مونکي ڀانئي ڀاڄ (سسئيءَ جي پس منظر ۾ لکيل )
هن ڌرتيءَ تي جڏهن کان ذاتي ملڪيت جو تصور پيدا ٿيو تڏهن کان قديم قبائلي دور، جاگيرداري ۽ سرمائيداريءَ جي دور ۾ به عورت جي حيثيت هڪ غلام کان وڌ نه هئي. هن کي ذاتي ملڪيت تصور ڪيو ويندو هو. پوءِ جڏهن سرمائيداريءَ جي عروج واري دور ۾ اينگلس ۽ مارڪس جدلي ماديت تحت مروج معاشي نظام تي تنقيد ڪندي، ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو ته سرمائيداري پنهنجي ڪک مان سوشلزم کي جنم ڏيندي، وڏين وڏين فيڪٽرين جي قيام سان پورهيت هڪ جاءِ گڏجي ڪم ڪندا ته پنهنجي مسئلن کان روشناس ٿي پنهنجي پورهئي جي ڦرلٽ خلاف آواز بلند ڪري سرمائيداريءَ تي فتح حاصل ڪندا. ان وقت سوشلزم خلاف اها پروپئگنڊا ڪئي وئي ته جيڪڏهن تمام ذاتي ملڪيت کي گڏيل ملڪيت ۾ تبديل ڪيو ويو ته عورتون به گڏيل ملڪيت ٿي وينديون. اهڙي تنقيد جي جواب ۾ اينگلس ۽ مارڪس ڪميونسٽ مينيفيسٽو ۾ لکيو ته حقيقت هيءَ آهي ته سرمائيدار پنهنجي گهر واريءَ کي به پيدا واري اوزار سمجهي ٿو ۽ جڏهن هو اهو ٻڌي ٿو ته ڪميونسٽ سمورن پيداواري اوزارن کي گڏيل ملڪيت بڻائي ڇڏيندا ته فطري طور اهو نتيجو ٿو ڪڍي ته سڀني پيداواري اوزارن وانگر عورت به گڏيل ملڪيت بڻائي ويندي، سندس خواب خيال ۾ به اها ڳالهه نه ٿي اچي ته ڪو اهڙو معاشرو به ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ عورت جي اها حيثيت ته هوءَ رڳو پيداواري اوزار ٿي رهي، ختم ڪئي ويندي ۽ کيس معاشري ۾ اها ئي حيثيت هوندي جيڪا مرد کي مليل آهي.
جيئن ته سسئي به جاگيرداري دور جو ڪردار آهي، ان ڪري ان معاشري جا ماڻ ۽ سوچ به اها ئي هئي، جتي عورت کي ذاتي ملڪيت تصور ڪيو ويندو هو. سسئيءَ جي الڪن، وسوسن تي اهي ئي خيال حاوي ٿا رهن.
هن ليک جي عنوان وارو بيت سنڌي سماج جي هڪ اهڙي ناسور ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهي جنهن جا ڦٽ اسان اڃا چيٺي نه سگهيا آهيون. ان جي جسم مان رت پونءِ جاري آهي. اهو ناسور آهي ”ڪارو ڪاري“ جنهن کي ڀٽائي صاحب ”ڀاڄ“ جي لفظ سان ظاهر ٿو ڪري، سندس ڪردارن مان سسئي، مومل ۽ مارئيءَ تي اهو چُٽو لڳي ٿو، ڇو ته مارئي کوهه تان کڄي ٿي وڃي. ان واقعي کي اسان جو شاعر مارئيءَ جي زباني هيئن ٿو چوي:
ڪنڊ لنگهيندي ڪاڻ، پيئيم پنهوارن سين،
اتي جي عبداللطيف چئي، رنو سڀ رهاڻ،
ان هيڻائيءَ هاڻ، منهن مٿانهون نه کڻان.
