ڀٽائي صاحب جو مذهبي پهلو
ڀٽائيءَ جي دور واري سنڌ وڏا وڏا مذھبي عالم، مفڪر ۽ اڪابر پيدا ڪيا. ان وقت ۾ مذھب جو چرچو عام ھو، پر ملائيت ۽ لڪير جا فقير مذھب جي روح کي رھنڊو ڏئي ان جو چھرو بگاڙي رھيا ھئا، جيڪا ڳالھ لطيف جھڙي عارف کي نه آئڙي. جيئن ته پاڻ ھڪ مذھبي گھراڻي جو فرد ھو، جنھن ۾ سيد عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، مخدوم محمد ھاشم شاھ مٽياريءَ وارو، ٻيا ڪيترائي ناميارا، مذھبي ۽ شرعي طريقي جا مبلغ پيدا ٿي چڪا ھئا. لطيف جھڙي لافاني سرجڻهار پنھنجي فڪر، عرفان، ڏاھپ ۽ ڄاڻ جي بنياد تي، سنڌي ماڻھن کي اسلام جي روح سان روشناس ڪرايو. لطيف ڪوشش وٺي قرآن شريف جي معنوي ۽ روحاني تعليم کي عام ڪيو، جيڪا ان وقت جي مُلي ۽ روايتي عالم جي وس جي ڳالھ نه ھئي، ھنن ته ان کي بڳاڙي ڇڏيو ھو. ڪبير چواڻي:
تن مھي، من ماڻڪي، دم بلوڙڻ ھار
مکڻ ڪبيرا کا گيا، ڇاڇ پئي سنسار.
ڪبير جيڪو مکڻ کاڌو ھو، اھو لطيف عام ماڻھو کي پيش ڪيو، ڇو ته ھن جو ڌرم، اصول ۽ خيال اھو ئي رھيو ھو ته اھڙو عمل ڪجي جنھن سان سنڌ ڌرتيءَ جي وسوڙيل ماڻھن جي دين دنيا کي سنوارجي ۽ سڌارجي. ھن پاڻ تي ھن قوم کي اعليٰ ۽ ارفع قوم بڻائڻ ۽ ڏسڻ جي ذميواري عائد ڪري ڇڏي ھئي. تڏھن ته سنڌي ماڻھن جو رھبر، رھنما ۽ پيغامبر بڻجي رسالو ترتيب ڏنائين، جنھن ۾ سمونڊ جيان گوناگون دنيا تخليق ڪئي اٿس، جنھن ۾ سپون، ڪوڏ، موتي، ھيرا ماڻڪ، جواھر ۽ ٻي ساھدار مخلوق ساھ کڻندي پسي سگھجي ٿي. انھيءَ رسالي جو گھڻو تڻو حصو ان مذھبي تعليم تي مبني آھي، جيڪا ھڪ مومن کي سچو مومن بڻائي متقيءَ جي منزل تي رسائي ٿي. ھن جي نماز معراج بڻجي پوي ٿي، الله اڪبر جي تڪبير چوندي ھو سچ پچ مري وڃي ٿو، پنھنجي وجود کان ئي الڳ ٿي وڃي ٿو، حق سان حق ٿي وڃي ٿو ۽ چوڏس تون ھين تون جي تنوار ٻُرڻ لڳي ٿي.
