لطيفيات

نت نت آهه نئون

هي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي شاھ لطيف جي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
Title Cover of book نت نت آهه نئون

سنڌ جو شاهه (جنهن جيهو ناهه ڪو)

سنڌ جو شاهه (جنهن جيهو ناهه ڪو)

سنڌ ۾ لکين شاهه، سيد، مرشد ۽ وڏين وڏين گادين جا مالڪ موجود آهن پر سنڌي ماڻهو جنهن شاهه کي سڃاڻندا آهن ان جو نالو آهي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه. ڀلي ڪير ڪنهن جو مريد هجي، پر شاهه کي پڻ مرشد جي حيثيت سان مڃيندو ۽ احترام ڪندو آهي، جو پاڻ بيت ۽ وائي چئي رسالي جي صورت ۾ سنڌي ماڻهن کي جيڪو پيغام ڏنو اٿن انهيءَ هر هڪ کي موهي وِڌو آهي. ڀل ته هالا جي نَو لکي گودڙي هجي، پاڳاري جا حُر سرن جو صدقو ڏيندا هجن، سيوهڻ جو لال سڀني اوليائن ۽ رندن جو سرگرو هجي، لنواريءَ جو لال، لاڙ ۽ اُتر ۾ مشهور هجي، دستگير جو اولاد ۽ ٻيا سنڌ جا صوفي بزرگ به حق جي ڪلمي چوڻ واري کي هر دم ياد ٿا ڪن. جڏهن به اوهان شاهه، بيت يا رسالي جو نالو کڻندا ته ٻُڌندڙ جي ذهن ۽ زبان تي لطيف جو نالو اڀري ايندو. الائجي ڪهڙي سگهه آهي سندس لفظن ۽ ڳالهه ۾ . ”ڳالهه پريان جي ڳجهه جي، جيهي نه تيهي“ واري ڪار آهي، سمجهندي به هن کي سمجهڻ کان قاصر آهيون:
وٽن ويٺي آهيان، ڏسيو ڪين ڏسانِ،
جنهن جيهو ئي ناھه ڪو، سا ڪا سونهن سنديان...
ان سونهن سڀني کي موهي مستان ڪيو آهي. ان فهم، فڪر ۽ راز کي سمجهڻ لاءِ سڀڪو آتو آهي :
جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن،
فڪر ڦرهي هٿ ۾ ، ماٺ مطالع ڪن،
پنو سو پڙهن، جنهن مان پسن پرينءَ کي.
فڪر جي به ڪا ڦرهي ٿيندي آهي؟ جنهن سان سانت کي پڙهيو ويندو آهي. اهڙو ڪو پنو به آهي، جنهن جي پڙهڻ سان ماڻهو پرينءَ سان واڳجيو وڃي. اسان جي شاهه جي انهن الٽين ۽ ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙين ماڻهن کي ڳهر ڏيئي ڳڱاٽي ڇڏيو آهي جو هن جا لفظ پڙهڻ سان جان ۾ ڪنبڻي وٺيو وڃي. ايڏي درد هوندي به چون ٿا ته ٽيهٺ ورهيه جيئرو رهيو، جنهن جت فقير کي ٽي سٽون ٻڌائي ماري ڇڏيو هو:
هيڪليائي هيل، پورينديس پنهونءَ ڏي،
آڏا لڪ لطيف چئي، سوريون سڄن سيل،
ڪر ٻيلي آهن ٻيلهه، جي سور پريان جا ساڻ مون.
دردن ۽ سورن سان ته ڪا لنئون لڳل اٿس، هجيس به ڇو نه؟ پاڻ جو چيو اٿس ته اهي درد ئي آهن، جن پرينءَ جو رستو سونهائي ان سان هيڪاندو ڪيو اٿم:
ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سُک ڏکن ري،
جنين جي ورونهن، سڄڻ آئيو مون گهرين.
