لطيفيات

نت نت آهه نئون

هي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي شاھ لطيف جي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
Title Cover of book نت نت آهه نئون

ماڙيءَ من ڦڪو ڪيو!

ماڙيءَ من ڦڪو ڪيو!
(شاھه جي رسالي ۾ جيل جي شاعري)

شاهه سائين مارئيءَ جي واتان قيديءَ جا جيل بابت تاثرات، تجربا۽ جذبا بيان ڪندي چوي ٿو ته پهرين ڏينهن ماڙي ڏسي منهنجو من ڦڪو ٿيو آهي. آءٌ مارن کي ڪوٽ چڙهي ڏوراپا ۽ ميارون ڏينديس ته اوهان ڪڏهن ڀيرو ڪري اچي منهنجي سار نه لڌي. بيت جي سٽاءَ ۽ ٻوليءَ ۾ جيڪو درد آهي، اهو شرح واري نثر ۾ سمائجي نٿو سمائجي. ڪو ايڏو وڏو فنڪار هجي جيڪو ان درد کي نثر ۾ ظاهر ڪري، باقي اسان جهڙن جي مجال ناهي، بيت ڪجهه هن طرح آهي:

پهرين ڏينهن پسي، ماڙيءَ من ڦڪو ڪيو،
موهڙ ماروئڙن کي، ڏينديس ڪوٽ چڙهي،
ويڙهيچن وري، ڪر نه لڌي ڪڏهين.

