لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
Title Cover of book نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

[ ن ]

209. نا انصافي جِت ٿيندي، تباهي ات ايندي. (چوڻي)
طوطو ۽ مينا، ڪنهن منزل ڏانهن اڏامندا ٿي ويا. کين رستي ۾ رات پئجي وئي، ته رات گذارڻ لاءِ هڪ وڻ تي لٿا ۽ مٿس ويهي رهيا. اتفاق سان ان وڻ تي چٻرو به ويٺو هيو، جيڪو سندن گفتگو ٻڌي رهيو هيو.
”ڪيڏو نه ويران جهنگ آهي!“ مينا، طوطي کي چيو؛ ”سڃ ئي سڃ لڳي پئي آهي! الائي ڇا سبب ٿي سگهي ٿو؟!“
”لڳي ٿو ته!“ طوطي، ويرانيءَ جو سبب ٻڌائيندي چيس؛ ”ضرور هن جهنگ ۾ چٻري جو راڄ آهي، جنھن جي نحوست سبب، جهنگ ئي ويران ٿي ويو آهي!“
چٻري کي سندن ڳالهين تي چڙ آئي. صبح ڌاري آکيرن کان اڏامڻ کان پھرين، ٻنهي آڏو اچي بيٺو ۽ چيائين؛ ”اوهين مسافر آهيو. منهنجي دعوت کائڻ کان سواءِ هتان نه وڃو!“
طوطي ۽ مينا کي مجبوراً، ھڪ رات لاءِ، اڃا اتي ترسڻو پيو. دعوت کائڻ کان پوءِ، جيئن ئي اڏامڻ جو ارادو ڪيائيون ته چٻري مينا کي چنبن سان کڻي قابو ڪيو. قبضي ۾ آڻڻ بعد چيائين؛ ”هيءَ منهنجي زال آهي، مون سان گڏ رهندي.“
طوطي وڏا حيلا هلايا، پر چٻرو پنهنجي ضد تان نه لٿو. هڪڙو مسافر لنگهيو، جنھن کي ڏسي، ٻنهي ڌرين کيس فيصلو ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو. طوطي، واٽھڙوءَ کي ٻڌايو؛ ”مينا منهنجي زال آهي، منهنجو جوڙ جس آهي. چٻري مٿس قبضو ڪيو آهي. انصاف ڪري، مون کي زال موٽرائي ڏي.“
”نه! هيءَ منهنجي زال آهي!“ چٻري پنهنجي دعويٰ ۾ چيو؛ ”مان بد صورت آهيان. طوطو خوبصورت آهي. ان ڪري مٿس موهت ٿي آهي. طوطو به لالچ ۾ اچي ويو آهي ۽ ڪوڙو دعويدار ٿيو آهي. تون هاڻي فيصلو ڪر ته هيءَ زال ڪنهن جي آهي؟“
”طوطو ڪوڙو آهي.“ واٽھڙوءَ فيصلو ڪندي چيو؛ ”مينا تنهنجي زال آهي، ڇو جو تنھنجي قبضي ۾ آھي. قبضو سچو ۽ ڪليم ڪوڙو ھوندو آھي.“
واٽھڙوءَ جي وڃڻ کان پوءِ، طوطو به روئي پٽي، اڏرڻ لڳو.
”هيءَ پنهنجي مينا به ساڻ وٺي وڃ! برابر هيءَ تنهنجي زال آهي. مون صرف تو کي اهو پئي ٻڌائڻ چاهيو ته؛“ چٻري، طوطي کي زال موٽائي ڏيندي چيو؛ ”جتي ههڙي ناانصافي ٿيندي، اتي ههڙي ويراني ٿيندي. رڳو چٻري جي وجود سان ويراني نه ايندي آهي.“
مطلب: ۱. ناانصافي، ويرانيءَ جو سبب بڻبي آھي. (۵۲)

210. نادان دوست کان، داناءُ دشمن ڀلو. (چوڻي)
هڪ شاهوڪار، باندر ڌاريو هيو، جيڪو وٽس ننڍو ٿي وڏو ٿيو هيو. رات جو باندر کي ترار ڏئي، پهري لاءِ بيهاريندو هيو.
