لطيفيات

نت نت آهه نئون

هي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي شاھ لطيف جي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
Title Cover of book نت نت آهه نئون

جي لوڻ لڱين مون لائين...

جي لوڻ لڱين مون لائين...

شاهه جو رسالو علم جو اهو ڀنڊار آهي، جنهن مان جيڪو جهڙو به مقصد حاصل ڪرڻ چاهي اهو ان کي ملي ٿو وڃي. ان مقصد جي اوڻائين، چڱائين، حاصلات، عمل ۽ طريقيڪار تائين حاصل ڪرڻ وارو پنهنجي مراد ماڻي سگهي ٿو. اهڙو اظهار اسان جي تمام اديبن ۽ دانشورن پنهنجي لکڻين ۾ ڪيو آهي. هن ڌرتيءَ جو دنيا جي شاعرن ۾ هيءُ واحد شاعر آهي جنهن جي ڪلام مان هر هڪ مڪتب فڪر جو پوئلڳ پنهنجي مراد ۽ منشا ماڻي ٿو. هن سان هندو، مسلمان، شيعا، سني، جوڳي، تارڪ، پرهيزگار، متقي، ويندي انقلابين تائين سماج جا سڀ طبقا ۽ فرد متفق ٿيندي ڏسڻ ۾ ايندا. هتي، اسين هن علم جي بحر ۽ خزاني مان انقلاب ۽ انقلابي ڪارڪن جي تربيت ۽ اصلاح وارا موتي ميڙي ڪٺا ڪنداسين، جنهن مان پروڙ پوندي ته ٿورائيءَ وارا گهڻائي تي تشدد ۽ ڏاڍ وسيلي ڪيئن پنهنجي مرضي مڙهڻ ۽ انهن جي صلاحيتن تي ڪمند وجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
لطيف جي ڪلام ۾ اها سگهه ۽ شڪتي ان ڪري آهي جو هي انسان ذات جي ڀلائي، بهتري ۽ سجاڳيءَ واري سفر جي سرواڻي ڪندي دنيا وارن کي بدي ۽ نيڪيءَ جو فرق سمجهائڻ سان گڏ عملي طرح به نيڪيءَ جي پاسي آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن جي شاعري پئي پراڻي نٿي ٿئي، زماني جي انقلابن ۽ وقت جي طوفانن هن کي ڪڏهن به ماٺو ناهي ڪيو، هيءُاڳئين کان اڳرو ۽ نت نت نئون آهي، انساني سوچ ۽ عمل جي ارتقائي سفر جو امين ۽ پارکو آهي، هن انسان کي پنهنجي ماحول کي سکيو، سهڻو ۽ بهتر کان بهتر بڻائڻ جا گر، گس ۽ گام ڏسيا آهن.
هتي جيڪا عنوان واري سٽ آهي، اها سر مارئيءَ جي هڪ بيت مان ورتل آهي، جنهن ۾ آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ ڪردار قيد ۽ تشدد کي للڪاري رهيو آهي، هو چوي ٿو ته تون جيڪڏهن منهنجي جسم کي چير ڏئي ان ۾ لوڻ ٻرڪين، تڏهن به آئون پنهنجي مقصد تان ڪين هٽندس، نه وري پنهنجي آزاديءَ واري مطالبي تان هٿ کڻندس، تنهنجي غلامي ڪڏهن به قبول نه ڪندس.
جي لوڻ لڱين مون لائيين، چيري چيري چم،
مون ڪُرَ اڳي نه ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم،
جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوار سين.
شاهه لطيف پنهنجي جوانيءَ ۾ جهوڪ جي هاري تحريڪ کي تباهه ٿيندي پنهنجي اکين سان ڏٺو، ان جي سرواڻ شاهه عنايت جي شهادت واري واقعي هن جي ذهن تي گهرا اثر ڇڏيا، جنهن ڪري سر ڪلياڻ کان ويندي سر مارئيءَ تائين هن انهي سماج جي استحصالي قوتن کي للڪاريو آهي. سچ ۽ انقلاب جي پاسداري ڪندڙن کي مهانتا بخشيندي، ڪال ڪوٺڙين، ٻيڙين، هٿڪڙين، زنجيرن ۽ اذيت گاهن ۾ به اوچي ڳاٽ، پوري حوصلي ۽ سالم دماغ رهندڙ ڪردارن کي ڳاتو آهي، انهن کي سندن بهادري ۽ اورچائيءَ تي شاباس ڏني آهي، انهن جي تعريف ۾ سرن جا سر لکيا آهن. جهوڪ شريف جي هاري تحريڪ تي پڻ ڪيترائي بيت لکيا اٿس، جنهن لاءِ مولانا دين محمد وفائي پنهنجي ڪتاب ”لطف اللطيف“ ۾ هڪ جاءِ تي لکيو آهي ته ”سر رامڪليءَ جي ٽئين داستان وارا بيت، اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين، جهوڪ جي سانحي تي لکيا اٿس.“ ان کانسواءِ به هن جنگ ۽ معرڪي تي ڳولهڻ سان ڪافي بيت ملي ويندا.
ڪونج نه لَکيو ٻاڻ، جو ماريءَ سندي من ۾ ،
اوچتي پرياڻ، وڳر کڻي ويڇون ڪيا.
گڏيل کيتيءَ واري نظام يا ڪميون سسٽم کي ساراهيندي ان جي خوشحالي، آسودگي ۽ برڪتن کي هيٺين طرح بيان ڪيو اٿس:
منڌيون مَٽ گُڙن، جهوڪ به سونهن پهيئڙا،
سندي سنگهارن، جُوءِ جيئاري جڏڙا.
لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ اسان کي ٻڌائي ٿو ته جيستائين اڪثريتي عوام، سماج جا پيڙهيل طبقا، پورهيت ۽ هاري مِڙي مُٺ نه ٿيندا تيستائين انقلاب نه اچي سگهندو، اهو ئي سبب آهي جو انقلابي پارٽيون سماج جي انهن طبقن کي پنهنجي پروگرام تحت متفق ڪري انقلابي نظريي سان ليس ڪري هڪ پليٽ فارم تي جمع ڪنديون آهن، تڏهن پورهيت طبقي جي خواهش ۽ منشا انقلاب بڻجي ويندي آهي.
ڏکيون جان نه مِڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي،
پِٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳِل سندن،
ٻيون هُئين هٿ هڻن، رئنديون رئڻ واريون.
جڏهن اهي پيڙهيل، لٽيل ۽ استحصال جو شڪار ٿيل قومون ۽ طبقا انقلاب لاءِ گڏ ٿي پنهنجي مطالبي يعني انقلاب جي سينڍ ڏيندا آهن ته سماج ۾ تبديليءَ جي واضح شڪل جڙندي آهي، جنهن سان انقلاب ۾ انهن ڌرين جو ايمان پختو ٿيندو آهي، اهڙي صورتحال کي ڏسي اسان جو ڀٽائي پڻ پر اميد ٿي چوندو آهي :
اگهن مڙي اڄ، ڪيو سڏ صحت کي،
ڏور ڏکندا ڀڄ، مِهريءَ منهن ڏيکاريو.
جڏهن ملڪ ۾ انقلاب جي راهه هموار ٿي ويندي آهي، تڏهن سماج جو سجاڳ اديب ۽ دانشور پنهنجي عوام کي انقلاب جي نويد ڏيندي چوندو آهي:

اٿو اٻوجها، سپڙ جو سڏ ٿيو،
جيئن اوين، ڪيرت ڪٽ نه سکيا، تيئن پاڻا ريڌو راءِ،
مڱو مون مُلاءِ، آئون اوهان جو آهيان.
آزاديءَ جي پرواني جي ترجماني ڪندي سر مارئيءَ ۾ هڪ سهڻي سٽ لکي اٿائين، جنهن مان ان ڪردار جي حوصلي ۽ همٿ جي جهلڪ سج جي ڪرڻن جيان جرڪي رهي آهي:
وينديس رهنديس ڪين ڪي، توڙي رات انڌاري! عمر!؟
شاهه لطيف پنهنجي طبقاتي حيثيت ۽ عوام سان پنهنجي يڪجهتي ۽ پورهيت عوام سان ڪمٽمينٽ واري لاڳاپي کي اظهاريندي پنهنجي پوزيشن واضح ڪئي آهي، ته منهنجو مرڻ جيئڻ انهن مظلوم مارن سان آهي، جيڪي ڪنهن ظلم، استبداد ۽ ڏاڍ جا ماريل آهن، جيڪي محڪوم ۽ غلام بڻجي طرحين طرحين جا ستم سهي رهيا آهن.
ستي سيج هياس، مونکي آه اٿاريو،
جنين جاڳاياس، آئون نه جيئندي ان ري.
يعني آئون سکي گهر ۾ سيج ستل هئس، مونکي انهن جي آهن ۽ دانهن اٿاريو يا سجاڳ ڪيو آهي، هاڻي آئون انهن پڪاريندڙن کانسواءِ زندهه رهي نٿي سگهان.
***