لطيفيات

نت نت آهه نئون

هي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي شاھ لطيف جي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
Title Cover of book نت نت آهه نئون

مهاڳ : مِٽي ان خمير... تاج جويو

مهاڳ : مِٽي ان خمير... تاج جويو

اسان جي دوست، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار انور ابڙي، لطف پيرزادي کي ”ڀٽائيءَ جي تمر“ جو لقب ڏنو آهي. هو واقعي ڀٽائيءَ جو تمر هو. لطف پيرزادو درويش طبيعت صوفي ٻلهڙيجيءَ جو واسي هو. ڪوٽ ڏيجي موهن جي دڙي کان به قديم ماڳ چيو وڃي ٿو. ڪوٽ ڏيجي، واگهرجي، باگڙيجي، ٻلهڙيجي ۽ ٻيا اهڙا، سنڌ جي ماڳن جا نالا، مون کي هڪڙي ئي يُگ جا ڀاسن ٿا. آرڪيالاجيءَ جي ماهرن کي ان ڏس ۾ اَوس تحقيق ڪري نتيجا ڪڍڻ گهرجن. ٻلهڙيجيءَ جي دانش جو سنڌو سڀيتا، سنسڪرتيءَ ۽ قديم ڪلاسيڪي شاعريءَ سان اٿاهه لڳاءُ، ان کوج لاءِ اڀاري ۽ اُتساهي ٿو ته هتان جي مٽيءَ جي خمير جي ڊي اين اي ڪرائجي، ڇاڪاڻ ته هتان جيڪو به ساماڻو آهي، ان جو سورن سان سڱ، دردن سان دوستي آهي:
سُورن سانڍياس، پُورن پالي آهيان،
سُکن جي سيد چئي، پُکي آءٌ نه پياس،
جيڪس آءٌ هياس، گُري گوندر ول جي!
(شاهه)
لطف پيرزادو مهين جي مٽيءَ جو مائٽ هو. ڀٽائيءَ جو حافظ هو. سائين محمد ابراهيم جويي، سنڌ جي عظمت جا ٽي اهم اُهڃاڻ ڄاڻايا آهن. 1 : موهن جو دڙو، 2 : دودي چنيسر جو رزميه داستان، 3 : شاهه جو رسالو. ان حوالي سان، منهنجي نظر ۾ ، ٻلهڙيجي ۽ اُن جو خمير، گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي ٻن اهڃاڻن، موهن جي دڙي ۽ شاهه جي رسالي جي بيتن سان ڳوهيل رهيو آهي.
ڀٽائيءَ سنڌ جي مٽي ٻيهر ڳوهي هئي ۽ جي لطف پيرزادو، لطيف جي دور ۾ هجي ها ته اَوس ڀٽائيءَ جي ڳوهيل مٽيءَ مان هجي ها، پوءِ به ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نٿو سمجهان، ته لطف جو خميرُ ۽ ضميرُ، مهين جي دڙي ۽ ڀٽ شاهه جي مٽيءَ جو ڳوهيل ضرور هو:
مٽي ان خميرَ، اصل هئي ايتري!
(شاهه)
لطف پيرزادي کي ڀٽائيءَ تي وڏي دسترس حاصل هئي. سنڌ ۾ ڀٽائيءَ جا حافظ ته کوڙ ٻُڌبا آهن، پر ڀٽائيءَ جي روح ۽ رمز جا پارکو تمام گهٽ پيدا ٿيا آهن، ۽ لطف، انهن ٿورن ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو جيڪي لطيف جي روح ۽ رمز جا پارکو بلڪه رازدان هئا.
