خبر تو ڪيهي، قاضي هن ڪتاب جي!
سنڌي ادب ۾ شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ کانپوءِ جيڪو وڏو نالو نظر اچي ٿو ۽ جنهن گهڻي کان گهڻا ڪتاب سنڌي ادب کي ارپيا آهن، اهو آهي مانوارو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جنهن سنڌي لغت، لوڪ ادب، تاريخ، خاص ڪري لطيف جي سوانح ۽ شاعريءَ تي جوڳو ڪم ڪيو آهي. هن کان اڳ جيڪي شاهه جي رسالي جا قلمي نسخا بشمول گنج شريف ۽ لطيف متعلق قديم ماخذ جهڙوڪ لطائف لطيفي، جيڪو سڀني کان قديم ۽ پهرين ڪوشش آهي، اهو 1888ع ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ ڇپيو. امر ڏنو مل لالواڻي، مولانا دين محمد وفائي، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، دادا ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ۽ ٻين ان مان استفعادو ڪيو. جڏهن ته گربخشاڻيءَ جو ڪم پنهنجي نوعيت جو جديد علم ۽ تحقيق جو پورائو ڪندڙ هڪ قابل قدر ڪاوش آهي، جنهن کي غور سان پڙهڻ ۽ ان جي روشنيءَ ۾ ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.
گربخشاڻي هندو ٿي ڪري عربي ادب ۾ ايم اي ڪئي، سندس پي ايڇ ڊي ٿيسز جو عنوان آهي:”سنڌي شاعريءَ تي عربي شاعريءَ جو اثر“ هي سڄو ڪشالو گربخشاڻي صاحب رسالي کي سمجهڻ لاءِ ڪيو ۽ ان کي سمجهيو. ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ پڻ جوڳو ڪم ڪيو آهي، جنهن ۾ ”سئر لطيفي“ سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۽ گربخشاڻيءَ جي رسالي تي تنقيدي مقالو قابل ذڪر آهن. ڀٽ شاهه ثقافت مرڪز جي سيڪريٽري محترم حميد آخوند صاحب جس لهڻي، جنهن محققن لاءِ لطيف جا ماخذ ڇپائي هيٺ آڻي انهن کي مواد يڪجاءِ ڪري ڏنو. هن صاحب لطيف کان اڳ جي شاعرن جهڙوڪ قاضي قادن، شاهه ڪريم، ميون شاهه عنايت رضوي، لطف الله لاکو، لطف الله قادري ۽ بيدل فقير جو پنج گنج ۽ ٻيو ڪيترو ئي مواد ڇپائي لطيف تي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ آساني پيدا ڪئي آهي.
ان سلسلي ۾ علامه دائود پوٽي جي ڪم کي ڪڏهن به درگذر نٿو ڪري سگهجي، جنهن شاهه ڪريم ۽ لطيف تي محبت پائي من ۾ ڪم ڪيو، جنهن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو آهي. مولانا دين محمد وفائيءَ کي سنڌي ادب ۾ اها حيثيت حاصل آهي جو کيس سنڌ جي چرندڙ پرندڙ تاريخ سڏيو ويو آهي. اهڙن ماڻهن جي تحقيقي ڪم کان لنوائڻ يا درگذر ڪرڻ ادبي خيانت ٿيندي. سئي ڪندر قبرستان لڳ شاهه حبيب جي ڪنڊن وٽ لطيف جي جنم جي ڳالهه پهريان علامه دائود پوٽي ڪئي آهي، جنهن کي سند جي حيثيت حاصل آهي. مولانا دين محمد وفائي ”مشاهير سنڌ“ جي ٽن جلدن ۾ مٽياريءَ جي ساداتن، ڪريم پوٽن ۽ شاهه حبيب جي ڪٽنب تي تفصيلي لکيو آهي. ”لطف لطيف“ ۾ ڀٽائيءَ جي سوانح ۽ شاعريءَ تي ڳوڙهي انداز سان لکيو ويو آهي جيڪو حقيقت کي ڪافي ويجهو آهي. ان جي ڪم کي اڇاتري نظر سان ڏسڻ کان بهتر ٿيندو ته ان جو ڳوڙهو اڀياس ڪري ان جي ڀيٽ ڪئي وڃي.
