شاهه جي رسالي ۾ حيات ۽ موت جو فلسفو
زندگي ۽ موت جي موضوع تي دنيا جي سڀني وڏن شاعرن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، ان کي عمدي نموني نڀايو آهي، جنهن ۾ گهرائيءَ سان گڏ انسان جي نفسيات، جذبات، ڪيفيات ۽ احساسات کي چٽو ڪيو آهي پر اسان جي لطيف سرڪار جيڪا ڏاتر کان ڏات ورتي آهي، ان جي پالوٽ، سندس رسالي ۾ سانوڻيءَ جي مينهن جيان اوڙڪون ڪيو پئي وسي. خاص ڪري موت واري موضوع کي ته اهڙو پاٻوهه، سڪ ۽ ترنم ۾ ادا ڪيو اٿس جو ماڻهوءَ جو مرڻ تي جيءُ پيو ڪري. هن فاني دنيا ۾ جيئڻ ڪيڏو اڙانگو، تڪليف ڏيندڙ ۽ زندگي زهر ڪندڙ عمل آهي، جو ماڻهو، پنهنجي جياپي لاءِ ڇا ڇا نٿو ڪري: ماڻهپي ۽ اخلاقيات جا سڀ قدر وساري، موت کان به بدتر زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. هيءُ ڪائناتي موضوع آهي. اسان جي پاڪ ڪتاب ۾ پڻ موت ۽ حيات تي جهجهو مواد موجود آهي. گهڻو ڪري ان ئي مواد جو سهارو وٺي سهڻو لطيف سنڌي ڄاڻندڙن کي اها منجهل ڳالهه سلجهائڻ ۾ ايترو ته ڪامياب ويو آهي جو ٻيو ڪو شاعر يا فلسفي هن سان برميچي نٿو سگهي.
اونچو اتانهون گهڻو، جيئڻ کي جبل،
مرڻ مون سين هل، ته پٺيءَ توءِ پنڌ ڪريان.
سسئيءَ جي واتان پنهنجيءَ قوم کي جيڪو پيغام ٿو ڏئي، اهو هي آهي ته جيئڻ جي آڏو، اڏول ۽ اڙانگو پهاڙ کڙو آهي، جنهن کي سر ڪرڻ لاءِ همٿ، حوصلي ۽ پختي ارادي جي ضرورت آهي، ان ڪري ئي هن سفر ۾ سسئي موت کي پڪاريندي، چئي ٿي: اچُ! منهنجو سونهون ٿيءُ، ته تنهنجي رهبريءَ ۾ آئون هن درنگي درياهه مان پار ٿيان. موت جي خوف کي پٺيءَ تي اُڇلائي ئي پنهنجي زندگي سڦل بڻائي ٿي سگهجي. ڇو ته جنهن کي موت ياد هوندو ان کي پنهنجي مالڪ حقيقيءَ جو خوف به دل ۾ هوندو جنهن ڪري هو پنهنجي تڇ جهڙي نفعي لاءِ خدا جي مخلوق کي ستائڻ ۽ ٺڳڻ کان اڳ ڏهه دفعا سوچيندو.
ٺڳن گهڻا ٺڳايا، تون ٺڳن کي ٺڳاءِ،
واقف ٿي وساءِ، آڳ نه ڏجي عام کي.
تون اهو سالڪ ٿيءُ، جو هي جيڪي دنيا جا آڙيڪاپ ٺڳ آهن، اهي پنهنجون سڀ اٽڪلون ۽ تدبيرون تو اڳيان وڃائي ويهن. تون انهن ٺڳن کي به ٺڳ، جيڪي توکي ٺڳڻ گهرن ٿا. هن سماج ۾ ماڻهوءَ جون جيتريون گهرجون آهن، مجبوريون آهن، انهن سڀني جو تعلق جياپي سان آهي، جيڪا هڪ فطري جبلت آهي جو ساهدار، پهريان پنهنجي جياپي کي ترجيحي بنيادن تي نيبهه ڪندو آهي. ان کانپوءِ پنهنجي نسل جي واڌ ويجهه ۽ بقا لاءِ فڪرمند هوندو آهي. اسان جو آگو، رهنما ۽ سونهون ٻڌائي ٿو ته انهيءَ بقا جو راز به ان فنا ۾ آهي:
مري جيءُ ته ماڻئين، جانب جو جمال،
ٿئين هوند حلال، جي پند اها ئي پارئين.
تون حلال تڏهن ٿيندين، جڏهن مري جيئندين، يعني جيئڻ اصل مرڻ سان آهي، جيڪڏهن تون پنهنجين ڪِين جهڙين سڌُن کي ترڪ نه ڪندين ته ٻين لاءِ جيئڻ جو راز توکي هٿ نه ايندو. اهو ڪهڙو مرڻ آهي جنهن جي تلقين اسانجو مرشد ڪري ٿو:
مَرُ ته موچاري ٿئين، جيئڻ آڏو جَت،
هاري! ڪر همت، ته دم ڏئي دوست لهين.
