لطيفيات

نت نت آهه نئون

هي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي شاھ لطيف جي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
Title Cover of book نت نت آهه نئون

ڀٽائيءَ جا آثار

ڀٽائيءَ جا آثار
(جتي رهن راتڙي، سي سونهارا هنڌ)


سنڌ جي هن سدا حيات هستي ۽ شخصيت جي ولادت جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون مشهور آهن. سندن والد شاھه حبيب جا ساندهه ٻه فرزند صغيريءَ ۾ ئي وفات ڪري ويا. جن جا نالا هئا: عبدالطيف ۽ عبد الرشيد جيڪي سوئي ڪندر قبرستان ۾ دفن آهن. ان صدمي سبب ۽ پٽاڻي اولاد لاءِ شاهه حبيب سڪاڻل ۽ پريشان رهندو هو، وتندو هو پير فقير پڇائيندو، هڪ درويش دعا ڪندي پُٽ ڄمڻ جي واڌائي ڏنس ۽ چيائينس ته تنهنجو پُٽ وڏو نال ڪڍائيندو، البت توکي سُک ڪونه ڏيندو، جو جوانيءَ ۾ گھر ڇڏي ويندو. ان جو نالو رکج عبداللطيف جنهن کان پوءِ سندس جنم ڀينءَ پور ۾ ٿيو. جڏهن ته شاھه حبيب جي ولادت مٽياري شهر ۾ ٿي هئي جتان شاھه حبيب لڏي اچي هالا حويليءَ لڳ هن ڳوٺ ۾ رهيو هو.
لطيف جي ولادت بابت شاھه ڪريم جون پڻ پيشنگوئيون موجود آهن، جن لاءِ روايت آهي ته شاھه حبيب جڏهن ڪريم جي ڪچهريءَ مان موڪلائي هلندا هئا ته شاھه ڪريم اٿي بيهندو هو جنهن تي فقيرن شاهه ڪريم کي عرض ڪيو ته ”قبلا، هي ڇا ماجرا آهي. جو شاھه حبيب ڪچهريءَ ۾ اچي ٿو ته اوهين ويٺا ٿا رهو، پر جڏهن هو پُٺي ڏئي هلي ٿو ته اوهان جھڙوڪ ادب وچان اٿي ٿا بيهو! ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟“ جنهن تي شاھه ڪريم فرمايو ته ”شاھه حبيب منهنجو ننڍو آهي، ان ڪري هن جي اچڻ مهل آئون نٿو اٿان، پر هن جي پُٺ مان هڪ اهڙو ماڻهو پيدا ٿيندو جيڪو نه رڳو پنهنجو نالو روشن ڪندو پر منهنجو به نالو روشن ڪندو ۽ فيض عام ڪندو. ان جي احترام ۾ آئون اٿي بيهندو آهيان.“
ٻي روايت آهي ته هڪ ڀيري شاھه ڪريم هالن جي مخدوم سان ملڻ لاءِ جڏهن هاڻوڪي ڀٽ جي ڏکڻ طرف ميل کن پنڌ تي سنگھر واھه پهتو ته قافلي کي روڪي اتي شڪراني جي نماز ادا ڪيائون ۽ دعا گھريائون. فقيرن جي اسرار تي کين چيائون ته”اسانجي اولاد مان هڪ اهڙو بزرگ پيدا ٿيندو جيڪو هن ڀٽ کي آباد ڪندو.“ بعد ۾ لطيف پنهنجي سر ان جاءِ تي هڪ قبي واري مسجد تعمير ڪرائي جنهن جي مجاوري راهو فقير ڪندا آهن. ان حوالي سان لطيف جو پهريون آثار سنگھر واھه واري مسجد ٿيندو. ٻيو شاھه حبيب جي مٽياريءَ واري حويلي، جتي شاھه حبيب جنم ورتو. ٽيون ڳوٺ ڀينءَ پور واري حويلي جنهن ۾ لطيف جنم ورتو. چوٿون آثار مرزا مغل بيگ جو گھر جتي پهريون شعر چيو ويو:
چيچ جنهن سيد هٿ ۾ ، تنهن کي لهر نڪو لوڏو.
هن جاءِ کان کاهوڙي لطيف جو پيرو کڄندو ته ڪيئن نه هو جھر جھنگ، سمنڊ، درياھه، ڍنڍون ڍورا، جبل، لڪ ۽ رستا لوچي لاهوتي ٿيو هو، جتي هن کي ڪاپڙين جا قدم لڳا هئا. هي پاڻ ڪنهن جي پير ڪڍ هو، پر سندس چواڻي ته ”لڳو جن لاهوت، سي مڙهيان مور مَ نڱيا“ پوءِ جڏهن ڀٽ وسائي اٿس ته سنڌ جي ڊيگھه ويڪر ۾ هن جا آثار ڦهليا پيا آهن. سامين ۽ جوڳين سان جيڪي تيرٿ ڀيٽيا اٿائين، جن گسن پيچرن سان ويو آهي، اهي ڇڊا پاڊا ڪتابن ۾ لکيا پيا آهن، جھڙوڪ هنگلاج، لاهوت لامڪان، جيسلمير، کنڀات وغيره وغيره.
ڀٽ وسائڻ کان وصال تائين ڪڇ ڀڄ، لاڙ، ٿر، ڪوهستان، اتر ۽ وچولي سنڌ ۾ جتي جتي ويو آهي، اهي ماڳ مڪان هن جي آثارن ۾ شامل آهن. سندن حاضريءَ ۾ جيڪي فقير هوندا هئا، انهن جا نالا ۽ ڪم پير عبدالحسين لکي ويو آهي. انهن جو مزارون به اسان لاءِ لطيفي آثار آهن. ٻيا جيڪي سندس تعميري ذوق جا شاهڪار آهن، انهن ۾ شاھه ڪريم جو روضو، ڀٽ واري حويلي، چلو ۽ بلڙيءَ ۾ روضي ٺهرائڻ کان اڳ پنهنجي رهائش لاءِ تعمير ڪرايل هڪ قبي وارو حجرو، اهي سڀ سونهارا آثار آهن جن جي سنڀال ۽ سيوا اسان تي فرض ٿئي ٿو.
شاھه جي رسالي ۾ هند سنڌ جا ڪيترائي آثار آهن جن جو ذڪر ٿيل آهي، اهو الڳ موضوع ۽ ڊگهي لسٽ آهي. هتي اهڙن ڪجهه خاص آثارن جو ذڪر ڪبو ۽ انهن کي ڳولي لهبو، جن جو لطيف جي ذات سان سڌو لاڳاپو آهي. ان لاءِ سنڌ، بلوچستان ۽ سمنڊ جي ڪناري هن کاهوڙيءَ جا جتي به قدم لڳا، ان کي لطيفي آثار جي حيثيت حاصل هوندي، سوانح ۽ رسالي جي مدد سان جيڪي آثار سجھن ٿا انهن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو.