هڪ رات هڪڙي چور، چوري ڪرڻ جي ارادي سان، سندس گهر جي ڀت تان نرو ڏنو. ڏٺائين ته باندر، ترار هٿ ۾ ڪري، مالڪ جي چوڌاري پھرو ڏئي رهيو آھي. دل ۾ چيائين؛ ”باندر ٿورو پاسي تي هٽي ته، ڀت ٽپي اندر ٿيان.“
باندر چستيءَ سان پهرو ڏئي رهيو هيو، جنهن سبب چور کي گَهٽُ نه پئي مليو.
ايتري ۾ هڪڙو وڇون، ستل مالڪ جي بت تي اچي ڦرڻ لڳو. باندر جي مٿس نظر پئجي وئي. باندر، وڇونءَ کي شاهوڪار جي بت مٿان مارڻ لاءِ، تلوار اڀي ڪئي ته چور ڏسي ورتس. چور دل ۾ چيو؛ ”اگر ترار سان وڇون مرندو ته گهر-ڌڻي به ساڻس گڏ مرندو.“ تنھنڪري يڪدم ٽپو ڏئي، وڃي باندر کي وار ڪرڻ کان روڪيائين ۽ ھٿ منجھان تلوار به کسيائينس.
ٻنهي جي وچ ۾ ٿيل گوڙ گهمسان تي شاهوڪار جي ننڊ ڦٽي وئي. چور کيس سموري ماجرا ڪري ٻڌائي، جنهن تي شاھوڪار، چور جو شڪريو ادا ڪيو.
مطلب: ١. بيوقوف بازار ۾، سنگتي نه کڻجي ساڻ،
اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ لهرائي هاج همراهن جي.
٢. داناءُ دشمن، دنيا جو نقصان رسائي ٿو، نادان دوست، ٻئي جهان وڃائي ٿو.
۳. بي عقل دوست، ٻئي جهان وڃائيندو آهي.
۴. جيڪڏهن سياڻو تنهجي ساهه جو ويري هجي، ته به هو ان سڄڻ کان چڱو جو جاهل هجي. (۳) ص ۲۶ ۽ (۴) ص ۱۲۳

211. نڀاڳو پاڻي ڀرڻ لاءِ وڃي؛ يا کوھ سڪي، يا رسي ٽُٽي. (پھاڪو)
هڪڙي نڀاڳي ماڻهوءَ کي سفر دوران ڏاڍي اڃ لڳي. ڊوڙندو هڪڙي کوھ تي پهتو. جيئن ئي لوٽي منجھس لاٿائين ته خبر پيس؛ کوھ ته سڪل آهي ۽ پيٽ ۾ پاڻيءَ-ٺنڀ به ناهيس.
تڏهن اتان ڀڳو ٻئي کوھ ڏانهن. جڏهن اتي لوٽي هيٺ لاٿائين ته حيرت وٺي ويس، ڇو جو کوھ جو پاڻي تانگهو هيو. رسي، ننڍي ٿي پئي. تنهنڪري لاچار، اتان بيوس ٿي، ٽئين کوھ لاءِ واجهائڻ لڳو.
جڏهن ٽئين کوھ تي پهتو ۽ منجهس لوٽي لاٿائين. لوٽي پاڻيءَ سان ڀرجي وئي. اڃ ۽ گهڻي مٿاڪٽ سبب، کيس اٻهرائي ھئي. تڪڙ ۾ ڀريل لوٽي، سٽ ڏئي ڇڪڻ سبب، کوھ جي ڀت ۾ نڪتل ڪنھن سِر سان اٽڪي ته رسي ٽٽي پئي، جنھن تي ڀريل لوٽي، کوھ ۾ ڌوڙيو ڪَري، وڃي ڪِري.
مطلب: ١. نڀاڳو جاتي وڃي، تاتي سک ڪين ڏسي.
٢. نڀاڳو، سولي ڪم ۾ هٿ وجهي ته اولو ٿئي.
٣. جاڏي وڃي واگهو، تاڏي پاڻي تانگهو.