شيخ اياز هڪ هنڌ لکيو آهي ته :
” ڀٽائيءَ، تمر فقير کي چيو: ”تمر! منهنجي جُتي ته کڻي ڏي!“ تمر جيئن جُتيءَ ۾ هٿ وجهي کڻڻ جي ڪئي ته سندس ٻانهن مان سَٽ نڪري وئي ۽ ڀٽائيءَ کي مخاطب ٿي چيائين، ”سائين، جُتي ايڏي ڳري؟“ لطيف سندس حيرانيءَ تي مُرڪي چيو، ”تمر! اِن ۾ صدين جو ٿڪُ به ته آهي!“
لطف پيرزادي ڀٽائيءَ جي جُتيءَ جو وزن ته نه ماپيو هو ۽ نه اُن جو ٿڪُ پروڙيو ۽ محسوس ڪيو هو، پر لطف جي پنهنجين اکين جو جيڪو ٿڪُ هو، اُهو به صدين تي محيط هو. ان ٿڪَ ۾ ڀٽائيءَ جي بيتن کي پڙهڻ، پروڙڻ ۽ انهن جي معنيٰ ۽ مفهوم جي تهه تائين پهچڻ لاءِ هن جي اکين جيڪي اوجاڳا ڪيا هئا ۽ جنهن گوندر سان سندس پلئهُ پيو هو اُن جا شاهدَ ٻلهڙيجيءَ جا رهواسي، هتان جي دانش ۽ اسان ضرور آهيون.
ڪنين ڪنين ماڙهئين، گوندرُ وڏِي وٿ،
ٻَڌي گوڏ گرٿ، ساٽو ڪجي سُور جو!
(شاهه)
لطف پيرزادي جي اک لطيف جي لفظن، ٻوليءَ، استعارن، ڪِناين، معنيٰ، مفهوم، بيانيي ۽ پسمنظر کي جنهن نموني ڏٺو هو، اُها اک، هيءَ ظاهري اک نه هئي. هن لطيف جي فقيرن، راڳين ۽ ويراڳين کان جيڪو لطيف ٻُڌو هو، اُهو لطيفُ ۽ اُهو لطيفي سنيهو اسان جا هي ظاهري ڪن ٻُڌي نٿا سگهن. لطف پيرزادي جا ڪَن ڪي ٻيا هئا، جن جيڪي جهٽيو، ٻُڌو ۽ سُئو، تنهن کي لفظن ۾ بيان ڪري ئي نٿو سگهجي:
هي ڪَنَ گاڏهان وِڪڻي، ٻيا ڪي ڪَن ڳنهيج،
تنين سين سڻيج، سُپيريان جي ڳالهڙي!
(شاهه ڪريم)
لطف پيرزادو، ٻلهڙيجيءَ جي دانش جي ستاري انور پيرزادي جو ڀاڻج هو ۽ انور جي معرفت هن ڪيترين ملازمتن ڪرڻ سان گڏ ڀٽائيءَ جي ڀاڻي تي به نوڪري ڪئي هئي پر هيءُ آزاد روح، نوڪرين جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ کان مٿي هو، ڇو ته اُهو آزاد روح، الستي آواز ۽ الهام جو متلاشي هو، سو هڪ هنڌ ڪٿي ٿو سُک سان ويهي ٽِڪاءُ ڪري!
بري کي برن ۾ ، ڏاڻي ڏينهن ٿياس،
بگهاڙيون بغلن ۾ ، لڱين لوهه لڳاس،
نوَ نيئر، ڏهه ڏانوڻيون، پندرهن پئنڌ پياس،
جُه سڄڻ ياد پياس، ته ڇرڪ ڇنائين هيڪڙي!
(شاهه )
اُهو ”ڇرڪ“ ئي اُها ساڃاهه، اُها ڏاهپ ۽ اُهو فهم هو، جنهن مهاتما گوتم ٻُڌ کي گهر ڇڏائي، ”نرواڻ“ ڏياري هئي ۽ جنهن ”ڇرڪ“ لطيف کي جوڳين ۽ سامين سان گڏ هنگلاج ۽ راجسٿانَ، جيسلمير ۽ دُوارڪا جا پنڌ ڪرايا هئا:
نانگا نانيءَ هليا، هنگلاجان هلي،
ديکي تن دوارڪا، مهيسين ملهي،
آڳهه جن علي، آءٌ نه جيئندي اُن ري!
