[ س ]
هڪ نانگ، ڏيهاڙي ماڪوڙين جي ٻرن وٽ اچي، ماڪوڙيون ماري کائيندو هيو. هڪ ڀيري در مان لنگھندي رهڙجي پيو، کل ڇلجي پيس ۽ رت وهڻ لڳس. ماڪوڙين کي به سُڌُ پئجي وئي. کين ھيا ساڙ، سو چڙهي ويس ۽ چڪي چڪي ساھ ڪڍي ڇڏيائونس.
مطلب: ١. ڪمزور کي، ڪمزور سمجهي تڪليف نه ڏجي.
٢. جيڪو اڄ ڪمزور آهي، سو سڀاڻي طاقتور ٿي سگهي ٿو.
٣. ڪنهن سان به ظلم ڪرڻ چڱو ناهي.
٤. جُتيءَ کي به وارو ملي ٿو. (۱۶) ص ۲۳
133. سڀ کان ڀلي شيءِ به زبان آهي،
سڀ کان بري شيءِ به زبان آهي. (چوڻي)
هڪڙو امير هوندو هو، جو سدائين پيو بڙ بڙ ڪندو هو، ان ڪري شهر جا ماڻهو سڏيندا هئس، ”وات-راڌو“. وٽس هڪڙو بورچي هوندو هو، جو ڏاڍو ڏاهو هوندو هو، تنهن دل ۾ پڪو پھ ڪيو ته؛ ڪنهن اٽڪل سان امير کي هن اجائي بڙ بڙ کان روڪيان.
هڪڙي ڏينهن امير چيس؛ ”ٻيلي! اڄ ڪا اهڙي شيءِ پچائي کاراءِ، جا سڀ کان ڀلي هجي.“
بورچي بازار مان ڪاسائيءَ کان زبانون وٺي آيو ۽ مرچ مصالحا وجهي، امير کي رڌي کارايائين. زبان جي کائڻ ۾ امير کي سواد نه آيو، تنهن تي خار مان پڇيائينس؛ ”هيءَ سڀ کان سٺيءَ ۾ سٺي شيءِ آهي؟“
”سائين هائو!“ بورچيءَ دماغ سان سمجھائيندي چيس؛ ”جيڪو ماڻهو اجائي زبان نه هڻندو ۽ ڳالھ ڳڻي ڳوتي ڪندو ته هر جاءِ هر وقت عزت پائيندو، تنهن ڪري چئبو ته سڀ کان ڀلي شيءِ زبان آهي“.
امير اها ڳالھ ٻڌي خوش ٿيو. کيس انعام ڏئي چيائين؛ ”سڀاڻي اها شيءِ رڌي کاراءِ، جيڪا سڀ کان بري يا خراب هجي.“
ٻيو ڏينهن ٿيو ته بورچيءَ، زبان جو ٻوڙ رڌي آڻي امير آڏو رکيو، جنهن کائيندي شرط چيس؛ ”هيءَ ته ڀلي شيءِ هئي پر مون تو کي بري شيءِ رڌڻ لاءِ چيو هيو.“
”ها سائين برابر آهي.“ بورچيءَ ٿڌائيءَ سان سمجھائيندي چيس؛ ”سڀ کان بري شيءِ به زبان آهي، ڇو جو جيڪو ماڻهو سوچي سمجهي نه ڳالهائيندو ۽ اجائي زبان پئي هلندس ته اهو به جتي ڪٿي مانُ وڃائيندو رهندو.“
مطلب: ۱. اھا ئي زبان اس ۾ ويھاري، اھا ئي زبان ڇانءَ ۾ ويھاري.
۲. اھا ئي شيءِ عزت جو سبب، اھا ئي شيءِ ذلت جو سبب.
۳. چڱي ۾ چڱو عضوو به زبان، بڇڙي ۾ بڇڙو عضوو به زبان. (چوڻي)
۴. ڀيٽيو؛ اھا ئي ڪار شانَ جو سبب، اھا ئي ڪار موت جو سبب.
۵. نانگ کي زھر زبان ۾، وڇونءَ کي پڇ ۾ ۽ ماڻھوءَ کي لفظن/زبان ۾. (۳۵) ص ۳۸
134. ست ڪئا کائي ٻلي، حج تي هلي. (پهاڪو)
هڪڙي ٻِلي، روزانو ڪُئا کائيندي هئي. جڏهن هن ڏٺو ته ڪُئا کانئس تنگ آيا آهن، تڏهن کين گهرائي، دلداري ڏيئي، چيائين ته؛ ”مان حج جو ارادو رکان ٿي. پڇاڙيءَ ۾ چاهيان ٿي ته اوهان کان ڪنهن سهڻي نموني موڪلايان، تنهن ڪري مرضي اٿم ته سڀيئي گڏجي، منهنجي اُسهڻ تي خوشي ڪريو.“
ڪُئن کي به اها ئي ڳالهه کپندي هئي، سو وٺي نچڻ شروع ڪيائون. ايترو ته نچيا ڪڏيا، جو ڌرتيءَ تان ڌوڙ اڏامڻ لڳي. ٻلي، اڏيل ڌوڙ جو فائدو وٺندي، هڪ ڪُئي کي هَپو ڪري ويئي. جڏهن ڪئن ناچ بند ڪيو، تڏهن ٻليءَ چين ته؛ ”ٻيو ڀيرو به نچو.“
ويچارن، هن دفعي به اهڙو ئي ناچ ڪيو ۽ ٻليءَ وجهه وٺي، وري به هڪ ڪُئو کاڌو. اهڙيءَ طرح ست دفعا ناچ ڪرائي، ست ڪُئا ڳڙڪائي ويئي.