هن جو ڳالهه ڪرڻ جو پنهنجو هڪ انداز آهي. هي جڏهن ڳالهه ڪندو آهي ته ٻُڌندڙ الائي ڇو ان جي تهه تائين پهچي ويندو آهي. هن جي ٻوليءَ تي گرفت ايتري مضبوط آهي جو هي خام لفظ ته استعمال ئي ناهي ڪندو. هن جي لفظن جي جڙاوت ۽ ترتيب ئي ڪجهه اهڙي طريقي ۽ سليقي سان هوندي آهي جو ڳالهه ۾ ڪو به شڪ گمان باقي ناهي رهندو. مشاهدو به وٽس ڪمال جو آهي. ڪڏهن ارٽ، ڪڏهن نارُ، ڪڏهن کوهيءَ نارُ، مطلب ته سنڌ جي هر شيءِ کي ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿو. انهن جي اوٽ وٺي هو اسان کي پنهنجي ڳالهه سمجهائي ٿو.
جڏهن چوي ٿو ته ”گهڙيا سي چڙهيا، ايئن اٿيئي“ ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي، برابر جيڪو گهڙندو ئي نه ته اهو هُن ڀر ڪيئن چڙهندو؟ ڀل ماڻهو تارو نه به هجي پر لهرون هن کي غوطا ڏئي، وڃي ڪنهن ڪنڌيءَ ڪنديون آهن. جيڪڏهن ڪو ڪاٺ جو بُنڊ لڙهندي هٿ اچي ويس ته ڄڻ هن کي ٻيڙي ور پيئي. ڪو ترهو ترندي مليس ته وڃي سُتڙ ٿيندو. لطيف سائين مرڻ لاءِ ماڻهوءَ کي اک ڇنڀ ۾ تيار ڪيو وٺي: ”مئي متي مهراڻ ۾، پئو ٽپو ڏيئي“ هن مست درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڪاهي پئه، بس وهم نه ڪر ته ”ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاهه سين.“ميهار تنهنجي لاءِ سيڻاهه کنيون هڪيو تڪيو حاضر ٿيو بيٺو آهي، توکي ٻڏڻ ڪو نه ڏيندو، ”يا الاهي امن امان، ٻاجھه ٻيلاٽي ڀانئيان!“ تنهنجي ٻاجهه مون لاءِ وچ درياهه ۾ سُڪل ٻيٽاري مثل آهي. تنهنجي ٻاجهه مون سان ساڻ هوندي ته آءٌ ڪيئن ٻڏنديس!
لا تقنطو من رحمت الله، ترهي ان تريج،
حبيباڻي هيج، پسين منهن ميهار جو.
ڪيڏو نه پر اميد آهي، هو جيڪي ڪنڌيءَ تي ڪک بيٺا آهن، انهن مان به نااميد ناهي. درياهه ۾ لهڻ واري کي صلاح ٿو ڏئي ته انهن کي ميڙي سيڙي مضبوط ٻڌي پنهنجي لاءِ ترهو بڻاءِ، اهي توکي ڪڍي ڪنڌيءَ ڪندا يا توسان ساڻ سير ۾ هلندا، جو اهي بيوفائي ناهن ڪندا:
ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجهن،
پسو لڄ لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن،
توڙي ڪنڌيءَ ڪن، نه ته ساڻ هلن سير ۾ .
*
تانگهي ۾ تاڻي، ٻڌ پنهنجو تُرهو،
اونهي ۾ آڻي، ڪو نه ڏيندئي ڪو ٻيو.
ڀٽائيءَ جون ڪيتريون ئي ڳالهيون سمجهه کان ٻاهر آهن، اڻ ٿيڻيءَ کي ٿيڻي ڪريو ڇڏي. سُر رامڪليءَ جي بيت ۾ اهڙي هڪ ڳالهه ڪئي اٿس، جا ڪڏهن نه ٿي، نه ٻُڌي:
پاڻيءَ مٿي پير، ڪين ڪڙيا پيرئين...
