لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

هيءُ ڪتاب منفرد ۽ ٽه-رُخو ڪتاب آهي، جيڪو پهاڪن ۽ چوڻين تي پيار ۽ پنهنجائپ سان نُور نچوئيندڙ ۽ ناز ۽ نينهن سان لُنءَ لڳائيندڙ انجنيئر عبدالوهاب سَھتي ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون به آهن، ننڍڙيون ۽ وڏڙيون آکاڻيون به آهن، ته سٺي ۽ سمجهه ڀري حياتي گذارڻ لاءِ نصيحتون به آهن، ان ڪري ئي هن ڪتاب جو نانءُ ”نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون“ رکيو ويو آهي.
Title Cover of book نصيحت آموز آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون

[ ٺ ]

55. ٺڳ ٺڳي جڳ کي، سياڻو ٺڳي ٺڳ کي. (چوڻي)
هڪڙي راجا وٽ ٽي درٻاري هيا. منجهانئن هڪڙي جو حافظو اهڙو هيو جو ڪا به نئين ڳالھ، هڪ دفعو ٻڌندو هيو ته ياد ٿي ويندي هيس. ٻئي کي ٻه دفعا ۽ ٽئين کي ٽي دفعا ٻڌڻ سان، هر ڳالھ ياد ٿي ويندي هئي.
هڪڙي دفعي راجا پڙهو ڏيارو؛ جيڪڏهن ڪو ڪوي/شاعر، پنهنجو نئون ڪلام ٺاهي ٻڌائيندو ته کيس لک مُهرون انعام ملنديون.
ڪيترن ئي ڪوين، نوان نوان بيت/ڪلام ٺاهي اچي راجا آڏو پڙهيا. راجا جا ٽئي درٻاري، واري وٽيءَ سان، نئين ڪلام سان آيل ڪويءَ کي ناڪ آؤٽ ڪري ڇڏيندا هيا. شاعر جو ڪلام ٻڌڻ شرط، ڀلي حافظي وارو درٻاري ياد ڪري ورجائيندو هيو ۽ چوندو هيو؛ ”سائين اهو ڪلام ته منهنجو ٻڌل آهي.“ ان جي تائيد ٻيو ۽ وري ٻئين جو ٽيون درٻاري، ساڳين لفظن سان ڪندو هيو.
الائي ڪيترا ڪوي، هار کائي موٽي ويا. آخر ڪوي ڪاليداس کي ڄاڻايل ٽنهي درٻارين جي سڻس پئجي وئي. تنهن وري درٻار ۾ حاضر ٿي، اهڙو شعر پڙهيو، جنهن جو مطلب هيو ته؛ ”مهراج! اوهان جو پتا جڏهن ديھ تياڳڻ تي هيو، تڏهن چئي ويو هيو ته ڪوي ڪاليداس تمام پڙهيل ۽ ودياوان آهي، تنهنڪري کيس لک مُهرن جو ڏجو!“
اها ڳالھ درٻارين مان ڪنهن هڪ کي به نه وڻي. ھاڻي ھو پنھنجي زبان سان ڪيئن چون ته؛ انعام ڪاليداس کي ڏيو، تنهنڪري راجا کي لاچار رقم ڏيڻي پيئي.
۲
هڪڙي ڪنجوس ۽ ڀولي جي پاڻ ۾ گهاٽي ياراڻي هئي.
ڪنجوس، ڪجھ پئسا گڏ ڪرڻ بعد، پنهنجي ڀولي کي چيو؛ ”ٽي هزار گڏ ڪيا اٿم. چوري ٿيڻ جو ڀؤ ٿو رهيم. ڏس ڏيم ته ڪيئن محفوظ هنڌ تي لڪايان جو پئسا به سلامت هجن ۽ مون کي به قرار هجي.“
”جيڪڏهن سچو قرار چاهين ٿو،“ ڀولي، ڪنجوس کي دام ۾ آڻڻ واري ارادي سان صلاح ڏيندي چيو؛ ”ته اها رقم آڌيءَ رات جو ديڳ ۾ پوري ڇڏ، جتي ڪنهن کي ڪَلَ به نه پوي.“
ڪنجوس ڏاڍو ڊڄڻو ۽ گيدي هيو، تنهنڪري ڀولي کي ايلاز ڪندي چيائين؛ ”يار مون کي ڀؤ ٿو ٿئي. مون سان گڏجي هلين ته چڱو“.
ريڙھ پيڙھ پڄاڻان، اڌ رات جو، جهنگ ۾ پئسا پوري آيا.
اٺن ڏينهن پڄاڻا، ڪنجوس کي اڻ تڻ ٿي. هڪڙيءَ صبح جو وڃي ساڳيو هنڌ کوٽيائين. پئسا ته هيا ئي ڪين. ڏاڍو حيران ٿيو. آخر سمجهي ويو. دل ۾ چيائين، هڪ مون کي خبر هئي، ٻي مون واري سنگتيءَ کي. پڪ ان ئي پئسا ڪڍيا آهن.
وڏي سوچ ويچار ۽ ڌيرج کان پوءِ، سنگتيءَ سان مليو. مٺڙيءَ ٻوليءَ سان ڳالهائيندي کيس چيائين؛ ”يار اڳي تو سهڻي صلاح ڏني هئي. هاڻي به صلاح ڏينم. ڏھ هزار کن ٻيا به گڏ ٿي ويا آهن. تنهن کي به محفوظ ڪرڻو آهي، ڇو نه ڪنهن رات جو هلي، ساڳئي هنڌ، اهي به پوري اچئون.“
”ها ڇو نه.“ ڀولي مٿس اعتبار ڪندي ۽ رات جو وڃڻ لاءِ هام ڀريندي چيس. ڪنجوس دوست جي وڃڻ پڄاڻا، ڀولي دل ۾ چيو؛ اڳيان پئسا ته ساڳئي هنڌ ڪو نه هوندا. هاڻي هلنداسين ۽ پئسا نه ڏسي، نوان پئسا نه پوريندو. اهو سوچي رات جو ئي وڃي، اڳيان ڪڍيل ٽي هزار، ساڳئي هنڌ پوري آيو.
ٻئي ڏينهن ڪنجوس، جهنگ ۾ اڪيلو ويو، کوٽي ڏٺائين ته سندس پئسا ساڳئي هنڌ پوريا پيا هيا. پئسا هٿ ڪري، گهر موٽي آيو ۽ وري ڀولي کان، پئسا محفوظ ڪرڻ جي صلاح نه ورتائين.
۳
چوَن ٿا ته ڪنهن شاهوڪار جي، پيريءَ ۾ پُٺ پڌري ٿي، تنهنڪري شهر توڙي آس پاس جا ماڻهو، کيس مبارڪون ڏيڻ ويا ۽ ڪيترا ته مصرين جا ٿالھ ۽ ٻيا تحفا پڻ کڻي ويا. هڪڙو مهاڻو، جو سندس در جو دائما دعاگو هو، سو به ٻه پلا کڻي، وٽس ويو. شاهوڪار جي دل ۾، هن غريب مهاڻي جي غريباڻي تحفي ايڏو ته اثر پيدا ڪيو، جو کيس ڏھ ڪَلدار رپيا انعام طور ڏنائين. ھڪڙي لوڀيءَ اھا ڳالھ ٻڌي، ته خيال ڪيائين؛ ’شاهوڪار کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ، هڪڙو سادو سُودو تحفو کڻي وڃان ته جيئن ان جي عيوض ڪجھ وڌيڪ ڪمائي اچان.‘ اهو خيال ڪري، هڪڙو متارو دُنبو، اڍائي رپين ۾ خريد ڪري، شاهوڪار وٽ تحفي طور کڻي ويو. شاهوڪار ته هن کي ڌُريئون ئي سڃاڻندو هو، سو عجب ۾ پئجي ويو ته ڪيئن اڄ هن دُنبو آندو آهي!
پچيائينس؛ ”ڏي خبر! اھو دُنبو گھڻي ۾ خريد ڪيو اٿئي؟“
”سائين، اڍائي رپين ۾ ورتو اٿم“.
شاهوڪار، سڄي قصي کي تاڙي ويو. چيائينس؛ ”تو به تحفو آندو آهي، پر مان تو کي، ان کان به سٺي چيز ٿو ڏيان.“
لوڀي پھرين ته ڏاڍو خوش ٿيو، پر جڏهن شاهوڪار کيس موٽ ۾ مھاڻي جو آندل هڪ پلو ڏيندي چيو؛ ”تو گھيٽو، اڍائي رپين ۾ آندو آهي ته مون وري هي پَلو، پنجن روپين ۾ ورتو هو، جو تو کي ڏيان ٿو.“
لوڀيءَ جي منھن جو پنو ئي لھي ويو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو؛ ”مون به گھڻن کي ٺڳيو، پر هن ته مون کي به ٺڳي ورتو“.
مطلب: ۱. نقليءَ کي گڏجي جڏھن اصيل، تڏهن وڃيس وڄا ئي وسري.
۲. جيڪو گھڻو لوڀ ڪندو، سو ضرور نقصان پائيندو.

