شاھه لطيف جي وائي ۽ ان جا راڳائي فقير
شاھه ڪريم جي دور ۾ وائي باقاعده ڳائڻ جي رواج جون روايتون نٿيون ملن، پر سازن تي راڳ ۽ مچ تي سماع جون روايتون ملن ٿيون. شاھه ڪريم سماع جو وڏو شائق هو، هڪ دفعي ته راڳيءَ کي پنهنجو پهراڻ لاهي ڏنو هئائين. جنهن رات سندس نڪاح پڙهايو ٿي ويو، ان رات به پاڻ هڪ راڳ جي محفل ۾ ويٺو هو، جتان سندس وڏي ڀاءُ جلال شاھه، کيس وٺي وڃي نڪاح پڙهايو هو. مچ واري سماع ۾ فقير گول دائري ۾ بيهي، پهريان ذڪر جون پنج تسبيحون پڙهندا آهن. ان کانپوءِ بنا سازن جي، سُر ۾ هڪ فقير اڳواڻي ڪندي بيت ڳائيندو ويندو آهي. مچ کي چوڌاري سڄو دائرو آهستي آهستي طواف به ڪندو هلندو آهي. باقي فقير ان سٽ کي ورجائيندا آهن. هي سماع شاھه ڪريم جي دور ۾ توڙي ان کانپوءِ سندس درگاھه تي سائي سومار يعني چنڊ جي پهرين سومر رات ٿيندو آهي جيڪو اڄ سوڌو ٿيندو اچي ٿو. اهڙي رسم ڀٽ تي پڻ ملهائي ويندي آهي.
وائيءَ واري گائڪيءَ کي لطيف ڀٽ وسائڻ کانپوءِ شروع ڪيو، جنهن لاءِ روايت آهي ته پاڻ عام ٽن تارن واري تنبوري کي پنجن تارن واري تنبوري ۾ تبديل ڪيو. وائيءَ تي راڳائي فقير ٽن، پنجن يا اِڪيءَ تعداد ۾ ويهندا آهن، جن ۾ آڳو بيت کڻندو آهي، پوءِ ان جي ساڄي پاسي فقير ان کي دهرائيندو آهي. وائيءَ جي کڻت کي (سڏُ) ڪوٺيو ويندو آهي. هي (سڏُ) بلڪل ان سڏ جھڙو آهي، جيڪو شاھه ڪريم مريدن ۾ وڃڻ وقت انهن جي ڳوٺ ٻاهران بلند آواز ۾ ”ها“ ڪري الله هو پڪاريندو هو جنهن مان مريدن کي خبر پوندي هئي ته سندن مرشد آيو آهي. وائيءَ جي کڻت يا هن جي شروعات، سُر سنگيت کان بنھه مختلف آهي جنهن لاءِ هڪ دفعي پڇڻ تي استاد منظور علي خان ٻڌايو هو ته ٻيو هر راڳ ۽ راڳڻي هيٺ کان مٿي سفر ڪندي آهي، جڏهن ته لطيف جي وائي مٿان کان هيٺ سفر ڪندي آهي، ان ڪچهريءَ ۾ استاد ٻنهي نمونن جي ”ها“ آلاپي به ڏيکاري هئي. وائي مٿي کان شروع ٿي هيٺ ختم ٿيندي آهي، جنهن ۾ بلند آواز سان ڀلو ميان، يا ڀلو الا اچاريو ويندو آهي، ان کانپوءِ آلاپ ڪري ڌيمي آواز سان الله هو چئي سُر جي پڄاڻي ڪئي ويندي آهي، جنهن کانپوءِ نئون بيت کڻندي پڻ مٿي کان هيٺ اچبو آهي.
روايتن موجب لطيف سائين جن پاڻ به وائي ڪندا هئا. ڀٽ شاھه ثقافتي مرڪز پاران قائم ڪيل ميوزيم ۾ اهو تنبورو به رکيل آهي جيڪو لطيف سرڪار پاڻ وڄائيندو هو. ان تي چانديءَ جي جڙاوت سان چٽدار ڊزائين مڙهيل آهي، اڇي ۽ بِلو رنگ سان ڪاشي جھڙي ڊزائين پڻ اڪريل آهي.