۴. نڀاڳو گاڏيءَ تي چڙهي ته گاڏي ليٽ، ٻيڙيءَ تي چڙهي ته ٻيڙي ڌوپڻ وڃي. (۳) ص ۶۶

212. نصيبن کان ڀڄي ڪين سگهبو. (چوڻي)
هڪڙي غريب مسڪين کي گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪي ڪين هيو. بکئي پيٽ کي پادر هڻڻ لاءِ، گھر اندر صبح شام، دال رڌي گذر سفر ڪندا هئا. هفتو کن لاڳيتو دال کائڻ سبب ڪَڪِ ٿي پيو.
”ڇو نه درياه پار، مائٽن وٽ وڃان!“ دل ۾ پور پچائي چوڻ لڳو؛ ”اتي مهمان سمجهي، ضرور ٻيو ٻوڙ رڌيندا ۽ ڪجھ هوا مٽ به ٿيندي.“
اهو سوچي، ٻئي ڏينهن زال کان موڪلائي، پتڻ تي پهتو. سڄو ڏينهن، ٻيڙيءَ جو سفر ڪري، درياه پار مائٽن وٽ وڃي نڪتو. اهي به سندس جهڙا غريب هئا. تن به رات ڌاري، دال جو ديڳڙو کڻي لاٿو. تسر دال جو ۽ جوئر جو روٽلو پچائي کڻي هنيائونس دُون ۾. همراھ دل ۾ سڙي ويو.
”مان ته ٻيڙيءَ ۾ چڙهي آيس. تون ڇا ۾ پھتينءَ!“ هيانءَ تتي کان دال کي چوڻ لڳو ۽ پوءِ پنھنجي پاڻ کي آٿت ڏيندي چوڻ لڳو؛ ”بيشڪ سچ چيو اٿن؛ نصيبن کان ڀڄي ڪين سگهبو.“
مطلب: ۱. توڙي وڃي روم، ته به نصيبان اڳرو،
ڍوڍي مٿان ٿوم، لکيائي لوح قلم ۾.

213. نفاق ۾ نقصان آھي. (چوڻي)
چار ڄڻا؛ هڪڙو صوفي، ٻيو فقيہ (مولوي)، ٽيون سپاهي ۽ چوٿون باڪري، تفريح لاءِ هڪ باغ اندر آيا. جيئن ته ميوا تر ۽ تازا ڏٺائون ۽ باغائيءَ کي ستل لڌائون. لٺ جو هٿيو کولي، باغ جي ويرانيءَ ۾ لڳي ويا. مٺا ۽ پڪل ميوا کاڌائون ٿي، جڏھن ته کٽا ۽ ڪچا، ٻارن ۽ ٻنن تي اڇلائيندا ٿي ويا.
انهيءَ وچ ۾ باغائي جاڳيو ۽ انهن چئن، بي خوف ۽ ٺوڳين کي زيان ڪندي ڏٺائين. دل ۾ چيائين؛ ”جنهن صورت ۾ چئن ڄڻن سان برابري ۽ مقابلو نٿو ڪري سگهان، تنهنڪري ضروري آهي ته حيلي ۽ تدبير سان کين سزا جي زنجير ۾ ڇڪيان.“ پوءِ سندن خدمت ۾ تڪڙو ڊوڙندو ويو ۽ چيائين: ”صاحبو! مان صوفيءَ جو مريد، مولويءَ جو شاگرد ۽ سپاهيءَ جي رعيت آهيان. انهن جيڪي ڪيو ۽ ڪن ٿا سو جڳائي، پر هن بي مروت باڪريءَ ڇو ظلم ۽ لُٽَ جو هٿ، منهنجي باغ ۾ ڊگهو ڪيو آهي؟ ڇا سندس قرض منهنجي ذمي آهي جو مون نه ڏنو آهي؟“ ائين چيائين ۽ بقال کي بنا سانگي ڊڙي رکيائين.
يارن پنهنجي نفع جي خيال ۾ سندس همراهيءَ ۽ مدد کان هٿ روڪيو، تان جو سندس هٿ ۽ پير ٻڌي ڪنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيائينس.
