لطيفيات

نت نت آهه نئون

هي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي ڪردار ۽ ڀٽائي جي پارکو لطف پيرزادي جي شاھ لطيف جي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
لطف پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ شاهه جي زندگي، شاعري کان سواءِ سندس ذاتي ڪردار ۽ شخصيت تي به گهري نظر وڌي وئي آهي. لطف پيرزادي لطيفيات ۾ ڀٽائي جي درگاهه، سندس فقيرن جي ڪردار ۽ اُن ۾ جديديت توڙي قدامت کي به سامهون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطف پيرزادي جي سماج، سياست، عقيدت تي گهري نظر هئي، اُهو ئي سبب آهي جو هن لطيف تي منفرد قسم جو ڪم ڪيو آهي.
Title Cover of book نت نت آهه نئون

گنج شريف ڪيئن ڇپيو؟

گنج شريف ڪيئن ڇپيو؟


ڀٽ شاهه ۾ تمر فقير جي وڏي اوطاق تي رکيل گنج شريف 1207 هجريءَ ۾ ميين اسماعيل کاهوڙيءَ هِتان هُتان بيتن جو مواد گڏ ڪري، بڙ واري ڍوري جي ڳوٺ رمضان جت جي رهاڪو سيد عبدالعظيم عرف وڏل شاهه کان لکرائي مڪمل ڪيو. هن کي خوشحال فقير پڻ چون ٿا. ميون اسماعيل کاهوڙي ذات جو سمون، ويٺل ڀينءَ پور، ڀٽائي صاحب جو راڳائي فقير هو. سڄي عمر ڇڙو ٿي گذاريائين. حياتيءَ جو ڳچ حصو تمر فقير جي گاديءَ جو مهندار ۽ راڳ جو اڳواڻ هو، ولي محمد فقير کان پوءِ هن منصب تي فائز رهيو. هن شخص لطيف جي ڄاڻو فقيرن وٽان بيت هٿ ڪيا، ڪڇ ۽ سنڌ جا سفر ڪري لطيف جو ڪلام ڪٺو ڪيو. هن کان اڳ تمر فقير گنج شريف لکرايو هو، جنهن لاءِ دائود پوٽو صاحب ٻڌائي ٿو ته اهو اڏيري لال جي سيدن وٽ امانت طور رکيو هئائين، ان جو اتارو ڪڇ ڀڄ ڏانهن ساڻ کڻي ويو هو، جنهن جا بيت جتن فقيرن کي ياد آهن. ٻيو نسخو سيد پور ٽڪر جي سيدن وٽ موجود آهي، جيڪي شاهه ڪريم جي ڀاءُ جي اولاد مان آهن. ميين اسماعيل کاهوڙيءَ جي ڇپايل گنج جو پهريون بيت آهي:
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،
هن پن پنهنجا ساريا، هو هنجون هڏن لاءِ هاري.
هن بيت لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو مولانا رومي رحه جي فارسي قطعي جنهن ۾ بين جي درديلي آواز جو ذڪر آهي، ان کي لطيف سسئي سان تشبيهه ڏيندي ٻڌايو آهي ته بين جي دانهن ۾ جيڪو درد آهي، اهو ان ڪري پيدا ٿيو آهي جو هوءَ پنهنجي ٻوڙي کان وڍجي پنهنجا پن ڪٽائي وڄڻ ۽ ڳائڻ لائق ٿي آهي، اها هاڻي پنهنجا پن ساري روئي ۽ دانهون ڪري رهي آهي. جڏهن ته سسئي وري ڪٺل آهي، تڏهن آهون ۽ دانهون ٿي ڪري، پنهنجا هڏ يعني مِٽَ ۽ سڱيڻا ٿي ساري. جيڪي پراڻا قلمي نسخا ملن ٿا، اهي سر سسئيءَ کان شروع ٿين ٿا. ڪجهه نسخن جو پهريون بيت آهي:
پرتوو پنهونءَ جو، جهڙ جيئن جهالا ڏي،
آئون پنهنجي پرين کي، وٺيو راهه رئان گهڻو.
ٻئي دور ۾ مائي نعمت، ميان احمد ڀٽائي ۽ حسين فقير وارا نسخا سر ڪلياڻ کان شروع ٿين ٿا. انهن جي ترتيب هندي راڳ جي نسبت سان رکي وئي آهي. هيءَ ترتيب هندستان جي ٻن گوين اٽل ۽ چنچل جي جوڙيل آهي، جيڪي لطيف جي حياتيءَ ۾ وٽن آيا هئا.
صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ لطيف جي پهرين ملاقات واري روايت مان اسان کي اها خبر پئي ٿي ته 21 سالن جي عمر تائين لطيف سائين سر سسئيءَ جا بيت نه لکيا هئا ۽ صوفي شاهه عنايت شهيد 60 سالن جي عمر تائين سر مارئي جا بيت نه چيا هئا. صوفيءَ لطيف کي سسئي جا بيت ٻڌايا ۽ شاهه لطيف کيس مارئي جا بيت ٻڌايا، جنهن کان پوءَ صوفيءَ مارئي جا بيت چيا ۽ لطيف سسئيءَ تي اهڙي ته شاعري ڪئي جو سڄا سارا پنج سر لکي ڇڏيائين. ان قصي کي جانچڻ لاءِ هن ڪوهستان جو خوب