لطيفيات

نت نت آهه نئون

هي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي شاھ لطيف جي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
Title Cover of book نت نت آهه نئون

جمعو شاهه جمال جو!؟

جمعو شاهه جمال جو!؟

ماهوار ”پيغام“ جي آگسٽ 2012 ع واري پرچي ۾ اسان جي عزيز دوست ستار پيرزادي ”سُر ڌناسريءَ جو ڪردار شاهه جمال؟“ تي مضمون لکندي ٽي بنيادي سوال اٿاريا آهن: پهريون ته شاهه جمال ڪهڙو ۽ ڪٿان جو؟ ساڻس منسوب بيت ”پنبڻيون پير ڪري...“ (الخ) جي ڌاريو ڪلام آهي ته ڪنهن جو آهي؟ آخري سوال ٿو ڪري ته سُر ڌناسريءَ ۾ محمود نالي ڪنهن شاعر جو هڪ بيت ۾ نالو ٿو اچي، اهو محمود ڪير آهي؟ آخر ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي چوي ٿو ته ڪٿي اهو شاهه جمال، اسان پيرزادن جو جد امجد ته ناهي!؟ جنهن جو روضو نئين ٻلهڙيجيءَ ۾ آهي. مضمون ۾ ان شاهه جمال متعلق ڄاڻايل معلومات پڻ قياسي ۽ ٻُڌِ سُڌِ تي مدار رکي ٿي.
ان سلسلي ۾ عرض آهي ته اسان واري بزرگ جو پورو نالو مخدوم جمال الدين عرف شاهه جمار آهي ۽ هُو انهيءَ نالي سان ئي مشهور آهي، شروع کان وٺي هن جي درگاهه تي سومار لڳندو هو، چنڊ جي پهرين سومر تي ملاکڙو ٿيندو هو، سکائون اينديون هيون. اڄ سوڌو آسائتا، حاجتمند ۽ سوالي سخي شاهه جمار جا سومر ڀرڻ ايندا آهن، گهڻي مشڪل هجينِ ته چونڪ راتين جو درگاهه تي جاڳي ورندي وٺندا آهن. هن درگاهه سان جمعي واري روايت آهي ئي ڪانه، هتي ڪڏهن به جمعو نه ملهايو ويندو هو.
1936 ع کان اڳ شاهه جمار جي درگاهه سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ تي واقع هئي، هن درگاهه کان اڀرندي طرف ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي درياهه وهندو هو، جنهن جي سير کي 3 مارچ 1930 ع ۾ برٽش گورنمينٽ ۽ ميرن جي رياست جو دنگ مقرر ڪيو ويو هو. درياهه جي سير کان اولهه طرف برٽش ته اڀرندي طرف رياست خيرپور ميرس مقرر ڪئي وئي. شاهه جمال جو قبرستان ۽ ڳوٺ ديهه ٻيلي گاجي جي نقشي موجب بلاڪ نمبر 407 ۾ ڏيکاريل آهي جيڪو ان وقت تعلقو لب درياهه هو ۽ هن وقت ڏوڪري آهي، ان وقت ضلعو لاڙڪاڻو هو، نه ڪي نوابشاهه جيئن ستار ڄاڻايو آهي.
هن وضاحت کانپوءِ عرض ته سُر ڌناسريءَ وارو شاهه جمال، ڀٽ شاهه تي لطيف سائينءَ سان گڏ الهندي طرف مدفون آهي جنهن لاءِ پڻ ستار شڪ ڏيکاريو آهي. پاڻ درگاهه لطيف جو پهريون گادي نشين هو. لطيف جي وصيت موجب ميان غلام شاهه ڪلهوڙي شاهه جمال کي مسند تي ويهاريو ۽ روضي جي اڏاوت واري ڪم جي شروعات ڪئي. جمال شاهه لطيفي مسند تي ويهندي ئي لطيف سائينءَ جي روايت قائم ڪندي جمعي رات سماع ۽ سائي سومار تي مچ وارو سماع شروع ڪرايو. هتي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي ته جمال شاهه جي اُن وقت سخت مخالفت ٿي هئي جنهن ڪري حڪمران غلام شاهه کي مداخلت ڪرڻي پئي هئي.