ان کان پوءِ سپاهيءَ ڏي منهن ڪري چيائين: ”درويش منهنجو مرشد (گرو) آهي ۽ مولوي منهنجو استاد. اي بي حيا! تو کي ڪهڙي طاقت جو موڪل کان سواءِ اندر اچي ميوا ٿو پٽين؟ ڇا ڪورٽ جي مال مان ڪو دينار منهنجي ذمي رهيل آهي؟“ ائين چيائين ۽ لٺ ڌُڪي سان ان جي خوب ڇنڇري لاٿائين. سندس ٻئي هٿ ڪلهن سان ٻڌي، باڪريءَ جي ڀر ۾ اڇلائي ڇڏيائين.
ان کان پوءِ مولوي ڏي منهن ڪري چيائين؛ ”ڪهڙي ڪتاب ۽ قانون موجب پرائو مال، پاڻ لاءِ حلال ڪيو اٿئي؟ اگرچ هن درويش وانگر محتاج ڪو نه آهين، جو منهنجي ملڪيت تي ڪو حق هجيئي.“ ائين چئي ساڻس اٽڪي پيو.
مولويءَ دانهن ڪئي؛ ”اي ڀاءُ! جيڪڏهن منڍ کان وٺي باڪريءَ ۽ سپاهيءَ جي مدد ڪريون ها ته ڳالھ ايتريءَ حد کي نه پهچي ها. هاڻي ته اڃا وقت آهي ۽ باقي وجھ هٿان نه ويو آهي، هلي آءُ! (۽) منهنجي مدد ڪر، تان تون خود مبتلا نه ٿين.“
درويش انهيءَ خيال سانگي ته؛ حقيقت ۾ باغائيءَ کي ساڻس ڪا حاجت ڪانهي، مولويءَ جي ڳالھ نه ٻڌي، تان جو فقيہ کي پڻ نوڙيءَ سان ٻڌي گرفتار ڪيائين.
انهيءَ وقت دل جي فراغت سان صوفيءَ جي سزا ۾ مشغول ٿيو. کيس خوب ڇنڊ ڪڍيائين ۽ چيائينس: ”جيستائين انهن ميون جو ملھ ادا نه ٿيندم، تيسين اوهان مان ڪنهن ھڪ جو به ڇوٽڪارو ممڪن ناهي.“
صوفيءَ ويچاري پنهنجو پٽڪو ڳھ رکي، جند ڇڏائي ۽ هو ٽئي ڄڻا پڻ واجب قيمت ادا ڪري آزاد ٿيا.
مطلب: ۱. جنهن وقت دعويٰ ڪندڙ جي گفتار سان نفاق جو دونهون، يارن جي دماغ ۾ ويڙها ڏيندو آهي، تنهن وقت ان مان هر هڪ، بلا ۾ گرفتار ٿيندو آھي، تنهنڪري هرگز دشمن جي چوڻ تي اعتبار نه ڪرڻ گهرجي ۽ اتفاق جو ڌاڳو نه وڍڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هزارين خرابين جو سبب ٿيندو.
۲. ڀيٽيو؛ ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي.

214. نفعي جي ڳالھ، بيمار کي به چاق ڪري. (پھاڪو)
هڪڙي همراه کي رستي ويندي ٿاٻو آيو ته سنئينءَ چوٽيءَ وڃي ڪِريو ۽ ڏندڻجي ويو. ماڻھو مٿس مڙي ويا. ڪنهن پير مهٽيس ته ڪنهن تريون. ڪنهن لوندڙين کي پئي مهٽيس ته ڪنهن پُٺن کي. ڪنهن چيو: ”ڊاڪٽر ڏي کڻي هلوس!“
”اڙي! فلاڻي ستي ڏيوس!“ ٻئي چيو.
”فلاڻي ستي نه. فلاڻي ڦڪي هڪ هڪاڻ اٿس!“ ڪنهن چيو.