(شاهه )
اسان وٽ ڀٽائيءَ جا پارکو سڏائڻ وارا ڪيترائي ملندا، انهن مان ڪيترن پي. ايڇ. ڊيون به ڪيون هونديون، انعام اڪرام، تمغا ۽ ميڊل به ورتا هوندا، سندن ٿيسزون وڏن ادبي ادارن ڇپايون به هونديون، پر اُنهن مان ڪن ڳاڻ ڳڻين، اُن فهمَ کي پروڙيو هوندو، جيڪو لطيف جي سٽن ۾ پِنهان آهي.
هن مُهين جي مٽيءَ جي ماڻهو لطف پيرزادي، مُهين ۽ ڀٽ جون نه رڳو ياترائون ڪيون هيون، پر اُتي جون مَٽيون به ڀريون هيون ۽ بنا ڪنهن ڊگريءَ جي ڳَٽ جي، هن انهن ٻنهي ماڳن تان جيڪا محبت جي مالها ڳل پاتي هئي، اُن ۾ ”يارن سان ڪهڙا ليکا“ وارو فلسفو سمايل هو. هو ليکي چوکي، شماري ۽ قطاري ڊوڙ کان دور، هڪ صاف دل صوفي، سيڪيولر ۽ روشن خيال روح جو مالڪُ، سالڪ هو، جيڪو جڏهن لطيفُ پڙهندو هو ته نه رڳو پاڻ روئندو هو پر ٻين جا ڳچ به ڳاري وجهندو هو. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ارٿي سنڌو درياهه ۾ پرواهه ڪرڻ وقت جيڪي به شخص موجود هئا، تن کي خبر هوندي ته لطفُ، سوڀي کان جڏهن لطيف جي بيتن ۾ موڪلاڻي ڪري رهيو هو، ان وقت لطف جي نيڻن ۾ ته لُڙڪن جا موتي چمڪي رهيا هئا پر اسان سڀ، اياز گل، ادل سومري، محمد علي پٺاڻ، گلاب پيرزادي ۽ اقرار پيرزادي سوڌا ڳوڙهن جي درياهه ۾ غوطا کائي رهيا هئاسون:
اُٿيو ۽ اُٿياڪ، ڪالهونڪر ڪاڏي گيو،
ويو جاڳائي جيڏيون، برههُ مون بيباڪُ،
چُرڦُر ڪاري چاڪ، سُور سُمهاري ڪينڪي!
(شاهه)
هن ڌُڌڙ سان ڌوتل ۽ کهه ڀُڪليل وارن ۽ ميرڙي مُنهن واري ساڌوءَ ۽ ديش ڀڳت شخص، موهن جي مٽي ۽ ڀٽائيءَ جي بيتن مان جيڪا ساڻيهه جي سڪَ ۽ مارُن جي محبتَ پِرائي هئي، اُن جو ماڻ ماپڻ لاءِ ڪي سوڀي گيانچنداڻيءَ، شيخ اياز، جي. ايم. سيد، ڄيٺمل پرسرام ۽ ساڌو ٽي. ايل واسواڻيءَ جهڙا ساڃاهيا شخص کپن. لطف پيرزادي وٽ مٽيءَ جي ماڻ لاءِ ”لطيفي لات“ جو هيءُ ٻول هڪيو حاضر هوندو هو:
سونهن وڃايم سومرا، ميرو منهن ٿيوم،
وڃڻ تِت پيوم، جت هلڻ ناهه حُسن ري.
هن جي نظر مارئيءَ جي غلام روپ نه پر آزاد روپ تي هئي:
پکي ۾ پدمڻِي، جئن ڏئي وراڪا وڄ،
سا ئي صورت سِڄ، سا ئي مُورت مارئي.
