻوڙي ۾ ٽنڊڻي ٽمڪندي نظر آئي. سمجهيائون ته ٽانڊو آهي، جيڪو ٽمڪي پيو. يڪدم وڃي ٽنڊڻيءَ کي پڪڙيائون ۽ بينجھا هٿ ڪري ٽنڊڻيءَ مٿان رکي، ويهي ڦوڪون ڏيڻ لڳا. ڦوڪون ڏيئي ڏيئي بيک نڪري وين.
اتفاق سان ان وقت ھڪڙو من موسڙو، جھرڪيءَ جيترو پکي، پنهنجي آکيري مان سندن لقاءُ ڏسي رهيو هيو. کانئس رهيو نه ٿيو. يڪدم باندرن کي نور وڃائڻ کان روڪڻ لاءِ نصيحت ڪرڻ لڳو: ”جنهن کي توهان ٽانڊو سمجهيو آهي، اهو ٽانڊاڻو آهي. ساھدار جيت آهي، ان مان ڪاٺين کي باھ ڪيئن لڳندي؟“
ان جي باوجود، باندر پنهنجي ڪرت کي لڳا رهيا. من موسڙي جي مٿن رٽ هجي ۽ هنن جي ڦوڪن جي ڌُم هجي. هوڏانهن باھ نه ٻري، هيڏانهن هن جو ڪروڌ نه وڃي. مٿان وري قهر جي سردي. انھيءَ ماحول، باندرن کي ويتر چيڙائي وڌو.
باندر يڪدم من موسڙي واري آکيري ڏانھن وڌيا. وڻ تي چڙھي جڏھن آکيري وٽ پھتا تيستائين من موسڙو اڏامي ٻئي وڻ تي وڃي ويٺو. باندر خار ۾ سندس آکيرو ڇيتيون ڇيتيون ڪري پوءِ ھيٺ لٿا.
مطلب: ۱. نصيحت ان کي ڪجي جيڪو نصيحت ٻڌي ۽ سمجهي.
۲. سيکار ان کي جو سکڻ چاهي، سيکار نه بيوقوف جو گهر ٻئي جو ڊاھي. (۸) ص ۵۸
125. ڏڏن کي ڏڏاڻيون متيون ڏجن. (پھاڪو)
هڪڙو ڇوڪرو، ڀوڳڙيءَ کان ڀڳڙا ڀڃائڻ، سندس ھَٽ تي ويو. اھو ھٽ ھڪ منھ اندر ھيو. منھ جي وچ تي متي کتل ھئي. ڇوڪر انتظار ڪرڻ لاءِ ان منيءَ سان ٽيڪ ڏئي بيٺو. ڀوڳڙي ڀڳڙا ڀڃي، جڏهن ڏيڻ لڳس، ته نينگر منھ جي مُنِي جي ٻنهي پاسن کان ٻانهون ڦيرائي، ٻڪ ۾ ڀڳڙا ورتا. ٿوڻي، ٻانهن جي وچ ۾ آئي ته ڇوڪر ٿيو سڪ. ھاڻي جي ٻڪ ٿو ڇوڙي ته ڀڳڙا ٿا ڪرن ۽ جي نه ٿو ڇوڙي ته گھر نه ٿو وڃي سگهي. تنهن کان لڳو روئڻ. روئڻ تي، ماڻهو اچي مڙيا. سڄي گوٺ جا مڙس به ٻار وانگر، سڀ ڏاهري ھيا، جي لڳا ڳڻتيون ڪرڻ؛ ”هاءِ! ڪيئن ٿيندو! ڇوڪر ڏاڍو ڦاٿو. ڪيئن ڇٽندو؟“ ائين انهن جي ڳڻيندي، لال ٻجهڪڙ، ڏاهرين جو چڱو مڙس، اتانهون اچي نڪتو. سو ڏسي ٻڌي ٿو چوي؛ ”ڳڻيو ڇا ٿا؟ ڇپر لاهي، مني پٽي ڪڍجي، ته ڇوڪر پاڻيهي ڇٽي پوندو.“
اها ڳالھ، سڀني ڏاهرين ٻڌي چيو؛ ”ٻيلي واھ! چڱي صلاح ڏنئي.“ تڏهن لڳا، تيئن ڪرڻ.
