لطيفيات

نت نت آهه نئون

هي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي شاھ لطيف جي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
Title Cover of book نت نت آهه نئون

شاھه لطيف جي شاعريءَ جا محرڪات

شاھه لطيف جي شاعريءَ جا محرڪات

مٿئين موضوع تي گھڻو اڳ سنڌي ادبي سنگت ڏوڪري مون کان هڪ ليڪچر ڪرايو هو، جنهن جو مون کي سن ياد ناهي، باقي سنگت جو سيڪريٽري عيسيٰ ميمڻ هو. هي پروگرام ٽيڊي هوٽل جي ڇت تي شام جو ٿيو هو. ان پروگرام ۾ مون ڳالهائيندي چيو هو ته سنڌ جون ان وقت حالتون خاص ڪري ٻاهرين ماڻهن جون ڪاهون، خونريزي ۽ شاھه عنايت شهيد جي شهادت، شاھه لطيف جي درديلي شاعري جا خاص سبب آهن، جنهن ڪري هن شعوري طرح سنڌ کي سهيڙيو هو. سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل بابت هن جو فڪر سندس شاعريءَ ۾ جھلڪي رهيو آهي، هن سلسلي ۾ آئون جيڪو شاھه جو بيت سَنَد طور پيش ڪندو آهيان اهو هي آهي ته:

سُتي سيج هياس، مون کي آه اٿاريو!
جنين جاڳاياس، آئون نه جيئندي ان ري.