قيديءَ جي صورت ۾ مارئيءَ جو اهو پهريون تجربو هو، پهرين ڏينهن جو، جنهن کي اوهين قيديءَ جو تاثر به چئي ٿا سگهو. مارئي جڏهن کوهه تان کڄي، عمر ڪوٽ جي برجن ۽ دروازن کي ڏسي ٿي ته هن جو من ڦِڪو ٿو ٿئي. اڄ به جيل جي وڏي در کي ماڙِي سڏبو آهي، ڇو ته ان جي مٿان ٻه ماڙ اڏاوت سپرنٽينڊنٽ جي آفيس هوندي آهي، ته جيئن هن جي نظر ٻاهر به پوي ۽ جيل جي اندر حوالات به نظر ۾ هجي. ماڙي ٻي منزل تي ٺهيل ڪوٺيءَ کي چئبو آهي. من جي ڦِڪي ٿيڻ ۾ جيڪو ڪَرب ۽ پيڙا آهي، اها انسان جي مايوسي ۽ بيزاريءَ جي اهڙي ڪيفيت آهي، جنهن ۾ ڪا به شيءِ نه وڻندي آهي، ڄڻ ته انسان پنهنجي زندگيءَ کي بيڪار ۽ بار محسوس ڪندو آهي. هيءَ نظربندياڻي ٿي بيوس بڻجي ٿي پوي، تڏهن عمر کي ٿي چئي ته ”جي آئون نظربندياڻي نه هجان ته جيڪر هت پل به نه گهاريان.“ ان جي باوجود مارئيءَ کان مطالبا ۽ فرمائشون ڪيون ٿيون وڃن ته ”ملير وساري، ان کي ڦٽو ڪري ڇڏ، مارُن سان ناتا رشتا ٽوڙي، انهن کي وساري ڇڏ. بخمل، بافتا، اغرچ، عنبير، چوکا، چانور، هس، ڪڙيون، سونا زيور، جواهر، ويس وڳا ۽ هار سينگار ڪري، پٽ راڻي بڻجي پلنگ تي چڙهي ويهه!“ ان وقت مارئيءَ جا جذبا ڪهڙا آهن ۽ هوءَ ڪهڙو جواب ٿي ڏئي:
مِلڪَ ماروءَ جي آهيان، جورِ نه ٿيان جَوءِ...
*
سيل ڀڃڻ جي سومرا، مون کي مت مَ آڇج مير،
ٿورين گهڻين ڏينهڙين، وينديس هُتِ حمير،
مڇڻ منجهه ملير، منهن مٿانهون نه کڻان!
اي سومرا سردار! سيل ڀڃڻ جي صلاح نه ڏئي ڇو ته ٿوري گهڻين ڏينهين آئون ملير موٽي وينديس، ان ڪري آئون ڪو به اهڙو ڪڌو ڪم ڪرڻ نٿي چاهيان جنهن ڪري، آئون مارُن سامهون منهن مٿانهون نه کڻي سگهان. مارئيءَ کي ته اهو ئي افسوس آهي، جو هوءَ کوهه تان کڄي، ماڙيءَ ۾ اچي بند ٿي آهي. هن کي ماڙي مهڻو ٿي لڳي، سا ڪيئن عمر جي ڪوٽ ۾ سُکَ سان ويهي ٿي سگهي! اسان جي شاعر، مارئيءَ جي کوهه تان کڄڻ واري واردات کي بيان ڪندي ٻڌايو آهي ته ملير جي هر وسندي هر ڪچهري ان واقعي تي رَني آهي. مارئي جي هيءَ وڏي ڪمزوري بڻجي وئي آهي، جهڙوڪ هن تي ڪارنهن جو چٽو لڳو هجي جنهن جي ڪري هيءَ منهن مٿانهون نٿي کڻي سگهي. پوءِ ته فن جي پالوٽ ٿي ٿئي، ان قيدياڻيءَ جي پل پل جي وارتا کي ويهي سموهيو اٿس. هن جي اڻڀن وارن، منهن جي ميري ٿيڻ، سونهن جي ڦٽڻ وغيره کي وڏيءَ فنڪاريءَ سان ڳاتو اٿس. قيديءَ جي اٽل ارادي ۽ مارُن سان وچن ۽ وفا جا ڪيئي ڳڻ ڳايا اٿس. ڀٽائي صاحب پنهنجي هن ڪردار کي آزاديءَ جي علامت، وطن ۽ مارُن سان لازوال محبت، جيڪا ڪنهن به قيمت تي مٽجي نٿي سگهجي، نه وري ڪنهن سزا يا تشدد جي خوف کان ان محبت ۽ ارادي تان هٽڻ لاءِ تيار آهي.
ڪنڊ لنگهيندي ڪاڻ، پيئيم پنهوارن سين،
اتي جي عبد اللطيف چئي، رنو سڀ رهاڻ،
ان هيڻائيءَ هاڻ، منهن مٿانهون نه کڻان.
مارئيءَ ڏي پنهنجي ڏيهه کان مارو يا ڏاڏاڻا طعني جهڙو نياپو ٿا ڪن. متان ويس وڳا ڪري، هار پائي، پلنگن تي چڙهي وِهين! ڪڏهن به پنهنجو ستر (لَڪ) خزاني تي نه مٽج. هن کي سرتين زور ڏئي سيل نڀائڻ جو تاڪيد ڪيو آهي. شاعر، مارئيءَ جي واتان عمر کي اهو نياپو هن طرح ٿو ٻڌائي:
جو ڏيهه ڏاڏاڻيا آيو، ڏنم تنهن طعنو،
پائي ويهه مَ پلنگين، ڳچيءَ سر ڳانو،
مٿان لڪ لطيف چئي، کاءُ مَ خزانو،
سرتين سيل چوايو، جور هڻي جانو،
ٿيو سڏ سمانو، حرف لٿي هيڪڙي.
جڏهن لطيف لڪ مٿان، ( انگ مٿان ) ۽ ستر عيوض خزانو کائڻ کي ڪُڌائپ ۽ بڇڙ و عمل ٿو سڏي ۽ چٽن لفظن ۾ انساني عظمت ياد ٿو ڏياري، مارئي عمر کي هوشيار ڪندي چوي ٿي ته منهنجو مارن سان رشتو، ناتو ڪو اڄ ڪلهه جو ڪونهي، مون ته انهن سان ازل واري ڏينهن کان وچن ڪيو هو ۽ عدم ۾ به انهن سان گڏ گذر هو:
الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،
قالو بلا قلب سين، تڏهن تت چيوم،
تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.
”پيغام لطيف“ ڪتاب جي انتساب ۾ سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته ”ان شاعر جي نالي، جنهن جي شاعري پڙهڻ سان اندر ۾ آزاديءَ لاءِ تڙپ پيدا ٿئي ٿي،“ ان ڪري ئي مارئي عمر کي پنهنجي مجبوريءَ کان آگاھه ٿي ڪري ته، وطن ۽ مارن کي آئون وساري نٿي سگهان:

آئون ڪيئن ڇڏيان سومرا، تن پنهوارن پچار،
جڙ جنين جي جان ۾ ، لڳي ريءَ لوهار،
پکا ۽ پنهوار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.
جڏهن هن تي سختي ٿئي ٿي، دڙڪا، داٻا، تشدد ۽ سزا جا حربا استعمال ڪيا ٿا وڃن ته هيءَ پنهنجي خانداني عظمت، پنهنجي ڌرتيءَ جي رسم و رواج کان عمر کي آگاھه ڪندي وڏي واڪي چوي ٿي:
جي لوڻ لڱين مون لائيين، چيري چيري چم،
مون ڪُرَ اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم،
جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوار سين.
ڀٽائي صاحب جيل جي شاعريءَ ۾ هٿڪڙيون، ڏنڊا ٻيڙيون، زنجير، ڪال ڪوٺڙيون، چاري، واهت ڪندڙ وزير جهڙن لفظن جو استعمال ڪري جيل جي ماحول کي چٽو ڪيو آهي. عام قيدي ۽ وطن پرست قيديءَ جي فرق کي به ظاهر ڪيو آهي:
بندي ٻيا به قرار، اسين لوچيون لوھه ۾ ،
مٿي تن ترار، سدا سانڀيئڙن جي.
*
ماڙين ماريس ڪين ڪي، ميس مارن لاءِ،
ڪر لهندا ڪڏهين، منهنجي اچي ماءِ،
سانڀيئڙن ِسداءِ، ويٺو واجهـه وجهي هنئيون.
جيل ۾ بند هجڻ هن لاءِ ڪا ڳالهـه ڪانهي، هن کي ته ان ڳڻتيءَ ڳاريو آهي ته شل مارُو ميرو ڪري نه مٽين، ان ڪري ئي عمر جي قيد ۽ سختيءَ کان وڌيڪ هن کي مارن جي ميار ۽ طعني جو فڪر آهي. قيد جي ڳڻتي ۽ اُلڪي ۾ جڏهن هن جي اک ٿي لڳي، هوءَ پاڻ کي ملير ۾ ٿي پسي، پاسي چورڻ سان جڏهن هن جا زنجير کڙڪن ٿا ته هن جي اک کلي ٿي پوي.
هٿين هٿ ڪڙول، ڄنگهون ٻانهون ڪاٺ ۾ ...
*

رات لڌم سوهڻو، کٿيءَ ۾ خاصو،
اٺا مينهن ملير ۾ ، ٿيو تڙ تڙ تماشو،
چوريان جان پاسو، ته جسو زنجيرن ۾ .
ماڙيءَ تي ٻيا به لطيف جا حسين بيت آهن، هڪ ۾ چيو اٿس ته :
ماڙيءَ مينهن نه پون، ساوا گاهه نه سومرا...
ماڙيءَ تي مينهن ناهن پوندا، نه وري ساوا گاهه ڦٽندا آهن، مينهوڳيءَ جي مند ۾ جڏهن مارُن جي ياد مارئي کي ستائي ٿي ته ان جو ذڪر لطيف هن طرح ٿو ڪري :
ماڙيءَ چڙهي ڏٺام، پکا پنهوارن جا،
هڪ اڳيئي سهڻا، ويتر مينهن اٺان،
ڪهڙا ڏوهه ڪيان مِ، جيئن گهر مارو، آئون ماڙئين!
***