اهو آهي انسان جي فاني حياتيءَ جو معراج، جنهن جو پڙاڏو رسالي ۾ جابجا گونجي رهيو آهي. هن مايا جي موهه ۽ هن ڪوڙي دنيا جي ڏيک ويک تي ڀُلجي، انساني قدرن ۽ اُتم ڳڻن کي هٿان وڃائڻ واري ڪرت کان جهليندي، حيرت واري انداز ۾ چوي ٿو:
فاني! ڙي فاني! دنيا دم نه هيڪڙو...
اهڙيءَ شيءِ سان وڃي نينهن لاتو اٿئي، جنهن کي ڪو دوام ڪونهي، جيڪا تو سان ساٿ نٿي ڏئي سگهي. ان جي ياريءَ مان سواءِ هٿن مهٽڻ جي ٻيو ڪِي حاصل ڪونهي. تون ان وَٿ کي وساري ويٺو آهين، جيڪا سدائين لاءِ زنده جاويد آهي. ان جي پريم ۾ ڪي گهڙيون گهاري ڏس ته ڪيئن ٿو تنهنجو اندر اُجري آئيني مثل بڻجي پوي، جنهن ۾ تون پنهنجو حقيقي روپ پسي سگهين. ماڻهو ٻاهر ڏسڻ ۾ هڪ هوندو آهي ۽ اندر ۾ ٻيو پر هن جو حقيقي چهرو اڃا ٽِين شيءِ آهي، جنهن ڏانهن هن دنيا جي گوڙ گهمسان، حرس، لوڀ ۽ لالچ وچان، ويچارو ماڻهو ڪَن ڌرڻ کان وانجهيل هوندو آهي.
مفتي منجهه وهار، ته قاضي ڪاڻيارو نه ٿئين...
مفتي لفظ جي معنيٰ آهي فتويٰ ڏيندڙ، اهو اصل اسان جي هردي ۾ لڪو ويٺو آهي، جنهن کي اسان ڀلجي زماني جي قاضيءَ (جج) کي ڳولي فيصلي وٺڻ لاءِ آتا آهيون. هادي هدايت ٿو ڪري ته:
اکر پڙهه الف جو، ورق ٻيا وسار،
اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
ميم رکجئين من ۾ ، الف تنهن اڳياءَ،
چتان چوريجاءَ، اها لات لطيف چئي.
يعني جيڪڏهن تو ”الف“ جو اکر پڙهيو آهي يا پڙهڻ چاهين ٿو ته ميم توکي من ۾ رکڻو پوندو، ڇو ته ميم جي محبت کانسواءِ الف وارو اکر يا اها ذات جنهن کي واحد ٿو سڏين، اها تنهنجي هادي ۽ رهنما ٿي توکي سڌي دڳ لائيندي. اسان جي حال تي رحم ۽ حيرت کائيندي چوي ٿو ته گهڙي گهڙيءَ ڪلمو پڙهي، وحدانيت ۽ رسالت جي آجيان ته ڪرين ٿو پر پوءِ به وڃي ٻين آڏو مٿو ٿو ٽيڪين، معنيٰ تو وحدانيت ۽ رسالت کي دل و جان سان قبول نه ڪيو آهي. جيڪڏهن تنهنجو ايمان ڪامل هجي ها، ته تون دنيا جي ڪوڙين هستين اڳيان ايئن گوڏا نه کوڙين ها. ٻين لفظن ۾ اسان کي چئي رهيو آهي ته اها تنهنجي ڪوڙي دعويٰ آهي، تون متقي ناهين.
وحدهٗ لاشريڪ لہٗ، جان ٿو چئين ايئن،
تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجهان نينهن،
تان تون وڃئو ڪيئن؟ نائين سِرُ ٻين کي.
قرآن شريف ۾ پڻ اهو ئي ارشاد ٿيل آهي ته هيءُ ڪتاب ڪوڙ ۽ فريب کان پاڪ آهي. هي هدايت آهي متقين لاءِ، جو متقي ناهي ان کي پاڪ ڪتاب هدايت نٿو ڪري. ان رمز کي، اهي ئي عاشق صادق رسي سگهندا جيڪي الله جي هيڪڙائيءَ سان گڏ محمد صه کي هن ڪائنات جو ڪارڻي ڄاڻندا، يعني ڪائنات جي تخليق جو سبب سمجهندا. اهي جيئڻ کان اڳ جيئندا آهن ۽ مرڻ کان اڳ مري جيئندا آهن. ڪهڙيون نه الٽيون چالون آهن اسان جي سونهين سردار جون.
جُز وڃايو جوڳئين، ڪُل سين آهينِ ڪم،
آسڻ جن عدم، آنءُ نه جيئندي اُن ري.
*
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻان اڳي جي جيئا.