[b]لال لئو :
[/b]کيبر کان شهداد پور ويندڙ روڊ جي کٻي هٿ تي ٻن اڍائي ميلن جي مفاصلي تي اهو لال لئو موجود آهي، جنهن ۾ شاهه لطيف پرين جي پسڻ خاطر لڪي پساھه کڻندو هو. هينئر اتي هڪ عدد حجرو ۽ هڪ مسجد تعمير ٿيل آهي.

[b]مائي ڳاڙهي:
[/b]ڪراچيءَ کان اولھه اتر ڪنڊ تي حب نديءَ جي ڪناري ان مائيءَ جي مزار آهي، جتي چنڊ جي هر چوڏهين ملهائي ويندي آهي، هن لاءِ اهو مشهور آهي ته هي اها پوڙهي مائي آهي جيڪا لطيف جي ٻوڙ ۾ خراب ٿيل چادر جو پلاند ڌوئي رهي هئي، سڻڀ وارو داغ نه لهڻ جي صورت ۾ پوڙهي ان کي چوس ڏئي سڻڀ ڪڍڻ جو جتن ڪيو ته کيس جواني ملي وئي، ان پسڻ ڪري ئي کيس مائي ڳاڙهي سڏيو ٿو وڃي.

[b]هنگلاج:
[/b]نانيءَ جي مورتيءَ کي کير پياري جنهن جاءِ تا ٽٻي هنئي اٿائين جو ٺٽي مان اچي نڪتو آهي، لاشڪ اها جاءِ لطيفي آثار ليکي ويندي.