”گوري ڪا هجي ته اها ڏيوس!“
”گوريءَ کان ڊاڪٽر سئي هڻندس ته ڄڻ مِنهن ڪيائين.“
”اڙي ڪمزوريءَ کان نه ڪريو آهي. مغز تي گيس چڙهي اٿس. ان کان ڪريو آهي.“
”گيس کان گيھ جو ڍڪ پياريوس.“
”اڙي تيل جي تري هڻوس. مغز خالي ٿي ويو اٿس.“
جيترا وات اوتريون ڳاليهون هيون. ايتري ۾ ڪريل همراھ، گيھ واري ڳالھ ڪرڻ واري همراھ ڏانهن آڱر جو اشارو ڪري چيو: ”هن جي به ته ڳالھ ٻڌو!“
مطلب: ۱. هر ڪنهن کي پنهنجي مطلب جي ڳالھ جلد سمجھ ۾ ايندي آهي. (۵۳)

215. نقصان جنهن جو ٿئي، پڇا ڳاڇا به ان کان ٿئي. (پھاڪو)
هڪڙي واپاريءَ کي ڪنھن واپار ۾، هزارين روپين جو گهاٽو پيو ته پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي چيائين؛ ”پنهنجي نقصان جي ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍجانءِ.“
”بلڪل!“ پٽهنس دلداري ڏيندي چيس؛ ”مان ڪنهن سان به واپار ۾ ٽوٽ جي ٻاٻور نه ڪڍندس، پر بابا! اها ڳالھ ڇٻٽ ڪرڻ ۾ ڪهڙو فائدو آهي؟!“
”پٽ! جيڪو نقصان پوڻو هيو سو ته پيو.“ پٽ کي نصيحت ڪندي ورندي ڏنائين؛ ”ماڻهن کي ٻڌائي، وري انهن جون ڳالهيون به ويٺا ٻڌون. هاڻي هڪڙي مصيبت آهي، پوءِ ڦري ٿينديون ٻه، تنهنڪري ٻين کي ٻڌائڻ کان ماٺ اٿئي ڀلي!“
مطلب: ١. نقصان جي ڳالھ، ٻين سان نه ڪجي.
٢. ڪتو به ان کي کائي، ڦٺ ڦٺ به ان کي ٿئي. (۸) ص ۶۱

216. نه ڪنهن کي عقل منجهايو آ،
نه ڪنهن کي سونهن سڪايو آ. (چوڻي)
هڪ دفعي هڪڙيون ڏيڏرون درياءَ مان نڪري، هڪڙي دُٻي ۾ پئي تڙڳيون. تڙڳندي تڙڳندي، پنهنجي پاڻ کي ساراهڻ لڳيون.
هڪڙيءَ ڏيڏريءَ ٻيءَ کي چيو؛ ”ڏسين ٿي؛ پاڻ ڪيئن نه هُتان کان هِت ۽ هِتان کان هُتِ، پنهنجي عقل جي زور تي اچئون وڃئون ۽ گهمئون ڦرئون پيون. ائين ڪا ٻي مخلوق ڪري سگهندي؟!“
”نه ادي ٻين ۾ اهڙو عقل ڪٿان!“ ٻيءَ ڏيڏريءَ، پهرينءَ جي موٽ ۾ چيو؛ ”ٻين ۾ عقل ته ڇا، اسان جيترو حسن به ناهي.“
”ائي ادي سچ ٿي چوين!“ پهرينءَ وٽ وراڻ ڪندي چيس؛ ”اسان جهڙو ديسن ۾ حسين ڪو نه ٿيندو.“
مطلب: ١. ڪانءَ کي پنھنجو ٻچو ئي سهڻو نظر ايندو آهي.
٢. هر ڪو پاڻ کي وڏو عاقل ۽ وڏو سهڻو پيو سمجهندو آهي. (۳) ص ۱۹۹

217. نيڪي ڪر، درياھ ۾ اُڇل. (اردو، چوڻي)
هڪڙي ملڪ ۾ هڪڙو ڌاڙيل رهندو هيو، جيڪو ڏينهن جو مزدوري ڪندو هئو ۽ رات جو مسافرن ۽ راھ ويندن کي ڦريندو هيو. سندس روز جو ھڪڙو معمول هيو؛ ٻه مانيون درياه ۾ اڇليندو هيو ۽ سمجهندو هيو ته اهو ڪم خدا واسطي پيو ڪيان.
