لطيفيات

نت نت آهه نئون

هي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي شاھ لطيف جي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
Title Cover of book نت نت آهه نئون

شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جا ڪردار

شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جا ڪردار


عورت هڪ ڪائناتي ۽ بين الاقوامي موضوع آهي. اسان جي مذهب، تاريخ، ادب ۽ جاگرافيءَ ۾ جيڪي انقلاب آيا آهن، اهي اڪثر ڪري عورت تان آيا آهن. عورت آدم کان اڄ تائين ۽ رام کان رهندِي دنيا تائين هر دور ۾ مرڪزي ڪردار رهندي آئي آهي. اهو حضرت ابراهيم هجي، حضرت لوط، حضرت نوح يا حضرت سليمان هجي، جن جو ذڪر قرآن شريف ۾ سندن زالن جي حوالي سان آيو آهي. قرآن شريف ۾ هڪ ڊگهي سورت ”النساءِ“ جي نالي سان آهي، جنهن ۾ عورت تي تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي. قرآن شريف ۾ مومن جي نشانين مان هڪ نشاني صالح ۽ نيڪ زال پڻ ڄاڻائي وئي آهي. رامائڻ موجب رام بنواس پنهنجي ننڍي ماءُ جي نخري سبب ڀوڳيو ۽ سيتا جي سبب جهنگ ۾ هن کي جنگ ڪرڻي پئي.
هتي اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته هن ڪائناتي موضوع کي شاهه جي رسالي ۾ ڪهڙي طرح بيان ڪيو ويو آهي. رسالي ۾ موجود عورت جي ڪردارن کي ترتيب ڏئي سندن سماجي بيهڪ، معنوي ڪردار ۽ ان ۾ سمايل سبق جي آڌار تي انهن جي درجابندي ڪري، لسٽ جوڙي، ڀٽائيءَ جي ستن سورمين کان سواءِ سڌا ۽ اڻ سڌا عورت جا ڪردار چونڊينداسين ۽ ڏسنداسين ته اسان جي قومي شاعر انهن کي ڪهڙي گڻ يا خاصيت جي ڪري چونڊيو آهي. ڀٽائي گهڻو ڪري عورت جي زباني شاعري ڪئي آهي، ايتري تائين جو شاعر خود ڪٿي ڪٿي ته عورت ٿو ٿي وڃي: ”اديون عبداللطيف چئي!“ اهو سوال اڪثر ڪري نوجوان ۽ سنڌي ادب جا پاڙهو ڪندا آهن ته لطيف عورت تي ايترو ڇو لکيو آهي؟ ان جي جواب ۾ عرض ته حڪيم فتح محمد سيوهاڻي غلام قومن جي حوالي سان هڪ جاءِ تي لکيو آهي ته ”غلام قومن جون عورتون مرده ۽ مرد زنده لاش هوندا آهن.“ اهو ئي سبب آهي جو لطيف ڌرتيءَ تي انتهائي پيڙهيل طبقن عورت ۽ پورهيت تي ڀرپور نموني لکي ڌرتيءَ جي ٻولي، ثقافت، تاريخ، پيداواري اوزارن ۽ اصطلاحن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ محفوظ ڪري سنڌي ٻوليءَ کي وسعت بخشي. رسالي جي سر يمن ڪلياڻ کان عورت جي ڪردان جي شروعات ٿئي ٿي. ان حساب سان پهريون ڪردار ٿيندو موکي.
جيئن ته رسالي جو پهريون عورت ڪردار موکي آهي، جنهن جو ذڪر سر يمن ڪلياڻ جي پنجين داستان ۾ اچي ٿو. هن آکاڻيءَ مطابق موکيءَ جي مَٽن جي هاڪ هئي. پري پري کان شهزادا، سردار ۽ جوان ڪَهي اچي موکيءَ جي مئخاني تي مَٽ خالي ڪندا هئا. موکي هنن جي اچڻ جو انتظار ڪندي رهندي هئي ۽ هنن لاءِ هر وقت اڱڻ اڇا رکندي هئي. لطيف انهن پياڪن کي متارن جي نالي سان ياد ٿو ڪري ۽ هنن جي پيئڻ واري عادت ۽ خاصيت تي لکندي چوي ٿو:
سائِي ڪندا اُڃ، هي پيتو، هو آڻ ڪِي...
