لطيفيات

نت نت آهه نئون

هي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي شاھ لطيف جي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
Title Cover of book نت نت آهه نئون

شاهه جي رسالي ۾ سهڻيءَ جو ڪردار

شاهه جي رسالي ۾ سهڻيءَ جو ڪردار

هن سُر تي لطيف سائين نالو ئي پنهنجي ڪردار تان تجويز ڪيو آهي. هن ۾ ڏهه داستان آهن، جن دوران ڪنهن ڊرامي جيان پردو کڄندو رهي ٿو. ڪردار اسٽيج تي نروار ٿين ٿا. ڊائلاگ ٿو ٿئي. منظر ۽ پس منظر پيش ڪيا ٿا وڃن. هيروئن جي جسماني، ذهني ۽ روحاني ڪيفيتن، حالت ۽ ماحول تي ڪئمرا ڄميل آهي. هڪ هڪ لمحي جو وچور ۽ هر ايڪشن جو عڪس فلمبند ٿيل آهي. لطيف جي ستن سورمين مان سهڻيءَ جو رسالي ۾ پهريون نمبر آهي. هي رسالي جو ڇهون سُر آهي. سڀني سورمين کان پهريان هن جو ذڪر ٿو اچي. لطيفي روايت به آهي ته هي سُر ڳائڻ دوران ٻڌندڙن کي سهڻيءَ جي ”سُرڪ“ يعني کير ڍُڪُ پياريو ويندو آهي، جيڪو ڳوٺ جا ڀاڳيا رزق ۾ برڪت جي آس کڻي، فقيرن جي خدمت ۾ پيش ڪندا آهن. هڪڙي طرح هي رسم سهڻيءَ جي سنت به آهي. هن سر جي پڄاڻيءَ تي ”مائي سهڻيءَ“ جي دعا گهري ويندي آهي جنهن جا پهريان اکر آهن: ”سهڻيءَ جا سائين! سڀني جا موچارا مقصد پورا ڪرين!“ وغيره.
عاشقن ۾ هيءَ حقيقي عاشق آهي جنهن لاءِ لطيف لکيو ته:
حقان حق ٿئوس، هئي طالب حق جي...
*
هلو ته پڇون سهڻي، جا ڪر ڄاڻي نينهن...
*
هُئي طالب حق جي، توڏي لاڪون توڙ...
لطيف جون ٻيون سورميون پرڻيل آهن، پنهنجن مڙسن سان وفاداري ٿيون ڪن. ليلان لالچ ۾ اچي هڪ رات لاءِ چنيسر جو سودو ٿي ڪري، جنهن تان چنيسر جي غيرت ڀڙڪو ٿي کائي ۽ ليلان سڄي عمر فراق ۽ ڦوڙائي ۾ گهاري چِتا ٿي چڙهي. هنن سڀني ڪردارن ۾ سهڻيءَ جو ڪردار انوکو آهي. هيءَ علي الاعلان عشق ٿي ڪري. هن جي ان چلت کان بيزار ٿي، گلا کان بچڻ خاطر زوريءَ هن جي ڏم سان شادي ٿا ڪرائين:
گهر گهر گلا جا وهي، پاڙي پوءِ پچار.
*
هوءِ جا پڪ پرين جي، آهيان تنهن آساري...
*
ٻيلي پار ٻُرن جي، تن کرڪن وڌيس کاري...
سهڻي هڪ انقلابي ۽ باغي ڪردار آهي. اهڙو باغي جيڪو پنهنجي وقت جي مروج قانونن، رسمن، رواجن، هٿ ٺوڪين اصولن ۽ نالي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ جو ناهي. سهڻي انهن سڀني ريتن ۽ روايتن کان بغاوت ڪري حقيقي حق جو عَلم اوچو ٿي ڪري. عورت ذات جي دائمي، نج ذاتي ۽ زناني حق جي حاصلات لاءِ وڏي واڪي نعرو ٿي هڻي:
ڏم پاسي ڏکندو، صحت وٽ سنگهار...
*
ساهڙ ڌاران سوهڻي، اڌوتِي آهي
تن وڌائين تار ۾، ارواح جي آري،
محبت ٿي ماري، ڪونهي داد درياهه ۾.