ڪُئا ويچارا ڪهڙي وَهه وڃن! ڏسن به پيا ته ڀيري ڀيري سان، هڪ ڪُئو کُٽي ٿو، پر ڪير ڪُڇي! ٻليءَ چين؛ ”هي آخري ڀيرو ناچ ڪريو، پوءِ مان هلي وينديس حج تي.“ زور اڳيان زاري! وري ويچارن نچڻ شروع ڪيو.
ٻليءَ چيو؛ ”زور سان ناچ ڪريو!“
تنهن تي هڪ ڏاهي ڪُئي سڀني کي پنهنجي ٻوليءَ ۾، نفرت وچان چيو؛ ”پري پري ٿي نچو، متان حاجاڻيءَ جي چنبي ھيٺ اچو!“
ڪُئا، هڪدم ٽڙي پکڙي، نچڻ لڳا. هن ڀيري، ڪئن جي خبرداريءَ کان، ٻليءَ کي وجهه ڪو نه مليو. لاچار ٿي، ڪئن کان موڪلايائين.
مطلب: ۱. جڏهن ڪو بُرو فعل ڪندو رهندو آهي ۽ وري ائين به چوندو رهندو آهي ته مان انهيءَ بريءَ عادت کان باز آيو آهيان، تنهن کي انھن لفظن سان مھميز ڏبي آهي.
۲. ڪراڙي ٿيڻ کان پوءِ، بگھڙ به پاڻ کي بزرگ سڏرائيندو آھي.
۳. ڀيٽيو؛ سؤ ڪُئا کائي ٻلي، حج تي ھلي. (۵) ص ۲۵
135. ستن ڪونهان، جاڳندن وڇون. (پھاڪو)
هڪڙا ميهار، ڪچي ۾ مينهون چارڻ ويا. سڀني جون مينهون ويم تي هيون. ان ڪري رات جو جاڳڻ ضروري هين ته جيئن ڦر ۽ ڄر جي سنڀال ڪري سگھن.
هڪڙا پهري تي هيا ته ٻين ننڊ پئي ڪئي. هڪڙيءَ رات ڪي مينهون ويامي پيون. جاڳندڙن/پهري وارن جي مينهن پاڏا ڏنا ۽ سُتلن جي مينھن وڇون ڏنيون. پهريدارن، سجاڳيءَ جو فائدو وٺندي، ڦر مٽي ڇڏيا.
ستل صبح جو اٿيا ته خبر پين ته سندن مينهن پاڏا ڄڻيا آهن ۽ جاڳندن جي مينھن وري وڇون ڏنيون آھن. جنهن تان پاڻ ۾ مشهور ڪيائون؛ ”سُتن ڪونھان، جاڳندن وڇون.“
مطلب: ۱. جاڳندن جون وڇون، ستلن جا ڪونهان
۲. اک پٽبي ته انب به ڏسبو.(۲) ص ۳۰ ۽ (۵) ص ۹۵
136. سَپَ مٿي گاه، سپ ٻيٽو نه وسري،
چت وڻسي، ڏڌ ڪاءُ ساءُ. (جتڪي، پهاڪو)
سپ؛ نانگ. گاه؛ ڀاڙِ/ کير پيارڻ جو ٿورو. ٻيٽو؛ ٻچو، پٽ. چِت؛ دل. وڻسي؛ کٽي ٿي پوڻ/ ٽٽي پوڻ. ڪاءُ؛ ڪهڙو. ساءُ؛ سوال.
هڪ ماڻهو نانگ کي کير پياريندو هئو. هڪ ڀيري، بي خياليءَ ۾ نانگ جي ٻچي کي ماري وڌائين. تنهن تي ناراض ٿي نانگ چيس؛ ”مون کي کير نه پيارج ڇاڪاڻ جو مون کان پنهنجو ٻچو ڪو نه وسرندو. هاڻي منهنجي دل کٽي ٿي پئي آهي، تنهنڪري کير جو سواد نه ايندو.“
مطلب: ۱. جوڳيءَ کان پٽ نه وسريو ھيو، نانگ کان پڇ نه وسريو ھيو. (۳۶)
137. سپ نه ماري پر سپ جو سراپ ماري. (پهاڪو)
هڪ لڱا ڪنهن نانگ ۽ ڏيڏر جي پاڻ ۾ چوپچو ٿي. نانگ چيو؛ ”ماڻهو منهنجي ڏنگ کان مرن ٿا.“
وري ڏيڏر ٿي چيو؛ ”ماڻهو تنهنجي ڏنگ کان نه، پر تنهنجي ڀؤ کان ٿا مرن. هڪ ته ماڻهو تنهنجو نالو ٻڌيو هيسجيو وڃن. ويتر جو کين اوچتو چڪ پائي ۽ پنهنجي ڊپ جهڙي شڪل ٿو ڏيکارين ته سندن رهيل کهيل ساھ به هيڪاري سڪيو وڃي. انهيءَ ڊپ کان ته نانگ ڏنگيو آهي، پوءِ ته انهيءَ جو اهڙو ڊپ ٿو وٺي وڃين جو سندن پساھ ئي پورا ٿي وڃن ٿا.“
نانگ چيو؛ ”نه! نه! ماڻهو منهنجي ڏنگڻ وگهي ٿا مرن ۽ نه منهنجي ڊپ کان.“
