لطيفيات

نت نت آهه نئون

هي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي شاھ لطيف جي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
Title Cover of book نت نت آهه نئون

مئي هاٿيءَ سين مامرو، اچي پيو انڌن

مئي هاٿيءَ سين مامرو، اچي پيو انڌن


مئي هاٿيءَ سين مامرو، اچي پيو انڌن،
مناڙين هٿن سان، اکئين ڪين پسن،
في الحقيقت فيل جي، سڄا سڃاڻن،
سندي سردارن، بصيرت بينا ڪري.
مٿئين بيت واري تمثيل مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنويءَ جي هڪ حڪايت تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته مئي هاٿيءَ کي سڃاڻڻ لاءِ ڪجھه انڌن کي وٺي اچي انهن کان پڇيو ويو ته هي ڪهڙي شيءِ آهي؟ پوءِ جنهن جا هٿ هن جي ڪنن تي لڳا ان هن کي گاگڙو ڇڄ سڏيو، جنهن جا هٿ سونڊ کي لڳا ان چيو هي ٿلهي واڍ آهي، جنهن جو پڇ تي هٿ لڳو ان چيو ته هي رسو آهي، جنهن جا هٿ هن جي ڄنگهن کي لڳا ان چيو ته اهي ٿنڀا آهن. ان حوالي سان اسان جي محققن لاءِ شاھه جو رسالو پڻ اهڙي هاٿيءَ مثل ٿي پيو آهي ۽ اهي سڀ ڏسڻ وائسڻ ۽ غور ڪرڻ بجاءِ هٿوراڙيون هڻي پنهنجي پنهنجي سمجهه مطابق ان جا مطلب ڪڍي رهيا آهن: ڪو هن کي اولياءُ ٿو سڏي، ڪو تارڪ ٿو چوي، ڪي ته وري هن جي بيتن جي، ڏور بيتن جيان سوا لک نبين، پنجتن ۽ اسلامي واقعن واري معنيٰ ڳولي رهيا آهن. ڪجهه ماڻهو رسالي کي قرآن شريف جو تفسير سڏي رهيا آهن، ڪي ماڻهو وري ڏاڍي محتاط طريقي سان ڳالهه کي رومال ۾ ويڙهي هن کي نقال پڻ سڏي رهيا آهن، اهو سڀ انهن جي نظر جو فرق آهي، ڇو ته جڏهن رسول بخش پليجو چئي ٿو ته ”حفيظ تيوڻو شاهه لطيف کان وڏو شاعر آهي“ ته اها ان جي نظر ۽ سمجهه جي ڳالهه آهي.
ڪير چوي ٿو ته شاھه تي روميءَ جو اثر آهي، شاهه ان جي بيتن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، ڪو هن کي هندي دوهن جو مترجم ٿو سڏي، ڪنهن جو خيال آهي ته شاهه لطيف تي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو اثر آهي، لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ شاهه ڪريم جا خيال ۽ ٻولي استعمال ڪئي آهي، ڪير چوي ٿو ته ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ هيترو سيڪڙو ڌاريو ڪلام آهي. ان سلسلي ۾ شاهه جي رسالي جي بمبئي واري نسخي کي ڊاڪٽر گربخشاڻي ردي رسالو ٿو سڏي، ڇو ته ان ۾ تمام گهڻو ڌاريو ڪلام جمع ڪيو ويو آهي. مولانا روميءَ جي فارسي مثنوي جيئن جو تيئن موجود آهي، وارث شاهه جي هير، هير رانجها سر جي سري هيٺ ڏني وئي آهي، بيراڳ هنديءَ ۾ ڪبير، تلسي، ميران ۽ ٻين هندي شاعرن جا دوها موجود آهن. گنج شريف ۾ به ساڳي ڪار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ نالن سان ڌاريو ڪلام موجود آهي، مثال ”کٽي چئي کڻي ويا“ ”جوڻيجو چئي جوڙ“، ”لال پرين لکمير چئي“ وغيره، انهن شاعرن جا بيت نالن سميت شامل ڪيا ويا آهن، جنهن لاءِ روايت آهي ته لطيف جي هوندي سندس صحبت ۾ ٿيندڙ سماع جي محفلن ۾ انهن کي ڳايو ويندو هو ۽ ڪاتب انهن کي نقل ڪندا ويندا هئا ۽ فقير انهن کي ياد ڪندا هئا. اڄ سوڌو وائيءَ وارا فقير ڪيترو ئي ڌاريو ڪلام ڳائين ٿا. لطيف بيت ۽ وائيءَ جي حوالي سان ايڏو وڏو نالو آهي جو اسين سنڌي سمجهون ٿا ته بيت آهي ئي لطيف جو، هن سلسلي ۾ الهداد جهنجهي ۽ محمد قاسم راهمون جا گنج شاهد آهن ته هو هر بيت کي شاهه جو ڪلام سمجهي ان کي پنهنجي مرتب ڪيل گنج ۾ شامل ڪري اهو سمجهن ٿا ته اسان لطيف جو وڃايل يا وسريل ڪلام ڪٺو ڪيو آهي. هنن وٽ لطيف جي ٻولي ۽ خيال جو ڪو خاص معيار ڪونهي.
شاهه لطيف جي صحيح رسالي واري رٿا هيٺ ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر پاران ڪيتريون ئي ڪوششون ورتيون ويون آهن، ان سلسلي جي پهرين ڪڙي شاهه لطيف کان اڳ جي ڪلاسيڪل سنڌي شاعرن ۽ سندس همعصرن جي ڪلام جي ڇپائي جي رٿا عمل هيٺ آئي، جنهن تحت قاضي قادن، شاهه ڪريم، لطف الله قادري، لطف الله لاکي، ميرن شاهه عنايت ۽ عنايت رضويءَ جو ڪلام ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ان سلسلي جي ٻي ڪڙي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جا ڏھه جلد آهن، جنهن ۾ هن لطيف جي ڪلام کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي: هڪ رسالي جا بيت ٻيا شاھه جا بيت. سر ڪيڏاري لاءِ ڊاڪٽر صاحب جو خيال آهي ته ان ۾ ستر سيڪڙو ڌاريو ڪلام آهي، ان لاءِ هن احسان فقير لانگاهه جو نالو به کنيو آهي. علامه آءِ آءِ قاضي ته مورڳو پنهنجي مرتب ڪيل رسالي مان ڪيڏاري کي خارج ڪري ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ هن جو دليل آهي ته ”لطيف سني مسلڪ جو درويش هو، هو اهڙي شاعري نٿو ڪري سگهي.“ پروفيسر عثمان علي انصاري وري پنهنجي رسالي مان هيٺيون بيت خارج ڪري ڇڏيو، ”چنڊ لڳئي منڊ، سنجهي ئي سيخ ٿئين...“ انصاري صاحب جو دليل آهي ته” لطيف جهڙو پرهيز گار ۽ متقي شخص اهڙا اگھاڙپ وارا بيت نٿو لکي سگھي.“ جڏهن ته سندس رسالي ۾ سامونڊيءَ جو بيت ”اڀرن سيڪارا پسيو ور ٻين جا،“ سسئيءَ جو بيت ”سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ، سپريان جي سوڀ ننڊون ڪندي نه ملي،“ ”سُتي پون ڇرڪ، آيل ٻاروچن جا“ ۽ ”اگھاڙيون آتڻ ۾ ، پرين پڄاڻان هون“ وغيره جهڙا بيت الائي ڪهڙي مصلحت سبب پنهنجي مرتب ڪيل رسالي ۾ شامل ڪيا اٿس، نه ته سندس سوچ مطابق اهي پڻ خارج ڪرڻ جهڙا بيت آهن!