شاهه لطيف جي سوانح لکندي ڊاڪٽر صاحب هيءَ سڄي ڪهاڻي انومانن، گمانن ۽ ڌڪن تي لکي آهي، جيڪا ليکڪ جي ٻوليءَ مان ظاهر آهي. هو صرف اندازو لڳائيندو رهيو آهي ۽ اقرار ڪري رهيو آهي ته، فلاڻي ڪي فلاڻي ڳالهه لاءِ ڪا ٺوس ثابتي ڪانهي. وڏي خيانت اها ڪئي اٿائين جو جهوڪ جي قضئي، شاهه عنايت شهيد ۽ ميران پور جو ذڪر نه ڪيو اٿس. جڏهن ته شاهه ڪريم صدو لانگاهه جي مدرسي ۾ ابتدائي تعليم پرائي ۽ سندس امڙ ان جي قبرستان ۾ مدفون آهي. بلوچ صاحب ميان عبدالواسع جو مختصر ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ”هو ديندار هو“ پر ان تاريخي حقيقت کان لنوائي ويو آهي ته شاهه ڪريم جي هن گادي نشين ڪلهوڙن ۽ مغل فوج جي مهماني ڪئي، انهن جو سونهون بڻيو ۽ انهن کي مدد ۾ پنهنجا ماڻهو ڏنا. رسالي ۾ جابجا جهوڪ جي سانحي تي بيت ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. مولانا دين محمد وفائيءَ رامڪليءَ جي ٽئين داستان وارا بيت ”اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين“ جهوڪ جي قضئي کي منسوب ڪيا آهن. هي صاحب لطيف جو جوڳين سان ٽن سالن جي صحبت، گنجي ٽڪر، لاهوت لا مڪان ۽ هنگلاج جي سفرن کي رد ٿو ڪري. جڏهن ته لطيف جو ڪلام انهن واٽن جي نشاندهي ٿو ڪري. سئي ڪندر قبرستان لڳ شاهه حبيب جي ڪنڊن وٽ لطيف جي جنم جي ڳالهه پهريون ڀيرو ڊاڪٽر دائود پوٽي ڪئي آهي، جنهن جو ذڪر نه ڪيو اٿس. جن ڳالهين کي پاڻ رد ڪري ٿو، وري انهن جو اعتراف به ڪري ٿو. سئي ڪندر مان شاهه حبيب جي لڏڻ لاءِ لکي ٿو: سياتن فقيرن شاهه حبيب کي چيو ته ”اوهان وٽ قطب پيدا ٿيندو، جيڪو وڏي رجاعت وارو ٿيندو، اسين فقير کبڙن ۾ لڪا ويٺا آهيون، ان ڪري اوهان هتان لڏي وڃو يا اسان کي لڏي وڃڻو پوندو،“ جنهن کانپوءِ حبيب گهر وارن کان ٻار ٿيڻ جي پڪ ڪري، اتان ڪوچ ڪيو ۽ ڪوٽڙي مغل مرزا مغل بيگ جي ڪوٽ لڳ گهر اڏي ويٺو، جنهن جي اتر طرف لال لئو آهي. جڏهن ته سال کن اڳ سياتن جي درگاهه تي مونکي کيتو ڀيل ٻڌايو ته شاهه لطيف ڏهن ٻارهن سالن جو ٿيو ته، سياتن کيس چيو ته”اوهين عاشق آهيو، اوهان وٽ راڳ ۽ ناچ ٿيندو، اسين شريعت جا صاحب آهيون، ڀلائي ڪري ڪنهن ٻيءَ ڀونءِ کي وسايو.“ جتان پوءِ حبيب ڪوٽڙي مغل لڏي آيو، سخي هاشم پاران شاهه حبيب کي پٽ ٿيڻ جي واڌائي ڏيڻ سان گڏ مٽياريءَ مان لڏي وڃڻ جو پڻ چيو ويو هو.