نانگ هڪ تي ته ڏيڏر ٻيءَ تي. نانگ، ڏيڏر جي ڳالھ مڃڻ کان پڙ ڪڍي بيٺو. ڏيڏر جڏهن ڏٺو ته ائين منهنجي ڳالھ وسهڻ لاءِ نانگ تيار نه ٿيندو. تڏهن چيائينس؛ ”جيڪڏهن منهنجي ڳالھ تي اعتبار نه ٿو ڪرين ته پوءِ جئن چوانءِ تئن ڪر ته پاڻ پتو پئجي ويندو ته گهڻي ويهين سؤ آهي.“
پوءِ ڏيڏر نانگ کي سمجهايو ته جڏهن ڪو واٽهڙو هن گس تان لنگهي، تڏهن تون کيس ائين ڏنگج جئن کيس ڪا ڪل ئي نه پوي ۽ اهو اڃا سرت ۾ اچي ئي اچي، تنهن کان اڳ تون پاڻ کي ڀر واري وڻن جي جهڳٽي ۾ لڪائي ڇڏج ۽ ڏنگيل هيڏانهن هوڏانهن مس ڏسندو تنهن مهل آ پاڻ کي تلاءَ مان پڌرو ڪندس ۽ تون چتائي ڏسج ته اهو ماڻهو مري ٿو يا جيئرو جاڳندو ٿي پنڌ پوي ٿو.“
نانگ ڏيڏر جي ڳالھ رکي ۽ چيائين ته؛ ”آ ائين ئي ڪندس جئن چيئي.“
ڪنهن مهل کين پريان ڪا پهر ايندي ڏسڻ ۾ آئي. جنهن مهل اها پهر، نانگ جي پوري ڌڪ تي رسي، تنهن مهل وجھ وٺي نانگ اهڙي ڦڙتائيءَ سان ڏنگيس، جنهن جي هن کي ڪل ئي نه پيئي. انهيءَ ماڻهوءَ، گهڻو ئي هيڏانهن هوڏانهن گهوريو پر نانگ هن جي ڏسڻ کان مهند ئي وڻن جي جھڳٽي ۾ لڪي ويو. انهيءَ ماڻهوءَ کي چڪ پيل هنڌ تي سور ڄاڻائڻ لڳو، سو ويهي هٿ سان انهيءَ هنڌ کي آڏو ابتو زور ڏيڻ لڳو، تنهن کان پوءِ ٻيهر پڪ ڪرڻ ڪاڻ اوسي پاسي پرک ڪرڻ لڳو. تنهن وچ ۾ ڏيڏر پاڻيءَ مان سسي ڪڍي ”ٽان! ٽان“ ڪرڻ لڳو. جڏهن هن ڏيڏر کي ڏٺو، تڏهن پنهنجي سمجھ تي کلڻ لڳو ۽ پنهنجو پاڻ چوڻ لڳو؛ ”واه ڙي! وير! تو کي ته ڏيڏر ئي ڏڪائي ڇڏيو.“ پوءِ ته پيٽ ۾ ساھ پيس ۽ ڊپ ڊاءُ سڀ لھي ويس ۽ ڪپڙا ڇنڊي اٿي پنهنجي واٽ ورتائين ۽ اھو سمورو کيل نانگ لڪي پئي ڏٺو ۽ ماڻهو کي کڙو ٿي ويندو ڏسي، سندس تاڪ ئي لڳي ويا.
واٽهڙوءَ جي وڃڻ کان پوءِ، ڏيڏر نانگ کي چيو؛ ”ڏٺئي پنهنجي ڏنگ جو اثر! جنهن تي هيتري هوڏ ڪيئي. هاڻي وري ٻيو رنگ به ڏسي وٺ.“
نانگ پڇيو؛ ”اهو وري ڪهڙو؟“
ڏيڏر چيو؛ ”هاڻي منهنجي چڪ جو وارو آهي ۽ آ جڏهن چڪ وجھي پاڻ کي لڪائي ڇڏيان، تڏهن تون پنهنجو پاڻ پڌرو ڪج.“
ٻئي ڀيري هڪ ڄڻي کي کٽي ٿي کڻي سو به اچي انهن جي واٽ تان ٿو پوي. ويچارو واٽهڙو، نانگ ۽ ڏيڏر جي گهڙيل گهاٽ کان اڻ ڄاڻ، پنهنجي پور ۾ پئي آيو. اتان لنگهيو، تئن اوچتو ڏيڏر اهڙي اٽڪل سان چڪ ھنيس، جنهن جي کيس خبر ئي نه پيئي.
ماڻهو سڄو ڏڪي ويو ۽ دل زور سان ڌڪ ڌڪ ڪري ھلڻ لڳس ۽ ايترو ته ڊپ وٺي ويس جو هوش ئي اڏامي ويس. انهيءَ ڊپ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين. ڏيڏر لڪي ويو هو ۽ جيئن ئي هن وڻن جي جھڳٽي ڏانهن ڏٺو تئن نانگ ڦوڪارڻ لڳو ۽ ڦڻ کي جهولائڻ لڳو. هڪ ته اڳ ئي اڌ ساهه ڇڏي ويو هئس، ويتر جو نانگ تي نظر پيس تڏهن هيڪاري پڪ ٿيس ته اهو نانگ ئي هو، جنهن کيس ڪکيو آ، پوءِ ته اکين جا تارا ڦرڻ لڳس.