هر سُر جي هڪ داستان جا بيت ختم ڪري پوءِ فقير وائي پڙهندا آهن، وائيءَ کانپوءِ وري ٻئي سُر جي شروعات ٿيندي آهي. اونداهين راتين ۾ کنڀات ناهن پڙهندا. ڪلياڻ کان سامونڊيءَ تائين وارا سُر پڙهي پوءِ سهڻي پڙهندا آهن: جنهن دوران ويٺلن ۾ کير جي چُڪي تقسيم ڪئي ويندي آهي، جنهن کي سهڻي واري سُرڪي سڏيو ويندو آهي. اهو کير ڳوٺ وارا مال ۾ برڪت پوڻ جي نيت سان موڪليندا آهن. سُر جي پُڄاڻيءَ تي سهڻيءَ جي دعا گھري ويندي آهي، جنهن جا پهريان اکر هوندا آهن ”سهڻي جا سائين! خير ڪجائين“ سهڻيءَ جي دعا کانپوءِ سسئيءَ جا پنج سُر شروع ٿيندا آهن. جنهن کان پوءِ باقي رسالي جا سُر پڙهي،آخر ۾ اسُر ويل مارئي ڪندا آهن، جنهن جو اڪثر پهريون بيت ”پرھه ڦُٽندي فال، وڌم ويڙهيچن لاءِ“ پڙهندا آهن. هن سُر جي پڄاڻيءَ تي آخري دعا گھري ويندي آهي ۽ صبح جي اذان به ايندي آهي.
تمر فقير کي خليفه اول ۽ وائيءَ جي پهرين اڳواڻ طور ياد ڪيو ويندو آهي. تمر فقير جا اُهي ٻئي حوالا معتبر آهن. سندس ڇٺيءَ جو نالو علي هو، سندس ولادت عربستان ۾ ٿي هئي، جڏهن سندس والدين حج تي ويل هئا. واپسيءَ تي جڏهن لطيف جي حضور ۾ حاضر ٿيا ته ننڍڙي جي نانءُ معلوم ڪرڻ خاطر لطيف پڇا ڪئي، جنهن تي تمر جي والد وراڻيو ته سائين هن جو نالو ”علي“ رکيو اٿئون. اهو ٻُڌي لطيف چيو ته ابا ”علي ته امامن جو امام آهي، هي نينگر جيئن ته عربستان ۾ کجيءَ هيٺان ڄائو هو، ان ڪري هن جو نالو تمر ٿا رکون.“ ائين چئي پاڻ هڪ عربي لوڪ گيت جي سٽ چيائون جنهن جو مقصد آهي ته ”کجيءَ جي وڻ هيٺان کارڪون ۽ ٻاڪرو کير تقسيم ڪيو ٿو وڃي ۽ سهيليون ڳيچ ڳائي رهيون آهن.“ اهڙي طرح تمر تي اهو نالو پاڻ لطيف رکيو، جنهن لاءِ فقير چوندا آهن ”تمر سچ جو ثمر“ ان ڏينهن سندس والدين تمر کي لطيف جي خدمت ۾ ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، جيڪا پاڻ قبول ڪيائون. جوان ٿيڻ تي لطيف جي خدمت ۾ رهيو. هڪ روايت آهي ته ڪجھه عرصي لاءِ لطيف تمر فقير کي اهو چئي محڪم الدين سيلانيءَ جي حوالي ڪيو هو ته اوهين هن فقير کي تربيت ڏيو، اهڙي طرح هن کي خليفه اول ۽ راڳ جي پهرين اڳواڻ جا منصب نصيب ٿيا.
تمر فقير سان چوڪنڊيءَ ۾ رکيل باقي ٽي فقير هر هڪ ولي محمد فقير، يعقوب فقير ڏيرو ۽ اسماعيل فقير کاهوڙي جنهن گنج شريف لکرائي ڀٽ تي رکيو، ترتيب وار وائيءَ جا اڳواڻ مقرر ٿيا، جن کانپوءِ يعقوب شهيد، ڪيهر فقير لنجواڻي، ابراهيم فقير خاصخيلي، سيد غلام شاھه، ميرو فقير لنجواڻي پنهنجي پنهنجي دورن ۾ وائيءَ جي اڳواڻي ڪندا هئا، جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. سائين غلام شاھه واري جوڙ جي اڳواڻي سائين عطا محمد شاھه عرف عطن سائين ڪندا آهن. ابراهيم فقير جي ٽولي جي اڳواڻي گلڻ فقير ڪري رهيو آهي. جڏهن ته لنجواڻين جي ٽولي جي اڳواڻي جڙيل فقير ڪري رهيو آهي. تمراڻي فقيرن مان مرحوم الهه بچائي فقير کان پوءِ اڳواڻي جا فرائض مير حسن فقير انجام ڏئي رهيو هو، جن کي هن وقت بيدخل ڪيو ويو آهي. نظاماڻي فقيرن جي ٽولي جي اڳواڻي غلام حيدر فقير جو پٽ نباهي رهيو آهي. هتي اسين ثقافت کاتي جي وزير سائين سردار شاھه کي التجا ڪنداسين ته پاڻ دلچسپي وٺي، تمراڻي فقيرن ۽ موجوده سجاده نشين وچ ۾ سرچاءُ ڪرائي، وڏي اوطاق کولائي فقيرکي پنهنجي منصب تي فائز ڪرائي.
