شاهه لطيف تي تحقيق کان رهجي ويل موضوع
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ ايڏي ته فني ۽ فڪري گهرائي ۽ شدت آهي، جو پڙهندڙ سندس شاعريءَ جي حسن، نزاڪت، واقعن، احساسن ۽ جذبات جي قيد ۾ اهڙو ته قابو ٿيو وڃي، جو هن کي اها شاعري نه پر پنهنجي وارتا تي لکيل اهڙو ڪتاب پيو ٿو ڀانئجي جنهن کي گھڙي گھڙيءَ پڙهڻ سان تانگهه ۽ تڙپ ختم نٿي ٿئي. پڙهندڙ جي ارد گرد ماحول کان ويندي ان جي نفيس جذبن ۽ ان جي تنتي سرشتي کي تاءُ ڏئي، ماڻهوءَ ۾ سوچڻ ۽ لوچڻ جي تڙپ پيدا ڪري ٿو ڇڏي، هن کي اها پڪ ٿو ڏياري ته انهن ٻن عملن کي عشق ۾ شامل ڪندين ته منزل ماڻيندين:
عشق سين اٺاءِ، پير پريان جي پار ڏي...
*
ڪونهي آڳهه اهڙو، جهڙي محبت من...
*
پڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرين کي،
ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا.
اڳلي کي قائل ڪرڻ ته کانئس ڪو سکي. شاهه جي شاعريءَ جو ڪئنواس، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو آهن، جن جي تاريخ، جاگرافي، نفسيات اخلاقيات،گڻ اوگڻ، انهن جي ٻوليءَ جا انداز، لهجا ۽ بيان ويهي پٽ جي ڌاڳي ۾ پويا اٿس. هن سنڌي ٻوليءَ جي هنج ۾ لفظن جو اڻکٽ خزانو، نت نيون معنائون ترڪيبون ۽ قاعدا وڌا آهن، هن سنڌي ٻوليءَ کي اظهار جو گڻ بخشيو آهي. شاهه سائين جن جي شاعريءَ تي ٿيل تحقيق جو سفر سوين سالن تي محيط آهي. وڏن وڏن محققن جي ڪم باوجود سنڌي ادب اڃا تائين اڃيو آهي.
مذهب، تصوف، فنا، ترڪ ۽ قرآن و حديث وغيره جي بيان کان سواءِ رسالي ۾ انساني زندگيءَ جا جيڪي اولڙا ۽ عڪس چمڪاٽ ڪري رهيا آهن، ان جي حوالي سان تحقيق نه پئي ٿئي.
مثال طور:
جي ور ريءَ وانڍين اڏيا، پکا سي م پسن،
اتر ڊاهي ان کي، ته ڪنهن کي ڪارون ڪن،
وارث وري تن، اچي شال اولو ٿئين.
*
نه سي ووڻ وڻن ۾ ، نه سي ڪاتاريون...
*
ڏکي ڏک مٿي ڪري، ڇپر وانءُ پيهي،
گڏبئي ات ڏيهي، سوڌيون ڏيندئي خبرون.
*
ملاح تنهنجي مڪڙيءَ اچي چور چڙهيا...