هن آکاڻيءَ جي پڄاڻي نهايت ڇرڪائيندڙ آهي: ست متارا، اتي ٿي آٽيا، وهه نه وهاٽيا، متارا مري ويا، موکي تون به مرُ، موکيءَ جي ڪردار کي واضح ڪرڻ لاءِ لکيائين:
موکي چوکي نه ٿئي، اصل اوڇي ذات
وٽيون ڏيئي وات، متارا جنهن ماريا.
*
آڻي اتر هير، موکيءَ مٽ اُپٽيا...
قصي ۾ ڄاڻايل آهي ته پياڪ هن مئخاني تي ڇهين مهيني ايندا هئا يعني سياري جي مند ۾ جنهن کي لطيف ”اتر هير“ سان ظاهر ڪيو آهي. هڪ دفعي متارن کي اهڙو ته خمار ٿيو جو اهي ڇهين مهيني نه آيا. ورندي ٻارهين ماهه موٽي پهتا ته اچڻ سان پروڪي جي پڇا ڪرڻ لڳا ۽ موکيءَ کي چوڻ لڳا ته جو پر پياريو هيئي اهو کڻي آ. موکي ان ساڳي مَٽ کي کولي ان مان شراب اوتيو ته اهو ٿورو هو. مٽ خالي ٿيڻ تي موکي منجهس نانگ جا ڪنڊا ڏٺا جيڪي ڪڍي ٿانوَ ۾ وڌا ۽ متارن کي اهو شراب پياريو، کين اهي ڪنڊا به ڏيکاريا ۽ اها قضا جي ڪٿا به ڪري ٻڌائي:
موکيءَ سندي مٽ ۾ ، سُري سپ پيو
*
موکيءَ جي مٽ ۾ ، ڪو جو زهر ذرو...
موکيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هوءَ مومل جي ٻانهي ”ناتر“ جي ڌيءَ هئي. ڪاڪ محل جي ڦٽڻ ڪري شاهي دسترخوان سنڀاليندڙ هن ٻانهيءَ پنهنجي هنر ۽ حرفت جي زور تي اچي ڪراچيءَ جي گڏاپ واري علائقي ۾ نارا ٿر جبل تي پنهنجو مئخانو قائم ڪيو. متارن جون قبرون به نارا ٿر جبل تي آهن. ستن قبرن مان ٻه پڪيون آهن، جن جي مٿن کان پيالو ٺهيل آهي ۽ هيٺان نالا لکيل آهن. هنن جي قبرن تي آگري جو ڳاڙهو پٿر لڳل آهي. باقي قبرون ڪچيون آهن، جنهن ڪري هنن تي ڪو نالو نشان ڪونهي. موکيءَ جي قبر هتان کان ٻن ٽن ميلن تي اتر اولهه طرف ننڍڙي واريءَ جي ڀٽ تي ڪنڊين جي جهنڊ ۾ آهي.
ڀٽائي صاحب هن ڪهاڻيءَ جا سڀ پاسا بحث هيٺ آڻي پوءِ متارن جي موت تي جيڪو بيت لکيو هو، اهو ڄڻ ڊيٿ سرٽيفڪيٽ آهي:
سري ڪين ڪيونِ، وِيڻ موکيءَ جي ماريا،
ڪو جو سخن ڪلال جو، پِتي تي پيونِ،
تئان پوءِ ٿيونِ، مرڻ متارن کي.
متارن جي حادثاتي موت موکيءَ کي ڌوڏي ڇڏيو، هن جو ڌنڌو ٺپ ٿي ويو. اهڙي صورتحال ۾ موکيءَ جي حالت ۽ اڌمن کي بيان ڪندي لطيف سائين چون ٿا:
منهن وجهيو مٽن ۾ ، موکي اڀي روءِ،
متارا مري ويا، اڱڻ اچي نه ڪوءِ،
متارنئون پوءِ، مِٺا مَٽ مِٽي ٿيا.
*
ويون اجهامي ان جون، بٺيون بس ڪري،
ساريو سور چري، موکي متارن جا.