”کڄي وئي!“ ان خبر تي، مارئيءَ جو ڪنڌ جهڪيل آهي ته اها مارئيءَ جي هيڻائي آهي. ٿر جي هر ڪچهري، ڀل ان ۾ ڪيترا به ماڻهو هجن، اهي هن خبر ۽ واقعي تي رنا آهن. اهڙيءَ طرح مومل سان گڏ سومل کي ستل ڏسي، راڻو ناراض ٿي واپس ٿو وري، اهو نه ته مومل کي سجاڳ ٿو ڪري، نه وري ڌارئي مرد جي تصديق ٿو ڪري، هو صرف مومل تي ڪاوڙجي پنهنجي نشاني (لڪڻ) هن جي پلنگ تي ڇڏي ٿو وڃي.
رکي ڪام ڪڻڪيو، ماريس تنهن گمان ...
ڪاڪ ۾ ڪٽر پئجي ويو، راڻو مومل کان منهن موڙي، دل ئي دل ۾ هن کي بي وفا، چالاڪ ۽ لالچي عورت سمجهي سدائين لاءِ ڪاڪ کان پنهنجو ناتو ٽوڙي ٿو وڃي. مومل ان الزام مان آجي نٿي ٿئي. هن کي جوڳياڻي ٿي راڻي کي راضي ڪرڻ جا جتن ڪرڻا ٿا پون، جيڪي سڀ جا سڀ بيسود ۽ بيڪار ثابت ٿا ٿين ته هيءَ ڏاگهه تي چڙهي پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ جيئري اگني سنسڪار ۾ هلي ٿي پوي. راڻو اها خبر ٻڌي هن سان ان مچ ۾ شامل ٿو ٿئي. پنهون واپار سانگي اچڻ کان پوءِ ڀنڀور ۾ شادي ڪري ايئن ويهي ٿو رهي جهڙوڪ ڀنڀور هن جو ساڻيهه هجي. جڏهن ڀائر پنهونءَ کي کڻي ٿا وڃن ته سسئيءَ جي اندر ۾ ڪيئي انومان، وسوسا ۽ وهم ٿا ٿين. هوءَ ڏيرن جي ان عمل تي پنهنجو پاڻ سان اور اوريندي، سوچي ٿي ته پنهونءَ سان ڪنهن پنهنجي اصل ذات ”ٻانڀڻ“ سلي آهي جنهن ڪري هو مون کي غير مذهب ۽ ڌاري سمجهي ڇڏي ويو. جڏهن پنهونءَ جو پيار ان خيال تي غالب ٿو ٿئي ته وري سوچي ٿي: ڪٿي مون کي ڏير ”ڀاڄ“ (يعني ڀاڄوڪڙ، ڀڄي پرڻو ڪندڙ وغيره) سمجهي ڦٽي ڪري ته نه ويا آهن. هن سمجهيو ته هن پاڻهرتڙو پنهونءَ سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي (مارڪس جو ذاتي ملڪيت وارو تصور ۽ عورت) سسئيءَ جا اهي سڀ خدشا اسان جي قبائلي جاگيرداراڻي سماج جي سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا. اسان جي سماج ۾ جتي عورت ذاتي ملڪيت تصور ڪئي ويندي هجي اتي هن کي پنهنجي پسند ناپسند جو ڪو به حق ڪونهي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ماءُ پيءُ ڪئڙي پٺيءَ لائي هليو وڃجي“ تڏهن ته سسئيءَ کي اهو احساس ٿو ٿئي ته:
نڪي آهيان سڱ ۾ ، نه ڪي سڱـيڻي،
آهيان ڪميڻي، ذات ٻاروچي نه پڙان!
هن کي الائي ڪهڙا ڪهڙا خيال پيا دل ۾ اُٿن: ڪڏهن پاڻ کي ڌاري، ڪڏهن ڀاڄ ڄاڻندي، پنهنجين ڪوتاهين تي سوچي ٿي ته مون ڏيرن جو آڌرڀاءُ ايئن نه ڪيو، جيڪو هُنن جو حق هو، مون نه ڪي سهيليون سرتيون سڏائي ڳيچ ڳاتا، نه کاڌا پڪا، نه وري ايئن ڪيم جيڪا راڄ جي رسم هئي، يعني ”شاديءَ جي دعوت“ ان ڪري مون کي ڇڏي ويا! ڪڏهن بلوچن تي ڪاوڙ ڇنڊي ٿي، ڪڏهن ته پاڻ تي ڏوهه ڏيندي پاڻ کي ئي قصور وار ٺهرائي ٿي.