روايت ۾ آيو آهي ته سخي هاشم شاهه، حبيب سائينءَ کي چيو ته هتان لڏڻ کانپوءِ ئي اوهان کي پٽ ٿيندو، جنهن ڪري شاهه حبيب مٽياريءَ مان لڏي، ڀينءَ پور اچي ويٺو، جتي اڳ ئي هڪ بزرگ بخاري سيد رهندو هو، جنهن پڻ شاهه حبيب کي اتان لڏڻ لاءِ چيو ۽ نيڪ پٽ جي پيدا ٿيڻ جي خوشخبري ڏني. شاهه حبيب سال کن اتي رهي پوءِ، هالا حويليءَ آيو، جتي سندس حويليءَ جا ڦٽل نشان، کوهه ۽ هڪ ڪنڊو بيٺل آهي، جنهن جي هيٺان هڪ مزار شريف آهي، جنهن لاءِ ڪير به نٿو ٻڌائي ته اها ڪنهن جي آهي. اتي ڪاظمي سيد هاڻي رهائش پذير آهن، جن جي والد صاحب جو نالو محمود شاهه هو.
منهنجي خيال ۾ اها مزار شريف شاهه حبيب جي پهرين گهر واريءَ جي ٿي سگهي ٿي. ”والله اعلم باالغيب“ هتان لڏي پوءِ شاهه حبيب سئي ڪندر آيو آهي ۽ عرس فقير، ڏيري وٽان ٻي شادي ڪئي اٿس. ان گهر مان جيڪو پهريون پٽ ٿيس ان تي پنهنجي ڀاءُ جو نالو عبدالرشيد رکيائين، جيڪو صغيريءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو، ان جي نالي واري تختيءَ تي وفات جو سن 1109 هه لکيل آهي. جڏهن عبداللطيف پهرين جي مزار تي وفات جو سن 1110ع لکيل آهي ته پوءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1102 ۾ ڪيئن ڄائو؟ اهو صرف وفات جي سن 1165هه مان 63 سال عمر پوري ڪري ولادت جو سال 1102هه مقرر ڪيو ويو آهي. مولانا دين محمد وفائي ۽ سانگي صاحب، شاهه حبيب جي اڳئين گهر مان ٻن نياڻين جو ذڪر ڪيو آهي. مشاهير سنڌ ۾ مولانا دين محمد وفائي انهن نياڻين جي گهر وارن (مڙسن) ۽ اولاد جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. پلي واري ڳالهه لکندي، ٻڍڙي خادمه تي بيبي صاحب جي ناراضگيءَ جو ذڪر ڪيو اٿس ۽ لطيف جي ڀيڻ بي بي بتول جو ذڪر ڪيو اٿس ۽ ان کي لطيف جي سڳي ڀيڻ ڄاڻايو اٿس. ليڪن بي بي بتول اڳئين گهر مان هئي ۽ ٻڍڙي خادمه جو نالو بيبي لعل هو جيڪا بيبي بتول جي ننهن هئي، جنهن لاءِ لطيف ان کي چيو ته اسان جي ڀيڻ جو گهر آباد ڪريو جنهن تان بيبي لعل سر سهڻيءَ مان بيت پڙهيو:
ڀيڏان جت ڀڳيون، آيون اُتِ وري،
ڪانهي ٻي ڳري، مينهن کي ميهار ري.
بيبيءَ لعل تي سانگي صاحب تفصيل سان لکيو آهي، هن لاءِ لطيف جو پڻ هڪ بيت ڏنو اٿس:
لعل ڦلن مالهه، جوڳيءَ جڙي ٻڌي ٻانهن ۾ ...