هرڪو عالم ۽ محقق لطيف تي پنهنجي راءِ مڙهي رهيو آهي. سڀڪو ائين ٿو سمجھي ته شاھه ائين هو ۽ هن ائين چيو آهي جيئن آئون سمجھان ٿو، ان ڳالھ ڏانهن اشارو ڏيندي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ( تحقيق ڪيئن ڪجي ) شاھه لطيف چيئر ڪراچيءَ پاران ڪرايل هڪ ليڪچر پروگرام ۾ چيو هو ته ”شيخ اسماعيل ۽ معمور يوسفاڻي شاهه لطيف کي آڱر کان وٺي گھمائي رهيا آهن.“
اسانجي هندو ليکڪن وري ويدانت ۽ هندو مت جي پرچار ۽ اپٽار ڀٽائيءَ جي بيتن جي آڙ وٺي ڪئي آهي، جن ۾ گربخشاڻي ۽ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ، امر ڏنو مل لالواڻي، دادا ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ۽ ڪلياڻ آڏواڻي جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا، پوءِ به ڊاڪٽر گر بخشاڻي ۽ ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ جو ڪم ساراھه جوڳو آهي، ڇو ته هنن لطيف جي ٻوليءَ تي ماهراڻو ڪم ڪيو آهي ۽ وڏي محنت ۽ جاکوڙ کانپوءِ ئي نتيجا ڪڍيا آهن. ايڇ ٽي سورلي اڌ کان وڌيڪ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي تاريخ لکي آهي، پر پوءِ به هن کي لطيف جي شارحن ۾ وڏي حيثيت آهي. لطيف بابت هن جيڪي رايا ڏنا آهن يا مجموعي نتيجا ڪڍيا آهن اهي ايترا ڪارگر ۽ وزندار آهن جو، ڪير به محقق انهن کي نظر انداز نٿو ڪري سگھي.
اسان کي سوڀو گيانچنداڻي چوندو هو ته ”هاڻي اهڙو ڪو محقق پيدا ٿئي جيڪو گربخشاڻي ۽ ايڇ ٽي سورلي جي ڇڏيل ڪم کي بنياد بڻائي ان ڪم کي مڪمل ڪري.“ هندن جي ڀيٽ ۾ مسلمانن وري قرآن، حديث، سنت ۽ ٻين مذهبي عقيدن جي بنياد تي شاھه جي بيتن جي شرح ڪئي آهي، ان شوق ۾ هو ايترا وڌي ويل آهن سندن لکڻيون شاھه جي شرح گھٽ ۽ قرآن شريف جو تفسير وڌيڪ ٿيون لڳن. ان سلسلي ۾ مرحوم رسول بخش ڏيري جي شرح ڳڻائي سگهجي ٿي. لطيف کي اُمي ۽ لدني علم جو مالڪ چوڻ، هن جي سڄي فڪر، فن ۽ تخليق جي نفي ڪرڻ جي برابر آهي. هن جيڪا به شاعري ڪئي آهي سا سوچي سمجھي ڪئي آهي، هن شين جي پرک حقيقتن جي بنياد تي بنا ڪنهن بغض ۽ عقيدي جي ڪئي آهي، رامڪلي مان هڪ سٽ آهي:
”الحب لله والبغض لله، خاصي سندين خوءِ“ معنيٰ : (هو محبت به خدا ڪارڻ ڪندا آهن ۽ دشمني به خدا ڪارڻ ڪندا آهن ) ڀٽائي ان اصول جو پابند هو. هو خوديءَ جو خاص مخالف ۽ انانيت کي ختم ڪرڻ وارو آهي. هن جو درس اهو ئي آهي ته پاڻ وڃائي پاڻ کي ڳولج، هو ته پنهنجي لاءِ چوي ٿو ته” اگلڙي آءٌ، مون کان ڀڳا ڀڙا نه ٿيا،“ ”مون ڪميڻيءَ ڪين ڪمايو“، ”مون ۾ عيب اپار“وغيره.