ڇا اهي ڪردار ۽ اهي موضوع اسان جي محققن کي متوجه ڪري نه سگھيا آهن، جيڪي عوام سان نه سلڻ جهڙيون ڳالهيون سلي رهيا آهن، ڳجهه ڳرهي رهيا آهن، جن کي اسان مذهبي ۽ اخلاقي مصحلتن سبب نظر انداز ڪندا رهون ٿا. ڀٽائيءَ جي نواڻ ۽ تبديليءَ تي بحث ڪندي، ڊاڪٽر سورلي لکي ٿو ته ”تعجب جي ڳالهه هي آهي ته هندي، فارسي ۽ عربي کي ڇڏي ڪري لطيف غير معروف ۽ مقامي ٻوليءَ جي چونڊ ڪئي، جڏهن ته رائج ٽنهي ٻولين ۾ پڻ شاعري ڪري سگھيو ٿي.“
هڪ ٻي ڳالهه ته ڀٽائي شاعريءَ جي موضوعن ۾ انقلاب آڻي ڪرڙ، اٺ، ڳجهه ۽ لوڪ ڪهاڻين کي موضوع بڻايو. ڀٽائي صاحب جي تعليم ۽ ڪرامتن جي باري ۾ به سورلي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته ”شاهه جو رسالو ڀٽائيءَ جي علم ۽ تعليم جو شاهد آهي، جنهن جهڙو ڪتاب سنڌي ادب ۾ نه اڳ موجود آهي نه پوءِ پيدا ٿيڻ جي اميد آهي. رسالي ۾ جيڪا عربي، فارسي، هندي استعمال ڪئي وئي آهي، اها عام مروج تعليم جي معيار کان ڪيترا ڀيرا مٿاهين آهي.“
ٽيون دليل سورلي جو هي آهي ته مثنوي مولانا روم، قرآن شريف ۽ شاهه ڪريم جو رسالو بيان العارفين ساڻس سدائين گڏ هوندا هئا ته ان کان وڌ لطيف جي پڙهيل هجڻ لاءِ ٻي ڪهڙي ثابتي کپي. اهي ٽئي ڪتاب لطيف رڳو ڏيکاءَ خاطر ڪين کڻندو هو. لطيف کي امي چوندڙ ڪاني ڪرامت جون ڪهاڻيون گھڙي اهو تاثر ڏيڻ چاهيندا آهن ته لطيف ڄمندي ڄام هو. اهڙين ڪرامتن ۽ نه وسهڻ جهڙين ڳالهين سان مرزا قليچ بيگ جو ڪتاب ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ ڀريو پيو آهي. سنڌي ادب ۾ 80_1970ع واري ڏهاڪي ۾ ترقي، پسند ادبين اهڙا سوال اٿاري ان نقطي تي ڪم ڪيو ته هن شاعر جيڪا هيڏي عوامي مقبوليت ماڻي آهي، جنهن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي ان جا ڪي عوامي ڪارڻ به آهن ۽ انهن کي رسالي جي ٻوليءَ واري شدت سان ظاهرڪيو وڃي.
بکيءَ کِل نه اڄهي، ڏکيءَ ڏمر نانهه،
اگهاڙيءَ وهانءُ، ويو ويچاريءَ وسري.
يا
کٿيريءُ تان کِل، عمر ڪج ۾ اهڙي،
آئون ڪيئن سوڙين سمهان، مون ور گھاري وِلهه ...
*
وينديس، رهنديس ڪين ڪي، توڙي رات انڌاري...
*
ڪتي ڪتي ڪالهه، اڄ نه آتڻ آيون،
ارٽ ڍرڪي مالهه، پوري ويون نجهرا.
*
اڄ آديسي مر، سڀان مرندو سڀڪو...
*
هٿين هٿڪڙول، ڄنگھون ٻانهون ڪاٺ ۾ ...
اسان جي سنڌ ۾ تمام وڏا مذهبي، صوفي مبلغ پيدا ٿيا، جن تبليغ جي حد تائين رسالي جي اوٽ ۾ قرآن و حديث ۽ دين مبين جي خدمت ڪئي. ڪن وري شاهه لطيف تي عربي، فارسي، هندي، پنجابي وغيره جي اثرن تي تحقيق ڪئي. ڪن شاهه جي شاعريءَ تي رومي، شاهه ڪريم ۽ ٻين آڳاٽن شاعرن جي اثر وغيره جهڙن موضوعن تي تحقيق ڪري ڊگريون ورتيون. ڪن وري قرآني آيتن، عربي قولن، چوڻين ۽ حديثن کي يڪجاءِ ڪري رسالي مان اهڙا بيت چونڊيا جن ۾ انهن جو سڌو استعمال ڪيو ويو آهي يا اشارتن ذڪر ڪيو ويو آهي.