بيبي لعل جي مزار، ديهه شيخاڻيءَ ۾ ، شيخاڻي مائينر لڳ عبدالحق ميمڻ جي زمين ۾ آهي، جنهن تي ميان حبيب الله صديقيءَ ناظميءَ جي دور ۾ قبو اڏرايو آهي، هن جي مزار تي هر چنڊ جي اٺين رات فقير وائي ڪندا آهن. ڊاڪٽر صاحب لطيف جو حج ۽ ڪربلا موليٰ جي زيارت لاءِ علي بندر ۽ ونگ ولاسيءَ تائين وڃڻ جو ذڪر به نه ڪيو آهي، جتان کيس محمود شاهه واپس ورايو هو، جو پوءِ اچي پنهنجي فقيرن جو ويس، ڪارو پٽڪو، ڪاري قميص ۽ بلو شلوار ڪيو هو، ان روايت ۾ سانگي صاحب لکي ٿو ته پوءِ لطيف ڪيڏارو چيو، ان حساب سان ڪيڏارو لطيف جو آخري ڪلام آهي.
علامه آءِ آءِ قاضي به رسالي مان ڪيڏارو خارج ڪيو هو، هن جو دليل آهي ته لطيف سني مسلڪ جو درويش هو، هو اهڙو ڪلام نٿو لکي سگهي، قاضي صاحب اسلامي ماڻهو هو، هن جون يورپ ۾ مسجدون ٺهرايل آهن ۽ جمعي جي نماز جو خطبو ڏيندو هو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب به تنظيم فڪر و نظر جماعت اسلاميءَ جو ميمبر رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هنن صاحبن رسالي مان سر ڪيڏارو خارج ڪيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب الائي ڪهڙي مصلحت سبب، شاهه ڪريم ۽ مخدوم نوح جي ملاقاتن جو به ذڪر نه ڪيو آهي. جڏهن ته ٻين اهو به لکيو آهي ته لطيف جي جوڳين سان وڃڻ ڪري حبيب شاهه پريشان رهڻ لڳو ۽ درگاهه نوح تي پٽ جي خيريت ۽ واپس اچڻ لاءِ اڪثر دعا گهرڻ ويندو هو.
رسالي جي ترتيب ۽ متن :
فهرست ڏسڻ سان ئي هينئون ڦسي پيو، پويان سر اڳيان رکيا ويا آهن ۽ اڳيان سر پويان رکيا ويا آهن، سر سهڻيءَ کي 28 هين نمبر تي رکيو ويو آهي، جڏهن ته سر سارنگ کي آخري يعني 29 هين نمبر تي رکيو ويو آهي. سر ڪيڏارو مورڳو ڏنو ئي نه ويو آهي، ڏهر، بلاول، ڪارايل جيڪي آخري سر آهن انهن کي پهريان رکيو ويو آهي. سر پورب جي ڪانگل واري داستان کي بروو ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سر مان ”سنڌي“ جو لفظ ڪٽيو ويو آهي.
هاڻي هتي ڪجهه اهڙا بيٽ پيش ڪندس جن جي ٻولي ۽ سٽاءَ کي تبديل ڪيو ويو آهي:
سُر بروو، داستان چوٿون، بيت نمبر 4:
جيئن سا ڪاني ڪانهه، لهسندي لاتيون ڪري،
اچي اُڀري اوچتو، درد پريان جي دانهن،
ويڄ ڏنڀين ڇو ٻانهن، سُور هنئين کي سامهان.
هي بيت سڀني رسالن ۾ هيٺين طرح لکيل آهي ته:
جيئن سا ڪاني ڪانهه، لسندي لاتيون ڪري،
اچي پيئي اوچتو، درد پريان جي دانهن،
ويڄ ڏنڀئي ڪُهه ٻانهن، سُور هنئين کي سامهان.