(شاهه)
اُن ماروئڙن جي مارئيءَ، مجسم سنڌ مارئيءَ، بلڪه نج نبار سنڌ، هر استحصال ۽ استعمار کان آزاد سنڌ لاءِ، هن جي سپني اڃا ساڀيان روپ نه ورتو هو ته پهرين ”سرويچ“ ۽ پوءِ پاڻ ”لطف“، دوستن ۽ دل جي بيوفائين جو شڪار ٿي ويا:
سُتي لڌم سوهڻو، کٿيءَ ۾ خاصو،
وُٺا مينهن ملير تي، ٿيو تڙ تڙ تماشو،
چوريان جان پاسو، ته جُسو جنجيرن ۾ !
(شاهه)
سرويچَ ۽ لُطف جا جُسا، جنجيرن کان آزاد ٿي ويا پر سندن روح پکيئڙا اڃا اُن سون ورن آزاد سنڌ لاءِ آسروند آهن، جيڪا سنڌ ڀٽائيءَ جو خوابُ هئي، سنڌ جي سيد جو خواب هئي، سرويچ ۽ لُطف جو خوابُ هئي ۽ اسان سڀ به اُن سپني جي ساڀيان لاءِ آسائتا رهيا آهيون:
نه ڪا جهل نه پل، نه ڪو رائر ڏيهه ۾ ،
آڻيو وجهن آهرين، روڙيو رتا گل،
مارو پاڻ امل، مليرونِ مرڪڻو!
(شاهه)
لطف پيرزادي سان منهنجي ڪافي ڄاڻ سڃاڻ هئي، ساڻس گهڻيون گهريون ڪچهريون ڪو نه ٿيون، ملندا هئاسين، هٿ جوڙ ٿيندي هئي، پر الائي ڇو اسين ٻيئي پاڻ کي هڪ ٻئي جي دلين جي ويجهو سمجهندا هئاسين، شايد اسان ٻيئي لطيف جا عاشق هئاسين، لطيف جا اڀياسي هئاسين، ان ڪري اسان جون اکين جون اُهيريون، ايتريون پختيون هيون، جو ڪي گَهَريون ڪچهريون نه ڪندي به هڪ ٻئي کان ڌار نه هئاسين، ساهئون ويجها هئاسين ۽ لطيف جو هيءُ بيت، اسان ٻنهي جو هڪ جيترو محبوب ۽ پسنديده بيت هو:
ڇِنن توءِ مَ ڇِنُ، پاءِ اُميري اُن سين،
هو اوگڻ ڪنئي اسونهين، تون ڳڻ پائي ڳنُ،
پلئه پائي پِن، اِن سونهاري سڱ سين!
لطف پيرزادو ۽ آءٌ ٻيئي ضيائي مارشل لا جا سٽيل هئاسون. هن ايم. آر. ڊي جي جدوجهد دوران جيل جون سختيون سٺيون ۽ 15 ڪوڙا کاڌا ۽ مون به هڪ سال قيد ڪاٽيو. ڦٽڪن بدران 150 ”سچ پترا“ سَٺا ۽ 10 سالن جي ملازمت وڃائي. لطف پيرزادي تي هڪ الزام ڪميونسٽ اڳواڻ ڄام ساقيءَ جي آزاديءَ لاءِ چاڪنگ ڪرڻ جو به هو ۽ مون تي قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر جو مضمون ”اسان ۽ توهان“ (هيءُ لاش ڪنهن جو آهي؟ نذير عباسيءَ جي شهادت بابت) پمفليٽ جي صورت ۾ ورهائڻ جو الزام هو!