سهڻيءَ لاءِ نه رڳو گهر گهر گلا، پاڙي پاڙي پچار، ڏم جا مهڻا، سس نڻان جا طعنا، سنجهي، آڌي رات، چنڊ وهاڻي پرڀات، اڻٽيهين اونداهي، جهڙ، جهڪ، مينهن واءِ، سيءُ پارو، درياهه جي دهشت، ڪُنن جا ڪڙڪا، دوپارا دڙڪا، ڪپر ڪارونڀار، پائيندڙ پڪون، چڪڻ ۽ ويرون واٽ نه ڏين، پوءِ به هيءَ آهي جا گهري ۽ گهوري پرينءَ مٿان جندڙو. پوءِ به هن جي اندر جي آنڌ مانڌ جهڪي نٿي ٿئي. ڪيئي الڪا اٻڙڪن پيا... وهڻ وڇارن مٽيون... ڪچي جي ماحول ۾ ٻنهي مندن يعني سانوڻيءَ ۽ سياري ۾ لڏپلاڻ ٿيندي آهي. سانوڻ ۾ ڍنڍون ڍورا ٻڏي ويندا آهن، هيٺاهين تي پاڻي بيهي ويندو آهي، رستا ٻڏي ويندا آهن. پوءِ مالوند ماڻهو سانگ ٿي مٿانهين آسوديءَ جُوءِ ڏانهن مال ڪاهي ويندا آهن. هاڻ درياهه ۾ چاڙهه آهي، جيئن تيئن ڪري سهڻي تري هُن ڀر پهتي آهي ته چڙن جي ڀڻڪ به نٿي ٻڌي، تڏهن الاهون ٿي ڪري:
سڄڻ سانگ سندوءِ، شل اچي اوراهون ٿئي...
هن کي اها ئي ڳڻتي آهي، ته ڪٿان ميهار جي دونهينءَ جي لاٽ ڏسان، کرڪين، ڀوئرن ۽ چڙن جي ڪا چونگار ڪن پئيم ته جيئن ساهڙ جي سنئين سانگ رسي ساڻس روح رچنديون ڪيان. وري جڏهن سياري ۾ درياهه لهي ويندو آهي ته مالوند پنهنجن ماڳن تي موٽ ڪندا آهن، هن مند ۾ وري پڪي جا ماڻهو پنهنجو مال ڪاهي ڪچي ۾ سانگ تي ايندا آهن، ڇو ته درياهه جي ٻوڏ جي ڪري سموري جُوءِ خوشحال ۽ سرسبز ٿي ويندي آهي، هر طرف گاهه ئي گاهه هوندو آهي.
ٻيلا ڪج ٻهون، ته ڪانڌ ڪوڪاري ڪنڌئين...
ڀٽائي صاحب پنهنجي ڪردارن کي آڱر کان وٺي هلائڻ وارو ۽ انهن کي همٿ ڏيندڙ فنڪار آهي جيڪو هنن کي موت جي منهن ۾ به خوش ۽ بيخوف بڻائي ٿو ڇڏي، انهن کي اڳتي وڌڻ لاءِ اتساهي ٿو:
گهڙيا سي چڙهيا، ائين اٿيئي،
مَئي متي مهراڻ ۾ ، پئو ٽپو ڏيئي،
ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاهه سين.
ڀٽائي سنڌي ٻوليءَ جي الٽيءَ معنيٰ وارا محاورا به خوب استعمال ڪيا آهن. جيئن اسان ٻن پريت ڪندڙن کي ”کريل“ سڏيون، پر اصل ۾ اهي ٺهيل هوندا آهن، نه ڪي کريل. ان مسئلي تي ڀٽائي صاحب سهڻيءَ جو چٽو ۽ واضح موقف بيان ڪيو آهي. هوءَ کريل هجڻ جو اعتراف ٿي ڪري، صرف ٿورڙي وضاحت سان:
ٻيلي پار ٻُرن جي، تن کرڪن آئون کارياس،
اهڙي آئون نه هياس، عشق اٿاريس اوچتي.