هن بيت جي معنيٰ ڪجهه هن طرح ڪئي وئي آهي:
جيئن ڪانهه جو وڍيل ڪانو، باهه جي سيڪ کائڻ کانپوءِ (نڙ بڻجي ٿو) ۽ منجهائنس سريلو آواز نڪرندو آهي. هيءَ معنيٰ صرف لُهسندي لفظ جي روشنيءَ ۾ ڪڍي وئي آهي، جنهن جي وضاحت لاءِ آئون ڪانهه، ڪاني ۽ نڙ جي فرق کي واضح ڪندس: ڪانهه جي تيلي سنهي ٿيندي آهي، جنهن مان لکڻ واري ڪلڪ ٺاهبي آهي، هيءَ جڏهن ڪچڙي هوندي آهي ته اها مٺي ٿيندي آهي، جنهن کي چانهڪ چئبو آهي، جيڪا مينهون شوق سان چرنديون آهن، ڪانهه جو جڏهن ٻوڙو اڀڙندو آهي ته ان کي ”ٻوڙي“ سڏبو آهي، جيڪا مينهن جا شوقين کُرپي يا رنبيءَ سان ڪڍي، ڌوئي صاف ڪري مينهن کي چاريندا آهن. باهه لڳڻ سان هن جي تيلي ڀسم ٿي ويندي آهي. ڊاڪٽر صاحب جي معنيٰ ۾ جنهن ڪاني جو ذڪر ڪيو ويو آهي اهو سَر جي ٻوڙي ۾ ٿيندو آهي ۽ اندران نهرو هوندو آهي، جڏهن ته ڪانهه جي تيلي بانس ۽ نڙ جيان پوري ٿيندي آهي، منجهس سڳي جهڙي هڪ تار هوندي آهي. بانسري جيڪا سريلو آواز ڪڍندي آهي، اها نڙ جي ڪاني مان ٺهندي آهي، ان کي به باهه جي لهس کان بچائي رکبو آهي، باقي ڪانهه ۽ سر جو ڪانو ان ڪم ناهي ايندو. هن بيت ۾ ”لسندي لاتيون ڪري“ جو مقصد آهي ته وڍيندي يا لڻندي، آواز ٿي ڪري.
سر بروو، داستان چوٿون، بيت نمبر: 6
ڌَرُ تي دونهينءَ جيئن، سُرُ پُر سندي بڻجين،
لڳو آهه لطيف چئي، تن پريان سين تيئن،
حاصل ٿئي هنئين، قرينو قريب جو.
اصل بيت جي پڙهڻي هن ريت آهي:
جيئن ڌَرُ مٿي دونهه، سُر پُر سندي سڄڻين،
لڳو آهه لطيف چئي، تن پريان سين تيئن،
حاصل ٿئي هيئن، قرينو قريب جو.
هن جي معنيٰ ۾ ڊاڪٽر صاحب ڄاڻائي ٿو ته، ڌرتيءَ کي دونهينءَ جي دونهين وانگر، منهنجو تن پرين ڏانهن سر پر ڪري رهيو آهي. دراصل هن بيت ۾ ”دونهينءَ“ لفظ جو غلط استعمال ڪيو ويو آهي. جيڪو ”دونهه“ يعني هاٿيءَ جي سونڍ آهي، بيت جو مطلب ٿيندو ته جهڙي طرح هاٿيءَ جي سونڍ زمين مٿان گسي رهي آهي، منهنجو جسم به پرين سان ايئن لڳل آهي، مون کي پرينءَ جو اهڙو قرب ڇو نه حاصل هجي.
سر يمن ڪلياڻ، داستان پنجين جو بيت نمبر 11 هن ريت لکيو ويو آهي:
پني ۾ پيهي، تان تون الف نه اجهئو،
ڳالهه پريان جي ڳجهه جي، جيهي نه تيهي،
خبر تو ڪيهي، قاضي هن ڪتاب جي.