مطلب: ۱. سپ نه ماري، ڊپ ماري. (۵) ص ۹۴ ۽ (۳۷) ص ۳۶
138. سچائي، سٺو گڻ/ وڙ آهي. (چوڻي)
هڪڙو غريب ڪاٺير، نديءَ جي ڪناري، هڪ وڻ مان ڪاٺيون ڪپي رهيو هيو ته اتفاق سان ڪهاڙي هٿ مان ڇڏائي وڃي نهر ۾ ڪريس، جنهنڪري روئڻ لڳو.
نديءَ جي پاڻيءَ مان هڪ پري نڪتي، جنهن پڇيس؛ ”ڇا لاءِ ٿو روئين؟“
”منهنجي ڪمائيءَ جو ذريعو ڪهاڙي هئي، سا پاڻيءَ ۾ ڪري پئي آهي.“ روئندي پريءَ کي ٻڌايائين؛ ”روزگار جو ذريعو هٿان وڃڻ سبب، روئان ٿو.“
پريءَ کي مٿس ڪهل اچي وئي. يڪدم نهر ۾ ٽپو ڏيئي، هڪ سوني ڪهاڙي کڻي کيس ڏيکاريائين، جنهن لاءِ ڪاٺير چيس؛ ”اها منهنجي ناهي.“
پريءَ ٻيهر پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏني ۽ وري چانديءَ جي ڪهاڙي ڪڍي آڻي ڏيکاريائينس. اها ڏسي ڪاٺير جواب ڏنس؛ ”اها به منهنجي ناهي. مون کي پرائي شيءِ نه کپي.“
ٽيهر پريءَ پاڻي ۾ غوطو لڳائي، لوھ جي ڪهاڙي ڪڍي ڏيکاريس، جنهن تي ڪاٺير خوش ٿيندي چيس؛ ”بيشڪ اها منهنجي آهي.“
پري، ڪاٺير جي سچائيءَ سبب مٿس ڏاڍي مهربان ٿي پئي ۽ انعام طور ٽئي ڪهاڙيون کيس ڏئي هلي وئي.
مطلب: ۱. لالچ ڇڏڻ واري کي، گھڻيون نعمتون ملن ٿيون.
۲. Honesty is the best policy.
139. سچ ته بيٺو نچ. (چوڻي)
سيد عبدالقادر جيلانيرحه، ننڍي هوندي پڙهڻ لاءِ بغداد ڏانهن ٿي ويو ته ماڻس ڏھ اشرفيون ڪڙتي ۾ سبي ڇڏيس ۽ هلندي چيائينس؛ ”پٽ! ڪوڙ ڪڏهين به نه ڳالهائج.“
هيءُ نينگر جيئن قافلي سان گڏيو پئي ويو، تيئن واٽ تي ڦورو ڦري آين. سڀني کي ڦري فقير ڪري ڇڏيائون. ننڍڙي عبدالقادر جا ٽپڙ ڦولھيائون ته ڪجھ به هٿ نه آين.
تنهن تي پڇيائونس؛ ”تو وٽ ڪجھ آهي؟“
”هائو!“ عبدالقادر جيلانيءَ رحه کين جواب ڏنو؛ ”ڪڙتي ۾ ڏھ مُهرون سبيل آهن.“
ڪڙتو جاچيائون ته سچ پچ ڏھ مهرون نڪري آيون. انهيءَ تي چورن جي سردار چيس؛ ”تون ڪو ڏاڍو ڳهيلو آهين! نه ٻڌائين ها ته به اسان کي خبر ئي ڪا نه پوي ها ۽ تنهنجون مهرون بچي پون ها.“
”امان چيو ھو ته ڪوڙ ڪڏهن به نه ڳالهائج!“ سچار ڇوڪر جواب ڏنس؛ ”مهرون اوهان کي گهرجن ته ڀلي کڻي وڃو. مان امڙ جو چيو ڪين موٽائيندم.“
سندس سچ ڳالهائڻ تي چور وائڙا ٿي ويا. سندس هٿ تي چمي، سندس عزت ڪرڻ لڳا. مال واپس ڪيائون ۽ آئندھ لاءِ چوريءَ کان به توبہ ڪيائون.
مطلب: ۱. سچي ڳالھ کي اڳلي جي دل تائين پھچڻ ۾ ويرم نه ٿي لڳي.