سورلي جيڪي لطيف جا ڳڻ ڳڻايا آهن، انهن ۾ هن جيڪا پهرين ڳالھه ڪئي آهي، اها هيءَ آهي ته ”لطيف ان وقت جي رائج وڏين ٻولين يعني هندي، فارسي ۽ عربيءَ جو به ايترو ئي ماهر هو، جيڪڏهن انهن ٻولين ۾ شاعري ڪري ها ته، اهڙي ئي ڀلي ۽ خوبين سان ٽمٽار شاعري ڪري پئي سگهيو. حيرت جي ڳالھه اها آهي ته هن پنهنجي اظهار لاءِ اهڙي ٻولي جي چونڊ ڪئي آهي جيڪا ان وقت جي هڪ مقامي لهجي طور ڳالهائي ويندي هئي. هن ان ٻوليءَ کي ترقي يافته ٻولين جي صف ۾ آڻي بيهاريو، ان کي گرامر ۽ ٻوليءَ جي ٻين نزاڪتن سان سينگاريو.“
ٻيو نقطو هن اهو کنيو آهي ته ڀٽائيءَ جيڪي شاعريءَ جا موضوع چونڊيا آهن اهي ڪڏهن به ڪنهن ٻوليءَ ۾ اڳ استعمال هيٺ ناهن آيا، اها ئي هن جي وڏي جدت پسندي آهي. هن مثال ڏيندي چيو آهي ته ڪرڙ،کبڙ، ڪتو، ڪانءُ، ڳجھه، اٺ، گھوڙو، دلو، جنڊ، درياھه، سمنڊ، جبل، ”ڪارا ڪراين ۾ ، سون اسان کي سوءَ“ جهڙا موضوع کڻي انهن سان اهڙو ته نڀايو اٿس جو اهي سندس شاعريءَ ۾ سهڻا ۽ سڀاويڪ لڳي رهيا آهن.
ڀٽائي سڀني جو استاد آهي، هندوءَ کي چوي ٿو:
هندو هڏ نه آهيين، جڻيو تو نه جڳاءِ،
تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.
مسلمان کي چئي ٿو :
ان پر نه ايمان، جيئن ڪلمي گو ڪوٺائين،
دغا تنهنجي دل ۾ ، شرڪ ۽ شيطان،
منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهيين.
سورلي لکيو آهي ته گل و بلبل محبوب جي رخسار ۽ هار سينگار کي ڇڏي، هن لوئي، کٿي، پکي، پسي ۽ پيرُون کي ڳايو آهي، ساڻيھه جي سڪ ته هن جي شاعريءَ جو روح آهي ”سندي جا ساڻيھه، کيھه کٿوري ڀانئيان“، ”حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.“ هونءِ به لطيف اهڙي امن ڀرئي سماج جو گهرجائو آهي جتي ڪنهن به قسم جو جبر، غلامي، ڏاڍ ۽ ننڍ وڏائي نه هجي، نه وري ڪو ٽيڪس ۽ لگان هجي:
نڪا جهل نه پل، نه ڪو رائر ڏيھه ۾ ،
آڻيو وجهن آهرين، روڙيو رتا گل،
مارو پاڻ امُل، مليرونِ مرڪڻو.
سر سارنگ جو هڪ بيت آهي:
بر وٺا ٿر وٺا، وٺيون ترائيون،
پرهه جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون،
مکڻ ڀرين هٿڙا، سنگھاريون سائيون،
ٻانهيون ۽ ٻائيون، پکي سونهن پانهنجي.