شاعر سهڻيءَ کي صلاح ٿو ڏئي ته ست ڇڏي لنڊي ٿيءُ ته لُڏين ۽ لاڏ ڪرين، يار جو چيو ڪري آڌي رات اٿي هن تار هن درياهه ۾ نه پر، ڍڪڻ ۾ ڍڪ پائي مَرُ يعني گهڙي گهڙيءَ جو موت قبول ڪر ڇو ته درياهه توکي ٻوڙي نه سگهندو، نه وري ڪُن ئي توکي ڪجهه ڪري سگهندا:
سالم وئي سهڻي، ڪُنن ڪين ڪيوس...
هن جي درياهه ترڻ جا به رسالي ۾ مختلف ٽائيم ٽاڻا بيان ڪيل آهن، ڪڏهن سنجهي جو سينگار ڪري گهران ٿي نڪري، ڪنهن مهل اونداهي اڌ رات جو ٿي اُٿي، ڪڏهن چانڊوڪيءَ ۾ ڪُنن ۽ لهرن سان جهيڙيندي پئي وڃي. ڪڏهن ته اڻٽيهين به نصيب ۾ اچيو وڃيس پر شاعر صلاح ڏيندي چويس ٿو ته هاڻي لڪڻ ڇپڻ ڇڏ، من ميهار سان گَڏِ، آڌيءَ جا انتظار ڇڏي پرڀات جو پرينءَ ڏانهن وڃ، ڀل ته توکي ڏيهه ڏسي ۽ ميهر مهڻا ڏي، جيڪي تنهنجو مُرڪ آهن:
سدا پڇ مَ سهڻي، اونداهي اڌ رات،
پريان ڏي پرڀات، ونءَ ڏيٺاري ڏيهه کي.
هتي لفظ ڏيٺاري ڏيٺ ۽ ڏيٺيءَ مان ٺاهيو اٿس جنهن جي معنيٰ ٿيندي ”ڏيکاري“. هاڻي سچ به سهڻيءَ کي لڪڻ ڇپڻ جي ضرورت ڪانهي. هوءَ ملڪان ملڪ مشهور ٿي چڪي آهي، هن عشق جا اڙانگا امتحان ڏنا آهن. ميهار ۽ ڏم متعلق هن جو موقف واضح آهي، تڏهن ته ور ور ڪري پيو چوي:
سَتي ٿي مَ سهڻي، لنڊي ٿي لڏيج،
چيو ڪر چگهه جو، آڌيءَ رات اٿيج،
ريءَ هِنَ ٻار ٻڏيج، ڍڪڻ ۾ ڍڪ ڀري.
*
آئون طعني سوڌي تنهنجي، تون طعنو ئي مون...
*
طعني لئي تران، مٿي وهه واڪا ڪيو...
سهڻيءَ کي ميهار کان شڪايت آهي ته ڪڏهن ميهر ٻانهن ۾ هٿ وجهي، رهي پوڻ جو ناهي چيو، هوند ريءَ چئي رهي پوان، ڪڏهن ڪوڙي صلاح به نه ڪيائين جو آئون دوست جي دونهينءَ وٽ عمر گذاري ڇڏيان. ڏاجي ۽ پڙي جا کنهبا، ويس وڳا ۽ زيور هوند لڱين نه لائيان:
چونم جي هيڪار، موٽي وانءُ مَ سهڻي،
دونهينءَ پاسي دوست جي، گهاريان سڀ ڄمار،
ٻانڌيئڙا ٻيهار، مور مَ لڱين لائيان.