ٻلهڙيجيءَ جا پيرزادا، شاهه جا حافظ سڏيا ويندا آهن، اُنهن مان مير محمد پيرزادو ۽ انور پيرزادو گهڻ پڙهيا ۽ عالم شخص هئا، لطيف جي شاعريءَ جا نوان رُخ ۽ زاويا بيان ڪندا هئا. هو لطيف جي بيتن جو پسمنظر، عام شارحن کان مختلف ۽ منفرد پيش ڪندا هئا. ايڏن عالمن جي وچ ۾ ، لطف کانئن ٿورَ پڙهيو هو ۽ سندن وچ ۾ فقير لڳندو هو پر هن جيڪا فڪر ڦرهي پڙهي هئي، اُن پڙهيا پنڊت، پير پوئتي رهائي ڇڏيا ۽ لطيفي فڪر جي تفسير ۽ تشريح ۾ اڳرو ۽ اڳڀرو رهيو. انور پيرزادي جهڙو لطيف جو پارکو ۽ عالم شخص، هڪ ڀيري لطيف جي هن بيت:
ڪِ ڌرتتي ماءِ! ڪِ ڄر سندي سڄڻين،
هلي ۽ واجهاءِ، ٻنهي ڄيرن وچ ۾
جي تشريح ڪندي، ”ڌرتتي ماءِ“ کي ”ڌرتي ماءِ“ سمجهي ويٺو ۽ سندس اِن معنيٰ وارو مضمون ”جاڳرتا“ رسالي ۾ ڇپيو. لطف، انور سان اِن معنيٰ ۾ اختلاف ڪيو ۽ اهڙي اور مون سان اوريندي، پنهنجي معنيٰ لاءِ تصديق ورتائين؛ ته اهڙو هو لطف پيرزادو، جيڪو لطيف جي لفظن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻيءَ ۾ وس پُڄندي غلطي نه ڪندو هو ۽ معلوم ٿيندو هو ته هو لطيف جي روح جو پارکو ۽ سندس ڪيفيتن جو مشاهده نگار آهي.
منهنجي آڏو لطف پيرزادي جي مضمونن ۽ ڪالمن جو ڪتاب ”نت نت آهه نئون“ موجود آهي، جنهن ۾ هن شاهه لطيف جي شاعريءَ جي محرڪن، انساني نفسيات ۽ ڪيفيتن جي عڪــاســي، لطيف جي قيد ۽ حب الوطنيءَ بابت شاعري، شاهه صاحب جي مذهبي پهلوءَ، شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جي ڪردارن، سُور جي صفت، ٿر تي وسڪاري جي رنگن، شاهه صاحب جي لفظي سگهه، شاهه تي ٿيل تحقيق کان رهجي ويل موضوعن، شاهه لطيف جي ٻوليءَ جي نواڻ، سگهه ۽ حسناڪي، گنج شريف، شاهه لطيف انسائيڪلوپيڊيا، لطيف جي سالگرهه، لطيف بابت قائم ڪيل ادارن ۽ ٻين ڪيترن موضوعن جو تنقيدي، تحقيقي ۽ فڪري جائزو ورتو آهي.
جيتوڻيڪ هي مواد، لطف پيرزادي جي 2000ع کانپوءِ لکيل مضمونن ۽ ڪالمن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن جي سموري زندگيءَ جي لطيفي رياض جو تت ۽ ست سمايل آهي. اهي مضمون هن گهڻو ڪري روزاني عوامي آواز، ماهوار پيغام ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپايا هئا ۽ سندس فرزند عنايت چواڻي: ”هن فقير اهو ڪم، ڪنهن اداري جي اسائنمينٽ طور نه پر پنهنجي ڀٽائيءَ سان عشق جي بنياد تي، ماڻهن کي ڀٽائي سمجهائڻ جي نيت سان ڪيو آهي.“
سچ پچ لطف پيرزادي جي هنن روڙيل رنڍن جو مطالعو ڪندي، لطيف سائينءَ جي ڪيترن شارحن ۽ محققن جي تحقيق مون کي تڇ لڳي ٿي. لطف جو لطيف سان عشق، درگاهي، خانقاهي ۽ عقيدي تي آڌاريل نه آهي، پر سندس سِٽ سِٽ ۽ جملي جملي مان لطيفي ادراڪ، ڏاهپ، فڪر ۽ فهم ساهه کڻندي محسوس ٿئي ٿو. هن لطيف جي ٻوليءَ تي گرفت، لفظن جي جڙاوت ۽ ترتيب جو جائزو ۽ ڪٿ ڪندي، اُن جي روح ۽ تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته :
”الائي ڪهڙي سگهه آهي سندس لفظن ۽ ڳالهه ۾ ! ڳالهه پريان جي ڳجهه جي، جيهي نه تيهي واري ڪار آهي، سمجهندي به هن کي سمجهڻ کان قاصر آهيون:
وٽن ويٺي آهيان، ڏسيو ڪين ڏسانِ،
جنهن جيهو ئي ناهه ڪو، اهڙي سونهن سنديان...