اسانجي اها بدقسمتي آهي جو ڪارل مارڪس کي هندستان ۾ انگريزن جي پاليسين ۽ ترقيءَ جي ڄاڻ ته هئي، جنهن لاءِ ٿرڊ ڪانگريس ۾ ڪافي لکيو اٿائين پر هن کي ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي وڏي شاعر شاهه لطيف جي شاعري ۽ جهوڪ واري سوشلسٽ صوفي شاهه عنايت جي تاريخ جي ڄاڻ نه هئي ته هن سنڌ ڌرتيءَ تي پئرس ڪميون کان اڳ سوشلزم ۽ ڪميونزم جا تجربا ٿي گذريا آهن. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هارين، مزدورن ۽ عورتن تي ڪهڙي قسم جي شاعري ٿيل آهي ۽ هتان جي اقتصادي حالتن کي هن ڪهڙي اک سان ڏٺو آهي؛ انهن ڳالهين جي هن کي ڄاڻ هجي ها ته هندستان ۽ ان جي رياستن جي باري ۾ نه ڄاڻ هو ڪهڙا خيال پيش ڪري ها. سورلي شاهه جي فن ۽ تخليق کي ڏسي لکيو آهي ته هن فنڪار جو جنم فطرت جو حادثو آهي.
سورلي پنهنجي ٻي ڪتاب (ميوزا پرواگنس ) ۾ ستن ٻولين جي وڏن غُنائي شاعرن جي شاعريءَ جي اڀياس ۽ تجزين کانپوءِ اها راءِ قائم ڪئي ته لطيف سڀني کان وڏو شاعر آهي. ان ئي ڪتاب ۾ لکيو اٿائين ته هن وقت پاڪستان جي شاگردن کي اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته، علامه اقبال پاڪستان جو وڏو ۽ قومي شاعر آهي، پر جڏهن اڳتي هلي پاڪستان جو شاگرد شاعري پڙهڻ ۽ سمجھڻ جي لائق ٿيندو ته هن کي اهو چوڻ ۾ ڪا به ججھڪ محسوس نه ٿيندي ته شاهه لطيف اقبال کان گهڻو وڏو ۽ قومي شاعر آهي.
ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي لطيف جي ٻوليءَ تي ڪارائتو ڪم ڪيو آهي. هن جي سر کاهوڙي ۽ رامڪليءَ ۾ هندو مت جا جيڪي پنٿ، شاخون ۽ انهن جا گرو آهن، انهن جي پوڄا جي طريقن تي ڄڻ ته لطيف تحقيقي پيپر لکيو آهي.
لطيف فطرت جو شاعر آهي. هن جو محور انسان آهي، هن انسان کي عظيم ۽ بلند ڏسڻ چاهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن ڪمين ڪاسبين، مزدورن، هارين ۽ عورتن جهڙن هيٺ ڪريل ڪردارن ۽ طبقن کي مٿي کڻي آسمان تي پهچايو آهي. ڪاپائتي پڙهندي لڳندو آهي ته لطيف کي يورپ ۾ آيل نئين سجاڳيءَ جي ڄاڻ هئي، جنهن سبب سڀ آڏاڻا ۽ گھريلو صنعت تباھه ٿي وئي، مشينون ٻاڦ تي هلڻ لڳيون، ڪاريگر بيروزگار ٿي ويا.
ڪتي ڪتي ڪالھه، اڄ نه آتڻ آئيون،
ارٽ اکلي مالھه، پوري ويون نجهرا.
*
پلئه پائيو پوڻيون، در در ڀيرا ڏي ...
*
آئون ڪاپائتي آهيان، ڪا مون ڪتائي ...
لطيف جي رسالي ۾ اوهان کي آڳڙيا يعني لوهر، ڪوري، ڪنڀر، اوڏ، ملاح، وڻجارا، هاري سڀ ڪردار ملندا. وڏي ڳالھه ته ڪنهن جنس جي کوٽ سبب بازارن جي ويراني ۽ بندرن جي سڃائيءَ جو نه رڳو ذڪر ملندو پر اها حالت ڏسي هن فنڪار جو هنيئون لوڻ جيان ڳري رهيو آهي:
نه سي ونئڻ وڻن ۾ ، نه سي ڪاتاريون،
پسيو بازارون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
يا
نڪا بوءِ بازار ۾ نڪا ڇلر ڇٽ،
جتي ڏنڀيرن جي، اڳي هئي اکُٽ،
سي پڙ پسي پٽ، ماڻهو وڃن موٽيا.