گهڻو وقت اهو عمل ڪيائين. ھلندي ھلندي ڏاڍو بيمار ٿي پيو. انهيءَ بيماريءَ ۾ هڪ ڏينهن بيهوشيءَ جو دورو پيس. ان ۾ کيس ڏيکاري آئي. ڏٺائين ته هڪڙو ماڻهو کيس دوزخ ۾ پيو وجهڻ جي ڪري. وري ڏٺائين، اتي ٻه ملائڪ سڳورا اچي ويا، جن ان همراھ کي ٻانهن مان جهلي چيو؛ ”هيءُ دوزخي ناهي پر جنتي آهي.“
کيس ڇڏائي جڏهن جنت ڏانهن ويا پئي ته رستي تي هڪڙو بزرگ اچي ملين. جنهن چين؛ ”توهان غلطيءَ ۾ هن کي وٺي آيا آهيو. هن جي عمر ته اڃا ٻه سال دنيا ۾ رھڻ جي آهي. کيس واپس ڇڏي اچو ۽ ٻئي کي وٺي اچو، جيڪو هن جو نالي ڀائي آهي.“
ٻنهي فرشتن، کيس واپس ڇڏيندي چيو؛ ”اسان تنهنجون ٻه مانيون آهيون، جيڪي درياھ ۾ اڇليندو هئين.“
جڏهن اهو ڌاڙيل هوش ۾ آيو ته خدا تعاليٰ کان گناهن جي معافي ورتائين. آئندھ ڦرلٽ واري ڌنڌي کان پڻ توبہ تائب ٿيو.
ٻئي ڏينهن، جيئن ئي درياھ ۾ ٻه مانيون اڇلايائين تيئن پاڻيءَ مان سؤ دينار ڪناري تي اچي پيا. جيڪي کڻي اچي غريبن، مسڪينن ۽ مسافرن ۾ ورهايائين. هاڻي سندس روز جو اهو معمول ٿي پيو. سندس زندگيءَ جا باقي ٻه سال ائين ئي گذريا.
مطلب: ۱. نيڪي، خلوص نيت سان ڪجي ته دنيا ۽ آخرت جو فائدو ملي ٿو. (۸) ص ۶۰

218. نيڪيءَ جو بدلو، برائيءَ ۾ نه ڏجي. (چوڻي)
هڪڙو گهوڙي سوار، جهنگ مان پئي ويو ته دانهون ڪوڪون ٻڌڻ ۾ آيس. ان طرف وڃي ڏسي ته هڪڙي وڻ کي باهه لڳل آهي، جنهن جي ڏار تي هڪڙو نانگ ويٺو آهي، جو باهه جي ڄَرَ کان دل ڦُٽُيون دانهون پيو ڪري. گهوڙي سوار کي رحم آيو. هَني مان خرزين ڪڍي، لڪڻ جي ڇيڙي ۾ وجهي، نانگ جي ويجهو ڪيائين. نانگ هڪدم ٽپو ڏيئي، خرزين ۾ گهڙي ويو. نانگ کي، خرزين مان ٻاهر ڪڍي چيائين؛ ”جيڏانهن جو آهين، تيڏانهن هليو وڃ.“
”گهر ڪنهن جا ٿو پڇين؟ تو کي ۽ تنهنجي گهوڙي کي، اجهو ٿو پورو ڪريان!“ نانگ هڪل ڪري چيس؛ ”تو کي خبر ناهي ته مان، انسان جو دشمن آهيان ۽ تو وري دشمن سان ڀلائي ڪئي آهي!“
”جيڪڏهن اهو ثابت ڪري ڏيکاريندين ته نيڪيءَ جو بدلو، برائيءَ ۾ آهي ته،“ گهوڙي سوار چيس؛ ”پوءِ تو کي سڀ ڪجهه مباح آهي.“
اڃا انهيءَ رَدَ ڪَدَ ۾ هئا ته اتان مينهن لانگهائو ٿي. نانگ، کانئس پڇيو؛ ”چڱائيءَ جو بدلو ڇا آهي؟“
”مان جڏهن ڦر ۽ کير ڏيندي هيس، تڏهن مالڪ خوش هو،“ مينهن وراڻيس؛ ”پر جڏهن پوڙهي ٿيس، تڏهن مون واري نيڪي، کانئس وسري ويئي. هينئر ڪاسائيءَ جي حوالي ڪيو اٿس. ڇا، اهو نيڪيءَ جو بدلو، بُرائيءَ ۾ نه آهي؟“
”ھاڻي ٻڌاءِ!؟“ نانگ خوشيءَ وچان ڪَرَ کڻي، سوار کي چيو.