سير ڪيو، لاهوت لامڪان، هنگلاج ۽ لس ٻيلي ويندي جبل جي ماحول ۽ زندگيءَ تي خوب لکيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف جي آڳاٽن قلمي نسخن جي شروعات سر سسئيءَ سان ٿئي ٿي. علامه دائود پوٽي کي اهو اعزاز حاصل هو ته هن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سان گڏ شاهه جو رسالو ترتيب ڏيڻ ۾ هٿ ونڊايو هو. مير عبدالحسين سانگيءَ جي لطائف الطيفيءَ جي قديم نسخي جو پڻ مطالعو ڪيو هو، ان کان سواءَ هن ٻن قديم قلمي نسخن ميين احمد ڀٽائي ۽ حسين فقير جي مرتب ڪيل قلمي نسخن کي پڻ نظر مان ڪڍيو هو، 1953 ۾ ڀٽ تي ويهي هن موجوده گنج شريف جو ڳوڙهو مطالعو ڪري ان جي پڙهڻين، بابن ۽ مواد کي چڱي طرح جانچي ڏٺو ۽ شاهه جي ڇاپي رسالن سان ڀيٽ پڻ ڪئي هئي. هن جي ان محنت جو ثمر اهو شاهه جو رسالو آهي جيڪو هن جو مرتب ڪيل آهي.
1989 ۾ محترم عبدالحميد آخوند، سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ جي ڪوششن سان گنج جي اصل ڪاپي ڀٽائي پيرن ۽ تمراڻي فقيرن کان حاصل ڪري، ان کي هاڻوڪي سنڌي ۽ اصل صورتخطيءَ سان شاندار جلد ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو، جيڪو اڄ لطيف جي چاهيندڙن جي مطالعي هيٺ آهي، جيئن ته گنج شريف جي وڏي ڪاپي مطالعي لاءِ ڪجهه ڏکيري هئي ان ڪري، هن صاحب نئين صورتخطي ۽ پراڻي لکت جا الڳ الڳ ٻه جلد ننڍي سائيز ۾ پڻ ڇپرايا. وڏي گنج جي قيمت 5 هزار رپيا مقرر ڪيائين. گنج شريف کي هاڻوڪي سنڌي ۾ آڻڻ وارو ڪم مرحوم ممتاز مرزا صاحب سرانجام ڏنو، جن کان ڪجهه غلطيون واقع ٿيون آهن، جن کي درست ڪري گنج شريف کي ٻيهر ڇپائي پڌرو ڪيو وڃي، ڇو ته اڳيون ڇاپو ختم ٿي ويو آهي.
شاهه جي سڀني مرتبن سان اهو مسئلو رهيو آهي، ته کانئن قلمي نسخن جي پراڻي لکت کي پڙهڻ ۾ ڪوتاهيون ٿيون جنهن ڪري سڀني جي رسالن ۾ پڙهڻين جون غلطيون ۽ اختلاف رهجي ويا آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻي هن سلسلي ۾ گهڻي محنت ۽ ڪوشش ڪري، انهن کي ڪنهن حد تائين درست به ڪيو آهي. ڌاري ڪلام کي سڀ کان اڳ ۾ هن صاحب ئي الڳ ڪيو ۽ ان مسئلي ڏانهن اشارو ڪيو ته شاهه جي رسالي ۾ ڌاريو ڪلام داخل ٿي ويو آهي جنهن تي دادا ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي گهڻي هاءِ گھوڙا ڪئي. تازو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ان سلسلي ۾ ڪم ڪري ٻه جُلد تيار ڪيا آهن. هڪ رسالي جو ڪلام ۽ ٻيو شاهه جو ڪلام. رسالي جي ڪلام ۾ هن ڌاريو ڪلام شامل ڪيو آهي. هن صاحب جي راءِ آهي ته سر ڪيڏارو ڌاريو ڪلام آهي، جنهن تي وڏي ناراضگي ۽ مخالفت ڏسڻي پيس. بلوچ صاحب جي راءِ کي ان حد تائين اهميت ڏئي سگهجي ٿي ته سر ڪيڏاري ۾ ٿورا بيت احسان فقير جا آهن پر ان جي ڪري سڄي سُر کي ڌاريو ڪلام نٿو چئي سگھجي. جڏهن ته مير عبدالحسين سانگي هڪ روايت ڏني آهي ته لطيف جڏهن حج جو ارادو ترڪ ڪري اچي ڀٽ تي ويٺو ته پنهنجي طريقت جو لباس ڪارو مقرر ڪيائين ۽ امامن سڳورن جي شان ۾ ڪيڏارو لکائين، ان نسبت سان لطيف جو آخري ڪلام سر ڪيڏارو ٿي سگھي ٿو، مالڪ اسان جي ڪنهن اديب کي اُها سگهه ڏئي جو گنج شريف، قلمي نسخن ۽ ڇاپي رسالن کي ڀيٽي شاهه جو رسالو مرتب ڪري ته اها سنڌي ادب ۽ سنڌي قوم جي وڏي خدمت ٿيندي. هن وقت ڀيڻ ج-ع منگهاڻي صاحبه اهو ڪم ڪري رهي آهي، خبر ناهي ته ان کي ڪيترو مواد هٿ لڳو آهي، اسان جي دعا آهي ته سندس پورهيو ساب پئي. لطيفي فڪر کي اجارڻ ۽ عام ڪرڻ ۾ سندن پورهيو ڳايو وڃي.
محبت پائي مَن ۾ ، رنڍا روڙيا جن،
تن جو صرافن، اڻ توريو اگھائيو.
***