ان سونهن سڀني کي موهي مستان ڪيو آهي، اُن فهم، فڪر ۽ راز کي سمجهڻ لاءِ سڀڪو آتو آهي:

”جن کي دور درد جو، سبق سُور پڙهن،
فڪر ڦرهي هٿ ۾ ، ماٺ مطالعو ڪن،
پنو سو پڙهن، جنهن ۾ پسن پرينءَ کي!“
(سنڌ جو شاهه)
لطف اهو به ٻڌايو آهي ته شاهه اُهو شاعر آهي، جيڪو ”اڻ ٿيڻيءَ کي ٿيڻي“ ڪريو ڇڏي، پاڻيءَ مٿي پير ڪڙڻ جو ڏس ڏئي ٿو، هو پنهنجا لفظ تخليق ڪري ٿو، جهڙوڪ : ڪُپيري.
ڪپيريءَ ۾ پيرُ، ڪنين پاتو پيرئين،
جيڪي مُنجهڻ ماڙهئين، سڄڻ تئائين سير،
اُن ڀونءِ سندو ڀير، ڪوڙين مان ڪو لهي!
جنهن اڻانگي پيچري (ڪُپيريءَ) تي هلندي ماڻهو، منجهيو پون، پرينءَ جو سير اُتان شروع ٿئي ٿو. مطلب ته لطيف، مرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي ائين اُتساهيندو آهي، جهڙوڪر بس سندس مرڻ جي دير آهي، دلبر جو حضور اکين اوڏڙو آهي:
مري جيءُ ته ماڻئين، جانب جو جمال!
شاهه جو ڪمال اهو آهي ته هو ڏکيون ڳالهيون سولي نموني سمجهايو وڃي شاهه جي اِن فن، آرٽ ۽ اتساهه کي جنهن نموني لطف، سولي ٻوليءَ ۾ سمجهايو آهي، اُن کي بيان ڪرڻ ۽ اظهارڻ لاءِ عالمن کي سوين ورق درڪار آهن.
لطف پيرزادي شاهه لطيف جي ڏانءَ ۽ ڏات جون خوبيون بيان ڪندي لکيو آهي ته :
”شاهه لطيف جي ڏات ۽ ڏانءَ جي هڪ اهڙي خوبي به موجود آهي جيڪا ٻي ڪنهن فنڪار وٽ ورلي ملندي، اُهي آهن الٽي معنيٰ وارا اصطـــلاح ۽ جمـــلا. اهڙيون ڳالهيون جيڪي اسان جي سماجي سرشتي ۾ اڻ ٿيڻيون ۽ نه قبولڻ جهڙيون آهن.“ ان لاءِ هن شمشيرالحيدريءَ جي مقالي مان مثال به پيش ڪيو آهي ۽ اهڙن الٽن جملن ۽ اصطلاحن کي، سنڌي ٻوليءَ جي نقاد هيري ٺڪر ”شاهه لطيف جون الٽ باسيون سڏيو آهي.“ اُن جو هڪ مثال سهڻيءَ جي ڪردار مان ملي ٿو، جيڪا ڏم جي نڪاح ٻَڌي زال آهي، ۽ اها مڙس جي پاسي مان اُٿي، درياهه تري مُحب ميهار سان ملڻ وڃي ٿي ۽ شاهه چوي ٿو :
ساهڙ ڌاران سهڻي، آهي ۾ آزار،
ڏم پاسي ڏکندو، صحت وٽ سنگهار...