”ڪا ٻي ثابتي به ڏي.“ سوار اڃا وڌيڪ دليل جي تقاضا ڪندي چيس.
نانگ ڀر سان بيٺل وڻ کان پڇيو؛ ”نيڪيءَ جو بدلو ڇا ۾ آهي؟“
”برائيءَ ۾.“ وڻ دليل جي طور، مثال ڏيندي چيس؛ ”جڏهن قافلن وارا اچن، تڏهن منهنجي ڇانءَ ۾ آسائش ڪن. جڏهن وڃن، تڏهن منهنجون سنھيون ٽاريون ڪپي، اُٺن کي کارائين ۽ ٿُلهين ٽارين مان، لَٺيون ۽ داسا ٺاهين. ڇا، اهو نيڪيءَ جو بدلو، برائيءَ ۾ نه آهي؟“
”هينئر سر تان اَهو کڻين ٿو يا ٻي ڪا ثابتي گهرجيئي؟“ نانگ سوار کي دَڙٻاٽيندي چيو.
”مذهبي قانون مطابق؛ ٻن جي شاهدي جائز نه آهي،“ سوار، اڃا پنھنجي بچاءَ جي واٽ ڳولڻ جي ارادي سان کانئس وڌيڪ دليل گھرندي چيو؛ ”بلڪ ٽيون شاهد لازمي آهي.“
لومڙ، اتي بيٺو ھيو، جنهن سمورو لقاءُ پئي ڏٺو. نانگ کانئس پڇيو؛ ”تون ڪر خبر! نيڪيءَ جو بدلو ڇا ۾ ڏبو؟“
”ائين برابر آهي ته نيڪيءَ جو بدلو بُرائيءَ ۾ آهي،“ لومڙ، ڳالھ جي تھ تائين پھچڻ لاءِ وضاحت طلب ڪندي چيس؛ ”پر ڪم از ڪم، مون کي حقيقت کان، آگاهه ته ڪريو.“
سوار، لومڙ کي سارو قصو ڪري ٻڌايو.
”سوار، جيڪو ڪجهه چيو آھي،“ لومڙ، نانگ کان تصديق ڪرڻ خاطر سوال پڇيو؛ ”اھو ٺيڪ آهي؟“
”ها ها، سورنهن آنا سچ آهي،“ نانگ ثبوت ڏيندي چيس؛ ”هيءَ اها خرزين آهي، جنهن مان مون کي ٻاهر ڪڍيو هئائين.“
”اها ڳالهه، مون کي ته وِسهَڻَ ۾ ئي نٿي اچي ته،“ لومڙ، مٿس ويساھ نه ڪرڻ جي انداز ۾ جرح ڪندي چيو؛ ”تو جهڙو، هيڏو سارو، پربت جيڏو، ههڙيءَ ننڍڙيءَ خرزين ۾، ماپي ويندو!؟“
”جيڪڏهن ماپي وڃان ته پوءِ؟“ نانگ ضد پوندي چيس.
”پوءِ،“ لومڙ، ڳالھ کٽائيندي، جھڳڙي جو انت ٻڌايس؛ ”فيصلو تنهنجي حق ۾.“
”ھاڻي ٿو ڪري ڏيکاريانءِ!“ نانگ ويڙهجي سيڙهجي، خرزين ۾ گهڙندي چيس؛ ”اکيون ڦاڙي ڏسجانءِ، ان کان پوءِ بحث نه ڪجانءِ!“
جڏھن نانگ پوريءَ طرح خرزين ۾ اندر گھڙي ويو ته لومڙ، سوار کي رڙ ڪري چيو؛ ”وارو ڪر! خرزين جو منهن بند ڪر! جڏهن به دشمن وَڪڙَ ۾ اچي، تڏهن وجهه نه وڃائجي.“
سوار، ڳالهه جو سُرُ سَهِي ڪري ويو ۽ هڪدم خرزين جو مُنهن بند ڪري، مٿي کڻي، زور سان زمين تي سٽيائينس. اهڙيءَ طرح، ٻه چار دفعا هنيائينس ته نانگ مري ويو.