140. سُر ٺهي نه ٺهي، وٺ رينگٽ کي. (پھاڪو)
ھڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙو همراهه هوندو هو رستم، جنهن کي سڀ رُستو رُستو سڏيندا هئا. کيس ٻاروتڻ کان وٺي، ڳائڻ وڄائڻ جو شوق هوندو هو. غريب جو ٻار ھيو. دُهل وٺڻ جيترا پئسا هئس ڪو نه، تنھنڪري ڪڏهن جست جو وڏو ٿالهه، ته ڪڏهن گيهه جو پنج ڪلو وارو دٻو کڻي، پيو ڳائيندو وڄائيندو هو. ائين پنهنجي ٻاڙ پيو پوري ڪندو هو. ماڻھو کيس رونشي ۾ چوندا هئا؛ ’رُستو مزي جو نه ٿو ڳائين وڄائين!‘
پنهنجا ڪٽ چڙهيل ۽ هيڊا ڏند ڪڍي چوندو هو؛ ’سُر ٺهي نه ٺهي، وٺ رينگٽ کي.‘
مطلب: ۱. نار وھي نه وھي، وٺ رينگٽ کي. (۳۸)
141. سِر وئي کان پوءِ، سج اڀري ته واھ، نه ته ڇٽو. (چوڻي)
هڪڙو شخص رات جو سخت بيمار ٿي پيو. طبيب کي گهرايو ويو، جنهن سندس چڱيءَ طرح چڪاس ڪئي ۽ ستي ڦڪي به تجويز ڪئي. دوا کارائڻ کان پوءِ حڪيم چيو؛ ”سج جڏهن اڀرندو، تڏهن ان جي روشنيءَ ۾ دوا اثر ڪندي. هاڻي سج اڀرڻ جو انتظار ڪريو.“ ائين چئي حڪيم گهر هليو ويو.
مريض دوا کائڻ کان پوءِ، سج اڀرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. بيماري دوا جي اثر نه ٿيڻ ڪري، رات پيٽ ۾ وڌندي رهي. تان جو سج اڀرڻ کان اڳي، همراه راه رباني وٺي ويو.
سج اڀريو. مائٽن، سندس لاش سج آڏو اھو سمجھي رکيو ته مڙس بيهوش آهي، سج جو تڙڪو پوندس ته ٽپ ڏيئي اٿي پوندو. سج چڙهئي تائين مريض نه اٿيو ته گهر ڀاتي حڪيم کي وٺي آيا. ان نبض ڏسي چيو؛ ”هيءُ ته دوا جي اثر ڏيکارڻ کان اڳي فوت ٿي ويو آهي. سر وڃڻ کان پوءِ، سج اڀرڻ هن کي فائدو نه ڏئي سگهيو آهي ۽ نه ڏيندو، تنهنڪري سندس ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو.“
مطلب: ١. عيد کان پوءِ، ڪپڙا ساڙبا؟
٢. مريض جي مرڻ کان پوءِ، دوا ڪهڙي ڪم جي!
٣. گهرج لٿي کان پوءِ، هٿ آيل شيءِ مان ڇا فائدو! (۳) ص ۱۲۰
142. سُستي، گداگريءَ جو دروازو کولي ٿي. (چوڻي)
هڪڙو آرسي/سُست ماڻهو، انب جي وڻ هيٺان ليٽيو پيو هيو. هوا جو جهوٽو لڳو ته وڻ مان ٽپڪو انب ڇڄي اچي پٽ تي پيو. انب ڏٺائين ته کائڻ لاءِ دل ۾ سڌ به پيدا ٿيس، پر اٿي کڻڻ لاءِ سنڌَ ئي نه وريس. رڳو دل ۾ پئي چيائين؛ ”انب جيڪر کاوان، انب جيڪر کاوان.“
انب تڏهن کائي، جڏهن اٿي کَڻي. نه کنيائين پئي، نه کاڌائين پئي. ائين ڪلاڪ اڌ گذري ويس. ايتري ۾ هڪڙو واٽهڙو لنگهيو، جنهن جي پڻ انب تي نظر پئي. هو انب کڻڻ لاءِ جيئن اڳتي وڌيو، تيئن هن به رڙ ڪيس؛ ”ادا! اهو انب سوير کان يعني ڪرڻ واري وقت کان مان تاڙيون ويٺو آهيان. سستيءَ سبب اٿي نه کنيو اٿم. انهيءَ تي منهنجو حق آهي. کڻين ته امانت مون تائين پهچائيندو وڃجانءِ.“
”ڪلاڪ کان انب اٿي نه کنيو اٿئي! ۽ هاڻي جڏهن منهنجي نظر پئي آهي، تڏهن تون به مالڪ ٿيو آهينس!“ واٽهڙوءَ دليل ڏيندي چيس؛ ”تون اڃا ستو پيو هج. تو کي انب جي گهرج هجي ها ته اڳي کڻين ها! هيءُ منهنجي ڀاڱي ۾ اچڻو هيو تڏهن پيو آهي. مان ئي کڻندس.“
”ادا!“ ستل/سست ٻڌائيندي چيس؛ ”مون ڏٺو هيو، حصو پتي مون کي به ڏيندو وڃ.“
”ڏسڻ واري کي حصو ملندو آهي ڇا؟ ڏَسين ها ته حصو لڳي ها! تو ته ڏَسُ به نه ڏنو، تنهنڪري تو کي حصو نه ڏيندس.“
مطلب: ۱. سست جي مال جا وارث ئي ٻيا ٿي وڃن ٿا.
٢. سست ۽ ڪاهل، سدائين محتاج رهي ٿو.
٣. سست، ڪڏهن به منزل تي نه ٿو پهچي.
٤. سست ٻلي، ڪُئا ڪين ٿي جهلي.