ڀٽائي صاحب جي شاعري انسان کي الله تعاليٰ جي سڃاڻپ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي، سوره فاتحه جي انھن ڪردارن کي سڃاڻڻ ۾ معاون ثابت ٿئي ٿي، جنھن لاءِ ھر مسلمان اھا دعا گھرندو آھي ته مون کي پنھنجي انھن ٻانھن منجھان ڪر جيڪي تنھنجي ڏسيل سنئين واٽ تي ھليا. اسين جيڪي نالي جا مسلمان آھيون اھي وري انھن سان ئي دشمني ڪندا آھيون. جيڪي الله جا پيارا ۽ ان جي قرآن جي معنيٰ سمجھائيندڙ آھن. نبي سڳوري صه جن آخري وقت ۾ پنھنجي ويجھن اصحابن کي فرمايو ته آئون اوھان وٽ الله جو ڪلام ۽ پنھنجي آل ڇڏيون ٿو وڃان، انھن جي پاسداري ڪجو. اسين حضور ڪريم صه تي ۽ سندس آل تي درود ۽ صلوات ته موڪليون ٿا پر انھن سان اھا محبت نٿا ڪريون جيڪا اسان کي ڪرڻ جڳائي، جنھن جي ھدايت قرآن شريف ۾ خود الله پاڪ به ڪئي آھي ته ”جن سان آئون پيار ڪيان ٿو، اوھين به انھن سان پيار ڪريو.“ اھڙي ھدايت اسان کي آخر زمان محمد مصطفيٰ صه ۽ لطيف پڻ ڪئي آھي. لطيف ته ھڪ جاءِ تي سيد جي قرب حاصل ٿيڻ لاءِ الله در دعاڳو ٿيو آھي:
مون کي آھي اميد الله ۾ ، منھنجي سيد سار لھندو...
مذھب رڳو پنجن رڪنن جي پورائي جو نالو ناھي جن کي اڄ اسين صرف ڏيکاءَ جي حد تائين استعمال ڪري رھيا آھيون. اسان جي ڏاڙھي، نماز، روزو، زڪوات، حج ۽ قرباني صرف ماڻھن جي ڏيکاءَ لاءِ آھي، اسين نه رڳو ماڻھن کي پر پاڻ کي دوکو ٿا ڏيون، پر الله پاڪ سان به ٺڳي پيا ڪيون، جنھن جي شاھدي قرآن شريف ڏني آھي، جنھن ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ، پنھنجي پياري رسول صه کي فرمائي رھيو آھي ته ”انھن کي جھل تھ مون سان مڪر نه ڪن، ڇو ته مون کان وڌ ڪير مڪريل ڪونھي.“ ڪيڏو نه آيت سڳوريءَ ۾ وزن آھي بيشڪ! اڄ ڪير به سندس منڊيل مانڊاڻ جو ڪو انت نھ لھي سگھيو آھي، سڄي ڪائنات خودڪار نظام تحت ھلي رھي آھي، ويندي انساني جسم تائين. ڀٽائي صاحب جو مذھب، ترڪ، فنا، ٻين لاءِ جيئڻ، پاڻ سڃاڻڻ ۽ الله کي سڃاڻڻ وارن سونھري اصولن جي ارد گرد گھمي رھيو آھي. ھڪ جاءِ پنھنجي عقيدي ۽ ايمان کي ھيٺين طرح بيان ڪيو اٿس:
آڳھه جن علي، آئون نه جيئندي ان ري...
سرکاھوڙي ۽ رامڪليءَ ۾ ننڍي کنڊ جي سڀني عقيدن، مذھبن، فرقن جي اپٽار ٿيل آھي: جوڳين، سناسين، گروئن، چيلن جو ذڪر آھي ۽ اھو اھڙي ته پيرائي ۾ ڪيل آھي جو پڙھندڙن کي گمان ٿو ٿئي ته شايد لطيف پاڻ ڀڀوتي، ڪاپڙي ۽ جوڳي ھو، شايد ان خيال کان ئي لطيف مٿين سٽ لکي پنھنجي سڃاڻپ ڪرائي آھي:
جو مُلن کي مھڻو، سو ئي مون سردار...