ٻانڌيئڙن ۾ لائن جو وڳو، جنهن ۾ پڙو، انگي ۽ چني ٿيندي آهي، ٻيو خاص ڪري نڪ جو ڪوڪو عورت کي مڙس پاران وڌل ناڪيلي ڀانئي ويندي آهي، ڇو ته مڙس مرڻ تي سوڳ ۾ زال سڄي عمر ڪوڪو ناهي پائيندي. جهڙي طرح هر ماڻهوءَ کي ماءُ ٿيندي آهي ته سهڻيءَ کي به هڪ ماءُ آهي. هر ماءُ پنهنجي ٻار جا ڀيد ڄاڻندي آهي، هن جي حرڪتن، عادتن ۽ نفسيات کان واقف هوندي آهي، ڇو ته هوءَ کي هن جي تربيت ڪندڙ هوندي آهي. هن کي خبر هوندي آهي ته ٻار کي ڪهڙين شين سان پيار ڪرڻ سيکاريو اٿم. ڪنهن کان ڊڄڻ، ڪنهن کان نفرت، ڇا وڻندو اٿس ۽ ڇا نه. ٻار به پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪرڻ خاطر پناهه ۽ سڪون به ماءُ جي گود ۾ ڳوليندو آهي ۽ ان سان ئي اور اوريندو آهي. سهڻيءَ جي ماءُ کي به آنڊن ۾ وٽ پيا پون. هوءَ پنهنجي ڌيءُ جي انتظاري، بيقراري، خطرن ۽ جان جي جوکم جو سوچي، جڏهن ماڻهن جي وات ڏانهن ٿي سوچيائين ته ماڳهين مريو پئي پوي. سهڻيءَ کي ايلاز، منٿون، هدايتون، پيار، سمجهاڻيون، جهنگ ۽ جر جي جناورن جا خطرا، سُر وڃڻ جا ڊپ! پر سهڻي هڪ به نٿي ٻُڌي. ماءُ کي چوي ٿي: اي امڙ! تو جيان جي ساهڙ منهنجو فڪر ڪري ته هوند مسئلو ئي حل ٿي وڃي:
آيل! توءِ جيئان، جي مون سارين سپرين...
سهڻي ٿي چوي ته اي امڙ! مون کي ترڻ کان سواءِ ٻي واٽ ئي ڪانهي، ڇو ته پاڻي پير نٿو سهي، نه وري لهر نياپو ٿي کڻي وڃي، مون کي پرينءَ جي خير جي خبر ڪير آڻي ڏيندو؟ ان سانگ سبب آئون سير اڪيريو اچان:

پاڻي سهي نه پير، لهر نياپو نه مڻي،
آڻي ڏيندو ڪير، سُڌيون سپرين جون.
*
آئون نه ڄاڻان ائين، ته جر گهڙئي جوکو ٿئي...
جر گهڙڻ، تار ترڻ ۽ ڪُن ڪپڻ واري سهڻيءَ جي ڪثرت ايترو ته وڌي وئي هئي، جو هن کي ٻيو ڪو ڪم سُجهندو ئي ڪين هو. هن عمل کان متاثر ٿيندي، درياهه ۾ ترڻ تي سهڻيءَ جي ڪيتري گرفت آهي ۽ هي ڪم هن لاءِ ڪيترو ڏکيو يا سکيو آهي؟ ان لاءِ لطيف جنڊ جي علامت جو استعمال ڪري سهڻيءَ کي آسمان تي پهچائي ڇڏيو آهي:
جنين جَرُ جنڊ ٿيو...!
جنڊ عورت جو فطري عمل آهي، جنهن جو لاڳاپو سانجڻ سان آهي. ان پينهين، اٽو ڳوهي ماني ٺاهڻ، عورت جي معمول جي ڪرت آهي. اهڙي طرح درياهه ترڻ سهڻيءَ لاءِ پڻ ائين روز جي ڪار ڪارت جهڙو عمل ٿي پيو آهي. اهڙي خوفائتي عمل جو نتيجو به اهڙو ئي نڪرڻو آهي.
ٻر ٻر ٻڏي سهڻي، ويرن ۾ وائي...
*
دلو دور درياهه ۾ ڪيو ارادي اڌ...
نه اوراڙ نه پراڙ، ويچاري وهه وچ ۾ .نيٺ هن تي موت واقع ٿو ٿئي. ڪهڙي طرح دم ٿي ڏئي، اها تصوير به شاعر جي اکين کان اوجهل نه ٿي آهي، چوي پيو:
غوطي ۾ غوطو، مون کي محب ميهار جو...
شاهه سائين سهڻيءَ جي جنازي کڄڻ ۽ ڪانڌين جو ذڪر ڪجهه هن طرح ٿو ڪري:
ڪانڌي ڪنگ ٿياس، وهڻ جنازو سهڻي،
ٻگها جي ٻيٽن جا، ڪلها تن ڏناس،
اکين مَلڪه ڏٺاس، توءِ من ڪاڍو ميهار ڏي.