٥. بي همت بندو، بيزار خدا. (۲۱) ص ۱۱
143. سکڻي دعا، پِٽ برابر. (چوڻي/ پهاڪو)
هڪڙي ڪاليءَ جي پوڄاريءَ کي رستي ويندي، سفر دوران اچي اوچتو پيٽ ۾ لُوهَ پئي. ٽاٽَ اڀرندي ئي ڪاليءَ ماتا کي پڪارڻ لڳو؛ ”جيڪڏهن سور کان ڇٽائيندم ته ٻڪر ٻل چاڙهيندوسانءِ!“
ايترن لفظن چوڻ سان سور ھَپِي ويس ته، دل ۾ بي ايماني جاڳيس ۽ چوڻ لڳو؛ ”هن خسيس ڳالھ لاءِ ٻڪر به ڏبا آهن ڇا؟“
اڃا ٿورو اڳڀرو مس هيلو ته وري سور جي ٽِيس اڀريس. يڪدم ساڳي سکا باسڻ لڳو. چي؛ ”هاڻي سور لٿو ته ٻه ٻڪر ٻل چاڙهيندس.“ ائين چوڻ سان، سور وري ڇپي ويس.
پاڻ کي ٻيهر جوڙ ڀانئيندي، وري ڊسڙ ۾ پير هڻڻ شروع ڪيائين. چي؛ ”ڇا پيٽ جو سور، ڇا ٻڪر! سنئين لڱين گهر پهتم ته هڪ اڌ مرغي کڻي ڪاليءَ جي نالي تي ڀيٽا ڪندس.“
ٽيون دفعو شديد سور پيس. ٻه ٽي ٻڪر باسيائين ته به سور ۾ هلڪائي نه ٿيس ته يڪدم چوڻ لڳو؛ ”ڪالي ماتا! تون ايترو به نه ٿي سمجهين ته مان فقط مذاق ۽ هُج پيو ڪيان. ڀلا اها به ڪا ڳالھ آهي جو تون منهنجو سوال اُنائين ۽ آ، پنهنجي سُکا پوري نه ڪيان؟!“
مطلب: ١ ٺلهو ڦيڻو، ٻرو ٻيڻو. (۶) ص ۲۵
144. سنگ تاري، ڪُسنگ ٻوڙي. (سنسڪرت، چوڻي)
هڪڙي ماريءَ، چتونءَ جا ٻه ٻچا ڦاسايا ۽ شهر ۾ وڃي، ساڳئي پاڙي جي ٻن مختلف گھرن ۾ کپايائين. هڪڙو چڱي ماڻهوءَ جي گهر وڪيائين ۽ ٻيو خراب ماڻهوءَ جي گهر. چڱي ماڻهوءَ جي گهر ۾ چڱائيءَ ۽ اخلاق جو وهنوار هيو ۽ بري جي گهر ۾ گارين ۽ جهيڙي وارو.
چڱي جي گهر ۾ رهندڙ چتونءَ، چڱا اکر سکيا ۽ بري جي گهر ۾ رهندڙ چتونءَ گاريون، بُجا ۽ ڪلڪل جو وهنوار سکيو.
هڪڙي ڏينهن بادشاه، شهر ۾ گهمڻ آيو. جڏهن چڱي ماڻھوءَ جي گھر وٽان لنگھيو، تڏھن ان جي پاليل چتونءَ بادشاھ کي ڏسي، سندس آدرڀاءُ ڪيو، جنھن تي بادشاھ ڏاڍو خوش ٿيو. جڏھن بادشاھ، بري ماڻهوءَ جي گهر وٽان گذريو ته ان جي چتونءَ کيس ڏسي گاريون ڏنيون.
بادشاھ ڪڇيو ڪين پر سمجهي ويو ته اڳيون چَتون چڱن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري خوش اخلاق هيو ۽ پويون برن جي صحبت ۾ رهڻ ڪري بد خُلق هيو.
مطلب: ١. چڱن جي صحبت ۾ گذارج ادا، جو صحبت جو ٿئي ٿو اثر اي ادا.
٢. چڱن سان چاه پئي جي من ميڙ ڪيئي، رڱجي ته لال ٿيندو، نه ته ڪڪوربو ته سهي.
۳. چورن سان چاه پئي جي من ميڙ ڪيئي، پوندو ته ڪاٺ، نه ته ڪوٺائبو ته سهي.
۴. صحبت صالح ترا صالح ڪند، صحبت طالح ترا طالح ڪند.
۵. چڱن جي سنگت تو کي چڱو ڪندي، بڇڙن جي سنگت تو کي بڇڙو ڪندي.
145. سوال جو جواب نه اچي، ته بد تميزي نه ڪجي. (چوڻي)
هڪ شينهن جهنگ ۾ هر جانور کان اهو پڇندو هيو؛ ”ٻڌايو ته جنگل جو بادشاه ڪير آهي؟“
”سائين منهنجا اوهين ته آهيو!“ هر ڪو، ڊڄندي کيس چوندو ھيو.
هڪ ڏينھن، ھڪ هاٿيءَ کان، ساڳيو سوال پڇيائين.
ان اڍنگي سوال تي، هاٿيءَ کي خار اچي وئي، جنھن ڪاوڙ منجھان، سندس چيلھ جي چوڌاري سونڍ کي ورائي، گهمائي کڻي پٽ تي هنيس. شينهن جي چيلھ مان سَٽ نڪري وئي.