پنبڻيون پير ڪري، سنبهه ڏانهن سعيد،
جمعو شاهه جمال جو، عبداللطيفي عيد،
مٿان مون مريد، قرض لاهه قبي ڌڻي.
ڌناسريءَ جي هن بيت ۾ جڏهن ”عبداللطيفي عيد“ جو ذڪر ٿو اچي ته ذهن ۾ ڀٽ شاهه جو تصور اچيو وڃي. جمال شاهه جو لڳندڙ جمعو عبداللطيف جي عيد ٿو لڳي، يعني عبداللطيف جي روضي، قبي، آسڻ تي ڄڻ ته عيد جو سمو آهي!
پنهنجي مضمون ۾ ستار اهو پڻ ڄاڻايو آهي ته ڪجهه محقق هن سُر کي ڌاريو ٿا سڏين. بيشڪ هي سُر ڌاريو آهي، جنهن ۾ اڪثر بيت لطيف جي دور کانپوءِ جي سندس فقيرن جا آهن، جن ۾ لطيفي قصيدو نمايان آهي. هن سُر جا ڪيترائي بيت وائيءَ وارا فقير سومهڻي ۽ صبح وارين دعائن ۾ پڙهندا آهن.
مثال طور:
پائي پاند ڳچيءَ ۾ ، اڱڻ جي اچن،
سائين! سندا تن، مطلب مڙئي ڪرين.
*
پائي پاند ڳچيءَ ۾ ، اڱڻ جي اچن،
سائين! سندا تن، ڏکندا ڏور ڪرين.
*
جي آسائو آهين ته ڪر ڀٽ تان ڀيرو،
سونهاري سيد جو، ديک وڃي ديرو،
ترت مانَ تيرو، مطلب مڙوئي ٿئي.
منهنجي معلومات موجب مٿيان بيت بشمول ”عبداللطيفي عيد“ ميان صلاح فقير جا چيل آهن جيڪو خود ڪريم پوٽو آهي. لطيف سان عقيدت سبب ڪڏهن صالح ته ڪڏهن صلاح فقير لکيو اٿس. هيءُ درويش ڪريمي درگاهه جو سجاده نشين پڻ رهي چڪو آهي، هن جي گادي نشينيءَ کي لطيفي ڪرامت ڄاتو ويندو آهي. هن متعلق ”لطائف الطيف“ ۾ مير عبدالحسين سانگي هڪ حڪايت لکي آهي، هو ڄاڻائي ٿو ته ”لطيف جڏهن ڪريم سائينءَ جو روضو جوڙائي راس ڪيو ته اُن جي مهاڙيءَ تي هڪ سِرَ نصب ڪيائين جنهن تي ”لطيف“ لکيل هو. لطيف جي واپس ٿيڻ تي اُن وقت جي گادي نشين ميان عبدالواسع اها سِرَ لهرائي ڇڏي ۽ ان جو سبب اُهو ڄاڻايائين ته ”متان سڀاڻي لطيف حجت ڪري وارثيءَ جي دعويٰ ڪري گاديءَ تي نه ويهي.“ ان واقعي جو ميان صلاح کي صدمو رسيو. هن ڇا ڪيو جو اها سِرَ پاڻ وٽ محفوظ ڪري ڪجهه ڏينهن کانپوءِ لطيف کي سربستو احوال ڪيائين، جنهن تي لطيف فرمايو ته ”اسان ته الله جو نالو لکيو هو، پنهنجي حجت ڪهڙي؟“ ائين چئي اتي هڪ سائي گاهه جي بيٺل ٻوٽي ڏانهن اشارو ڪري صلاح فقير کي چيائين ته اُن کي پَٽِ. جيئن ئي فقير ان ٻوٽي کي ڇڪ ڏني ته ان جو ٻيون پاڙون ڇڄي پيون باقي ٽي پاڙون ثابت زمين مان نڪري آيون. لطيف فقير کي بشارت ڏيندي چيو ته ”تنهنجيون ٽي پيڙهيون ڪريمي گاديءَ جون مالڪ ٿينديون.“ ٿيو به ائين، ميان عبدالواسع بنا اولاد جي گذاري ويو. ميان صلاح کي ڪريمي گاديءَ تي ويهاريو ويو، جنهن کان پوءِ هن جي پٽ حيدر شاهه ۽ سندس هم نام پوٽي ساندهه ٽن پيڙهين تائين ڪريمي گادي سنڀالي.