منهنجي نظر ۾ لطيف گھڻ پاسائون، پختو ۽ ڪميٽيڊ شاعر آهي، جنهن سهڻيءَ جي وڪالت ڪري ڪارو ڪاريءَ واري مسئلي تي منڌيئڙو ڦيري ڇڏيو آهي. مارئيءَ جي حب الوطني ۽ قومي ٻڌي ۽ جذبي کي جاوداني بخشي آهي. حقيقيت ۾ ثقافت کاتي وارن جو هي موضوع (لطيف منهنجي نظر ۾ ) پي ايڇ ڊي جو ٽاپڪ ٿي سگھي ٿو. ڪو مقالو يا مضمون ان جو احاطو نٿو ڪري سگھي. ڇو ته ٽيهن سُرن جي سڀني بيتن جي شرح سان گڏ جڏهن انهن جو پسمنظر ڏسبو تڏهن ئي ڪو فيصلو ڪري سگھبو، باقي نظر لاءِ پاڻ آسا جا ٽي بيت لکيا اٿس، جن مان اسانجي اديبن جي نظرياتي وابستگي ظاهر ٿئي ٿي، اهي هي آهن:
سرمو سفيديءَ جو، جڏهن وڌو جن،
تڏهن ڏٺي تن، اڇائي عالم جي.
*
سُرمو سياهيءَ جو، جڏهن وڌو جن،
تڏهن ڏٺي تن، اونداهي عالم ۾.
*
سرمو سرخيءَ جو، جڏهن پاتو جن،
تڏهن ڏٺي تن، رونق ريٽي جهڙي.
اهوئي سبب آهي ته جنهن جي نظر جهڙي، جنهن جو فهم ۽ ادراڪ جيترو آهي لطيف ان کي اوترو ئي سمجھه ۾ اچي ٿو ۽ اهو ان مان اوترو ئي حظ حاصل ڪري ٿو. شاهه لطيف جي اها خاصيت آهي جو هڪ محقق، شارح، اديب توڙي اڻپڙهيل، پنهوار، ٻڪرار ۽ هڪ سادو ڳوٺاڻو به هن جو بيت ٻڌڻ سان يا پڙهڻ سان ڳڱاٽجي وڃي ٿو ۽ سندس لونءَ ڪانڊارجي وڃي ٿي، ڇو ته لطيف اسان جي ڏکنديءَ رڳ تي هٿ رکيو آهي، جنهن ڪري سڀ ڪو هن مان هڪ جيترو سرور ۽ لطف حاصل ڪري ٿو. ٻيو ڪو به اهڙو شاعر ڪونهي جنهن کي پنهنجي ٻولي ۽ ڌرتيءَ وارا ايئن سڃاڻندا هجن پر ڀٽائي جي زبان ڳالهائيندڙ نه رڳو هن کي سڃاڻن ٿا پر هن سان محبت به ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ساڍيون ٽي صديون گذرڻ کانپوءِ به ماڻهو هن کي وساري نه سگهيا آهن. ڪيترائي ماڻهو ان حيرانيءَ ۾ ورتل آهن ته هي پراڻو ڇو نٿو ٿئي، ماڻهن کان وسري ڇو نٿو وڃي، هي ته نت نت نئون آهي، هر پيڙهي ۽ نسل جي رهنمائي ڪندو پيو اچي، اڄوڪي گلوبل وليج ۽ انٽرنيٽ جي دنيا تي هن جو هيٺيون بيت ڪيترو نه ٺهڪي ٿو اچي:
هتان کڻي هت، جن رکيو سي رسيون،
ساجن سونهن سرت، وکان ئي ويجهو گهڻو.
***