”مون تو کان اھڙو ڏکيو سوال ته نه پڇيو ھيو جو بدتميزيءَ سان پيش آئين.“ سور کان ڪنجهندي چيائينس؛ ”سوال جو جواب نه اچي ته بد تميزي نه ڪجي.“
مطلب:۱. ڏاڍائي ڪرڻ لاءِ ته هر ڪو تيار آهي پر سهڻ لاءِ ڪير تيار ناهي. (۱۳) ص ۱۰۹
146. سؤ ڪُئا کائي ٻلي، حج تي هلي. (چوڻي)
هڪ ٻڍي ٻليءَ، ڪئن کي يقين ڏياريندي چيو؛ ”هاڻي مان ٻڍي ٿي وئي آهيان! نه شڪار تي ڇپ ڇپ ڪري، ٽپ ڏئي ٿي سگهان ۽ نه وري ڏند ڏاٺون بچيون اٿم جو ماس ۽ هڏا ڪرٽي سگهان. نه چنبن ۾ سَتُ رهيو اٿم جو ڪمزور ڪئن کي به پڪڙي سگهان، تنهنڪري مان هاڻي تائب ٿي، حج تي ٿي هلان.“
ڪُئا سندس ڏاهپ ڀرين ڳالهين تي بنڀلجي پيا ۽ ساڻس گڏ، حج ڪرڻ لاءِ، رفيق سفر ٿي نڪري پيا. ڊگهي سفر ۾، جڏهن ڪئا کٽڻ لڳا ته باقي ڪئن کي اچي ڦڦڙيءَ ورايو. نيٺ جاچ ڪيائون ته خبر پين؛ ”ٻلي اسان کي اعتماد ۾ وٺي، عادت مطابق لڪي ڇپي پئي اسان کي شڪار ڪري.“
مطلب: ۱. برو انسان، جڏهن نيڪ بڻجڻ جو بهانو ڪري، ۽ وري برا ڪم به لڪي ڪري، تڏهن کيس انھن لفظن سان شرمائبو آهي.
۲. بگهڙ ڪراڙو ٿئي ته چئي؛ ”مان هاڻي بزرگ ٿي ويو آهيان.“
۳. ڀيٽيو؛ ست ڪئا کائي ٻلي، حج تي ھلي. (۱)
147. سؤ ميل جي منزل تي پهچڻ لاءِ،
شروعات پهرئين قدم سان ٿيندي آهي. (چوڻي)
هڪڙي شخص جي پٽ جي عمر پڙهڻ جي لاءِ لائق ٿيڻ کان به ڳچ سال مٿي وڌي هلي ته ڇوڪري جي مستقبل جو الڪو ٿي پيس. دل ۾ چيائين؛ ”ڇوڪرو وڏو ٿي ويو آهي. اڃا پڙهڻ تي نه ويٺو آهي. چار اکر علم جا پيٽ ۾ هجنس ته چَڱو آهي.“
اهي پور پچائي، هڪ ڏينهن پٽ کي سڏي چيائين؛ ”پٽ چؤ الف!“ پٽس اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت. ٻه چار دفعا پٽ کي ساڳيو اکر اچارڻ لاءِ چيائين. پٽس وٽ ساڳي چُپ. آتارڻ ۽ مٿا مونا هڻڻ کان پوءِ چيائينس؛ ”ابا ڳالھ ڪهڙي آهي جو الف جو اکر به نه ٿو اچارين، جڏهن ته تنهنجي عمر جا ٻار چڱا ڀلا ڪتاب پڙهي وڃن ٿا؟“
”بابا! جيڪڏهن الف ياد ڪيم ته وري تون چوندين ب چؤ. اهو چوندس ته پوءِ ٻي چوندين، تان جو الف ب بي جي پٽيءَ جا ۵۲ اکر ئي ياد ڪرائيندين.“ پٽس دليل ڏيندي چيو؛ ”آخر مڪتب ۾ ويهڻو پوندم. ڍير ڪتابن جا اتي رکيا آهن، جيڪي پڙهڻا آهن. ايڏي تڪليف کان بچڻ لاءِ پهريون قدم ئي نه ٿو کڻان!“
مطلب: ۱. هر شيءِ/ ڪم جي شروعات، سولائيءَ سان ٿي آهي.
148. سؤ وڃائجي ساءُ نه وڃائجي. (پھاڪو)
هڪڙي مائيءَ کي مڙس سونو هار ٺهرائي ڏنو، جيڪو ڪجھ ڏينهن کان پوءِ وڃائجي ويس. مڙس ڏنگو هئس. مار جي ڀَوَ کان؛ وجھ وٺي مڙس کي چيائين؛ ”تنهنجو فلاڻو دلي دوست آهي. اهو تنهنجي پرپُٺ آيو. کيس سؤ رپين جي ضرورت هئي. مون وٽ هيا ڪين. کيس اهو هار ڏنم ته وڃي وقت ڪڍي.“
اها ڳالھ، هڪ ڏينهن ان دوست جي سامهون به مڙس کي چيائين. جنهن تي مڙس چيس؛ ”خير آهي! وقت تي دوست ئي دوستن جي ڪم ايندا آهن.“
اهي لفظ ٻڌي، مڙس جو سنگتي سڪتي ۾ اچي ويو. ڳالھ جو سر سمجهي، چپ ڪري ويو. دل ۾ چيائين؛ ”اديءَ کان زيان ٿي ويو آهي. جان بچائڻ لاءِ مون تي هنيو اٿس.“
هڪ ڏينهن سؤ رپيا آڻي، سنگتيءَ کي ڏنائين، جنهن اچي پنهنجي زال کي ڏنا ۽ ٻڌايائينس؛ ”هار وارا سؤ رپيا آهن.“
جوڻس کي ڏاڍي شرمندگي ٿي. معافي وٺي، کيس سڄي ڳالھ سربستي ڪري ٻڌايائين، جنهن تي مڙسهنس سنگتيءَ کان تصديق ڪئي.