هن وقت وائيءَ جي سکيا جو اسڪول کلڻ کانپوءِ وائيءَ وارن فقيرن ۾ ججھو اضافو ٿيو آهي، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي، هن وقت ڏينهن جو به وائي ٿئي ٿي. وائي ڪندڙ فقيرن جو تعداد نوي کان هڪ سئو تائين پهچي چڪو آهي. سائين جمن شاھه تمراڻي فقيرن جي واري تي اڳواڻي ڪري ٿو، پاڻ لطيفي لات تنظيم جو صدر پڻ آهي. هيءَ تنظيم وائيءَ وارن فقيرن جي رجسٽرڊ جماعت آهي. راتين ۽ ٽولين جي ترتيب به نئين طريقي سان جوڙي وئي آهي. وائيءَ وارن فقيرن وٽ راڳ جي ڄاڻ، تار جي وڄت ۽ ان جي نمونن ۽ رسالي جي حفظ تي گھڻو زور ڏنو وڃي ٿو. وائي ڪندڙ نون فقيرن کي خاص ڪري انهن شعبن جي ئي سکيا ڏني ويندي آهي. وائيءَ واري اسڪول جا استاد به جھونا وائي ڪندڙ فقير مقرر ٿيل آهن. جڏهن ته پرنسيپال جون ذميواريون سائين جمن شاھه وٽ آهن. پاڻ راڳ تي دسترس رکي ٿو ۽ وائي ڏاڍي سهڻي انداز ۾ پڙهي ٿو، رسالو به سٺو حفظ ٿيل اٿس. ڪافي فقير ڏسي رسالو پڙهن ٿا، جنهن مان ٻڌندڙن کي گھٽ مزو ٿو اچي، ڇو ته انهن فقيرن کي بيت تي ايڏي گرفت نٿي ٿئي، جيتري حافظي واري جي هجي ٿي.
هن وقت سرڪار يعني ثقافت کاتي پاران وائيءَ وارن فقيرن جو وظيفو به وڌايو ويو آهي، جنهن ڪري شهر جا ڪافي نوجوان وائيءَ ڏانهن راغب ٿيا آهن، جيڪا خوش آئند ڳالھه آهي. اهي نوجوان عزت ڀريو مقام ماڻڻ سان گڏ معاشي تنگ دستيءَ کان به آجا ٿيا آهن، پوءِ به سرڪار کي ڪوشش وٺي وائي وارن فقيرن کي گھٽ ۾ گھٽ هڪ اسڪيل جي ماهوار پگھار مقرر ڪرڻ کپي ته جيئن هو پنهنجي عيال جو گذر سفر ڪري سگھن ۽ ٻي ڪرت ڪرڻ جي فڪر کان آجا ٿي سگھن. ائين ڪرڻ سان هنن جي رسالي جي حفظ ڪرڻ ۽ وائيءَ جي راڳداري ۽ تار جي ڇيڙ ۽ وڄت ۾ اڃا وڌيڪ بهتري ايندي. جيڪي ماهر فقير، پراڻا وائي ڪندڙ آهن، انهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنجين اسڪيل واري پگھار مقرر ڪئي وڃي. ائين ڪرڻ سان صدين کان هلندڙ هِن فن ۽ صوفياڻي روايت ۾ وڌيڪ نکار ايندو. اسان سنڌي ماڻهن کي ٻين راڳين جيان وائيءَ وارن فقيرن کي شادين ۽ ڳوٺڙن ۾ ملهائيندڙ ميلن ۾ گھرائڻ گھرجي ۽ سرڪاري طور لڳندڙ وڏن ميلن ۾ پڻ هنن فقيرن کي گھرايو وڃي ته جيئن هنن جي مالي سهائتا به ڪري سگھجي، ائين ڪرڻ سان اسين رسالي کي سنڌ ۾ عام ڪرڻ ۽ وڌ ۾ وڌ عوام تائين پهچائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي سگھنداسين.
لطيف ته اڳ ئي سنڌين جي دل ۾ ديرو ڄمايو ويٺو آهي، سندن هن محبوب روايت کي اسين عوامي حيثيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته لطيف اسان تي اڃا وڌيڪ مهربان ٿيندو.
هوءَ جا لات لطيف جي، سڏ تنهن جو سُڄي.
***