هونءَ ته لطيف تي تحقيق جا مکيا ٽي پهلو جڙن ٿا: هڪ آهي هن جي حياتي، ٻيو آهي هن جي شاعري ۽ فن، ٽيون آهي هن جي ٻولي ۽ فڪر، انهن ٽنهي پاسن تي جوڳي تحقيق نه ٿي آهي، جنهن لاءِ عرض آهي ته شاهه لطيف جي ولادت جي جاءِ ۽ سندس ڄمڻ جي صحيح تاريخ تي اڃا تائين سنڌي ادب ۽ لطيفيات جا محقق متفق ناهن. هي بنيادي مسئلو آهي. ان کانپوءِ سندس شادي ۽ اولاد جي باري ۾ پڻ اختلاف آهن. هن مسئلي جي حل لاءِ مظبوط دليل ۽ شاهديون گهربل آهن، جن جي اسان وٽ کوٽ آهي. ان سلسلي ۾ اڪثر سوانح نگارن ڌُڪي ۽ انومان جو سهارو ورتو آهي. هن جي حياتيءَ واري پهلوءَ تي سلسليوار ۽ مدلل تحقيق جي ضرورت آهي. ڀٽائيءَ پنهنجي مختصر حياتيءَ ۾ جيڪي ڪم ڪيا، جنهن فلسفي ۽ نظام حيات جي وڪالت ڪئي، اهي محرڪات هٿ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته هن ڪهڙن ڪردارن، واقعن، حادثن ۽ مشاهدي جي آڌار تي پنهنجو ذهن ٺاهيو:
سُتي سيڄ هياس، مون کي آهه اُٿاريو،
جنين جاڳاياس، آئون نه جيئندي ان ري.
*
گهوڙا ڙي گهوڙا! آئون نه جيئندي ان ري ...
*
گهوڙا گهڻيءَ ڀونءِ، وو وو وڃن نڱيا ...
*
مادر مٿان مون، ڪانگ لنوندا ڪڏهين ...
*
ڪوهه ٿو ڪاڳر ڪورئين، ويٺو وڃائين مس،
ڏور تئائين ڏس، اکر جيان ئي جڙيا.
*
ڀينر هن ڀنڀور ۾ دوزخ جو دونهون،
سوارو سونهون پڇي پورج سسئي ...
*
ويٺي وَرِ نه پُون، سُتي ملن نه سپرين،
سي مَرُ رويو رُون، جن مسافر سپرين.
*
ڀٽائي صاحب پنهنجي هم وطنن کي اهي گڻ پرائڻ جي تلقين ٿو ڪري، ايتري تائين جو هو پنهننجي جوڙيل ڪردارن کي معراج تي رسائي ڪامياب به ڪري، پوءِ به انهن جي ڪچائي هٿ ڪري، انهن تي تنقيد ٿو ڪري. هو زندگيءَ جو وڏو نقاد آهي، ان کي ئي تبديليءَ جو بنياد ٿو سمجهي. خود تنقيدي عمل جو ڪوڏيو آهي. هر وقت پاڻ تي نظر، اندر ۾ جھاتي، پنهنجي عملي زندگيءَ جو مفصل جائزو وٺڻ وارو، سنڌي ادب ۾ سماجي تنقيد جو باني، تحقيق ۽ تنقيد جو حامي، وحدت ۽ ڪثرت تي عمل پيرا، حال کي حاصل ڪندڙ ڏاهو.
حقيقت هڻي، منهنجي جان جدا ڪِي ...
*
تحقيق ٿيءُ تسليم سين، لاهي غم وهم ...
*
تحقيق جي ڀري، مٿي ريءَ کڻيج ...
*
ڪوڙن سين جو ڪري، ريءَ سعي ساڃاهه،
سيڪيو سيڪي هٿڙا، ڪر اجهائي باهه ...
لطيف سائينءَ جي فن، فڪر، شاعري ۽ حياتيءَ تي تحقيق جا ڪيترائي پهلو ۽ پاسا ٿي سگهن ٿا. جن تي تحقيق جي ضرورت هر دور ۾ رهي آهي، جنهن لاءِ سنڌ جا سڄاڻ ۽ سجاڳ اديب ۽ دانشور فڪرمند رهيا آهن، انهن طرفان اهڙا نقطا ۽ سوال اٿاريا ويا آهن ۽ انهن جي اهميت ۽ شدت محسوس ڪندي اهڙن عالمن اهڙن رخن تي تحقيق لاءِ پئي اتساهيو آهي. هن سلسلي ۾ اسين سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، رسول بخش پليجي، شمشير الحيدري، سراج ميمڻ، تنوير عباسي، انور پيرزادي ۽ بدر ابڙي جا نالا ڳڻائي سگهون ٿا جن هن ميدان ۾ پاڻ موکيو آهي، البت اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻ ۽ ٿيڻ جي تؤنس تهائين وڌي آهي. شل لطيف کي اهڙو شارح ملي جو سڀني رخن کان هن عجوبي جهڙي طلسماتي شاعريءَ کي پاڻ ۾ سمائي ڪجهه سمڪ ۽ سرت عوام سان به ونڊي.
***