انهن جي ضد ۾ وري جيڪي ڪردار آهن، انهن کي پڻ چٽو ڪري اسان جي اڳيان پيش ٿو ڪري ته جيئن اسان کرن ۽ کوٽن کي پرکي سگهون:
سي هُئين جاڙ جيئنِ، ٺلهار ٺانٺا سکڻا...
*
محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مُئا،
چڙيءَ جيئن چُهنج هڻي، لڏيائون لُئا،
حباب ئي هئا، انهيءَ واديءَ وچ ۾ .
”کُلُّ نَفْسٍ ذَائقة الْمَوْتِ“ جو سنڌي ترجمو ڪندي لکيائين:
هوءَ جا لات لطيف جي، سڏ تنهن جو سُڄي...
لطيف نالو آهي رب پاڪ جو، جنهن جي لات يا سڏ آهي: هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي. اها هڪ اٽل حقيقت آهي، جنهن کي ڪير لنوائي نٿو سگهي، نه وري ڪو بچي ٿو سگهي. سهڻيءَ لاءِ ڪيڏو نه خوب لکيو اٿائين، جنهن ۾ هر انسان لاءِ هڪ لاثاني سبق سمائي ڇڏيو اٿس. چوي ٿو: پنهنجي موت کي حيات بناءِ! سو ڪيئن؟ هن طرح:
ته ڪَرُ ڪين سُئي، جي سير نه گهڙي سهڻي،
هت حياتيءَ ڏينهڙا، هڏهن تان نه هئي،
چُڪيءَ تنهن چري ڪئي، جا ڏنس اُن ڏُهي،
سهڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب ڪُهي،
هوءَ تان هوند مُئي، پر ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
سوچڻ جي ڳالهه آهي، واقعي به جي سهڻي سير نه گهڙي ها ته اڄ کيس ڪير سڃاڻي ها. هن جهان ۾ ، سهڻي ته ڇا، ڪير به سدائين ته جيئرو ڪو نه هوندو. نيٺ ته موت سڀ جو مهمان ٿيڻو ئي آهي. هن کي ميهر جيڪا چڪي پياري هئي، ان هن کي صفا چريو ڪري ڄڻ ڪهي ڇڏيو هو. هونءَ به ته مري ها پر هن ٻڏل جا ٻيڻا ٿيا.
ڪُنڍي ڪلين وچ ۾ ، جڏهن هنيائون،
موت نه ماريائون، ڏور ڏئي ويا ڏک جي.
سورن ۽ ڏکن سان به اهڙو ئي پيچ پيل آهيس، جهڙي موت لاءِ مشتاق آهي.”اڄ آديسي مَرُ، سُڀان مرندو سڀڪو،“ ڀٽائي موت لاءِ ماڻهوءَ کي ايئن اتساهي ٿو، جو موت جو ڊڄ ڪافور ٿيو وڃي:
گهِڙيا سي چڙهيا، ايئن اٿيئي،
مئي متي مهراڻ ۾ ، پئو ٽپو ڏيئي،
ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاهه سين،
يا
اڳيان اڏين وٽ، پوين سر سنباهيا،
ڪاٽ ته پوين قبول ۾ ، مڇڻ ڀانئين گهٽ،
مٿا مُهاين جا، پيا نه پسين پٽِ!
ڪلاڙڪي هٽ، ڪُسڻ جو ڪوپ وهي.
رسالي ۾ موت وارو موضوع پنهنجين تمام حسناڪين سميت موجود آهي. سوريءَ تي جو سڄڻ سرها آهن، اهي ڪهڙي حساب ۾ ؟ پهرين سٽ ۾ پڙهندڙ کان سوال ٿو ڪري، وري ان جو جواب به پاڻ ئي ٿو ڏئي.
جڏهن نيڻ اڙيا ته سولي به سيج سمان ٿي پئي:
سوريءَ مٿي سيڻ، ڪهڙي ليکي سنرا؟
جيلانهن لڳا نيڻ، ته سوريائي سيج ٿي.
جڏهن ڪير هن دنيا مان گذر ڪري ويندو آهي ته اسين چوندا آهيون: ڦلاڻو ويچارو گذاري ويو. لطيف اسان کي تنبيهه ڪندي چوي ٿو:
ويندن کي ويڪ ٿي، هوندن ڪونهي هنڌ،
لہُ الموليٰ فہُ الڪل، ايءُ پروڙج پنڌ...
يعني ويندن کي ته ويڪراڻ ۽ ڪشادگي نصيب ٿي، باقي جيڪي هن دنيا تي رهجي ويا، انهن کي ته رهڻ لاءِ به جاءِ هٿ نٿي اچي. جنهن جو رب تنهنجو سڀ، تو ان ڳالهه کي سمجهه. انهي خيال کي ڀڳت ڪبير داس ڪهڙي نه سهڻي پيرائي ۾ بيان ڪيو آهي:
اس مرڻي نون ڪيا روئيي، جو گهر اپني جاءِ،
بندا روئي ته آپ ڪون، جو هاٽ هاٽ بڪاءِ.
***