لطيف ٻئي ھنڌ تي چيو آھي ته ”جوڳي ٻيا به گھڻا، منھنجو لکيو لاھوتين سين“ ھنگلاج ھندو مت جي نانيءَ جي پوڄارين جو تيرٿ آھي، ساڳئي وقت لاھوت مسلمان صوفين ۽ تياڳين جو زيارت گاھ به آھي. صوفيءَ جي منزلن ۽ مقام تي لطيف جو ھيٺيون بيت پڙھي ڏسندا، جنھن ۾ صوفين جي بصيرت ۽ انهن جي نگاھ جو ذڪر ٿيل آھي:
صوفي سير سڀن ۾ ، جيئن رڳن ۾ ساهه،
سا نه ڪري ڳالهڙي، جي پريون پروڙي پساهه،
آهيس اِيءُ گناهه، جي ڪا ڪري پڌري.
اسلامي دنيا ۾ مرشد کي جيڪا اهميت آهي، ان متعلق ڀٽائي صاحب جي رسالي ۾ ٻه بيت خاص آهن، هڪ ۾ چيل آهي ته، جنهن جو مرشد ناهي، تنهن جو مرشد شيطان آهي. ٻئي بيت ۾ وري مرشد جي اهميت کي نروار ڪرڻ لاءِ چيل آهي ته مرشد کانسواءِ ا نسان ائين آهي، جيئن ملاح کانسواءِ درياهه ۾ ٻيڙي، پوءِ به ظاهر ۾ لطيف جو ڪير مرشد ڪو نه هو، جنهن لاءِ ان وقت جا عالم ۽ مذهبي پيشوا وٽس لنگهي آيا ۽ چيائون ته ”جڏهن ته توهان جو ڪير به مرشد ناهي، ته توهين مرشد بڻجي ڪيئن ماڻهن کي تلقين ۽ توجهه ڏئي رهيا آهيو؟“ جنهن جي جواب ۾ لطيف سائينءَ کين چيو ته ”آئون اويسي آهيان“ ان تي انهن وري سوال ڪيو ته ”اهو اويسي مسلڪ ڇاهي؟“ ان جي جواب ۾ پاڻ مختصر طور تي اويسي طريقي جي وضاحت ڪيائون ۽ مخدوم معين الدين ٺاري کي فرمائش ڪيائون ته اوهين اويسي طريقي تي آسان فارسيءَ ۾ سمجهاڻي لکو! جنهن اويسي رسالو آسان فارسيءَ ۾ لکيو، جيڪو هاڻي سنڌي ترجمي سان ڀٽ شاهه ڪلچرل سينٽر پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. لطيف انهن چند هستين مان هڪ آهي، جن کي الله گهرندو آهي ۽ انهن کي هدايت ڏيندو آهي. قرآن شريف جي ستاويهين سيپاري ۾ هڪ آيت سڳوري آهي ته ”آئون جنهن کي هدايت ڪيان ان کي ڪير گمراهه نٿو ڪري سگهي ۽ جنهن کي آئون گهمراهه ڪيان ان کي دنيا جو ڪو هادي هدايت نٿو ڪري سگهي.“
بس اتي ڇيهه ٿي ويو. هادي، مبلغ، پيغمبر، رسول ۽ مرشد هن ڀٽڪيل انسان کي سڌو دڳ ڏسندا ئي رهيا آهن ۽ انهن جي رهنمائي ڪندا رهيا آهن، سنئين واٽ تي وري به اهو ئي ايندو آهي، جنهن کي الله گهرندو آهي:
وحده وڍيا، الاالله اڌ ڪيا،
محمد رسول چئي، مسلمان ٿيا،
جيلانهن ڌڻيءَ ڌئا، ويا وحدت گڏجي.