هن بيت ۾ ”سُتي سيج هياس“ چئي لطيف پنهجي ذاتي زندگي ۽ خانداني پس منظر ڏانهن اشارو ڪيو آهي، ته آئون وڏ گھراڻي، عزتدار گھراڻي جو ٻار، بي فڪر ۽ لاڏ ڪوڏ سان نپنو هوس. پهرين سٽ جي ٻئي اڌ ۾ پنهنجي سجاڳي ۽ ان واٽ وٺڻ جو سبب ٻڌائي ٿو، جيڪا سندس شاعريءَ جو مول متو بڻجي ٿي، ته ڌرتي وارن جي دانهن مون کان سيج ۽ سک واري زندگي ڇڏائي. آئون انهن جي دانهن کي ورنائي انهن جو ساٿي بڻيس، جن مون کي، غفلت جي ننڊ مان سجاڳ ڪيو. هاڻي مون انهن جو ڀرجھلو ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي پنهنجي زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هاڻي انهن کانسواءِ منهنجو جياپو اجايو ٿيندو، تنهن ڪري مون انهن ستايل عام ماڻهن جي اڪثريت ۾ پاڻ کي شامل ڪري ڇڏيو آهي.
جھڙا جي تهڙا، مون مارو مارو مڃيا،
مون جيڏيون ملير ۾ ، چونڊن موڪ ميها،
منهنجي آه اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.
ڌارين حملي آور قومن يعني نادر شاھه، احمد شاھه ابدالي، ارغونن، مغلن ۽ مدد خان پٺاڻ لاءِ هڪ بيت لکيو اٿس:
پيئيم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻجھن،
آئون سنڌي جو سعيو ڪيان، هو پارسيون پڇن،
مون پڻ مُلا تن، سرتيون سور پرائيا.
ان سلسلي ۾ تفصيلي احوال اڳتي ايندو. ڀٽائي سنڌ جي نام نهاد دانشور، معلمن ۽ سياسي رهنمائن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته:
ڪوھه ٿو ڪاڳر ڪورئين، ويٺو وڃائين مس،
ڏور تئائين ڏِسُ، اکر جيائين جڙيا.
هن جو مطلب آهي ته انهن ماڻهن جي حالت کي ڏس جيڪي لفظ جوڙين ٿا. ٻولي انسان جي اظهار جو اهم ۽ موثر ذريعو آهي، اها ئي هڪ شيءِ آهي، اهي ئي لفظ آهن، جن جي مدد سان ماڻهو پنهنجي ڳالھ ٻئي کي سمجھائي سگھندو آهي. لطيف هن جاءِ تي ان ڳالھ تي زور ڏنو آهي ته، ماڻهن جي حالت کي ڏس ته انهن ڪهڙين حالتن ۾ ڪهڙا لفظ استعمال (ايجاد) ڪيا آهن: ڪي لفظ خوشيءَ جو اظهار آهن، ڪي وري غم، غصي، ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ نفرت ظاهر ڪندا آهن، جھڙي طرح:
ڏينديس باھه ڀنڀور کي، چئن ڪُنڊن کان ٺاهي ڙي،
آهيڙي ڪا ساهيڙي، جا منهنجو پنهل پرچائي ڙي!
هيءَ سندن وائي آهي. هتي عرض ته لطيف جي بيت تي جيترو ڪم ٿيو آهي، اوترو ئي وائيءَ کي درگذر ڪيو ويو آهي. حقيقت ۾ وائي هر داستان جي موضوعن جو تت هوندي آهي، جنهن تي وڌ کان وڌ ڪم ٿيڻ کپي، ڇو ته هن جو گھاڙيٽو به بيت کان الڳ آهي، ٻيو بيت آهي:
ڀينر هن ڀنڀور ۾ ، دوزخ جو دونهون،
سوارو سونهون، پڇي پورج سسئي.
يا
سڀ ننگيون ٿي نڪرو، لالچ ڇڏي لوڀ،
سپريان جي سوڀ، ننڊون ڪندي نه ملي.
انهن معلمن ۽ اڳواڻن جو پنهنجي پير تي نه هئڻ ۽ قوم جي صحيح رهنمائي نه ڪرڻ بابت لکيائين ته:
دُنگي منجھه درياھه، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپڙي،
هو جي واڍي واڻيا، سي سونهڻ سڀ سڙيا،
معلم ماڳ نه اڳئين، فلنگي منجھه ڦريا،
ملاح! تنهنجي مڪڙي، اچي چور چڙهيا،
جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنهنجي.
هي اشارو ڊچن ۽ انگريزن ڏانهن آهي، جيڪي سورهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌي سمونڊ ۾ بندر جي تلاش ۾ نوس نوس ڪندا وتندا هئا. نيٺ انگريزن ڪلاچي (ڪراچي) جي بندر تي قبضو ڪري ان کي ترقي وٺرائي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ان کي ڀرپور طريقي سان استعمال ڪيو. اسان جو ڊاڪٽر دوست الھه بچايو ميمڻ هالا وارو شيخ اياز جي بيت ”جاڳ ڀٽائي گھوٽ“ تي تنقيد ڪندي چوندو آهي ته ”يار! حد ٿي وئي، سُتل ماڻهو جاڳندڙ کي سڏي رهيا آهن، جڏهن ته صديون اڳ ڀٽائي وڏي واڪ کين چيو هو ته:
ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.