سِڪي ستيس جن لئي، آيا تان نه اٿياس،
ڀينر آئون ڀلياس، نه ته سڪ سمهڻ ڇا لڳي!
ڪاوڙ وچان پنهونءَ کي پاراتو ڏيندي مٿس پيار جي پالوٽ ٿي ڪري:
پنهل! پاراتو ڏيئين، ٻئي هٿ کڻي؟
جڙيون هوندين جڳ ۾ ، ٻيو ڏيندوءِ رزق ڌڻي...
ان ننڊ ندوريءَ کي نندي ٿي جنهن هنن جي وچ ۾ ورهين جو وڇوڙو آڻي ڇڏيو، هن کي ڏونگر جا ڏاکڙا ۽ لڪن جا لوڏا، برداشت ڪرڻا پيا:
رتيءَ جي رهاڻ، رلايس رڻن ۾ ... پنهونءَ سان جا پلڪ پيار جي گذري، سا ساهن کي سڄي عمر اورڻ ۾ آئي:
حبيبن هيڪار، منجهان مهر سڏ ڪيو،
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهو ئي ٿيو.
هيءَ نڪاح ٻڌي زال هئي، ان حق تحت دعويٰ ٿي ڪري ته:
آريءَ جي اولاد ۾ ، منهنجي پنهل منجهه پتي...
هن جو پنهونءَ تي ايترو ئي حق آهي، جيترو پنهونءَ جو هن تي. هن ته پهرين پاڻ پارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي: ڀنڀور کان ڀڄي، پنهونءَ جي پٺ ۾ هلڻ سان ئي هن کي راحت نصيت ٿي ٿئي. هيءَ تڏهن به نٿي ٿڪجي، هي ساڻي ٿي پگهر ۾ شل ٿي ڪري ٿي پوي ته ان منظر کي اسان جو شاعر اهڙن لفظن سان ياد ٿو ڪري جو اها تصوير ڪنهن لافاني فنڪار جو شاهڪار ٿي لڳي، تصوير ڪجهه هن طرح آهي:
سسئيءَ سيڻن لئي، وڌو پاڻ سڪاڻ ...
برن ۾ هيءَ جنهن پير پٺيءَ پئي وئي اهو ڪٿي ڪٿي واءُ وڃائي پيو ڇڏي، ان کي ڪارون ٿي ڪري ته جنهن پٺيءَ پنڌ ٿي ڪيان، جيڪو برن جو بورائو آهي، منهنجو سونهون آهي، اي واءُ! ان کي نه وڃاءِ، جڏهن گس تي تازي گسي ڏسي ٿي ته ڪَرُ پنهونءَ تي نظر ٿي پويس، بي اختيار چئي ٿي ڏئي:
هيءَ گسي هيءُ گس، هي پهڻ هي پيچرو...
ڪيتريون ئي سهيليون هن کي موٽڻ جي صلاح ٿيون ڏين ته انهن کي ايلاز ٿي ڪري ته مون کي موٽڻ جي مصلحت نه آڇيو. جڏهن ماءُ هن کي سمجهائي ٿي ته هن جي صبر جا بند ٽٽي ٿا پون. ماءُ کي اهڙا کرا ويڻ ٿي ڏئي جو هوءَ مائي ”کٽياڻي“ دنگ رهجيو وڃي.
ماءُ! وهاڻو وار، کڻ پٿراڻي پانهنجي،
جيڪي ڏنئي ڏيج ۾ ، سو سڀوئي سار،
وڃان ٿي وڻڪار، ڏٺم پير پنهونءَ جو.
*
هيڏي شهر ڀنڀور ۾ ، جي هجي سڳي ماءُ!