مطلب: ۱. نقصان سهجي، اڇن ڏندن جي پريت نه وڃائجي. (۵) ص ۹۸ ۽ (۱۴) ص ۱
149. ”سها مانس کائينس؟“
چي؛ ”آپ رو بچي، تو ئي کاسو.“ (ٿر، پهاڪو)
هڪڙي گدڙ، هڪڙي سهي سان سنگت رکي ھئي. هڪ ڏينهن کيس ڏٽا ڏئي، جهنگ گهمائڻ لاءِ آيو، جتي گاھ جام هئو. جھنگ ۾ اڳڀرو نڪري اچڻ سبب، ٻئي اڪيلا ٿي پيا. اتي سهي کي اڪيلائپ جي ڊپ ورايو ۽ اندر ۾ ڏڪڻ لڳو.
”سيا مانس کائينس!“ گدڙ، کيس دلداري ۽ آٿت ڏيڻ جي ارادي سان چيو ته جيئن خيال مٽ ٿئيس ۽ رڦڻي لھيس؛ ”سها! گوشت کائيندين.“
”آپ رو بچي تو ئي کاسو.“ سهي ڏڪندي ۽ شڪ ۾ پوندي، ته متان مون کي ماس سمجھي کائي وڃي، چيس؛ ”پنهنجو بچي ته به غنيمت.“
مطلب: ۱. ڪمزور ماڻهوءَ جو، ظالم جي هٿن کان بچڻ به غنيمت آهي.
۲. ”سها گوشت کائيندين؟“ چي؛ ”جان بچي لک کٽيم.“ (۳۹) ص ۸۲
150. سهو پاڻ ٻوڙ، چي؛ ”امان ٻوڙ!“ (پھاڪو)
هڪڙي ننڍڙي سهي، جنھن گهر ۾ رھندا ھيا، تنھن اندر رڌل ٻوڙ جي خوشبوءِ سنگهي، اچي ماءُ سان انگل ڪيو؛ ”امان! ڏاڍي بک لڳي آهي!“
”ڪچڙو ۽ نرم گاھ پيو آهي.“ ماڻس دلداري ڏيندي چيس؛ ”بابل کي دَلَ تي ڏيان. ٻچڙو منهنجو کائي ڍؤ ڪري.“
”امان! وات خراب لڳو پيو آهي.“ ٻچي، ماءُ سان اڃا انگل ڪندي چيو؛ ”گاھ کائي کائي آڪو ٿيو آهيان!“
”پوءِ ڇا کپي، منھنجي ٻچڙي کي؟“ ماڻس ڳراٽڙي پائي پڇيس.
”امان!“ ماءُ جي سيني ۾ ٻوٿ هڻندي چيائين؛ ”ٻوڙ کائڻ تي دل ٿي چوي. ٻوڙ جي ڏاڍي سڪ لڳي آهي، امان!“
”بس ڪر ابا، بس ڪر. اهو ڇا ٿو چوين/ ڪو ٻڌي وٺي ته!“ ماڻس وات تي هٿ رکندي چيس؛ ”سهو پاڻ ٻوڙ. تون ڪيئن ٿو، ٻوڙ جي ڳالھ ڪرين!“
مطلب: ۱. پنهنجي جان جي سلامتيءَ کان مٿي، مطالبا نه ڪرڻ گهرجن.
۲. ڀيٽيو؛ ”سها مانس کائينس؟“ چي؛ ”آپ رو بچي، تو ئي کاسو.“ (۴۰)
151. سيٺ پيارو، ڪن ڌن پيارو؟ (پهاڪو)
هڪڙي سيٺياڻي، اُچا ريشمي وڳا پهري ۽ ڳھ ڳٺا پائي، ڪاڏي وڃڻ لاءِ سهي سنبري نڪتي پئي، جو نوڪرياڻيءَ سهڪندي اچي ٻڌايس؛ ”مائي! سيٺ گاڏيءَ تان ڌڪو کاڌو، ڌڪجي پيو. کيس اسپتال کڻائي ويا آهن!“
”هان هان! ڇا ٿي چوين!؟“ نوڪرياڻيءَ کان رهڙ ڏئي پڇيائين؛ ”منهنجي ستپٽي ساڻس هئي، سا سلامت آهي ڪن ڪيئن؟“
”اها ته تو واري وڏي پٽ، ٿڏي تي کڻي سوگهي ڪئي!“ نوڪرياڻيءَ اڃا ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي چيس؛ ”چيائون پئي ته سيٺ جو بچڻ مشڪل آهي.“
سيٺياڻي يڪدم ڪوٺيءَ ڏانهن ڀڳي. زيور ۽ ريشمي وڳا صندوق ۾ هٿيڪا ڪري، ميرا ڪپڙا پهري اچي اڱڻ ۾ پار ڪڍي روئڻ ويٺي ۽ پاڙو ميڙي ساڻن ڏک جو اظهار ڪرڻ لڳي.
مطلب: ۱. مڙس/ ماڻهوءَ کان وڌيڪ، زيورن جو قدر آهي. (۶) ص ۱۷