اک الٽي ڌار
لطيف جيڪا لات لنئي آهي، ان کي شاهه جو رسالو ٿو سڏجي. رسالي ۾ سمنڊ جيڏو ڏات جو ڏيهه آباد آهي، جنهن جا ڪيئي رنگ، روپ ۽ ڍنگ آهن. هيءُ شاعر اهڙو ته اويڙو، ڏکيو ۽ ڏنگو آهي، جو اسان جي ملڪ ۾ موجوده دور ۾ به هن جي بيتن تي سينسرشپ لڳندي رهي آهي. سمونڊ جي غواصن، ٽوٻن هن مان ڪيئي ماڻڪ موتي ميڙيا آهن. هن جي هڪ سٽ به پي ايڇ ڊي ٿيسز جو عنوان به ٿي سگهي ٿي. رسالي ۾ ڪيترائي اهڙا موضوع آهن جن کي اڄ تائين هٿ به نه لاتو ويو آهي، نه وري ڪنهن ليکڪ انهن کي ڇيڙڻ جي جرئت ڪئي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪٿي اسان جي وڏن اديبن ان ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي ته لطيف جي انهن موضوعن ۽ عنوانن تي لکڻ کپي.
شاهه لطيف جي ڏات ۽ ڏانءَ ۾ هڪ اهڙي خوبي به موجود آهي جيڪا ٻئي ڪنهن فنڪار وٽ ورلي ملندي. اها آهي الٽي معنيٰ يا الٽي معنيٰ وارا اصطلاح ۽ جملا. اهڙيون ڳالهيون جيڪي اسان جي سماجي سرشتي ۾ اڻ ٿيڻيون ۽ نه قبولڻ جهڙيون آهن، بلڪل اهڙي طرح جيئن سقراط ديوتائن جي سماج ۾ ” ڌرتي گول آهي“ چئي انقلاب آندو هو ۽ نيٺ کيس ڪليسا جي فتويٰ تي زهر جو پيالو پياريو ويو هو. لطيف جي سگهه ۽ شڪتي ايڏي آهي، هن جي لفظن ۾ سچ ايئن ڀريل آهي جيئن ماناري ۾ ماکي. هن جي ڏات تي ڪنهن به آڱر نه کنئي، هن کي ڪو به تعزير يا سزا نه ملي، الٽو هي پنهنجي ابتي ڳالهه اسان کان قبول ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڇپيل ڪتاب ”تحقيق ڪيئن ڪجي“ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪندي لکيو آهي ته لطيف جا ڪيترائي موضوع رهيا آهن، هن مثال ڏيندي ڏکي، جبر ۽ ڏک تي لکڻ واري ضرورت تي زور ڏنو آهي، اهي هونءَ به ڪائناتي موضوع آهن.
سينسر واري حوالي سان، ڊاڪٽر اياز قادري صاحب پنهنجي ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ ۾ لکيو آهي ته ”هڪ سرڪاري پروگرام ۾ شريڪ ٿياسين، اهو ضياءَ شاهيءَ جو دور هو، پروگرام هو لطيف تي. ان پروگرام جي منتظمن، پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ فرمائش ڪئي ته مهرباني ڪري لطيف جا اهڙا بيت نه پڙهجو، جن ۾ ڦاهي، وطن جي آزادي، قيد ۽ تشدد جو ذڪر هجي. اوهان ته پروگرام ڪري هليا ويندا، سڀاڻي اسان لاءِ مصيبت ٿيندي.“ ان دور ۾ پي ٽي وي تي پڻ اهو ماحول هو جو لطيف جو سر ڪلياڻ ۽ سر مارئي ممنوع هئا. اهڙا بيت سرڪاري چئنل تان نشر نه ٿيندا هئا.
لطيف واري الٽي ڳالهه جي حوالي سان محترم شمشير الحيدريءَ جو هڪ مقالو ماهوار پيغام ڪراچي ۾ ڇپيو هو، جنهن جو عنوان هو ”لطيف جي مشهوريءَ جا ڪي ٻيا اسباب“ ان ۾ هن مثال ڏيندي چيو هو ته سر مومل راڻي ۾ ، راڻي جي تمثيل کي علامتي طور حضرت محمد صه سان ڀيٽيو ويندو آهي، جنهن لاءِ هن مثال ۾ راڻو ئي راڻُو، روءِ راڻي ٻيو ناهه ڪو، يا ٿئو مڙوئي مينڌور جهڙا علامتي اظهار جا حوالا ڏنا ويندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار حافظ ارشد انڍڙ به ڪري چڪو آهي. شمشير سوال ٿو ڪري ته ڇا راڻو هڪ هندو ۽ عيبدار شخص يعني اک کان ڪاڻو هو، ليڪن شاهه جو چيو ته اسان ان سان سهمت ٿي وياسين، ڪنهن کي به اعتراض نه ٿيو. ٻيو مثال هن سهڻيءَ جي ڪردار جو ڏنو آهي، جيڪا نڪاح ٻڌي زال هئي. مڙس جي پاسي مان اٿي درياهه تري ميهار سان ملڻ ٿي وڃي، شاعر چوي ٿو ”ڏم پاسي ۾ ڏکندو، صحت وٽ سنگهار“، جڏهن ته اسان جي نيم جاگيرداري دور ۾ ڪارو ڪاريءَ جو رواج آهي، ڪنهن به اهڙي عورت جي ڪردار کي اسان سٺو نٿا سمجهون، ان کي بدڪردار، بڇڙي ۽ ڪاري جي خطابن سان ياد ٿا ڪريون. لطيف اهي سڀ ڪڙيون حقيقتون اسان کان هضم ڪرايون آهن. هڪ جاءِ تي لطيف اسان جي عقيدت کي به نه بخشيو آهي:
جکري جهڙو جوان، ڏسان ڪو نه ڏيهه ۾ ،
مهڙ مڙني مرسلين، سرس سندس شان،
” فڪان قاب قوسين او ادنيٰ“ ميسر ٿيس مڪان،
اِيءُ آگي جو احسان، جنهن هادي ميڙيم ههڙو.