هن بيت جو پس منظر سنڌ جي ماڻهن جو محمد بن قاسم جي وقت ۾ مسلمان ٿيڻ آهي، جنهن تي لطيف حيرت زدهه به آهي ته رڳو ڪلمو پڙهڻ سان ماڻهو مسلمان ڪيئن ٿو ٿئي؟ ٽين سٽ ۾ وري ساڳي قرآن شريف واري ڳالهه ڪيل آهي ته جنهن کي الله گهري. مون بيت جي پس منظر جي جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، اها بيت جي پهرئين سٽ مان واضح ٿئي ٿي، ڇو ته ان وقت (محمد بن قاسم جي حملي وقت) سنڌ جو اڪثريتي عوام هندو مذهب جو پوڄاري هو ۽ اسلام وري هڪ الله کي معبود مڃڻ وارن جو مذهب آهي، جنهن ڪري لطيف لکيو ته، وحده وڍيا، يعنيٰ سنڌي ماڻهن کي هڪ الله جي پوڄا ڪرڻ واسطي ڪٺو ٿي ويو. سٽ جي ٻئي اڌ ۾ آهي ته الالله اڌ ڪيا، يعني هي ماڻهو هڪڙا ڪافر ٿي مارجي ويا، ٻيا ڪلمو چئي مسلمان ٿيا يعني پنهنجي برادريءَ کان الڳ ٿي، سنڌي ماڻهو اڌو اڌ ٿي ويا. وچين سٽ ۾ لطيف سوال ٿو ڪري ته هڪ سٽ يا جملو چوڻ سان ماڻهو مسلمان ڪيئن ٿو ٿي سگهي، هن جو عقيدو، ثقافت، صدين جي رسم رواج، هڪ جملو چوڻ سان ڪيئن بدلجي ويندي! پوءِ ان جو سبب ٿو ڄاڻائي ته جڏهن الله چاهيو ته هو حق سان هڪ ٿي، هيڪڙائيءَ ۾ هليا ويا، باقي ڪلمي چوڻ سان ڪير مسلمان ناهي ٿيندو.
عرب قوم جو به اهڙو ئي حال هو. باوجود مسمان ٿيڻ جي، هو پنهنجي معبودن جي محبت دل مان ڪڍي نه سگهيا هئا ۽ نه وري آخر زمان نبي ڪريم صه ڏانهن سندن دشمنيءَ واري فتني کي ڪڍي سگهيا هئا، بس هو ته رڳو مصلحت ڪري مسلمان ٿيا هئا، جنهن جو نتيجو ڪربلا جي ميدان ۾ سامهون آيو. مسلمانن ئي مسلمانن جي رهنمائن ۽ اڳواڻن کي ڪٺو. تاريخ شاهد آهي ته، جڏهن آذان ايندي هئي ته جنگ بند ڪري ٻئي لشڪر نماز جي تياري ڪندا هئا. يزيد جي لشڪر ۾ ايترائي قاري هئا، جيترا بت اسلام کان اڳ ڪعبت الله ۾ رکيل هئا، قدرت جو اهو دستور آهي ته هر رسول سان سندس ئي قوم وڙهي آهي.
لطيف جي مذهب واري پهلو کي چٽو ڪرڻ واسطي آئون سندس هيٺيون مشهور بيت لکندس جنهن ۾ پاڻ هدايت ڪئي اٿائين ته، الله کي واحد معبود ڄاڻڻ ۽ سندس رسول کي هن ڪائنات جي تخليق جو ڪارڻ سمجهڻ کانپوءِ به تون ڪنهن ٻئي جي اڳيان ڪنڌ ڇو ٿو جهڪائين، ڪنهن جي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ وارو عمل توکي سچي مسلمان ۽ مومن جي صفن کان ٻاهر ٿو ڪري، اها ڳالهه سمجهه ۽ ڪنهنجي اڳيان ڪنڌ نه جهڪاءِ، ڇو ته سجدو صرف ان هڪ ذات پاڪ کي جڳائي جيڪو هن ڪائنات جو خلقيندڙ ۽ پاليندڙ آهي.
وحده لاشريڪ لہٗ، جان ٿو چئين ايئن،
تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتون منجهان نينهن،
تان تون وڃيو ڪيئن؟ نائين ڪنڌ ٻين کي.
***