اُها ڳالهه بيان ڪندي لطف پيرزادو لکي ٿو ته ”جڏهن ته اسان جي نيم جاگيرداري دور ۾ ڪارو ڪاريءَ جو رواج آهي. ڪنهن به اهڙي عورت جي ڪردار کي اسان سٺو نٿا سمجهون، ان کي بدڪردار، بڇڙي ۽ ڪاريءَ جي خطابن سان ياد ڪريون ٿا. لطيف اهي سڀ ڪڙيون حقيقتون اسان کان هضم ڪرايون آهن.“ (هوءَ جا لات لطيف جي )
شاهه لطيف پنهنجي دور سان گڏ هر دور جو شاعر آهي. اُن جا ڪيترا بيت ۽ بيتن جون ڪيتريون سٽون، هر دور جي حڪمران لاءِ تلوار کان تکيون هونديون آهن. ان ڪري حڪمران ۽ انهن جا دلال اهڙين سٽن تي اڻ سڌي طرح سينسرشپ مڙهيندا آهن. لطف اُن جو ذڪر، ڊاڪٽر اياز قادريءَ جي حوالي سان، سندس ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ مان ڏيندي ڪيو آهي:
” هڪ سرڪاري پروگرام ۾ شريڪ ٿياسين. اهو ضياءَ شاهيءَ جو دور هو. پروگرام هو لطيف تي. اُن پروگرام جي منتظمين، پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ فرمائش ڪئي ته مهرباني ڪري لطيف جا اهڙا بيت نه پڙهجو جن ۾ ڦاهي، وطن جي آزادي، قيد ۽ تشدد جو ذڪر هجي. اوهان ته پروگرام ڪري هليا ويندا، سڀاڻي اسان لاءِ مصيبت ٿيندي.“
لطف ان دور جو ذڪر ڪندي اهو به لکيو آهي ته : ”اُن دور ۾ پي. ٽي. وي تي پڻ اهو ماحول هو، جو لطيف جو سُر ڪلياڻ ۽ سُر مارئي ممنوع هئا. اهڙا بيت هن چئنل تان نشر نه ٿيندا هئا.“
آئون خود ان جو گواهه آهيان ته وفات کان ٻه يا ٽي ڏينهن اڳ، اُستاد منظور علي خان، ڳوٺ لاکا آباد (تعلقي سڪرنڊ) ۾ ، اسان جي دوست مير حسن لاکي پاران ڪرايل ”لطيف ڏينهن“ دوران فجر جو شاهه لطيف جي مشهور وائي ”پرچن شال پنهوار“ ڳائيندي چيو هو ته ”مون کي ريڊيو پاڪستان تي هيءَ وائي ڳائڻ کان منع ڪيو ويو آهي.“
اها ته مشهور ڳالهه آهي ته اپريل 1919ع ۾ ، انگريزن طرفان ڪرايل دهلي قتلام ۽ جليان والا باغ سانحي خلاف سنڌ جي صوفي اديب ڄيٺمل پرسرام، ”هند واسي“ اخبار ۾ هڪ ايڊيٽوريل لکيو هو، جنهن جو عنوان هُن شاهه جون هيٺيون سٽون ڏنيون هيون:
اڳيان اڏين وٽ، پوئين سِرَ سنباهيا،
ڪاٽ ته پوين قبول ۾ ، مڇڻ ڀائين گهٽ،
مَٿا مُهائين جا، پيا نه پسين پٽ،
ڪلالڪي هٽ، ڪُسڻ جو ڪُوپ وهي!