چيلهه ٻڌي چوٽو، ساڻم هلي سا،
موٽ پرائي ماءُ! متان ڇپر لڳي ڇيتيون ٿئين.
ڀٽائي صاحب وڏي فني ڪمال سان جهنگ جي جانورن ۽ پنهونءَ جي پاليل اٺن ۽ ڪتن کي به سسئيءَ جو همدرد بڻايو آهي، ايتري قدر جو اهي سسئيءَ جي درد کي محسوس ڪري ڏکارا ٿا ٿين:
هو ارمان اٺن، سسئيءَ جي ته سورن جو...!
*
پئي جانارن ياد، جي پاريل پنهونءَ ڄام جا...
*
ڀُڻان مرون چُون، مئيءَ اسان کي ماريو...
*
ٻانڀڻ ٿي ٻوٽيون، ته ڪتا کينئي ڪيچ جا...
هيءَ ٻيلي سڪ کي ڏونگر سان جهيڙيندي دڙڪا دهمان ڏيندي اڳتي وڌي ٿي:
ڏونگر! تون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايون ڪرين،
مون تن اندر ايئن وَهِين، جيئن وڻ وڍي واڍو،
ايءُ! ڪرم جو ڪاڍو، نه ته پهڻن ڪير پنڌ ڪري.
*
آڏو ٽڪر ٽر، متان روهه رتيون ٿئين،
جي تون پهڻ پٻ جو، ته لڱ منجهان لوهه.
ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه، امر مون سين ايئن ڪيو.
*
اونچو اتانهون گهڻو، جيئڻ کي جبل،
مرڻ مون سين هل، ته پٺيءَ تو پنڌ ڪريان.
*
سسئي لنگهيو سو، مرد جنهن مات ڪيا...
*
توکي سند سسئي، سندي لونءَ لغار...
ايڏا وڏا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ کانپوءِ سسئيءَ کي آسمان تي رسائي، اتان جو ڦهڪو ٿو ڪرائي ته ويچاري زمين تي ڍير ٿي ڪري ٿي پئي:
ڪُپَرِ سين ڪوهيار، لوٺي تو لڄائيو..!
ڀنڀور کان سنگهر پٽين تائين وارو پنڌ جنهن سسئيءَ ۾ کاهوڙين، سامين، سرويچن ۽ سورمين جهڙيون صفتون پيدا ڪيون هيون، ان پنڌ کي پنهونءَ لاءِ مهڻو، خواري ۽ گلا جو سبب سڏيندي سسئيءَ جي نندا ٿو ڪري ڇو ته سسئي پنهونءَ تي اعتماد نه ڪيو، هن اهو نه سمجهيو ته پنهون مون کان زوريءَ جدا ڪيو ويو آهي. اجهو ڪي اجهو ايندو ليڪن سسئيءَ ان جذبي وچان سُڃ جو سفر پاڻ تي وڌو ته متان چئي ٻروج ڪميڻيءَ مان ڪين ٿيو. هن پنهنجي وفا کي اظهارڻ لاءِ ان پنڌ جو سعيو ڪيو، جنهن لاءِ لطيف فيصلو ڏنو ته اهو عشق هو، عاشق جو جذبو هو، نه ته هڪ عورت جي ڇا مجال جو هيڏا ڪاف جا ڪشالا ڪڍي. هُن ته نسوري جوڳياڻي بڻجي پاڻ تي جوڳ وڌو هو:
مِرون ٿي مِرن سان، جبل جهاڳيندياس ...
*
رات ڏٺائين روجهه، ڀانءِ ڪِ اوٺي آئيا...
*
هوت ٻاروچي لاءِ، جيجان جوڳياڻي ٿيان ...
*
مون کي ڀانئين ڀاڄ، ڏير ڏوراڻا هليا،
اڳيان اٿي ان جي، خوب نه پڪس کاڄ،
ميڙي آپ سرتيون، نڪي ڳايم ڳاچ،
سا مون هٿان نه ٿي، جيڪا رسم راڄ،
آيل آئون اڪاڄ، ٻول ٻاروچي وترو.
***