هن بيت جي اصل پڙهڻي هن ريت آهي :
پني ۾ پيهي، تان تون اکر نه اڄهئو،
ڳالهه پريان جي ڳجهه جي، جيهي نه تيهي،
خبر تو ڪيهي، قاضي هن ڪتاب جي.
مٿئين بيت ۾ ڊاڪٽر صاحب ”اکر“ جي جاءِ تي ”الف“ لکيو آهي ۽ ”اڄهئو“ جي جاءِ تي ”اجهئو“ لکيو آهي. رسالي ۾ ڪافي نوان بيت به ڏنا ويا آهن، جن لاءِ ڪا وضاحت ڪانهي ته اهي ڪهڙي بياض تان کنيا ويا آهن. سر مارئيءَ جي ڏهين داستان ۾ ”زمر زخرف سومرا الخ...“ وارو سلسلو ڏنو ويو آهي، جنهن لاءِ گربخشاڻي اهو چئي اهي بيت رسالي مان خارج ڪيا هئا ته اهو ڌاريو ڪلام آهي ۽ سيد گدا شاهه جي دم پختيءَ جو نتيجو آهي. ڊاڪٽر صاحب سوانح ۾ سيد بقا محمد شاهه پاڳاري جي ملفوظات ۽ لطيف جي ساڻس ملاقات جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته لطيف پاڳاري کي ”زمر ز خرف سومرا، حمد جنين جو هنڌ“ وارو بيت ٻڌايو جنهن بقا محمد شاهه کي متاثر ڪيو ۽ اهو بيت سندس ملفوظات ۾ درج آهي. ”تون حبيب تون طبيب“ واري سلسلي کي ”حبيب تون طبيب تون“ ڪري لکيو ويو آهي.
موکي متارا جي بيت ”وٽ وٽ وٽيءَ ۾ ، مٽ مٽ منڌ ٻئو“ کي ’وٽر وٽر وڌ وٽيءَ ۾‘ لکيو ويو آهي. ڀٽائيءَ جي رسالي جي اها ترميم ۽ ايڊيٽنگ ڏسي علامه آءِ آءِ قاضي ياد ٿو اچي جنهن شاهه جي شاعريءَ جي پرک جا چار معيار مقرر ڪيا هئا، جن ۾ هڪڙو اِهو ته ”جيڪڏهن اوهان ڪنهن به عظيم شاعر شاعريءَ جو ڪو لفظ هيٺ مٿي ڪندا، يا اصل لفظ جي جاءِ تي پنهنجو لفظ ڏيندا ته شعر جو رڌم ٽٽي ويندو، ان جو مقصد ۽ معنيٰ مٽجي ويندي. اعليٰ پائي جي شاعري اهڙي هٿچراند برداشت نٿي ڪري سگهي.“ هن رسالي کي پڙهندي ٻيو ماڻهو جيڪو گهڻو ياد پئي آيو اهو هو ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، جنهن گربخشاڻيءَ جي رسالي تي تنقيد ڪندي لکيو هو ته ”هن شاهه جي بيتن جو قتل ڪيو آهي“ پر هن رسالي ۾ ته مورڳو لطيف جي فڪر، فهم ۽ فلسفي کي قتل ڪيو ويو آهي. ٻي ڳالهه جيڪا پڙهندڙ کي محسوس ٿيندي اها آهي ته لطيف کان وڌ رومي صاحب تي ڪم ڪيو ويو آهي. بهتر اهو ٿئي ها ته ”لطيف تي روميءَ جو اثر“ جي عنوان سان اها سڄي شرح ڏني وڃي ها ته سنڌي ادب ۾ هڪ ڪتاب جو اضافو ٿي پوي ها. ان ڳالهه تي ڪنهن کي به اعتراض ڪونهي ته لطيف مولانا جلال الدين روميءَ کان متاثر هو پر لطيف جو ڏانءُ، ڏات ۽ فهم نرالي رنگ جو آهي، هو پنهنجي ٻوليءَ وارن کي انهن جي ئي ڪردارن ۽ وٿن وسيلي ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جهڙي طرح راڻي ۽ جکري جي حوالي سان ختم المرسل جي ڳالهه ذهن نشين ڪرائي اٿس، يا سڀ ۾ پنهون پاڻ ڪونهي ٻيو ٻروچ ريءَ، وغيره...