ان کانپوءِ، سر کنڀات ۾ هڪ بيقرار نوجوان عورت کي اوسيئڙي جون راتيون ڪٽيندي، چنڊ، ڪتين ۽ تارن سان ڳالهيون ڪندي، پري پنڌ هجڻ، پيرين آئون نه پڄڻي، آئون اڳاهين آهيان، ٻاٻل ڏئي نه ٻور جهڙا سوداءُ پچائي نکٽ نئي ٿا وڃن. پرڀات جي ويل، ننڊاکي ماحول ۾ چئون پچونءَ ٿيڻ شروع ٿي ٿئي ته هن عاشق جا خواب ٽٽي ٿا وڃن. سڄي رات چنڊ ستارن سان ڳالهيون ڪندي پرينءَ جي پري هجڻ تي نکٽن کي نت نيون ڪارون پئي ڪري، چوي پئي:
اڀر چنڊ پس پرين، تون اوڏا مون ڏور،
سڄڻ ستا ولهه ۾ ، چوٽا ڀري ڪپور،
پيرين آئون نه پڄڻي، ٻاٻل ڏئي نه ٻور،
جنهن تي چڙهي اسور، سنجهي سڄڻ ڀيٽيان.
*
هن تاري هن جاءِ، هت منهنجا سپرين،
سڄڻ ماکيءَ ساءِ، ڪَوڙا ٿين نه ڪڏهين.
*
تارا تيلانهين، گهڻو توءِ نهاريان،
سڄڻ جيڏانهين، تون تيڏانهين اڀرين.
هن کي گمان پيو ٿئي ته متان تارا سمجهندا هجن ته هيءَ اسان ڏانهن گهڻو ٿي ڏسي، شايد اسان هن کي وڻون ٿا! تارن جي غلط فهمي دور ڪرڻ لاءِ انهن کي اطلاع ٿي ڪري. هن ڪردار وٽ مومل کان راڻي جي رسامي بعد واري حالت ٿي پسجي. هن جو ڦوڙائو، هن جو درد ڪنهن ڪوٽ ۾ بند ڪيل ناريءَ جهڙو آهي. هي علامتي، عام رواجي سنڌي معاشري جي ان عورت جو ڪردار آهي، جيڪا سنڌي ڪهاڻيءَ واري ڪردار جيان ٺهي جڙي ايندي آهي ۽ پنهنجي سينڌ تي رکيل ٻن آڱرين واري وعدي جي وفا ڪندي منڍي لڻائي ڇڏيندي آهي. هي اهو ڪردار آهي جيڪو رات جي خاموشيءَ ۾ جڏهن سانت به سمهي پوندي آهي، تڏهن دل جي ڌڙڪن واري تال تي قدم رکي وصل واري سفر تي روانو ٿيندو آهي. سنڌ اندر جيڪي روزانو ڪارين جا ڪيس ٿين ٿا، اهي انهن اڙٻنگ جوانين جا جوان جذبا آهن، جي جهلئي نٿا جهلجن:
جنهن ڇوريءَ ۾ ڇوهه، سان پٿون ٿيندي پير تي...
*
آئون اڪنڊيائي مران، پرين ڀلا! پر ڏور،
لايان لال لڱن کي، چندن ڀري ٻور،
ڪوماڻُو ڪپور، مون واجهائيندي سپرين.
رسالي ۾ کنڀات کانپوءِ سريراڳ ۽ سامونڊيءَ ۾ وڻجاريءَ جو ڪردار نظر اچي ٿو جيڪا سنڌ جي مڊل ڪلاس واپاري، سيلر ۽ جهاز ران جي وني آهي. بندر تي ڪاريگرن، مزدورن جون زالون به موجود آهن. جيڪي پنهنجي ورن جي ورڻ جو اوسيئڙو ڪري رهيون آهن. هنن جي انتظار جي عجيب ڪيفيت آهي ڇو ته مهينن ۽ سالن جا انتظار ٿيون ڪن، ان انتظار جا عجيب نظارا لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ محفوط ڪيا آهن. هنن جي سماجي حيثيت، رشتي، ذهني حالت ۽ عورت جي حقيقي جذبن تي ايترو ته اثرائتي ۽ دل آويز انداز ۾ لکيو اٿس جو شايد ڪا عورت ليکڪا به نه لکي سگهي. اردو ادب ۾ ”لحاف“ ڪهاڻيءَ جي ليکڪا عصمت چغتائيءَ تي به اگهاڙپ جا الزام لڳا هئا. هن صرف ٻن نوجوان جسمن تي هڪ ٻئي کي لتون ڏيندي ڏيکاريو هو. ان عمل دوران جسمن ۾ جيڪا حرارت پيدا ٿي ٿئي، اها سندن جسمن ۾ عجيب ڪتڪتاڙيون ٿي ڪڍي. اهڙي عمل دوران انهن نابالغ ٻارن جي ذهن جي اسڪرين تي جيڪي رنگ ٿا اڀرن، هن انهن جو پنهنجي لفظن ۾ اظهار ڪيو آهي. لطيف هن معاملي ۾ نئين پرڻيل ڪنوار، واپاريءَ جي زال، پرڏيهه ويندڙ جي وني جيڪا تڙ پوڄارا ٿي پوڄي، روز بندر جي سلامي ٿي ڪري، ان جي جذبن ۽ اندر جي آنڌ مانڌ کي هن طرح ظاهر ڪيو آهي:
وانئٽيون ٿيون ورڪن، اچن سڙهه اپٽيا،
سي ئي ٿيون مرڪن، جنين سندا آئيا.
