لطيفيات

نت نت آهه نئون

هي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي شاھ لطيف جي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
Title Cover of book نت نت آهه نئون

حيف تنين کي هوءِ

حيف تنين کي هوءِ
(شاهه جي رسالي ۾ وطن جي حب )


برابري، ڀائيچاري ۽ عدل تي ٻڌل سياسي نظام کي سمجهائڻ لاءِ اسان جي شاعر مارئي، سسئي، سارنگ ۽ رامڪليءَ جهڙا سُر سرجي پنهنجي ڌرتيءَ جا سوين رنگ ۽ روپ پڙهندڙن کي پسايا آهن، جن ۾ هن ڌارين جي ڦرلٽ، يلغار، ظلم ۽ ڏهڪاءُ جا انيڪ عڪس چٽيا آهن. ڏڪار واري دائمي درد جو بيان ڪندي هُن مڙني غير فطري عملن جي وڏي واڪي نندا ڪئي آهي. مظلوم ۽ بيحال ماڻهن جي حقن ۽ سماجي برابريءَ واري سرشتي جي حاصلات لاءِ ڦاهيءَ جي ڦندي کي چمڻ جي آس اندر ۾ سانڍي اٿس. ڌرتيءَ جي سرويچ پٽن کي ساڻيهه جو سُک وارڻ لاءِ ڪيئي سبق پڙهايا اٿس. پنهنجي عوام کي انهن جي ٻوليءَ ۽ ماحول پٽاندڙ ڳالهه سمجهائڻ جو وٽس اعليٰ ۽ عجب انداز آهي. ماڻهوءَ کي نيڪ ۽ سٺي مقصد لاءِ مرڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ايئن ٿو اُڪسائي ۽ اُتساهي جو ماڻهوءَ جي دل مان رياستي ڏاڍ، تشدد ۽ حڪمرانن جي دٻدٻي کي ڪافور ڪري ٿو ڇڏي. شاهه سائين هن موضوع تي ايڏي تي اثرائتي شاعري ڪئي آهي جو سندس لفظن ۾ فولادي قوت پيدا ٿي پئي آهي. ڀانءِ ته وطن جي عاشقن کي هيئن پيو چوي:
سر سپاهين وڪيا، سوڪِ نه ڪِين سوءِ،
جيڪي پڇين پڇ سو، گنگا نِئين نه گوءِ،
وڃ پرياتڻيءَ لوءِ، عجز کي آڏو ڪري.
ڇا توکي خبر ناهي ته معمولي پگهار تي سپاهي پنهنجو سر وڪڻن ٿا. تون قومي مقصد: وطن جي آزادي ۽ امن لاءِ پنهنجو سر ڏيڻ مهانگو ٿو ڄاڻين!؟ ان ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي آزاديءَ جي ويڙهاڪ کي نصيحت ٿو ڪري ته جيڪڏهن تون انقلاب کي اکين سان پسڻ ٿو چاهين ۽ ڌرتيءَ سان پنهنجو نينهن نڀائڻ ٿو چاهين ته توکي چور وانگر ٿيڻو پوندو، جيڪو پنهنجي خسيس مطلب خاطر ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ٿو ڪري ۽ پنهنجي مقصد تي پختو رهي پنهنجو راز مخفي ٿو رکي:
جي ڀانئين پرينءَ مِڙان، سِک چوران ڪِي ڌات،
جاڳڻ جشن جن کي، سور سڄيائي رات،
اُجهي ٻُجهي آئيا، وائي ڪن نه وات،
سلي سوريءَ چاڙهيا، بيان ڪن نه بات،
توڙي ڪسن ڪات، ته به ساڳي سلن ڪين ڪِي.
جڏهن به ڪو شاعر ڌرتيءَ جي درد کي پنهنجي اندر ۾ سانڍي، ان کي نئين روپ ۽ ڍنگ ۾ ملڪي حالتن سان ٺهڪندڙ انداز ۾ بيان ڪندو آهي ته اهو قومي شاعر جو درجو ماڻيندو آهي. سندس شعر لازوال حيثيت ماڻي وٺندو آهي، جيڪو ڌرتيءَ واسين جي هر دور ۾ هر حالت ۾ رهنمائي ۽ اڳواڻي ڪندي نظر ايندو آهي. هو ڪڏهن به پراڻو نه ٿيندو آهي. هر وقت نت نئون ۽ سج جيان روشن ۽ چٽو ٿي ڌرتيءَ تي پکڙيل اوندهه کي تڙي ڪڍڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف جو بيت اڄ به اڳئين کان اڳرو، نت نت نئون ۽ اسان جي سڌاري جو وسيلو بڻيل آهي:
گِهڙيا سي چڙهيا، ايئن اٿيئي،
مَئي متي مهراڻ ۾ ، پئو ٽپو ڏيئي،
ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاهه سين.
شاهه سائين چوي ٿو ته ميهار (انقلاب) تنهنجو انتظار پيو ڪري، جيڪو درياهه ۾ نه گهڙندو اهو پَرينءَ ڀر ڪيئن پڄندو. ان ڪري جيڪڏهن توکي هُن پار جا مزا ماڻڻا آهن ته پوءِ مئي مَتي مهراڻ ۾ ڪُڏي ڪاهي پئو ته پنهنجي آدرش کي پسي سگهين:
سِسي ڌار ڌري، پڇج پوءِ پريتڻو...
*
سندي جا ساڻيهه، کيهه کٿوري ڀانئيان...
ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي ستن ٻولين جي وڏن شاعرن جي شاعريءَ جو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ سڀني شاعرن مان لطيف سائينءَ کي عظيم شاعر سڏيو آهي. هن پنهنجي ڪتاب ( شاهه لطيف آف ڀٽ ) ۾ لکيو آهي ته هن وقت پاڪستان جو قومي شاعر علامه اقبال کي ڪوٺيو ٿو وڃي پر پاڪستان جو نوجوان جڏهن لطيف جو مطالعو ڪندو ته هو ان کي قومي شاعر تسليم ڪندو.
گهوريو سو پرڏيهه، توڙي ڦلن ڇانئيو...
*
جيڏانهن قاتل ڪل، اکيون اوڏانهين کڻي،
مٿو ڪن نه مل، پِڪ برابر پاهنجي.
هن ڄاڻي واڻي اهڙا ڪردار تخليق ڪيا آهن جن سان قوم جي اصلاح ۽ تربيت ٿئي. هن جيڪو وڏو ڪم ڪيو، اهو هو معاشري ۾ نظرانداز ڪيل طبقن کي مٿي آڻي انهن جي گُڻن جي اپٽار ڪري هڪ مثالي معاشري جو خاڪو پيش ڪرڻ. ڀٽائيءَ عورت ۽ پورهيت، ڪمي ڪاسبي ۽ هاري ناريءَ کي سندن ڪرت ۽ ڪردار سببان سماج اعليٰ ۽ اڻٽر ايڪائي ڄاڻائي انهن جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. قومي غيرت، قومي تشخص، ملڪ سان محبت ڪرڻ جيئن هن سيکاري آهي، شايد ئي ڪو استاد ايئن پاڙهي ۽ سيکاري سگهي. وطن جي ذري پرزي سان محبت ڪرڻ ته ڪو هن وٽان سکي.
کارا کٻڙ ڏيهه ۾ ، ٻيا واريءَ منجهه وٿاڻ...
*
تن ساڏوهين سَڌ مران، جنين ڏنگا ڏار...
هن اهڙا بهادر ڪردار جوڙيا آهن جو زال مڙس کي ٿي چئي ته جنگ دوران مري وڃين ته ڀلي ويٺي روئان، تون موٽي نه اچج، ڇو ته طعنن جي حياتي وڏي ٿيندي آهي. ڪانڌ جي منهن ۾ ڌڪڙن کي سيڪيندي ٻهڪي ٿي، جو هن کي ان ڳالهه تي خوشي ٿي ٿئي ته هن جو ور، مڙس بهادر ٿي منهن ڏئي وڙهيو آهي، ڀاڙي ٿي ڀڳو ناهي، جو هن جي پويان پٺ تي زخم هجن.
ڪانڌ مُنهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان،
ته پڻ لڄ مران، جي هُونس پٺ ۾ .
سنڌ جي سمونڊ تي جڏهن انگريز ۽ ڊچ نوس نوس ڪري رهيا هئا، تڏهن هن ڌرتي ڌڻين کي سجاڳ ڪندي ”دُنگي منجهه درياهه“ جهڙو بيت سِرجي نه رڳو قوم کي سجاڳ ڪيو پر ان سان گڏ، ان جو سبب به ٻڌايو آهي ته اسان جا نام نهاد اڳواڻ، رهنما، رهبر ۽ رکوالا پنهنجي پير تي ناهن، تڏهن ته ڌرتي ڌڻين جي حقن تي ڌاڙا لڳي رهيا آهن:
دُنگي منجهه درياهه، ڪِي ٻُڏي ڪي اُپڙي،
واڍي جي واڻيا، سونهڻ سڀ سڙيا،
معلم ماڳ نه اڳئين، ڦلنگي منجهه ڦِريا،
ملاح تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا،
جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي.
وطن جي حب وارو جذبو ته مارئيءَ جي سونهن آهي، لطيف ڌرتيءَ وارن سان محبت ڪرڻ جو درس ڏنو آهي. اهڙن ڪردارن کي ننديو اٿس جيڪي هن جذبي کان وانجهيل آهن. انهن لاءِ لکيو اٿس ته:
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.
وطن سان محبت ڪرڻ جو حق به اهڙو آهي، جهڙو عاشق مجازي محبوب سان لنئون لڳائيندو آهي. سڄڻ فنا ٿيڻ واري شيءِ آهي، جڏهن ته ساڻيهه کي بقا آهي. زماني جو محبوب ڪڏهن به عاشق کان منهن موڙي سگهي ٿو ليڪن وطن هميشه رهڻ واري اهڙي شيءِ آهي جيڪا فرد کي پالي ۽ سانڍي ٿي. اهڙي پيار جو اظهار هڪ ٻئي بيت ۾ به ڪيو اٿس:
ستي سنڀريام، پيئيم ڪر ڪپار ۾ ،
جهڙي تهڙي حال سين، پرين نه وساريام،
سڄڻ ياد پيام، نيڻئون نِير وهي.
اسان کي ڪهڙي به حال ۾ سڄڻ ۽ ساڻيهه کي نه وسارڻ گهرجي، لطيف جي عشق جي حد ته اها آهي جو هن کي جڏهن سڄڻ ننڊ ۾ ياد ٿا پون ته هن جي دماغ ۾ ولوٽ ٿا پون. اسان کي به ان جذبي سان ايترو ئي پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جو درد دل ۾ رکڻ گهرجي. اها ئي لطيف جي تلقين آهي.
***