*
جکرو جس کرو، ٻيا مڙوئي ملَ،
مٽي ان مرسل، اصلئون هئي ايتري.
اهي ماڻ ۽ اصول قرآن شريف ۾ ختم نبوت، محسن انسانيت حضرت محمد صه جي شان ۾ بيان ڪيا ويا آهن. لطيف اسان کي سنڌي ٻولي ۽ مزاج ۾ ساڳي ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي اهڙي روش اختيار ڪئي آهي. هو قرآن شريف جي معنيٰ به نظم ۽ اصطلاحي ٻوليءَ ۾ ڪندو آهي، نه ڪي نثر ۾ . هن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته، قرآن شريف جي پيغام کي سنڌي ماڻهو صحيح انداز ۾ سمجهي سگهن. جهڙي طرح ”لا يڪف الله“ جي معنيٰ ”جيڪا پڄندم سا“ ڪئي اٿس. ٻيءَ جاءِ تي هڪ بيت لکيو اٿس ته:
و تُعِز من تشاءِ، و تذل من تشاءِ،
سوئي راهه رد ڪري، سو ئي رهنما.
هن جي الٽي ٻولي اسان زماني وارن ۽ گهٽ پڙهيل يا ايئن چئجي ته پڙهيل جاهلن کي مٿي تي هٿ ڏياريو ٿي ڇڏي، جيئن چيو اٿس ته:
جندا، ايئن جُڳاءِ، جيئن آتشان آب ٿئي...
*
کُهي جا کنيائين، وک تنهن ويجهي ڪِي...
*
ڀلي ڏوريم ڀونءِ، عبث آريءَ ڄام کي...
اهڙن ابتن خيالن جو ذڪر ڪيو اٿس جو پڙهندڙ سان ائين ٿئي ٿو جيئن هو ڪنهن انگي حساب يا معاشيات جهڙي خشڪ موضوع کي پڙهندي، ڪتاب کي بند ڪري مٿي تي هٿ ڏئي ويهي رهندو آهي! هڪ جاءِ تي مئڊم فهميده حسين پڻ اها ڳالهه لکي آهي ته بي اي جا ڪلاس وٺندي شاگرد اسان کان اڪثر ڪري لطيف جي ان الٽي ٻوليءَ بابت ڪيترائي سوال ڪندا آهن، جن کي مطمئن ڪرڻ اسان لاءِ مسئلو ٿي ويندو آهي. لطيف جهڙي طرح سسئيءَ لاءِ لکيو آهي ته:
ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، اِبر جي اوصاف کي...
اهڙيءَ طرح اسان کي لطيف کي سمجهڻ لاءِ ڪيئي جنم ۽ صديون درڪار آهن. جيئن جيئن سائنس جي ترقي ٿيندي، سماج جا ماڻ ماپا تبديل ٿيندا، عقل جي وصف ۾ واڌارا ٿيندا، تيئن تيئن اسان کي لطيف سمجهڻ ۾ سولائي ٿيندي. مارڪس، اينگلس جي نظرين ۽ سائنس جي ايجادن کان اڳ واري هن شاعر جي شاعري، اسان کي ڇرڪائي ڇڏيندي آهي، جڏهن انهن مٿين ايجادات متعلق هن جي شاعريءَ ۾ اهڃاڻ ملندا آهن. مون کي ته ڪڏهن ڪڏهن پڪ ٿي ويندي آهي ته، سماجي سائنس جو علم، فلسفي جي تاريخ، سياست ۽ دنيا ۾ کانئن اڳ آيل انقلابن جي هن کي خبر هئي، جيڪي انساني زندگيءَ تي اثر انداز ٿيندا رهيا آهن.
پاڻهين پچي پييون، ريءَ واهت ريءَ واڙ...
*
” نڪو رائر ڏيهه ۾ “ جهڙيون حقيقتون پڙهي مٿين ڳالهين ۾ ايمان پختو ٿي ويندو آهي.
***