درگاهه ڪريميءَ جي اتر طرف ٽنهي جا قبا ٺهيل آهن. صلاح فقير جو پٽ حيدر شاهه ڪاني ڪرامت جو صاحب ٿي گذريو آهي. ڪراچيءَ جا ڪڇي، سومرا، ماڇي ۽ جت جهجهي تعداد ۾ مريد اٿس، جيڪي شاهه ڪريم جي ميلي تي حيدر شاهه جي ميندي آڻيندا آهن. هر سال سهرا لاڏا چئي جشن ملهائيندا آهن.
هونئن به سُر ڌناسري مرشد جي شان ۾ ڪيل شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪجهه بيت پيران پير محي الدين ميران جي شان ۾ چيل آهن ۽ ڪجهه سرور نوح جي درگاهه تي پڙهيا ويندڙ بيت پڻ شامل ٿي ويا آهن. ڪجهه بيت بهاؤالدين ملتانيءَ جي مريدن جا چيل آهن. ڪي بيت وري اهڙا آهن جيڪي لطيف جي شان ۾ لکيا ويا آهن، جن جي ٻولي ۽ اسلوب مان خبر پوي ٿي ته شاعر لطيف جي حضور قصيده گو آهي. ان ڪري ئي سمورن محققن هن سُر کي ڌاريو ڪلام ڄاڻايو آهي جنهن لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”رسالي جا بيت“ وارو اصطلاح استعمال ڪري، اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڌاريو ڪلام مختلف وقتن تي رسالي ۾ شامل ٿي ويو آهي.
جمال شاهه جي باري ۾ مير عبدالحسين سانگي ”لطائف اللطيف“ ۾ ٻه ٽي حڪايتون آنديون آهن، انهن کي پڙهي ۽ سُر ڌناسريءَ جو مطالعو ڪبو ته جمال شاهه لڀي پوندو. هو ڳجهو ۽ گمنام ناهي. هاڻوڪا ڀٽائي پير ان جمال شاهه جي اولاد مان آهن. محمود شاعر به ڀٽ شاهه تي مدفون آهي، هي محمود شاهه جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. لطيف جو معتقد هو. لطيف جڏهن ونگ ولاسي کان ڪربلا معليٰ ۽ حج جو ارادو ڪري علي بندر واري جڳهه کان سامونڊي سفر ڪرڻ وارو هو ته ان وقت محمود فقير لطيف کي پنهنجو واعدو ياد ڏياريو ته ”سائين! اوهين ته چوندا آهيو ته اسان جو آخري مڪان ڀٽ آهي، پوءِ هن پڇاڙڪي عمر ۾ ايڏي سفر تي ڪيئن اُسهي رهيا آهيو؟ ڪٿي اسان کان جدائي ته نه ڪري رهيا آهيو؟“ فقير جو اهو سوال ٻڌي پاڻ ڀٽ تي واپس موٽي آيا. محمود فقير به ساڻن گڏ هو، جيڪو ڀٽ تي رهندو هو. لطيف کان اڳ هن جي وفات ٿي، سندس وصيت موجب هن کي شاهه حبيب جي پيرانديءَ ۾ جاءِ ڏني وئي. چون ٿا ته لطيف وصيت ڪئي هئي ته مون کي محمود شاهه جي پيرانديءَ ۾ جاءِ ڏجو. محمود شاهه لطيف جي مٿي کان دفن ٿيل آهي. وڌيڪ هن جي زندگيءَ تي روشني نه پئجي سگهي آهي ته هي ڪهڙو سيد هو ۽ ڪٿان جو هو؟
***