*
بندر ويچاري، وڃي لائيا ڏينهڙا...
*
سڙهه سڃاڻيو چوءِ: ماءِ! سامونڊي آئيا،
مانَ منهنجو هوءِ، جاني هن جهاز ۾ .
*
جنين ڪارڻ مون، تڙ پوڄارا پوڄيا،
پنيم اميدون، سي ئي سڄڻ آئيا.
*
اتر ڏني اوت، نه مون سوڙ نه گبرو،
چارئي چُنيءَ پوت، ريڙهيندي رات گئي.
*
اچين جي پرڀات، ته سنجهي سيءُ نه ساريان،
ڪامل ڪپاهن ۾ ، جهپ نه اچي جهات ...
اها سموري ماجرا هن ڪردار جي صرف انتظار واري ڪيفيت جو اظهار آهي، جهن ۾ مختلف حالتن ۽ ڪيفيتن ۾ هوءَ بندر جا ڀيرا ٿي ڪري:

اڀريا جئائين، ڍڪن تن تڙائيين،
سامونڊين سائين! واءُ سڻائو وارئين.
جهڙيون دعائون گهرندي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي ٿي، وڻجاري مڙس تي قسمين قسمين ڪاوڙيون ٿيون اڀرنس:
وڃئي وسري شال، تو جو سودو سکيو،
اڃا آئين ڪالهه، پڻ ٿو سفر سنبهين!
*
آئين ٻارهين ماهه، پڻ ٿو سفر سنبهين...
ٻارهن مهينن جي انتظار جي سڪ ئي پوري نٿي ٿئي ته مٿان وري ٻئي سفر جي تياريءَ جون ڳالهيون ٿيڻ ٿيون لڳن:
وڻجاري جي ماءُ! تون وڻجارو نه پلئين،
آيو ٻارهين ماهه، پڻ ٿو سفر سنبهي.
*
وڻجاري ڪانڌاءِ، مون گهر ويٺي گهاريو...!
*
لاهيندا ئي ڪن، ڳالهيون هلڻ سنديون،
ڏيندا مون ڏکن، وهه وجهندا جندڙو.
اهڙي صورتحال ۾ اهڙن جذبن جو اتپن ٿيڻ فطري ڳالهه آهي. جسماني گهرجن پٽاندڙ انساني نفسيات ۾ تبديلي هڪ حقيقت آهي، جنهن جو ذڪر شاعر سهڻي پيرائي ۾ ڪري پڙهندڙ کي پنهنجي گرفت ۾ وٺيو ڇڏي. پڙهندڙ نه چاهيندي به شاعر جو هم خيال بڻيو وڃي. اها هن جي فن جي ڪماليت آهي، نه ته سنڌي جاگيرداراڻي معاشري ۾ جتي عورت کي ذاتي ملڪيت تصور ڪيو ويندو هجي، اتي مرد ان جي مالڪي ڪيئن ٿو ڇڏي سگهي، پر اسان جو شاعر اهو اختيار عورت کي ٿو ڏئي ته هوءَ پنهنجو جوڙ جيس ڪنهن کي ٿي بڻائي. ”منهنجو مالڪ تون، ٻيو ور ڪنديس ڪين ڪي...“ ور کانسواءِ، ونيءَ لاءِ هڪ وير به عجيب عذاب ۽ ڏک ڏيندڙ آهي. هن پيڙا جو ذڪر لطيف، طلاقيل، وانڍين، ڪلين ۽ اڪيلين عورتن جي پيرائي ۾ ڪيو آهي:
ور ريءَ جي وانڍين اڏيا، پکا سي م پُسن،
اتر ڊاهي ان جا، ته ڪنهن کي ڪارون ڪن
وارث وري تن، اچي شال اولو ٿئين.