56. ٺلهن ٺڪرن تي ڏويون ڪير جهليندو؟ (پھاڪو)
ماسي ڀنڀي، ڳوٺ ۾ غريب ۽ بيوهه مائي هئي. سئي ڌاڳو ڪري، پيٽ گذر ڪندي هئي. ڳوٺ جو هڪ همراهه، جيڪو ڪڪڙ-چور هو، سو گهر جي جاري مان سندس گهر ۾ لهي آيو. ماسي ڀنڀي جاڳي پئي. پر دت هڻي سُتي پئي هئي.
چور اچي بُجڪين ۾ هٿ وڌا. ڪنهن ۾ سُئي، ڪنهن ۾ پشم، ڪنهن ۾ رِيل، ته ڪنهن ۾ سڳا هئا. ٻيو مڙي ئي خير.
مايوس ٿي وري واپس جاري تي چڙهي، وڃڻ لڳو. ان وقت ماسي ڀنڀي، ڀر سان پيل ڏوئي کڻي، اچي پٺيءَ ۾ ٺڪاءُ ڪڍايس ۽ چيائينس؛ ”ادا چور! وري به اچجانءِ! ماسي ڀنڀيءَ تان ڀيرو نه ڀڃجانءِ.“
”ماسي ڀنڀي! خدا ڪري سدا خوش هجين.“ چور وراڻيس؛ ”باقي رھيو ڀيرو ڀڃڻ سو ٺلهن ٺڪرن تي ڏويون ڪير جھليندو؟“
مطلب: ۱. ٺلھن ٺڪرن تي، ڌڪا ڪير نه جھليندو آھي.