مطلب: ۱. دشمن کان هميشه ڪَو ڪجي، ڇاڪاڻ ته بڇڙي مان ڀلائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي.
۲. بُل ملي، بُل ڇڏي، سو بُل جو پٽ.
۳. جيڪڏهن دشمن وجهه ۾ اچي ته وارو نه وڃائجي. (۵) ص ۱۲۷

219. نيم طبيب، خطرھ جان. (پهاڪو)
هڪڙي ڄٽ کي طبابت سکڻ ۽ منجهانئس مال ميڙڻ جو جوش جاڳيو. کيس نه ڪجھ آيو پئي ۽ نه ئي وري سکڻ جو منجهس لُلُ هيو. تڏهن ڪنهن ڏاهي حڪيم وٽ اچي پيٽ تي نوڪر ٿي بيٺو. هڪ ڏينهن هڪڙو جت بيمار اٺ ڪاهي آيو، جيڪو ڪمزور به هيو ۽ رڙيو به پئي. حڪيم اٺ کي جاچي تپاسي سهي ڪيو ته اٺ جي نڙيءَ ۾ ڪا شيءِ ڦاٿل آهي، جنهن سببان کيس نڙيءَ ۾ سور ۽ بخار آهي. نه کائي ٿو نه جِوريس ٿو، رڳو رڙي ٿو.
”ڏي خبر؟!“ ڏاهي طبيب، اٺ کي جاچڻ بعد، جت کان پڇيو؛ ”اٺ متان گدرن ۽ متيرن جون وليون ته ڪين چنيون آهن؟“
”بيشڪ!“ جت، حڪيم کي ٻڌايو؛ ”اٺ گدرن جون وليون چنيون آهن ۽ ان کان پوءِ ئي بيمار ٿي ويو آهي.“
تڏهن حڪيم اندازو لڳايو ته؛ ڪا اڻ پڪل گدري، سڄي جو سڄي، بنا ڏاٺ ڏيڻ جي اٺ ڳڙڪائي ويو آهي. جيڪا نڙِگهٽ ۾ وڃي اٽڪي اٿس. نه هيٺ ٿئي ٿي ۽ نه مٿي ٿي اچيس. مغز ويڙهائي، اٺ جي ڳچيءَ تي، اندازو ڪري، ٻنهي هٿن سان مڪون ٺاهي هنيائين ته نڙيءَ ۾ ڦاٿل پتو ڦسي پيو. مٿان وري پاڻيءَ جهڙي ڏوڌي ڏوڪرايائينس ته اٺ هلڻ چلڻ جهڙو ٿي پيو.
ڄٽ اهو لقاءُ ڏٺو ته دل ۾ چيائين؛ اها حڪمت/طبابت آهي ته پوءِ تمام سولي آهي. اهو خيال دل ۾ ٽلي اتان نڪتو ۽ هڪ ڳوٺ ۾ اچي، طبابت جو هوڪو ڏنائين. اتي هڪ ڪراڙي عورت بيمار هئي. کيس بيماري ته الائي ڪهڙي ھئي، پر ھن سندس وارثن کان ولين چنڻ وارا سوال پڇيا. انهن نھڪر ڪيس ته کين چيائين؛ ”جيستائين اوهان اهو نه باسيندؤ ته هن گدرن جي ول نه چني آهي ته مان علاج نه ڪندس.“
بيزار وارثن، کيس خوش ڪرڻ لاءِ کڻي ها ڪئي، جنهن تي هن به نه ڪئي هَمَ نه تَمَ، ٺوڪي ڪراڙيءَ جي نڙيءَ تي مڪون هڻي کيس ماري وڌائين. پاڻي پهچڻ جيتري مهلت به نه ڏنائينس.
مطلب: ۱. نيم ملا، خطره ايمان.
۲. علم گر بر تن زني، ماري بود،
علم گر بر دل زني، ياري بود. (فارسي)
۳. علم اگر تن تي ھوندئي ته تو لاءِ واسينگ آھي، علم اگر دل تي ھوندئي ته تو لاءِ سنگتي آھي.
۴. ڀيٽيو؛ اڌ-سکي وديا؛ يا ماري، يا کاري. (۶) ص ۹