عورت جي ان دائمي ۽ فطري درد جو حل اسان جو اڄ جو ايڪويهين صديءَ جو معاشرو به نه ڏئي سگهيو آهي. ننڍي کنڊ جي ادب، فلم ۽ ڊرامي واري صنعت وٽ اڃا شاديءَ جو موضوع جاندار آهي جنهن ۾ مختلف ڪهاڻين ۾ عورت کي سندس مرضي خلاف، مٿس ٿيندڙ ذهني ۽ جسماني تشدد ڀوڳيندي ڏيکاريو ويندو آهي. بي جوڙ شادين سان سڄي گهر جو ماحول بگڙيو وڃي ۽ اسان جي سوسائٽي ڀورا ڀورا ٿيو وڃي.
هن سر ۾ نه رڳو ان عورت ڪردار جي پيڙا تي لکيو ويو آهي پر سنڌ جي واپاري ۽ صنعتي لاڳاپن، پرڏيهه سان ٿيندڙ واپار ۽ پرڏيهي بندرن ۽ شهرن جو ذڪر به ملي ٿو، جيڪو هڪ ڊگهو ۽ الڳ موضوع آهي.

آيل ڍولئي ساڻ، هوند ڳر لڳي ڳالهيون ڪريان...
*
آيل ڍولئي ساڻ، اچي ته جهيڙيان،
لايئي ڏينهن گهڻا، مون سين ڪيئي ٿورڙا.
*
هينئڙو ٻيڙيءَ جيان، ڏتڙ پئي ڏينهن ٿيا،
پڇيو تان نه پريان، ڪرلاهو ٿي ڪڏهين.
اها صورتحال اهو ئي ماڻهو سمجهي سگهي ٿو، جنهن جو درياهه سان واسطو هوندو، جنهن جو رستو پتڻ جو هوندو ته ان کي خبر هوندي ته ٻيڙي اوجهڙ/اوتڙ يا خراب تڙ ۾ ڪيئن ڦاسندي آهي ۽ منجهس ڪيئن پاڻي ۽ واري ڀرجي ويندي آهي. منهنجي هِنئين سان اهڙي ويڌن ٿي آهي پر منهنجا پرين ڪڏهن پڇا ڳاڇا ڪرڻ ۽ احوال معلوم ڪرڻ به نه آيا آهن. وڻجاريءَ جي ويچارن، الڪن، ارمانن ۽ اوسيئڙن کان سواءِ هن سر ۾ سمونڊ جي سوڙهه، خطرن، درياهه ۽ سمونڊ جي صورتحال، موسم، ڪڏهن چاڙهه ته ڪڏهن ماٺار واري موسمي صورتحال جو ذڪر ڪيل آهي:
مون ٿي چيوئي ڪانڌ، ڀُتي ڀاڙ مَ مڪڙي،
پکي پراڻا پانڌ، لهريون صحي لڳنديون.
هن سر ۾ هڪ اهڙو ڪردار به آهي، جيڪو کاري کيڙائن کي بندر تي اوساري، انهن سان پار ٿو کڻي، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته هن عورت جا وارث، ور ڪنهن حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن. هنن جي جهاز کي نقصان رسيو آهي، ڇو ته ڇهين مهيني ورڻ وارا ٻارهين مهيني به ناهن موٽيا. اهڙي صورتحال کي واضح ڪندي سنڌ جو مها ڪوي لکي ٿو:
کاري کيڙائن، جيڪس وَهه وري ويو،
گوندر ماريندو، ويچاريءَ وين جو.
جهاز جي تباهه ٿيڻ متعلق لکي ٿو:
پرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجهان تن،
وڏا ٻيڙا ٻار ۾ ، هليا هيٺ وڃن...
***