سائين! ڏيو خبر، پاڻيءَ تي به ڪڏهن پيرن جا نشان ٺهيا آهن؟ جو پيري انهن کي ڪڙي (ليڪي) سگهن!؟ هيءُ آهي جو جر تي به پيرن کي سڃاڻيو وٺي. ان لاءِ عرض ته سنڌ ۾ اهڙا به سپورنج ۽ سگهڙ پيري آهن جيڪي واردات تي پير سڃاڻي ان ڪردار جي وڃڻ واري طرف ۽ ان جي واسطن کان به واقف هوندا آهن. انهن کي پڪ هوندي آهي ته هيءُ فلاڻي جاءِ تي ويندو، پوءِ جيڪڏهن چور پير لڪائڻ لاءِ ڪنهن پاڻيءَ ۾ لهندو ته هنن کي اهو به اندازو ٿيندو آهي ته جيڪو هتان پاڻيءَ ۾ لٿو آهي، اهو فلاڻي جاءِ تان چڙھندو. ان حساب سان پَرينءَ ڀر وڃي ان پير کي ڳولي پڪ ڪري وڃي توڙ رسائيندو آهي. باقي اسان جهڙو موڳو مٽر اتي ئي ٽڪين تي هٿ رکي پير وڃائي واپس ورندو. ماهر پيري پاڻيءَ تي ان طرح پير ڪڙيندا آهن.
ڪپيريءَ ۾ پير، ڪنين پاتو پيرئين،
جيڪي منجهڻ ماڙهئين، سڄڻ تئائين سير،
ان ڀونءِ سندو ڀير، ڪوڙين مان ڪو لهي.
هي پنهنجا لفظ به ٺاهيندو آهي، اهڙا لفظ استعمال ڪيا اٿس جن ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ئي نه وڃي، نه وري اهي اڳ ڪنهن جا ٻڌل سڻيل آهن. ڪپيري يعني خراب ۽ اڙانگو پيچرو، جنهن ۾ ڪن هلڻ وارن پير پاتو، اهي جتي منجهي ٿڪجي پيا ۽ اڳتي لاءِ هنن کي راهه نظر نه آئي. لطيـف چــئي ٿــو تــه پــريـــنءَ جو سير اتان کان ئي شروع ٿئي ٿو جتان تون بي حال ٿي واپس ٿو ورين، وک وڌاءِ ته انهن جي گس جو سونهون ٿئين. طاقت نه رهي اٿئي، نستو ٿي ويو آهين، ويٺي وک نه ٿي اپڙئي ته به ڪا کُهي ٿڪل وک کڻ ته اها توکي پرينءَ سان اوڏڙو ڪري:
کُهي جا کنيائين، تنهن وک ويجهي ڪئي،
ڇڪي ڇنائين، پنڌ مڙوئي پٻ جو.
ڀٽائيءَ جي نينڍ تي سر ڏيڻ کانسواءِ چارو ناهي. مرڻ لاءِ ته ماڻهو کي ايئن اتساهيندو آهي، جهڙوڪر بس رڳو هن جي مرڻ جي دير آهي، دلبر جو حضور اکين اوڏڙو آهي:
مري جيءُ ته ماڻئين، جانب جو جمال،
ٿئين هوند حلال، جي پِند اها ئي پاڙئين.
*
اڄ آديسي مر، سڀان مرندو سڀڪو...
*
مر ته موچاري ٿئين، جيئڻ آڏو جَت،
هاري ڪر همت، ته دم ڏئي دوست لهين.
بس، دم ڏيڻ جي دير آهي! دوست لهڻ ۽ ان سان همڪنار ٿيڻ جي خاطري ڪرائي ڪيئن نه ماڻهوءَ کان سر تان هٿ ٿو کڻائي:
ته ڪر ڪيئن سئي، جي سير نه گهڙي سهڻي،
هت حياتيءَ ڏينهڙا، هڏھن تان نه هئي،
هُئينءَ هوند مئي، پر ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
سهڻي سير نه گِهري ها ته هن کي ڪير به نه سڃاڻي ها. تون به جي عشق جي دنيا ۾ زنده رهڻ چاهين ٿو، ته پوءِ هن حياتيءَ تان هٿ کڻ. اها ته اچڻي وڃڻي شيءِ آهي. اها ته پيٽ جي سور سان به ختم ٿي ويندي. ان ڳالهه کي سمجهائڻ لاءِ سپاهين جو مثال ڏنو اٿس. ڇا تو اهو نه ڏٺو آهي ته سپاهي پگهار عيوض پنهنجا سِر وڪڻيو ويٺا آهن:
سر سپاهين وڪيا، سوڪ نه سامي سوءِ،
جيڪي پڇين پچ سو، گنگا نئين نه گوءِ،
وڃ لاهوتڪي لوءِ، عجز کي آڏو ڪري.