مطلب: ۱. ڇوڪرن کي ڇوڪراڻيون ڳالهيون، ڏڏن کي ڏاڏاڻيون متيون وڻنديون آهن.
۲. هر ماڻهوءَ سان سندس عقل آهر ڳالهائجي. (۲۸) ص ۴۸
126. ڏئي مٿان، پر ڪنهن جي هٿان. (چوڻي)
سج لهي ويو هو. چنڊ، جهوپڙيءَ اندر گهڙي آيو هو. هڪڙي بيوھ زال نالي نماڻي، ڏينهن جي سخت پورهئي کان پوءِ پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ ملول منهن سان، ڏاڍي چنتا ۽ فڪر ۾ ويٺي هئي. ڇهن ورهين جو پٽ، دريءَ وٽ بيٺو هوس. ماني اڳيان رکي هئن، پر ڳيٿين گرھ به ڪو نه ٿي. ماءُ جي اکين مان لڙڪ ٽھ ٽھ پئي ٽميا. ڇوڪر به ماءُ کي ڏسي پئي رنو. سبب ڪهڙو؟
ٿورا مهينا ٿيا جو نماڻيءَ جو مرد گذر ڪري ويو هو. سڄي ڳوٺ ۾ اهڙو ڪونڌر جوان ڪو نه هو. ويچاري ڏاڍي صرفي ۽ محنت سان هڪ جهوپڙي ۽ ٻنيءَ جو ٽُڪر ڳڌو هو، جنهن ۾ ميون جا وڻ پوکيا ھيائين، پر چار سؤ رپيا قرض کڻڻا پيا هوس. سيٺ، جنهن وٽ نوڪر هو، تنهن سندس ايمانداري ۽ سچائي ڏسي، اُهي پئسا اُڌارا ڏنا هئس، جي ڪي روڪ ۽ ڪي پورهيو ڪري پورا ڪري ڏنا هئائينس. باقي سٺ رپيا ڏيڻا هئس ته پاڻ به گذري ڪري ويو ته سندس سيٺ به.
پٺيان جيڪي سيٺ جا وارث ٿيا، تن کي قصي جي خير ڪا سڌ هئي، تن قبضو ڏسي اچي ويچاريءَ اشراف رن زال کي سوڙهو گهٽيو ته؛ اُٿي سڃي! رقم ڏي. مائيءَ گهڻو ئي رنو پٽيو، پر هنن ظالمن ڪورٽ مان ڊڪري ڪڍائي، ۽ سڀاڻي تي گهر، ٻني ۽ باغ سڀ نيلام ٿيڻا هئا. جهوپڙيءَ ۾ جو رودن متو پيو ھئو، سو انھيءَ ڪري ھيو. ويچارن کي جيڪو روزگار جو مسئلو هو سو به ناحق کسجي ٿي وين.