[b]لاهوت لا مڪان:
[/b]هتي آدم جي مچ وٽ لطيف جي مسجد ۽ چلو آهي، هن رستي تي جيڪو لال باغ سيوهڻ کان محبت فقير تي ٿو رسي ان تي به لطيف جا ڪيترائي آثار آهن، جيڪي اڄ به سندس نالي پٺيان سڃاتا وڃن ٿا، انهن ۾ چنگڻ لهڻ سان ئي لطيف جي کوهي ۽ ڪنڊو آهي. جتي لاهوتي ٿڪ ڀڃي، ڪنڙي تي پهچندا آهن. شينهن لڪ کان اورين منزل لطيف جي مسجد آهي، جتي لاهوتي مانجهاندو ڪندا آهن. هٿي ٻه وڻ انب جا ۽ هڪ نم آهي. هنن جي هيٺان ٿورو پرڀرو تغاري جيترو چلهو آهي، جنهن کي لطيف جي کوهي ٿا چون، جيڪا پاڻ هٿن سان کوٽي هئائين، اها اڄ سوڌو سڪي ناهي جبل جي ماڻهن هن مان ناليون ڪڍيون آهن جنهن تي آبادي ٿي ٿئي، هتي ٽيهن چاليهن گهرن جو ڳوٺڙو ٻجهي ويو آهي. پراڻي اسڪول جي پڪي عمارت آهي جنهن کي لاهوتي مينهن جي موسم ۾ استعمال ڪندا آهن. لاهوتي هتان اٿي شينهن لڪ تي پهچندا ۽ اتي ئي رات گذاريندا. هتي لطيف جو مچ آهي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته جهنگلي جانورن کان بچاءُ ۽ روشنيءَ جي انتظام خاطر لطيف خود ان مچ جو بنياد رکيو جنهن ڪري اهو لطيف جو مچ ٿو سڏجي، اڄ سوڌو رسم آهي ته هر لاهوتي ان مچ ۾ ڪاٺيون ميڙي وجهندو. لڪ پار ڪجي ٿو ته وري لطيف جي کوهي ٿي اچي.

[b]ٺٽو :
[/b]ٽٻيءَ واري جاءِ ميان نور محمد ڀٽيءَ وارو مدرسو جتي لطيف سائين الف بي پڙهيو. علامه معين ٺاري جي خانقاهه به اسان لاءِ لطيفي آثار آهي جتي پاڻ اڪثر ويندو هو ۽ علامه ٺاري جي وفات جي خبر اچڪي مان پيس. فقيرن کي چيائين ته دوست جو ڏيئو اجهامڻ تي آهي، آخري ديدار ڪجي. ائين چئي ٺٽي راهي ٿيا ته علامه صاحب جي جنازي ۾ شريڪ ٿيا آهن. تدفين مان واندا ٿي موڪلائي هليا ته چيائون هاڻي اسان جو ٺٽي اچڻ خير ڪي ٿيندو.

[b]لواري شريف :
[/b]اها جاءِ جتي سلطان اوليا خواجه محمد زمان سان ملاقات ڪئي اٿن.

[b]خدا آباد:
[/b]نور محمد ڪلهوڙي جو محل جتي لطيف سائين ٻه دفعا ويو هو ۽ غلام شاهه ڪلهوڙي جي ماءُ گلان پاران جوڙايل اڇي ماٿري تي چڙهيو هو.

[b]بلڙي شاهه ڪريم:
[/b]هتي شاهه ڪريم جي روضي کانسواءِ پنهنجي رهائش لاءِ ٺهرايل هڪ قبي وارو حجرو آهي، جيڪو شاهه ڪريم جي کوهه کان اوڀر طرف باغ جي وچ ۾ آهي، اڄ اتي فقير ويٺل آهي جيڪو رياضت ٿو ڪري حجري کي لوڙهو ڏنل آهي. پاڻي ۽ گلڪاري موجود آهي.

[b]ڪوٽڙي ڪبير :
[/b]مخدوم ميان الهيار جي اها جڳهه جتي لطيف سائين رهيو آهي. هن خاندان وٽ اهي ٿانو پڻ سانڍيل آهن جن ۾ ميان صاحب ۽ لطيف گڏجي ماني کاڌي هئي جيڪي اڄ به ميان غوث محمد غوث وڏي عقيدت سان سانڍيندو پيو اچي ۽ لطيفي طالبن کي ديدار پيو ڪرائي.

[b]کهڙا :
[/b]کهڙن جي شهر ٻاهران لطيف سائين رات گذاري هئي.

[b]مديجي :
[/b]لطيف جو تڪيو، هتي ماڙي وٽ لطيف سائين اڪثر ايندو هو ۽ ان تڪئي تي رهندو هو.
انهن کانسواءِ به سنڌ جي ڊيگهه ويڪر ۾ ڀٽائيءَ جا ڪيترائي ئي آثار موجود آهن جن جي سار سنڀال، سيوا ۽ تحفظ سرڪار توڙي اسان جي ذميواري آهي.

***