شرط اهو آهي ته سر به ڏئي ۽ عجز، انڪساري ۽ هيٺاهينءَ سان انهن جي اڳيان پيش به ٿئي، ڇو ته انهن کي هيٺاهين ۽ نياز ئي پسند آهي.
جيئن ڀيرئين ۽ ڀانئيين، اوڏو ائين م آءُ،
ان سُرڪيءَ سندو ساءُ، پڇج عزازيل کي.
*
جنين ڀانيو پاڻ، ڪري توائي تن کي...
*
هُئڻ ڪيا هيئن، وانجهيا پس وصال کان.
هيءُ فنڪار خودي، تڪبر ۽ پاڻ ڀانئڻ جو دشمن آهي، هي ان عمل کي شيطاني عمل ٿو سڏي:
ٿيءُ ٻاراڻي ٻوجهه، وڃائي وجود کي،
يا خوديءَ لاءِ چيائين :
خودي ۽ خدا، هنڌ نه ٽڪن هيڪڙي،
ٻن ترارين جاءِ، ڪانهي هيڪ مياڻ ۾ .
اهوئي سبب آهي جو عاشق نوڙت، هيٺاهين ۽ عجز جون پٽيون ٿو پڙهائي ۽ چوي ٿو جيڪي تنهنجي زندگيءَ جو حاصل مقصد آهن، ڀلا انهن سان ڪهڙي وڏائي توکي سونهندي. ”اي در اٻوجهن جو“ هو ته اٻوجهن ۽ ڄاڻي به نه ڄاڻندڙن تي پنهنجي مهر ڪندا آهن، انهن کي رڳو اها هڪڙي هيٺاهينءَ واري ادا ئي موهي سگهي ٿي، باقي هنن وٽ تنهنجون ٻيون سڀ اٽڪلون، عقلي دليل ۽ حجتون بيڪار ثابت ٿينديون، ڇو ته هو بي نياز آهن، هنن کي تنهنجي پرواهه ڪانهي، هنن جا الائي ڪيترا عاشق آهن، انهن وچ مان جي توکي پاڻ وڻائڻو آهي ته پوءِ ڳچيءَ ڳل پاند پائي وڃي پرينءَ کي پرچاءِ. هنن لاءِ هي ڪم ڪو ڏکيو ناهي. هنن جي هڪ نظر ئي توکي رڱي ريٽو ڪري ڇڏيندي:
جانب تون جيڏو، آهيين شان شعور سين،
مون تي ڪر منهنجا پرين، توهه تسي تيڏو،
اي ڪامل ڪم ڪيڏو، جيئن نوازيم نگاهه سين.
جيئن مولانا روم جي زندگيءَ ۾ شمس تبريز جي پل کن جي چهري انقلاب آندو هو جو ڪاڏي ويا مدرسا، ڪاڏي ويا کٿابي، ڪاڏي ويا ڪتاب، مولانا صاحب صوفي خرقو پهري سماع جي محفلن ۾ نچي رهيو هو، جيڪو اهڙين محفلن کان ڪوهين ڏور ڀڄندو هو. رومي صاحب جا غزل جن کي ڪليات شمس تبريز جو نالو ڏنو اٿس، اهي سندس ان عشق تي گواهه آهن. چون ٿا ته هن کي کڙڪ پئي ته شمس تبريز جي قتل ۾ سندس پٽ جو هٿ هو. جڏهن سندس ان پٽ جي وفات ٿي ته روميءَ صاحب ان جي جنازي ۾ شرڪت نه ڪئي. چون ٿا ته شمس تبريز کي قتل ڪري کوهه ۾ ڦٽو ڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ مولانا جلال الدين رومي بيقرار رهڻ لڳو هو.
***