ڇوڪري ماءُ کي هن حالت ۾ ڏسي چيو، ”امان روءُ نه؛ ياد اٿيئي ته بابو ڇا چئي ويو ھيو ته وڌوائن ۽ ڇورڙن جو، مالڪ پاڻ آهي. اوکيءَ ويل کيس سوال ڪجو.“
ماڻس چيو، ”پٽ، برابر ٿو چئين.“
تڏهن ڇوڪر چيو ته؛ اچ ته گڏجي دعا گهرون. اتي ماءُ جو رئڻ به جهپٽيو، ۽ دل کي البت ڏڍ آيس. پوءِ هٿ جوڙي ويهي سوال ڪرڻ لڳي، ۽ پٽس به حرف پٺيان حرف ويو چوندو. ماءُ چيو؛ اي مالڪ! ڏس هيءَ ويچاري رن زال ۽ هي سندس ٻار؛ تو بنا اسان جو ڪير اجهو آهي؟ جيئن وڻيئي تيئن اسان کي هتان نه ڪڍج، هن ڇورڙي کان اباڻو ڇنو نه کسج، پر جي تنهنجي اهڙي مرضي هجي ته اسان کي ڪو ٻيو اجهو ڏج!“
اِتي سڏڪا ڀريندي زال کان ته ٻيو اکر به ڪو نه اُڪليو، پر ڇوڪر وٺي اوچتو وڏي سڏ چيو ته؛ ”اما، هي ته ڏس!“ ماڻس سمجهائي چيس ته اهو کڙ کٻيتو آهي. ڇوڪر کان ته ٻي ڳالھ سڀ وسري ويئي، اچي کڙ کٻيتي پٺيان پيو. گهڻو ئي ڊوڙيو، پر هٿ ڪين آيس. نيٺ کڙ کٻيتو وڃي صندوق هيٺان پيو. گهڻيئي وس ڪيائين ڪڍڻ جا، پر هٿ پنس ڪين. تڏهين اچي ماءُ کي چوڻ لڳو ته تون ڪڍي ڏينم. اصل ترسيئي نه. تنهن تي ماڻس اُٿي پيتي سيري. ڇوڪر ته جيت جهٽي ورتو، پر ماڻس ڪو ڪتاب پيتيءَ پٺيان ڪرندو ڏٺو جو کڻي ڏسي ته مار! هيءَ ته منهنجي ڀتار جي جنتري آهي. تڏهن واڪو ڪري خوشيءَ وچان چيائين. ”مالڪ مسڪينن سان اچي ترت مددگار ٿيو. ڪيڏو نه مون هن جنتري کي ڳوليو آهي!“ پوءِ کولي کڻي ڏسي ته برابر سيٺ جي هٿ اکري داخلا نڪتي ته ٻيا پئسا مليا، باقي سٺ رپيا ملڻا آهن، تنهن تي نماڻيءَ هٿ جوڙي، پٽ کي ڀاڪر پائي چيو ته؛ ”ڌڻيءَ جا شڪرانا ڪر جو هاڻي اسين گهرؤن ڪين تڙباسين.“
تڏھن پٽس چيو؛ ”ڏس اھو مون هٿ ڪيو نه! جي مان چوان ها ته جيڪر پيتي ڪا سيرين ھا!“
ماءُ هي ٻڌي ڏاڍي عجب ۾ پئي. چي، ”ڏس! جنهن مهل اسان رنو ۽ سوال پئي ڪيو تنهن مهل هو جيت اندر آيو، ۽ اصل انهيءَ هنڌ وڃي ويٺو جتي ڪاغذ هئا. ڌڻي سڀ جو پاڻ مالڪ آهي. ڏئي مٿان پر ڪنهن جي هٿان! هن هڪڙي ذرڙي جيت هٿان ڪارج ڪري ٿو سگهي.“
رات سڄي خوشيءَ وچان ننڊ ڪا نه آين. ٻئي ڏينهن زال جج کي وڃي جنتري ڏيکاري، جنهن وارث کي گهرايو. ان کي جڏهين قصي جي سڌ پيئي، تڏهين ارمان ٿيس. چي؛ ”مون رن زال سان ڏاڍو ناحق ڪيو آهي ۽ ڪوڙو پئي سڏيومانس. پوءِ ته وڌوا کان معافي گهريائين، ۽ نه رڳو اھو پر باقي سٺ رپيا به معاف ڪيائينس، ۽ اھو به چيائينس ته جي ڪنهن مهل به مدد جي گهرج ٿئي ته بنا حجاب مون وٽ اچج. پر جڏهين جج ۽ مدعيءَ کي خبر پيئي ته دعا گهرڻ سان مالڪ سندن ترت واهر ڪئي آهي، تڏهن ته انهن جو اعتقاد وڌي ويو.
مطلب: ۱. جتي دنيا وارن جا دروازا بند ٿيندا آھن، اتان رب جا دروازا کلندا آھن. (۳۱) ص ۹۰-۹۲