۽ اُن وقت جي، حيدرآباد سنڌ جي مئجسٽريٽ، ايڇ. ٽي سورلي، شاهه جي اُن شعر جو انگريزي ترجمو ڪرائڻ بعد ڄيٺمل پرسرام کي ٽي مهينا ٽيپ ڏني هئي، جنهن عرصي دوران هُن سنڌي ٻوليءَ ۾ پهرين جيل ڊائري ”تُرنگ جو تيرٿ“ لکي هئي. اُها ڌار ڳالهه آهي ته جڏهن سورلي کي اڳتي هلي خبر پئي ته اهو شعر اڍائي سؤ سال اڳ جي شاعر شاهه لطيف جو آهي، ته هن جي شاهه ۾ دلچسپي پيدا ٿي ۽ پوءِ هن شاهه جي شاعريءَ جو مطالعو ڪري، 1940 ع ۾ ”Shah of Bhit “ جي عنوان سان پي. ايڇ. ڊي ڪئي هئي.
ياد رهي ته شاهه جي شاعريءَ تي پابندي ۽ سينسرشپ نه رڳو حڪمرانن ۽ انهن جي ڪامورن پئي وڌي آهي، پر اسان جي ڪيترن عالمن به شاهه جي ڪلام تي سينسرشپ لڳائي، ڪيترائي بيت بلڪه سُرن جا سُر شاهه جي رسالي مان ڪڍي ڇڏيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي سندن مسلڪ جي خلاف ۽ سندن سمجهه جي دائري کان وسيع هئا.
اسان جو لطف پيرزادو، شاهه جو اُهو پهريون عاشق ۽ کاهوڙي محقق آهي، جنهن واضح لفظن ۾ چيو آهي ته ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو پسمنظر، ويدڪ دور کان وٺي اڄ تائين محيط آهي.“ اها صرف ڳالهه نه آهي پر ان لاءِ لطف وٽ دليل به آهن.
لطف جي هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي روشنيءَ ۾ موت ۽ حيات جي فلسفي، صوفيءَ جي صفاتي زندگي، صوفين جي ڪردار، صوفي لاڪوفيءَ جي منصب، منصور حلاج، سنڌ جي محب وطن صوفين جي تاريخ، صوفين جي وصفن بابت جيڪو بحث ڪيو آهي، اُن مان سندس وسيع مطالعي ۽ لطيف جي ڳوڙهي اڀياس جي ڄاڻ پوي ٿي.
اهڙيءَ ريت نانگن، سامين، ڪاپڙين ۽ لاهوتين بابت لطف جو تجزيو ٻڌائي ٿو ته هن تصوف، ويدانت، ٻڌ ڌرم ۽ ٻين مشرقي مذهبن جي به ڪافي ڄاڻ حاصل ڪئي هئي. قلندري مشرب جو مطالعو ڪندي، لطف نتيجو ڪڍيو آهي ته ”قلندر وٽ تصوف ۽ هندو مت جي ويدانت گڏوگڏ آهي ۽ هو جوڻ جو قائل آهي،“ ان لاءِ هن قلندر شهباز جي هڪ شعر جو ترجمو شاهديءَ طور پيش ڪيو آهي:
”آئون دنيا ۾ سئو دفعا آيس،
هر دفعي فقيري منهنجي چيلهه سان ٻڌل هئي.“
اِن صوفياڻي روايت جو سائين جي. ايم سيد پڻ حامي هو، جيڪو جمن دربدر جي هن سادي ڪافيءَ کي ٻُڌي، نيڻ آلا ڪري ويهندو هو:
وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،
ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو.
هنن مضمونن ۾ ٻه مضمون شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي شاعريءَ ۽ شخصيت جي حوالي سان به لکيل آهن، جيڪو شاهه لطيف جو تڙ ڏاڏو ۽ پيش رو هو. لُطف ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي تحقيق سان اختلاف به ڪيا آهن ۽ اُن جو ناقدانه جائزو ورتو آهي. مطلب ته هي شاهه لطيف جي گهڻ رُخي مطالعي تي مشتمل ڪتاب ”لطيفيات“ ۽ ”لطيفي فهم“ کي سمجهڻ لاءِ ڪافي رهنمائي ڪري ٿو. ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي پر لطف جو ادراڪ، لطف جو مطالعو ۽ لطف جي تشريح تن جي تارن کي ڇُهي ۽ ڇيڙي ضرور ٿي.

25 آگسٽ 2019ع