هاڻي يورپ ۾ پڻ شيڪسپيئر خلاف اهڙيون ڪوششون ٿي رهيون آهن ته هن پاڻ کان اڳ وارن اديبن جي ٿيم ۽ ڪردارن کي کڻي ڊراما لکيا هئا. ميون شاهه عنايت رضوي جو رسالو مرتب ڪندي، ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ميون صاحب ۽ لطيف جي شاعريءَ جو تقابلي جائزو پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته لطيف ميون شاهه عنايت جي طرز ۽ طرح تي بيت چيا آهن جنهن ۾ لطيف جا جوهر ليکڪ جي ڪوشش تي پاڻي ڦيري ٿا ڇڏين. لطيف جيڪي قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي بيتن جي طرز ۽ طرح تي بيت لکيا آهن، اهي سندس ڏات ۽ ڏانءَ جا شاهڪار آهن. ايئن لڳندو آهي ته ڄڻ لطيف پاڻ کان اڳ وارن شاعرن جي شاعريءَ کي ٻولي، مقصديت ۽ گهاڙيٽي جي حساب سان درست ڪيو آهي. هي ته سنڌي شاعريءَ جو سج آهي، جڏهن سج نڪرندو آهي ته سڀ تارا گم ٿي ويندا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ هزارين نه پر لکين شاعر آهن، لطيف کان اڳ، لطيف جا همعصر، لطيف کانپوءِ، اڄ سوڌو شاعري ٿيندي پئي اچي، پر سنڌي ماڻهن کي رڳو لطيف ياد آهي، ٻئي ڪنهن جي سٽ ته ڇا پر نالي کان به واقف ڪونهن! گهڻا اديب لطيف جي ان خوبيءَ کان ڊنل آهن ۽ هنن کي فڪر آهي ته لطيف پراڻو ڇو نٿو ٿئي؟ بابلا! هي پراڻو ڪيئن ٿيندو، جنهن اوهان جا درد، محروميون، مسئلا ۽ حالتون اوهان کي آڇيون آهن، هن جا لفظ اوهان جي دل جو احوال ٿا اورين ته پوءِ هي پراڻو ڪيئن ٿيندو، هيءُ ته رهنديءَ دنيا تائين سنڌي ماڻهن جي رهنمائي ڪندو رهندو.
هِتان کڻي هُت، جن رکيو سي رسيون،
ساڄن سونهن، سُرت، وکان ئي ويجهو گهڻو.
هن رسالي ۾ سر آسا جا ڇهه صفحا خالي آهن، جيڪي پيسٽ نه ٿيا آهن. 22، 23، 24، 27، 30، 31 ڏهر جي مشهور بيت جي وچين سٽ ڏنل ڪانهي، البت ان جي معنيٰ ڪئي وئي آهي.
دلبو منجهه درياهه پکي پسي آئيا،
هيٺ ڪرنگهر ڪاٺ جو، مٿي پکين پاهه،
ويچارا ويساهه، آڻي اتي اڙيا.
معنيٰ ۾ وري وچئين سٽ جي سمجهاڻي نه ڏني وئي آهي، وڏي ڳالهه اها ته هي رسالو ثقافت ۽ سياحت کاتي طرفان ڏهين جلد طور اڳ ئي ڇپيل هو. ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ کان رڳو ڊاڪٽر سومري جي شرح ڪري ڇپايو ويو آهي، جنهن جي اجازت ثقافت کاتي کان ناهي ورتي وئي.
***