جڳ جھان کي جاڳائڻ واري جي رهنمائي وٺڻ بدران اسان ان کي غافل سمجھي سڏي رهيا آهيون، ته پوءِ هن قوم جو ڪهڙو حشر ٿيندو! ڀٽائي صاحب سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ، هِتان جي پيداواري اوزارن، مختلف ڌنڌن جي اصطلاحي ٻولي، تاريخ ۽ جاگرافيءَ کي پنهنجي شاعري ۾ جوڳي جاءِ ڏني آهي، جنهن ۾ سنڌو ندي، سنڌ ۾ ايندڙ پرديسي پکي، سنڌوءَ جا قديم وهڪرا، ڍنڍون، جبل ۽ ماڳ مڪان شامل آهن. ان کانسواءِ هن انهن جي ڌنڌن ۽ ڪرتن کي ويهي پنهنجي شاعريءَ ۾ سهيڙيو آهي. هن سنڌي ٻوليءَ جا ڇوٽا لفظ (مخفف) به استعمال ڪيا آهن ۽ جيڪي سنڌي ماڻهو ٻاتا ٻول ٻوليندا آهن، انهن کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ جاءِ ڏني اٿائين. هتي اسان هڪ ٻه مثال پيش ڪنداسين :
مَ ڪي ڪئه مَ ڪُٻ، اِي قالي آهي ڪيچ کي...
هتي قالي لفظ مان مراد آهي قالين. پاڻ سسئي کي چئي ٿو ته هن پهڻ جي رستي کي ڏسي نه ڊڄ، نه ڪُٻي ٿيءُ! هي ته تنهنجي لاءِ ڪيچ تائين قالين وڇايل آهي.
کنڀات ۾ لکيائن:
ڪرهي ڪاڪت نه رهي، وريس نه وائي...
هتي ڪاڪت مان مراد طاقت آهي.
ٿيئڙو گم گُداز!
هتي وري غم کي گاف جي اچار ۾ استعمال ڪيو اٿس، جيڪو غم جو سنڌي تلفظ آهي. نادر شاھه، احمد شاھه ابدالي ۽ مدد خان پٺاڻ جي ڪاهن جو ذڪر ڪندي، ”گھوڙا ڙي!“ جو استعمال ڪيو اٿس، اڄ سوڌو اسان ڪنهن مصيبت ۽ ظلم لاءِ ”گھوڙا ڙي گھوڙا“ استعمال ڪندا آهيون. انهن مٿئين حملي آورن جي لشڪر ۾ گھوڙا هوندا هئا، جنهن ڪري هي اصطلاح سنڌ ۾ ظلم جي نشانيءَ طور استعمال هيٺ آيو، ان جي استعمال جون ڪجھه صورتون هن طرح آهن:
گھوڙا ڙي گھوڙا، آئون نه جيئندي اُن ري.
*
اٿي ائين چيائين، گھوڙا! گھر نه سپرين.
انهن لشڪرن جي حملي جي تصوير ڪجھه هن طرح چٽي اٿس:
گهوڙا! گھڻي ڀون، ووءِ ووءِ وڃن نڱيا،
مادر! مٿان مون، ڪانگ لنوندا ڪڏهين.
اي امڙ، هي جو گھوڙن جو لشڪر زمين تان هلي رهيو آهي، اهو ڪڏهين مون کي لتاڙي ماري ڇڏيندو ۽ منهنجي مٿان ڪانگ لنوندا. سنڌين جي قتل عام تي لکيائين:
وڍيءَ سي واڍوڙيا، رت نه ڏٺو جن،
موت قبوليو تن، ڏٺو جن ڏکيءَ کي.
مطلب، اي وڍيندڙ، تو پُر امن شهرين کي ڪُٺو (وڍيو) آهي، جن رت به ڪين ڏٺو هو، هن ڏکي ڌرتيءَ کي ڏسي، هر ماڻهو مرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. لطيف جا اهي سڀ حوالا ڌارين جي ڪاهن، حملن ۽ سنڌين جي قتل عام ۽ برباديءَ جا آهن. ڌارين ٺٽي، سيوهڻ، شڪارپور ۽ باغبان جي علائقي کي تاراج ڪيو هو. همايون جي دهليءَ مان ڀڄڻ وقت سنڌ جي ڪلهوڙن حڪمرانن، بيٺل فصل ڀيلائي ڇڏيا، ته متان آسودگي ڏسي ڌاريون غنيم هتي رهي نه پوي. اهڙي طرح هنن پاڻ تي ڏُڪر مسلط ڪري ڇڏيو. هن کي ٿر جي ٺاڪرن، امرڪوٽ ۾ پناھه ڏني جو سندس ڳورهاري زال اتي اڪبر کي جنم ڏنو، تڏهن لطيف لکيو ته:
ڏکي توءِ ڏڪار، توڙي وسن مينهڙا،
سيڻن هٿ سڪار، تو وس آهن هٿڙا.
سنڌ جي اها مجموعي صورتحال، سندن حياتيءَ ۾ ڪلهوڙن ۽ مغل فوج هٿان جھوڪ جي شهيد شاھه عنايت وارو واقعو ۽ کهڙن جي مخدوم عبد الرحمان کي جمع جي نماز تي مسجد ۾ جماعت سان گڏ شهيد ڪرڻ اهڙا واقعا هئا جن لطيف جي ذهن تي ديرپا اثر ڇڏيا. پاڻ جھوڪ واري قتل عام تي ڀرپور شاعري ڪئي اٿن:
سر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان سر نانھه،
هٿ، ڪرايون، آڱريون، ويا ڪپجي ڪانھه،
وحدت جي وهانءَ، جي ويا سي وڍيا.
چون ٿا ته ايترا ته فقير شهيد ٿيا جو بنا غسل ڪفن جي انهن کي کوھه کڻي گڏ دفن ڪيو ويو هو، جھوڪ شريف ۾ اهڙا ٽي کوھه آهن جن کي ”گنجِ شهيدان“ سڏيو ويندو آهي. اتي شاھه عنايت جي شهادت گاھه جي زيارت به آهي، جنهن کي ڪٽهڙو آيل آهي. هن سلسلي ۾ مولانا دين محمد وفائي لکيو آهي ته رامڪليءَ جي ٽئين داستان وارا بيت:

اڄ نه اوطاقن ۾ ، طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
لطيف جھوڪ جي سانحي تي لکيا آهن. لطيف سائين، ڪوٽڙي ڪبير جي ميان الھه يار کي لکيو ته اسين مخدوم عبدالرحمان جي پٽ سان تعزيت ڪرڻ جي واسطي ايڏانهن اچڻ جو ارادو رکون ٿا. اوهان اسان کي اتان جي حالات کان واقف ڪيو. پاڻ جڏهن اتي پهتا ته، هڪ رات چينهن فقير جي کوھه تي ترسي پيا. پاڻ ٺڪريءَ تي آڱر سان بيت لکي مخدوم صاحب جي پٽ ڏانهن روانو ڪيائون:
اڄ نه آيس آنءُ، صبح ايندس سپرين،
جنهن تي تنهنجو نانءُ، سو کڻي بارکُهين جا.
مخدوم صاحب جي پٽ جو نالو مخدوم محمد هو. مخدوم عبدالرحمان سان لاڳاپيل ٻِي روايت به آهي ته هڪ دفعي لطيف پنهنجي فقيرن سميت مخدوم صاحب جو مهمان ٿيو، هنن سان تنبورا به ساڻ هئا. مخدوم صاحب لطيف کي چيو ته سائين! اسين شريعت وارا آهيون، ساز سرود اسان وٽ حرام آهي. لطيف چيس ته پوءِ هنن کي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪرائي ڇڏيو، اسين پاڻ ۾ ڪچهري ڪنداسين. پوءِ جڏهن سماع جو وقت ٿيو ته بند ڪوٺيءَ مان تنبورا پنهنجو پاڻ وڄڻ شروع ٿي ويا، اها ماجرا ڏسي مخدو صاحب لطيف سان معذرت ڪئي، جنهن کي لطيف سائين کليءَ دل سان قبول ڪيو.
لطيف سائينءَ جو رسالو پڙهندي حيرت ٿي ٿئي ته ڪيئن هن ڄاڻي واڻي سنڌ کي سهيڙيو آهي. هن جي شاعريءَ جا جيڪي موضوع آهن، اهي نج سنڌي آهن، جھڙوڪ ڳجھه، اُٺُ، ڪانءُ، ڪتو، کبڙ، پيرون، چانهڪ، سسُر، پرديسي پکي ۽ انهن جا شڪار، ايتري تائين جو ڪنڊن، ڪانڊيرن کي به ڳايو اٿس:
ڪيان ٿي ڪُوار، ڪنڊن ڪانڊيرن جي.
هن سنڌ ۾ ايندڙ پرديسي پکين تي ۽ انهن جي شڪار تي به شاعري ڪئي، هيٺ ڪجھه بيت عرض رکجن ٿا:
دلبو منجھه درياهه، پکي پسي آئيا،
هيٺ ڪرنگھر ڪاٺ جو، مٿي پکين پاھه،
ويچارا ويساھه، آڻي ات اڙائيا.
*
قسمت آنديون ڪونجڙيون، وطن سندن روھه،
ڪنهنجو ڪونهي ڏوھه، رزق رازق هٿ ۾ .
*
ماري مرين شال، ڍٻ وڃنئي ڍٻيون،
جيئن تو اچي ڪالھه، وچ وڌو ورهين ۾ .
*
مَ لنئون ڪونجڙي ماٺ ڪر، هينئڙي چور مَ چاڪ،
ڦَٽيون جي فراق، سي گھر گھارينديون ڪيترو.
*
اصل سندي آسري، آيون ڍور ڍري،
کنڀڙان ڀونءِ کري، پاڻان پير ڏکوئيا پکيئڙين.
هي بيت پاڻيءَ جي ڏُڪر تي لکيل آهي. ڀٽائيءَ جي موضوعن لاءِ ايڇ ٽي سورلي لکي ٿو ته، ”هن پنهنجي شاعريءَ لاءِ جن موضوعن جي چونڊ ڪئي آهي، اهي هن کان اڳ ڪڏهن به شاعريءَ جا موضوع ناهن بڻيا. ڏسڻ ۾ بڇڙا، ڌپارا ۽ ذڪر جوڳا ئي ناهن، پر هو جڏهن انهن کي استعمال ڪري ٿو ته هن جي شاعريءَ ۾ سهڻا لڳن ٿا ۽ هن جي شاعريءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏين ٿا “:
پانڌ جنين جي پانڌ سين، لڳو ٿئي لڄ،
سمون ڄام سهڄ، اڀو ڪري ان سين.
*

ڳجھون ڳاڙهي وات، اڄ اڏامي آيون،
پڇن ٿيون پرڀات، ڪٿي راول رانئيا.
*
ڪتو چئي قريب جا، آهيون ساڌ صحيح،
پهرين بات بهي، پڇون پوءِ پانڌئين.
سورلي پنهنجي ڪتاب ( شاھه عبداللطيف آف ڀٽ ) ۾ لکي ٿو ته ”هي عربي، فارسي ۽ هندي ٻوليءَ ۾ به اهڙي شاعري ڪري پي سگھيو، پر هن پنهنجي شاعريءَ لاءِ سنڌيءَ جي چنڊ ڪئي، جيڪا هڪ لهجي طور ڳالهائي ويندي هئي، اها مڪمل ٻولي نه هئي، نه وري هن جي ڪا لکت هئي. هن ان ۾ شاعري ڪري ان کي ڪمال جي درجي تي پهچايو، جو اڄ عالمي طور تي سڌريل ٻولين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جي لائق آهي. هن جي جنم متعلق لکي ٿو ته ”جنهن وقت ۾ ۽ جن حالتن ۾ هن فنڪار جو جنم ٿيو، اهو فطرت جو وڏو حادثو هو.“
***